پروفيسر نارائڻداس
ملڪاڻي
(آکاڻي)
(”ٻاراڻيون ٻوليون“ ڪتاب تان ورتل)
هڪ
جهرڪيءَ جي ڳالهه
هڪڙي هئي جهرڪي، سا هڪڙي ڏينهن ويئي راجا جي محل
۾، اُتي کيس هڪ گُڏو مليو. گڏو کڻي چوڻ لڳي ته
”راجا جي محل ۾، مون کي گڏو مليو، راجا جي محل ۾،
مون کي گڏو مليو.“
راجا ڪاوڙ جي چيو ته ”کسيوس کانئس گڏو.“ گڏو
کسيائونس، تڏهن چوڻ لڳي ته
”راجا آهي بُکيو، کسي ويم گڏو، راجا آهي بکيو، کسي
ويم گڏو.“
راجا کي لڄ آئي، سو چيائين ته”ڏيوس موٽائي گڏو.“
گڏو موٽائي ڏنائونس، ته جهرڪي چوي:
”راجا گڏو ڏنو، راجا مون کان ڊنو، راجا گڏو ڏنو،
ابا راجا ڊنو.“
راجا کي لڳا خار، سو اٿندي ئي جهرڪيءَ کي ماري
وڌائين ۽ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيائينس. پوءِ حڪم ڪيائين
ته ”کڻي وڃي هئڊ، لوڻ مرچ مصالحا ٻُرڪيوس.“
جڏهن ٻُرڪي آيس، تڏهن جهرڪيءَ ٻوليو ته
”اڄ ته آءُ لعل ٿيس،
اڄ ته آءُ پيلي ٿيس،
اڄ ته آءُ لعل ٿيس،
اڄ ته آءُ پيلي ٿيس.“
راجا خار کاڌا ۽ حڪم ڪيائين ته”نڀاڳي اڃا بس نٿي
ڪري. کڻي وڃي تيل ۾ تريوس ته سڙي مري.“ جهرڪيءَ کي
تيل ۾ تري آيا ته چوي:
”اڄ ته آءُ سين سين ڪري ٽپيس،
اڄ ته آءُ سين سين ڪري نچيس.“
راجا اچي تتو ۽ کجندو کجندو جهرڪيءُ کي ڳيهڻ ويٺو.
تڏهن نڙيءَ منجهان چون چون ڪري چوڻ لڳي ته ”اجھ ته
آءَ سنهڙي گهٽي گهميس، اجھ ته آءُ سنهڙي گهٽي
گهميس.
لاچار راجا چيو ته ”ٺهيو، وڃي پيٽ ۾، پوءِ ڪٿان
ڪڇندي.“ پر جهرڪي رهي ڇو ٿي. اندران پئي چوي ته:
” اڄ ته آءُ راڄ محل ۾ آيس“
اڄ ته راجھ محل ۾ گهميس.“
پوءِ ته جهرڪيءَ اندر اهڙي ڊڪ ڊوڙ وڌي، جو راجا
اچي ماندو ٿيو. پيٽ ۾ ڄڻ ولوڙو هوس. آنڌ مانڌ ٿيس،
ته اُلٽي ڪريان ته ڪي پيٽ ٺري. پر ڪاوڙ هيس سو
سپاهين کي چيائين ته تيار رهجو، نڀاڳي نڪري ته
اُمالڪ ترار سان ڪپي ڇڏجوس. سپاهي تراريون
آگهاڙيون ڪري راجا جي پاسي کان ٿي بيٺا. نيٺ راجا
اُلٽي ڪئي ۽ جهرڪي ٻاهر نڪتي. جهرڪي اُمالڪ ٽپ
ڏيئي وڃي راجا جي مٿي تي ويٺي. سپاهي ڊوڙيا ۽
تراريون کڻي جيئن جهرڪيءَ کي ٿي ماريائون، تيئن
جهرڪي اُڏامي وئي ۽ راجا جو سر ڪپجي پيو. تڏهن
جهرڪي هڪ وڻ مٿان ويهي چوڻ لڳي ته
”مون کي ته ڪجهه نه ٿيو،
راجا جو سر ڪپجي پيو،
مون کي ته ڪجهه نه ٿيو،
راجا جو سر ڪپجي پيو.“
ائين چئي اڏامي ويئي.
فرئنڪ بي. لنڊرمن
مترجم: علي بخش ميمڻ (آمريڪي لوڪ
ڪهاڻي)
بهار جي چوري
”ڄاڻ برفباري شروع ٿي،“ ٻڍي جھوپڙيءءَ ۾ مچ ڏانهن
ڏسندي چيو. ”پر سيارو هاڻ ايترو وقت نٿو رهي،
جيترو اڳ رهندو هو. مان اوهان کي ساري ڳالهه
ٻڌايان ٿو ته ائين ڪيئن ٿيو. بيشڪ بگهڙ موسم
بدلائن ۾ وڏي مدد ڪئي، ۽ اهو بگهڙ ئي هو، جنهن ان
ايڏيءِ ساريءَ مهم جي اڳواڻي ڪئي. سچ پچ اها ڏاڍي
خوشيءَ جي ڳالهه آهي، جو ائين ٿيو، ۽ هاڻي اونهارو
اسان وٽ سڄا سارا ڇهه مهينا رهي ٿو.
”ٻڌو ته ٻڌايانوَ ته اهو سارو قصو ڪيئن ٿيو: ان
دفعي ڏاڍي برف وٺي هئي، ۽ وڻ به جهڪي ويا هئا.
ڍنڍن مٿان برف ائين ڇانئجي ويئي هئي، جيئن ٻيلن ۾
گاهه پکڙي ويندا آهن. هر ڪو بکن ۾ ڪمزور ٿي ويو
هو، جيڪي سياري لاءِ کاڌ خوراڪ گڏ ڪري رکندا آهن،
اهي به هن ڀيري ڳري ڳري ڪندا ٿي ويا هئا. ايتري
ننڍڙي اونهاري ۾ ڀلا ڪير ٿي ايڏو وڏو ذخيرو کاڌي
جو گڏ ڪري سگهيو. جو اهو سڄو سيارو ساٿ ڏيئي سگهي،
۽ ٻيو ته کاڌي گڏ ڪرڻ کان سواءِ هر ڪنهن کي ٻيا ڪم
به تيار ڪرڻا پوندا هئا.
”تن ڏينهين، هڪ دفعي ڪو بگهڙ برف جا بوٽ پائي
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيو هو. هو ڏاڍو بکايل هو ۽
هر ڪنهن جي در تي کاڌي لاءِ سوال ٿي ڪيائين. آخر
هڪڙي پوڙهي نوريئڙي جي بر ۾ آيو، جنهن ڪهل کائي هن
کي ڪجهه کائن لاءِ ڏنو. کاڌو ڇا هو؟ جهنگلي گلن جا
سڪل ٽڪر، جيڪي هن اونهاري ۾ گڏ ڪري رکيا هئا، اهي
به ڪي هن وٽ گهڻا ڪونه هئا، ۽ پوءِ هن دانهون ڪرن
شروع ڪيون، جڏهن بگهڙ هن جو آخرين سڪل گل جو ٽڪر
به ڳڙڪائي ڇڏيو.
”اڙي ادا، هاڻ ڇا ٿيندو؟اونهاري جي اچڻ ۾ به ڪافي
وقت پيو آهي، تيستائين مان ته بک ۾ پاهه ٿي مري
ويندس!“ هن روئڻهارڪي آواز ۾ چيو.
”چوين ڇا ٿو؟“ بگهڙ پنهنجون واڇون چٽيندي چيس.
”مان ٿو چوان ته هاڻ مون وٽ ڪجهه به ڪين بچيو، ۽
اڃا سيارو ڪافي وقت هلندو. مان ته لنگهڻ مري ويندس
اڙي! هاڻ ته مصيبت ٿي.“
”مصيبت! روئين ڇوٿو؟ چڱو روءُ، پر ڏاڍيان روءُ
جيئن سڀ اچي ڪٺا ٿين، ۽ جڏهن سڀ گڏ ٿي وڃن ۽ تو
کان روئڻ جو سبب پڇن، ته هنن کي ڪو به جواب نه
ڏجانءِ، ۽ روئندو رهجانءَ. جڏهن تون کاڌي لاءِ ٿو
روئين ته هاڻ کاڌو الائي ڪڏهن ملي؟“ تڏهن تون جواب
ڏجانءِ ته ”هائو“.
”بگهڙ پوءِ هن جي ٻر مان ٻاهر هليو ويو، ۽ ان
پوڙهي نوريئڙي وٺي روئڻ شروع ڪيو. سڀ سندس روئڻ
ٻڌي اچي سندس ٻر جي چوگرد گڏ ٿيا ۽ هن کان پڇيائون
ته ”روئين ڇو ٿو؟“ پر هن ڪنهن کي به جواب نه ڏنو،
۽ روئندو رهيو، رڙندو رهيو۽ دانهون ڪندو رهيو،
جيستائين بگهڙ آيو.
”ڇا جو گوڙ آهي؟“ هن سڀني ڏانهن منهن ڪري
چيو.”هيءُ پوڙهو ويٺو روئي، پر ٻڌائي ئي ڪونه ٿو
ته آخر روئي ڇو ٿو، بس ٻيو ته ڪجهه ڪونهي“. باهه
جي پرينءَ ڀرکان ڪنهن جواب ڏنو.
”ٻڌائين ڇو نٿو؟“ بگهڙ،نوريئڙي ڏانهن ڏسندي، چيو،
”ڇا انهيءَ ڪري ٿو روئين، ته هاڻ بهار جي موسم
تائين کاڌو ڪينَ ملندئي؟“
”هائو“، پوڙهي چيو، ”تنهنڪري ته روئان ٿو ته بهار
جي موسم کي ڪئين واپس آڻجي؟“
”چڱو، مان وڃي ان ڳالهه تي سوچيان ٿو، ته ڇا ڪجي“.
ائين چئي بگهڙ ٻر مان نڪري هليو ويو.
”ڪجهه فاصلي تي هڪڙو ڳوٺ هو،جنهن ۾ نه رڳو ڪافي
جايون هيون، پر اهو مضبوط به ڏاڍو هو. اتان ڇو جو
سيارو هنن کي ڏاڍو وڻندو هو. پر ايترو وقت سيارو
ٻين کي ڏاڍي تڪليف پهچائيندو هو. اهڙي حالت کي
منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ضروري هو.
”بگهڙ کي ان ماجرا جي ساري سڌ هئي، هو گهمندو رهيو
۽ پنڌ ڪندو رهيو، جيستائين هن هڪڙي”بي آواز گهمڻي“
يعني ”ڇپيري، هڪڙي ”پري اڇلائيندڙ“ يعني
”دورانداز“ ۽ هڪڙي ”پهلوان“ کي وڃي هٿ ڪيو. هن
سڀني کي چيو ته بهار، هرڻ جي کل جي ڳوٿريءَ ۾ بند
ٿيو، هوڏانهن سردار جي گهر ۾ ٽنگيو پيو آهي. هن
اُتر ڏانهن اشارو ڪيو. ”هلو ته هلي اها ڳوٿري
چورايون، ۽ ان جو منهن کولي ڇڏيون. پر هڪ ڳالهه جي
خبرداري ڪرڻي آهي ته جئين غلط ڳوٿري نه کولي
ويهون. ڇو جو اتي اهڙيون ٽي ڳوٿريون ٽنگيل آهن.
اسان کي اها ڳوٿري چورائڻ گهرجي، جنهن ۾ بهار پيل
هجي، ۽ جي اسان کان غلطي ٿي ويئي ته پوءِ هڪڙيءَ
موسم جي بدران ٻي موسم نڪري ايندي.“
”صلاح ته ٺيڪ آهي.“ پهلوان رڇ چيو.” جيتوڻيڪ اهو
ايڏو سارو سفر مون کي تڪليف پهچائيندو، ڇو جو هاڻي
مان پاڻ کي ڪجهه ننڊاکرو ۽ ڪجهه ٿڪل ٿو محسوس
ڪريان. خير، مان اوهان جي مدد ڪندس. هلو ته هلون.“
”هائو“، بگهڙ چيس، ”تون اسان جو پهلوان آهين، ۽
تنهنجي مدد تمام ضروري آهي.“
سو اهڙيءَ طرح، هو چارئي ان عجيب ڳوٺ ڏانهن روانا
ٿيا. ٻيا سڀئي به رونشي ڪوڏيا سندس پوئتان لڳا.
آخر هو ان ڳوٺ وٽ آيا، جو ساروئي برف سان پوريو
پيو هو ۽ ڏاڍو بدنما ٿي نظر آيو.
”اڙي يارو، اوهان مهرباني ڪري انهن ٽڪرين پوئتان
لڪي وڃو. مون سان فقط هي ٽي ڄڻا هلندا: پهلوان رڇ،
”ڇپيرو“، ۽ ”دورانداز“، مون سان فقط اهي ٽي گڏ
هوندا.“
”هو وڏو مڪان ڏسو ٿا؟“ هڪڙيءَ وڏي جهوپڙيءَ ڏانهن
اشارو ڪندي، جنهن جي چوٽيءَ مان دونهون نڪري رهيو
هو، بگهڙ هنن کان پڇيو.
”هائو، ڏسون ٿا“ پهلوان رڇ، ”ڇپيري“ ۽
”دورانداز“ پنهنجو ڳچيون ننهن سان کنهندي چيو.
”بس، اهواٿو اهو مڪان،“ بگهڙ چيو، هوشيار ٿجو،
اندر هڪڙي پوڙهي عورت ويٺي هوندي. هوءَ هميشه
ڏاڍيان ڳالهائيندي آهي، ۽ توهان کي خبرداري ڪرڻي
پوندي ته جئين هوءَ گهڻو نه ڳالهائي. اها ڳالهه
ياد رکجو.“
” تون، ڇپيرا، هي ڏامر جو ڳنڍو وٺ، ۽ جڏهن تون
اندر پهچين، تڏهن هٿن سيڪڻ جي بهاني، باهه جي
نزيدڪ ويهي هن ڏامر کي هٿن ۾ مهٽجانءِ، ته جئين
نرم ٿئي. جڏهن سمجهين ته هاڻ هو يڪدم چنڀڙي پوندو،
تڏهن تون ان پوڙهيءَ کان پڇجانءَ ته ”بهار ڪٿي
آهي؟“
هوءَ جواب ڏيندئي ته ” هتي ٽنگي پيئي آهي“، ۽ هوءَ
اشارو ڪري ڏيکارينديئه، ۽ اهو اشارو چڱيءَ طرح
ڏسجانءِ، ۽ پوءِ يڪدم هن جو وات ڏامر سان بند
ڪجانءِ ۽ مٿان زور ڏجانس، ته جيئن سخت چنبڙي پويس.
بس پوءِ پوڙهي ڪجهه به ڪڇڻ جي لائق نه رهندي. گرم
ڏامر سندس وات بند ڪري ڇڏيندو پوءِ اها ڳوٿري جنهن
۾ بهار جي موسم بند آهي، کڻي ٻاهر ڦٽي ڪجانءِ. بس
تنهنجو ڪم اهو آهي. ياد ٿيئه نه؟
”هائو“، چپيري چيو، ؟چڱيءَ طرح ياد اٿم.“
”هاڻي تون ٻڌ، دورانداز! بگهڙ تڪڙو ڳالهائيندي
چيو،”جڏهن هو ڳوٿري ٻاهر اڇلائي، ته تون يڪدم اها
جهپجانءِ ۽ وٺي زور سان پري اڇلائجانءِ. ايترو
پري، جو تون ڪڏهن به ڪا چيز ايترو پري نه اڇلي
هئي. پر اڇلجانءِ هن طرف.“ هن ٽڪريءَ ڏانهن اشارو
ڪيو. جتي ٻيا سڀئي لڪا ويٺا هئا. بس، تنهنجو ڪم
اهو ئي آهي. چڱي طرح ٻڌءِ نه؟“
”هائو“، دورانداز جواب ڏنس، ”مون ٻڌو“.
”هاڻي، پهلوان، تون ٻڌ!“ هن پهلوان رڇ ڏاڏنهن منهن
ڪري ڇيو، تون هتي ٽڪريءَ تي وڃ. جڏهن ڳوٿري ات
پهچي، تڏهن اها جهپي، يڪدم ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڇڏجانءِ. پر دير اصل نه ڪجانءِ. بس تنهنجو ڪم
ايترو آهي. ٻڌءِ پهلوان!“
”هائو“، پهلوان رڇ جواب ڏنس،”مون سڀ ڪجهه ٻڌو.“
”چڱو، هاڻي هر ڪو وڃي پنهنجي ڪم کي لڳي. مان هتان
بيهي، سڀ ڪنهن تي نظر رکندس. پر اوهان جو پنهنجو
پنهنجو ڪم چڱيءَ طرح سان ياد ڪجو.“
”پوءِ، ”چيپرو“ ان مڪان ڏانهن ويو. سندس هٿن ۾
ڏامر جو ڳوڙهو هو، ۽ هو آهستي آهستي اندر گهڙيو.
هن جي هلڻ ۽ گهمڻ جو ٿورو آواز به نه ٿيو.
دورانداز“ ، در جي ڀرسان جيڪي برف جو ڍڳ لڳو پيو
هو، تنهن مٿان ويهي رهيو. اندر جيڪي ڪجهه ٿي رهيو
هو، سو هن چڱيءَ طره پئي ٻڌو، تنهن تيئن ڪن لائي
ٻڌڻ لڳو.
”ڇپيرو“ باهه جي نزديڪ وڃي پهتو، ۽ پنهنجا هٿ گرم
باهه ۾ مٿان اهڙيءَ طرح جلهيائين، جيئن ڏامر وارو
ڳوڙهو نرم ٿي سگهي.
”هوا ڏاڍي ٿڌي آهي، ڪراڙي!“ هن ڳوٿرين ڏانهن ڏسندي
چيو، جي سامهون لٽڪي رهيون هيون.
”هائو ابا، ڪجهه ٿڌي آهي،“ هن جواب ڏنو، ۽ هن
ڏانهن نهاريائين به ڪونه.
”ڏامر ويو ٿي نرم ٿيندو. اڳي ئي اهو ڳوڙهو ڪافي
چنبڙڻو ٿي پيو هو. تڏهن ”ڇپيري“ چيس، ”ڪراڙي! بهار
ڪٿي آهي؟“
”اها جيڪا ڳوٿري تنهن سر مٿان لٽڪي پيئي آهي، تنهن
۾، هن ڳوٿريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيس.
بس، ڪراڙيءَ جو ايترو چوڻ، ۽ هن ڏامر جو نرم ڳوڙهو
کڻي سندس وات ۾ ٽنبيو، ۽ هٿ سان زور ڏيئي ان کي
جهلي بيهي رهيو. ڏامر ڪراڙيءَ جي وات کي اهڙو ته
بند ڪري ڇڏيو، جو ٻڙڪ ٻاهر نه نڪتيس، هن ويچاريءَ
ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ”ڇپيري“ ته ڌِڪو ڏيئي،
اندر ڪيس، ۽ وڃي ڳوٿريءَ کي قابو ڪيائين.
”هن ڳوٿري ڊوهي کڻي هٿ ۾ کنئي! پوڙهيءَ عورت هن کي
ٻانهن کان جهليو، پر هن ڦٿڙي پنهنجي جان ڇڏائي، ۽
هڪدم ڳوٿري در کان ٻاهر اڇلائي ڇڏيائين،
جتي”دورانداز“ تيار ٿيو بيٺو هو.
”واهه واهه! پوءِ هن اها ڳوٿري کنئي، ۽ ان کي زور
سان، پري ئي پري مٿي ئي مٿي، جاين جي به مٿان وٺي
کڻي اڇلايائين.
”ڇپيري“ ۽”دور انداز“ جيئن هو ٻاهر ڀڄي رهيا هئا،
ٻنهي ڏٺو ته اها ڳوٿري سڌو ئي سڌو ان ٽڪريءَ ڏانهن
اڏامندي پئي ويئي. هن پهلوان رڇ کي ڳوٿري جهپيندي
به ڏٺو ۽ ڦاڙيندي به ڏٺو. جيستائين هو ڊوڙي پنهنجن
دوستن وٽ پهچن ئي پهچن، تنهن کان اڳ ئي هنن بهار
جي ٿڌيءَ هير جو جهوٽو محسوس ڪيو.
”اڃا هو نهنجن دوستن وٽ موٽي رسيائي ڪين، ته
ڏٺائون ته برف پگهرجڻ شروع ڪيو، ۽ هو سڀئي خوشيءَ
۾ وٺي ڊوڙيا.
”واهه، واهه!بهار اچي ويو بهار اچي ويو!“ 07 /9 /1
|