سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

 

مترجم: سليم سهتو

ڪئي جي شادي

اڄ کان گهڻو عرصو اڳ جي ڳالهه آهي، جاپان ۾ ڪنهن جاءِ تي هڪ ڪُئو ۽ هڪ ڪُئي رهندا هئا. اهي ٻئي چانورن جي هڪ گدام ۾ رهندا هئا. اِهو گدام هميشه چانورن جي ڳوڻين سان ڀريل رهندو هو. جنهن جي ڪري ڪُئو ۽ ڪُئي امير سمجهيا ويندا هئا. ٻيا ڪُئا انهن کي خوشحال سمجهندا هئا، ڇاڪاڻ ته انهن جي قبضي ۾ هر وقت وڏي مقدار ۾ چانور هوندا هئا جڏهن وڻين کائيندا هئا ۽ جيترو کائڻ چاهين کائيندا هئا. کين ڪو جهلڻ پلڻ وارو ڪو نه هو.

انهن جي هڪ ڌيءَ هئي، جيڪا ڪوئين ۾ ڏاڍي خوبصورت هئي، سندس رنگ اڇو هو ۽ وارَ ريشم وانگر ملائم هئا، سندس اکيون ڏاڍيون چمڪدار هيون ۽ نَڪُ گلابي ۽ خوبصورت هو اوڙي پاڙي ۾ رهندا ڪئا سندس حسن جا متوالا هئا ۽ سندس محبت جو دم ڀريندڙ هئا. هرڪو ساڻس شاديءَ جو خواهشمند هو. اهوئي سبب هو جو ڏيهاڙي ڪيترائي شاديءَ جا پيغام ايندا هئا .پر  ڪُئو سڀني کي جواب ڏيندو رهيو. هو پنهنجي ڌيءَ لاءِ اهڙي گهوٽ جي تلاش ۾ هو، جيڪو ٻين ڪُوئن کان امير هجڻ سان گڏوگڏ ممتاز حيثيت جو مالڪ هجي. پوءِ ٻنهي زال مڙسن فيصلو ڪيو ته: ”اسان کي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ان سان ڪرڻ گهرجي جيڪو جاپان ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هجي؟“

پوءِ اُمالڪ انهن جي ذهن ۾ خيال آيو. ”ڇو نه اسان پنهنجي ڌيءَ جي شادي سج سان ڪريون؟“ سج سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي. اهو خيال ايندي هو خوشي مان ٽپا ڏيڻ لڳا. تنهن کان پوءِ هو پنهنجي ڌيءَ ڪُئيءَ کي سنواري سينگاري سِجَ وٽ ويا ۽ کيس چوڻ لڳا: ”تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهين، اي مهربان ۽ رحمدل سِجَ اسان جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪنوار بڻاءِ؟“ جواب ۾ سج کليو ۽ چوڻ لڳو: ”مان توهان جو ان آڇو لاءِ ڏاڍو شڪر گذار آهيان پر...!“

”پر ڇا؟“

انهن سندس ڳالهه ڪٽي پڇيو؟ ”مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهيان مون کان به وڌيڪ طاقتور ڪو ٻيو آهي.“

سِجَ جي اها ڳالهه ٻڌي ڪُئو ۽ ڪُئي ڏاڍا حيران ٿيا، انهن سِجَ کان پڇيو: ”اُهو ڪير ٿي سگهي ٿو؟“ ”اُهو ڪَڪَرُ آهي. پوءِ سِجَ پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي ٻڌايو: ”مان ته رڳو روشني ۽ چمڪ کي پسند ڪيان ٿو ۽ هميشه زمين تي روشني اڇلائيندو رهان ٿو. جنهن جي ڪري اِها گرم ٿي وڃي ٿي. پر جڏهن ڪَڪَر اچي ٿو ته مان لاچار ٿي وڃان ٿو انهيءَ ڪري اِهو مون کانوڌيڪ طاقتور آهي.“ ڪُئو ۽ ڪُئي سج جو ٿورو مڃي ڪَڪَر ڏانهن روانا ٿيا .منزلون ڪندا ڪئو ڪئي ۽ سندن ڌيءَ ٽئي ڄڻ ڪڪَر وٽ پهتا ۽ ڏاڍي ادب سان سلام ڪري ڪئو ۽ ڪئي کيس چوڻ لڳا: ”اي ڪَڪَر! اسان ڏاڍو پري کان تو وٽ هلي آيا آهيون.“ ”اسان وڏي اُميد کڻي آيا آهيون!“ ”ڇا ڳالهه آهي؟ توهان ڪهڙو مقصد کڻي مون وٽ آيا آهيو؟“ ڪَڪَر کائن پڇيو. جواب ۾ ڪُئو ۽ ڪُئي ڏاڍي عاجزيءَ واري انداز ۾ چوڻ لڳا: ”اسان ٻڌو آهي ته تون سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهيون. اسان چاهيون ٿا ته تون اسان جي ڌيءَ کي پنهنجي زال بڻاءِ؟“

ڪَڪَر انهن جي ڳالهه ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو، هن هڪ نظر انهن جي ڌيءَ تي وڌي ۽ پوءِ چوڻ لڳو: ”مان توهان جو شڪر گذار آهيان جو توهان مون کي ان قابل سمجهيو پر مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهيان.“

”ڇا ٿو چئين!....؟ تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهين؟“ ڪُئو ۽ ڪُئي اُن کي حيرت سان ڏسڻ لڳا. ”ها مان صحيح ٿو چوان مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهيان مون کان وڌيڪ طاقتور ڪو ٻيو آهي.“

”اُهو ڪير آهي....؟“

انهن ڏاڍين بي صبري مان پڇيو. ”اُهو واچوڙو آهي! ڪڪر ڏاڍي اطمينان سان چوڻ شروع ڪيو: ”واچوڙو مون کان وڌيڪ طاقتور آهي ڇاڪاڻ ته جڏهن لڳندو آهي ته مان ان جي سامهون بيهي نه سگهندو آهيان.“ ڪَڪَر ايترو چئي خاموش ٿي ويو.

”ها تون ٺيڪ ٿو چئين.“ ڪُئي ٿورو سوچيندي چيو. ”بهرحال، تنهنجي وڏي مهرباني جو تو اسان جي رهنمائي ڪئي.“ ٽنهي ڄڻن ڪَڪَر کي سلام ڪيو ۽ نئين سفر تي روانا ٿي ويا هاڻي اُهي واچوڙي ڏانهن وڃي رهيا هئا.

منزلو ڪندا اُهي واچوڙي وٽ پهچي ويا. انهن جهڪي کيس سلام ڪيو پوءِ ڪُئي چوڻ شروع ڪيو ”اي واچوڙا! اسان تو وٽ ڏاڍو پري کان سفر ڪري پهتا آهيون.“ ”اسان وڏي اميد کڻي آيا آهيون.“ ڪُئي به وچ ۾ ڳالهايو. ”ڇا ڳالهه آهي؟“ ”توهان مون وٽ اچڻ جي تڪليف ڇو ڪئي؟“ جواب ۾ ڪُئي چيو ته: ”تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهين، اسان چاهيون ٿا ته تون اسان جي ڌيءَ سان شادي ڪر.“ واچوڙو اها ڳالهه ٻُڌي ڏاڍي حيرت سان انهن کي ڏسڻ لڳو. تنهن کانپوءِ آهستي سان چيائين: ”توهان جي وڏي مهرباني جو مون کي ان قابل سمجهيو. پر مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهيان.“

”ڇا.....؟ تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهين“ حيرت مان ڪُئي ۽ ڪُئيءَ جو وات ڦاٽل رهجي ويو. ”ها، اهو سچ آهي مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهيان. مون کان وڌيڪ طاقتور ڪو ٻيو آهي.“

”اسان کي ٻڌاءِ اهو ڪير آهي، جيڪو توکان به وڌيڪ طاقتور آهي“ ٻنهي ڏاڍي بي صبريءَ مان کانئس پڇيو ”ڀِتِ مون کان وڌيڪ طاقتور آهي.“ پوءِ واچوڙو پنهنجي ڳالهه جي وضاحت ڪندي چوڻ لڳو: ”مان جڏهن هلندو آهيان ته هلندو رهندو آهيان ڪٿي بيهندو نه آهيان. پر جڏهن منهنجي سامهون ڀِتِ اچي ويندي آهي ته مان ان جي اڳيان لاچار ٿي پوندو آهيان. انهيءَ لاءِ ڀِتِ مون کان وڌيڪ طاقتور آهي.

”ها تون صحيح ٿو چئين. ڪُئي ۽ ڪُئيءَ يڪ زبانٿي مايوسي واري انداز ۾ چيو. پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي کي ڏٺو ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا .”اسان لاءِ بهتر آهي ته اسان ڀت وٽ هلون“ ”اي واچوڙا! تنهنجي وڏي مهرباني جو تو اسان جي رهنمائي ڪئي.“ انهن جهڪي واچوڙي کي سلام ڪيو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو هٿ جهلي ٻيهر سفر تي روانا ٿيا جلدئي هو ڀِتِ وٽ پهچي ويا. ڪُئي نوڙي کيس سلام ڪيوپوءِ کيس گذارش واري انداز ۾ چوڻ لڳو: ”اي ڀِتِ! اسان  ڏاڍو پري کان سفر ڪري تو وٽ پهتا آهيون. اسان جي دلي تمنا آهي ته تون اسان جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪنوار بڻاءِ! ڇاڪاڻ ته تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهين“ جواب ۾ ڀِتِ جهيڻي انداز ۾ چيو: ”توهان جي وڏي مهرباني جو توهان مون کي ان قابل سمجهيو. پر مان سڀ کان وڌيڪ طاقتو نه آهيان.“ ”تون سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهين....؟ اِهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو...؟“ ڪُئي ۽ ڪُئيءَ کي ان جي ڳالهه تي يقين نه پئي آيو. ”ها، مان سڀ کان وڌيڪ طاقتور نه آهيان. مون کان وڌيڪ طاقتور ڪو ٻيو آهي.“ ڀِتِ اطمينان سان جواب ڏنو. ”مهراني ڪري اسان کي ٻڌاءِ ته اُهو ڪير آهي...؟“ ٻنهي ڏاڍي پريشاني ۽ بيقراري مان سوال ڪيو، تنهن تي ڀِتِ چيو: ”اُهو ڪئو آهي!“ ”ڪُئو.....؟ ڇا مطلب...؟ ڪئو توکان وڌيڪ طاقتور ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“ اُهي ٻئي هڪ ئي دم ۾ سڀ ڪجهه چئي ويا.

انهن کي حيران ۽ پريشان ڏسي ڀِتِ چوڻ شروع ڪيو: ”مان ڏاڍي ڪوشش ڪندي آهيان پاڻ کي بچائڻ لاءِ پر ڪُئو پنهنجي تيز ڏندن سان ۽ ننهن سان مون کي ڪَتري ڇڏيندو آهي مان سندس آڏو لاچار ٿي ويندي آهيان. اُهو ڪتري ڪتري مون ۾ ٽُنگ ڪري ڇڏيندو آهي. تنهن ڪري اُهو مون کان وڌيڪ طاقتور آهي.“

”ها تون ٺيڪ ٿي چئين.“ ڪُئي ۽ ڪئيءَ اِهو جملو اهڙيءَ طرح چيو ڄڻ هو ڪنهن سوچ ۾ ٻڏل هجن. سندن ڌيءَ ڪُئي جيڪا هار سينگار ڪيون ويٺي هئي، تنهن کين چيو ته: ”جيڪڏهن توهان کي ڪاوڙ نه لڳي ته هڪ ڳالهه چوان...؟“ ”ها، ها ضرور چئه ڌيءَ. ان ۾ ڪاوڙجڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي.“ ڪُئي ۽ ڪُئيءَ ان ڏانهن ڌيان ڏيندي چيو. سندن ڌيءَ چوڻ شروع ڪيو: ”چوسوءَ جي گدام ۾ هڪ عام ڪُئو آهي پر اُهو اسان جو پاڙيسري آهي. ڏينهن رات جو ساٿي آهي مان ان سان پرڻجڻ پسند ڪنديس!

گهڻن جاين تي ڌڪا کائڻ جي ڪري ان جي والدين جا خيالات تبديل ٿي چڪا هئا، تنهن ڪري هاڻي هو پنهنجي ڌيءَ جي خواهش تي راضي ٿي ويا. اهڙيءَ طرح ڪُئيءَ جي وڏي ڌام ڌوم سان پاڙيسري ڪُئي سان شادي ٿي وئي.“

چون ٿا ته اُهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن وري ڪنهن ڪُئي اِها خواهش نه ڪئي ته پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪنهن طاقتور سان ڪرائن. اُهي پنهنجي راڄ ۾ عام ۽ معمولي حيثيت جي ڪُئن ۾ ئي شاديون ڪرائي ڇڏيندا آهن. ڇو ته ڪو به عام ۽ معمولي نه هوندو آهي، هرڪو پنهنجي جاءِ تي سڀ کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي.

 

مختيار مڱڻهار

راند ڦٽائڻ وارا

راند ڦٽائڻ وارا ڪاڪا

گهرڙا ڊاهڻ وارا ڪاڪا

 

ڪنهن سڏائيي ڪاڏهون آئين

ڪهڙو حق ٿئي، ڇا ٿو چاهين

 

سسئي جا رانديڪا ساڙي

ڪهڙو بيٺين وير تون پاڙي

 

گهر جو تاب، اسان تي هاريئي

مومل کي ڏس، ڇا لاءِ ماريئي

 

رات گڏيءَ جي ٿئي ها شادي

ان جي آندئي ڇو بربادي

 

معصومن جو ڏيل ڏري ٿو

ڏس ڇا تنهنجو هيانءُ ٺري ٿو

تنهنجو به جي گهر ڪو ڊاهي

۽ سڀ سک آرام ڦٽائي

پوءِ تون روئندي لڇندين پڇندين

ڏس او ڪاڪا ڪجهه به نه ڪڇندين

 

اقبال شينو

دعا سڀ جا مالڪ

سڀ جا مالڪ سڀ جا سائين

تون ئي جڳ جو مالڪ آهين

 

هر ڪنهن کي ٿو رزق رسائين

رحمت جا ٿو مينهن وسائين

 

سڀ ڪو تو کي ٿو ساراهي

هرڪو توکي ٿو ٻاڏائي

 

ڌرتي ٿو سر سبز بنائين

پنهنجو هر جانور پسائين

 

ساري جڳ کي پاڻ هلائين

اڀ ۾ تارن کي چمڪائين

 

مهر ڪرم جي جڳ تي سائين

تنهنجي آهي نظر سدائين

 

مولا سڀ اوسئيڙا لاهين

هر هڪ دل جي آس پڄائين.

 

حفيظ ڪنڀر

لڪ لڪوٽي

قيوم پهريون ڀيرو پنهنجي دوست ڀرو سان ملڻ لاءِ ڳوٺ آيو هو. هن ڳوٺاڻي زندگي بابت ڪتابن ۾ پڙهيو ته ڪافي هو، پر کيس ڳوٺاڻي زندگي گهارڻ جو طور طريقو ۽ رنگ ڍنگ ڏسڻ جو موقعو هينئر مليو هو، کيس ٻهراڙي جي ٻارن جي راند روند سان چڱي دلچسپي هئي، تنهن ڪري هن ڀرو کي انهن راندين بابت تفصيلي ٻڌائڻ لاءِ چيو ۽ شام جو ڳوٺ جون ٻنيون ٻارا گهمندا الهندين ميدان ڏانهن نڪري ويا.

ڀرو هتي ڳوٺ ۾ ٻار ڪهڙيون رانديون کيڏندا آهن؟“ قيوم پڇيو:

”ڀرو: پنهنجي ڳوٺ ۾ ٻار ڪافي رانديون ڪندا آهن. جهڙوڪ لڪ لڪوٽي، ڏاڪ چمڙي، ڪندرو، کيلوڙي، ڦرڦر سونٽو، کير کيروٽي، ڪٻڊي، ٻيلهاڙو، ملهه، اٽي ڏڪر وغيره وغيره.

قيوم: ڀلا اکٻوٽ نالي به ڪا راندي ٿيندي آهي ڇا ٻهراڙي ۾؟

ڀرو: ادا! اسان وٽ هڪڙي راند جا مختلف نالا به ٿيندا آهن. مثال: ونجهه وتي راند ”دري“ سڏجي ڪٻڊي راند ڪوٽي ”ڪوڏي ڪوڏي“ به سڏجي، اهڙي طرح لڪ لڪوٽي کي اکٻوٽ به چون.

قيوم: ڀرو! انهن راندين ۾ جي موسم به هوندي آهي؟

ڀرو: ها بلڪل موسمن جي مناسبت سان رانديون ڪيون وينديون آهن. مثال ڪندرو راند جيڪا پاڻي ۾ کيڏي ويندي آهي سا ٿڌ جي ڪري سياري ۾ ته نٿي کيڏي سگهجي ۽ ٻين راندين جو به مدو مقرر هوندو آهي.

قيوم: ڀرو ڀلا ميدان تي هُو ڇوڪرا ڪهڙو پيا کڙين سان گول ليڪو ڪڍن.

ڀرو: قيوم!جمعون، قبول ۽ غلام محمد گڏجي لڪ لڪوٽي يا اکٻوٽ راند جي لاءِ ليڪو ڪڍي پڙ پيا ٺاهين.

قيوم: پڙ ڇا؟

ڀرو: پر انهيءَ مخصوص ڪيل ليڪيل ٽڪري کي چئبو آهي، جنهن ۾ راند ڪئي ويندي آهي.

قيوم: ڀلا انهيءَ اکٻوٽ راند ۾ گهڻيون ٽيمون هونديون آهن؟

ڀرو: قيوم! هن راند ۾ وانجهي يا ڪٻڊي جيئن ڌريون يا ٽيمون ڪو نه ٿين، پر هن راند ۾ جيڪڏهن ڪو به رانديگر رضا خوشي سان آڳ ڏيندو ته آهي ته واه نه ته رانديگر مان هڪڙو امين ڪنهن وڻ، مثال ڄار جا پن پٽي هڪڙو پن اڌ مان ٽوڙي پوءِ سڀ سريکا ڪري پنهنجي مٺ مان اڌ ظاهر ڪري اڌ لڪائي رانديگر اڳيان جهليندو ۽ جنهن کي به اهو ٽٽل پن آيو آڳ هو ڏيندو.

قيوم: اها آڳ ڇا آهي؟

ڀرو: آڳ معنيٰ وارو ۽ لڪو لڪوٽي ۾ آڳي کي سڄو پڙ سنڀالڻ سان گڏ رانديگر سان هڪڙي کي کاپائڻ به پوندو آهي هاڻ ڏس! حاجن جي مٺ سان رانديگر پڻ کڻي رهيا آهن اڙي ڀڻسان! فيضو کي اڌ پڻ اچي ويو هاڻي فيضو آڳ ڏيندو.

قيوم: ڀلا فيضو پڙ جي وچ ۾ هي ڇو رهيو آهي ۽ هن اکيون به پوري ڇڏيون آهن!

ڀرو: ها! آڳي اکيون پُوري پڙ جي وچ ۾ ويهندو آهي. هاڻي ڏس امداد، انيل، جاويد، شاهد، گلڻ، ولو، قبول، غلام محمد ۽ اڪرو سندس مٿي تي پنهنجيون مٺڙيون هڪٻئي مٿان جهلي بيٺا آهن ۽ سڀ کان آخر ۾ اهو ٿلهو ڇوڪرو غلام محمد آهي، جيڪو سڀ کان آخر ۾ پڙ مان نڪرندو.

قيوم: يار! غلام محمد ڇا پيو چوي ۽ ٻيا سڀ ماٺ ڪريو بيٺا آهن.

ڀرو: اهي مخصوص لفظ هوندا آهن مثال ارچڪ مرچڪ ڌاڻا ڌرچڪ...... حقيقت ۾ انهن لفظن متعلق ٻولي جي ماهرن کي واضح ڪرڻ گهرجي ته اهي لفظ ڪيئن آيا آهن ۽ ڪم ڪهڙو اٿن .ته غلام محمد اهو راند ۾ چوي پيو ته ڪنگر ڪلوٽو پاڻي ڀري ڦوٽو، ڦوٽو چٻيندو لونگ لٽيندو، ديڳ درياءُ جي پيٽ پنهو جو، هيٺيون مٿيون.

پوءِ جيڪڏهن آڳ ڏيندڙ چوندو، هيٺيون ته سڀ کان آخر ۾ فيضو جي مٿي تي جنهن پنهنجيون مٺيون رکيون هونديون ته اهو وڃي لڪندو. جي چوندو مٿيون ته غلام محمد ڇڏي ٻيو رانديگر وڃي لڪندو هاڻ ڏس انيل سامهين وڻ جي پويان وڃي لڪي پيو ڇو ته فيضو چيو ”مٿيون. اهڙي طرح واري واري سان جيئن فيضو چوندو تيئن رانديگر وڃي لڪندا .جيئن هيئن جمعون وڃي لڪي پيو.

قيوم: يار ڀرو اها ڪنگو ڪلوٽي واري ڳالهه واه جي ٻڌائي انهي ۾ ته ماڻهن جا نالا به آهن مثال ڦوٽو، لونگ، دريا، پنهون وغيره وغيره.

ڀرو: ٿي سگهي ٿو جنهن وقت هي راند رائج ٿي هئي ته رانديگر پنهنجا نقلي نالا رکندا هُجن.

قيوم: اڙي! هي ته سڀ رانديگر وڃي ڌڙن ۽ وڻن ۾ لڪا هاڻي ته وڃي غلام محمد بچيو آهي.

ڀرو: آخر ۾ غلام محمد لڪندو ۽ ڪوڪ ڪندو ته فيضو رانديگرن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو. جيڪو به رانديگر پڙ ۾ پهچي ويو اهو محفوظ هوندو يعني انهيءَکي کاپائي نٿو سگهجي.

هاڻي ٻڌ! غلام محمد ڪوڪ ڪئي ۽ هو ڏس فيضو پڙ سان نڪري رانديگرن کي ڳولي رهيو آهي گڏوگڏ هن جي اک پڙ تي به آهي اجهو هن وڻ پويان قبول نڪري ڊوڙندي پڙ ۾ پهچي ويو ۽ ان پويان انيل به لڪندي ڇُپندي پڄي ويو.

قيوم: يار ڀرو! هي ته سڀ رانديگر چوڌاري پاسن کانلڪندي ڊوڙندي پڙ ۾ رسي ويا.....

ڀرو: نه اڃان غلام محمد ٻاهر آهي جنهن کي فيضو ڳولي پيو. او اهو ڏس هن ٻوڙن مان نڪتو آهي، تنهن ڪري پڪ سان فيضو رسي ويندس. غلام محمد جي ڪوشش ڪندو ته پڙ ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ کيس کاپائي، ڏٺئي فيضو رسي ويو ۽ کاپائي وڌائين.

 

مهر خادم

همت وارو جذبو

ان ڏينهن آئون خاموش ويٺو هيس، ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي ته ڇا ڪريان؟ مون کي ياد آيو، ته جڏهن مون پنجين درجي جو امتحان پئي ڏنو ته هڪ ڇوڪري مون کان پڇيو هو، ته: ”توهان مٿي يعني انگريزي اسڪول ۾ داخلا وٺندؤ؟ مون چيو:“ ”ها انشاالله ضرور.“ اهو ڇوڪرو ٻئي اسڪول کان پنهنجي ساٿي شاگردن سان، اسان واري اسڪول ۾ امتحان ڏيڻ آيو هو.

پنج درجا ته سٺي نموني سان پاس ڪيم. مون سان پڙهندڙ ڳوٺ جا ٻه ڇوڪرا وڃي انگريزي اسڪول ۾ داخلا وٺي آيا. جڏهن مون اها خبر ٻڌي ته اچي بابا کي چيم: ”مون کي به داخلا وٺي ڏيو، آئون به پڙهندس. ”بابا چيو ته:  ”پٽ! اسان غريب آهيون، فين ۽ ڪتابن وغيره ۾ جو خرچ ڪٿان ايندو؟ ٻيو ته جيڪڏهن تو اسڪول ۾ داخلا ورتي، ته مون ڏي هَرَ ۽ ڳاههَ تي ماني ڪير کڻي ايندو؟ ”مون چيو“ آئون صبح جو سوير توهان کي ماني پڄائي پوءِ اسڪول ويندس پر بابا نه مڃيو. بابا به وڏيري جي راهڪ هو. گهر جو خرچ به ڪڙمت مان پورو ڪونه پوندو هو. اڌ بٽئي وڏيري جي حوالي، ڪارائو (ڪمدار) ڌار لاپو وٺي ٽوهو (ديرن تي پاڻي وغيره ڀري اچڻ وارو) ڌار ۽ حجم جو لاپو به راهڪ کي ئي ڏيڻو پوي، ٻج ڀت ۽ پاڻي جو حساب ان کانسواءِ.

ٻه ٽي ڏينهن ائين گذري ويا. بابا ڪڏهن جهنگ مارڻ لاءِ گڏ وٺي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڳاهُه ڳهرائڻ لاءِ وٺي ويندو هو آئون شام جو بابا سان واپس ايندو هوس ۽ وري وڏي ڀاءُ کي ڪُتر ڪرائڻي پوندي هئي. جڏهن پلالُ جي مُٺ مشين ۾ ڏيندو هوس، ته ٻانهن ۽ سيني وٽان سڄا لٽا آلا ٿي ويندا هئا ۽ مٽيءَ گند جي ڪري ڳل ڪرندا هئا. باقي ٿورو ڪو وقت مس ملندو هو، جو وڃي ٻاهر ڳوٺ جي ڇوڪرن سان راند ڪندو هوس. مون سان اُهي ڇوڪرا به گڏجي راند ڪندا هئا، جن ڇهين درجي ۾ وڃي داخلا ورتي هئي. آئون هميشه اهو سوچيندو هوس ته ڪهڙي نموني بابا کي راضي ڪري مان ڇهين درجي ۾ وڃي داخلا وٺان. هڪ ڏينهن اهو پهه پچائي سٺو ڪروڌُ ڪيم ۽ ماني کائڻ ڇڏي ڏنم رات جو روئڻ ويهي رهيس. بابا سومهڻي جي نماز تان موٽيو، منهنجو روئڻ ٻڌي ڀاءُ جن کان پڇيائين: ته ”هي ڇو ٿو روئي؟“ ڀاءُ ڀيڻ جن ٻڌايس ته: ”الائي توهان پڇوس، اسان کي ڪو نه ٿو ٻڌائي ۽ ماني به نه ٿو کائي ”بابا چيو:“ ڇو ٿو روئين؟ ”مون چيو:“ بابا مان پڙهندس ۽ مون کي داخلا وٺي ڏيو. ”بابا ان مهل چيو:“ چڱو تون ماني ته کاءُ پوءِ ان ڳالهه کي ڏسون ٿا. ”مون چيو:“ نه بابا مون کي داخلا وٺي ڏيو نه ته ماني نه کائيندس. ”بابا چيو:“ مرندي ڇا بک؟ ”چيم:“ ها بس مرندس ماني نه کائيندس. ”پوءِ بابا چيو ته:“ چڱو سڀاڻي داخلا وٺي اچجان. ”مون ماني کاڌي ۽ پوءِ سمهي پيس. منهنجي ماءُ ان وقت وفات ڪري وئي هئي، جڏهن آئون ٻن سالن جو هوس. اسان ٻه ڀائر، هڪ ڀيڻ ۽ بابا گهر ۾ رهندا هئاسون. صبح ٿيو باب کي في جي پئسن لاءِ چيم چيائين: هڪ ٻه ڏينهن بيهه پوءِ وٺجانءِ ۽ مون ڏي ماني هَرَن تي ڪير کڻي ايندو؟ ۽ ٻڌ وڏيري به چيو آهي ته تو وارو ننڍو پٽ چالاڪ آهي. تنهن ڪري مون ڏي ڇڏي وڃينس ته گهران ماني کڻي پيو مهمانن کي کارائيندو، پياريندو، پگهار به ڏينداسونس. ”بابا کي چيم ته:“ نه مان ايئن ڪو نه ڪندس، مان پڙهندس ۽ توکي اول ماني هَرَن تي پهچائي پوءِ اسڪول ويندس. پوءِ بابا پئسا ڏنا آئون ٻين ڇوڪرن سان گڏجي پاڻ داخلا وٺي آيس، بابا هليو به ڪون. آئون همت سان پڙهندو رهيس. پڙهائي جو خرچ اڪثر پاڻ سورتيون گجرون ۽ برف وغيره اسڪول کان موٽڻ کان پوءِ وڪڻي پورو ڪندو هوس.

 

غلام مصطفيٰ سولنگي                       (ساليانو جائزو)

 

1989ع جو گل ڦُل ڳالهائي ٿو....

سڄي سال ۾:

ڪلام الله جا ڪل 12 ڪالم شايع ٿيا، جيڪي حاجي شاهنواز پيرزادي جا لکيل هئا.

حضور جن فرمايو جا ڪل 12 ڪالم شايع ٿيا جن مان چئن کي محترم جوهر بروهي ۽ باقي اٺن کي محترم عبدالواحد لغاري ترتيب ڏنو.

حال احوال جا ڪل 12 ڪالم شايع ٿيا جن کي ڀاءُ اڪبر جسڪاڻي لکيو.

ڪل 428 فوٽا ڇپيا سڀ کان گهڻا فوٽا (تعداد) 62 اپريل مهيني ۾ ڇپيا ننڍڙي بلاول زرداري جو خصوصي فوٽو جولاءِ مهيني ۾ ڇپيو.

لطيفي لات جا ڪل 12 ڪالم شايع ٿيا، جن کي محترم ڪلياڻ آڏواڻي ترتيب ڏنو.

مصريءَ جون تڙون نالي سان سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن جا ڪل سورهن 16 قول شايع ڪيا ويا.

ڏاهپ جا نڪتا ڪالم مئي مهيني کان شروع ٿيو هن ڪالم ۾ ڪل 100 نڪتا شايع ٿيا، جن کي پروفيسر عبدالغني شيخ ترجمو ڪيو.

ڪل 76 شعر ڇپيا جن مان 2 شعر ننڍڙا اديب ڪالم ۾ ڇپيا سڀ کان گهڻا شعر (تعداد (8 محترم رحيم بخش قمر لاکي جا ڇپيا ۽ سڀ کان گهڻا شعر جنوري مهيني ۾ (تعداد (10  ڇپيا.

ڪل 121 ڪهاڻيون شايع ٿيون جن مان 24 ترجموٿيل، هڪ سائنسي ۽ 51 ڪهاڻيون (ننڍڙن اديبن جون ننڍڙا اديب ڪالم ۾) ڇپيون.

پرڏيهي ادب مان ترجمو ٿيل ڪهاڻين مان سڀ کان گهڻيون ڪهاڻيون (تعداد (5 سليم سهتي جون شايع ٿيون سڀ کان گهڻيون ترجمو ٿيل ڪهاڻيون (تعداد (5 ڊسمبر ۾ ڇپيون.

ڪل 4 مزاحيه ڪهاڻيون شايع ٿيون، جن مان 2 ننڍڙا اديب ڪالم ۾ ڇپيون.

ڪل 2 لوڪ ڪهاڻيون شايع ڪيون ويون جن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرتب ڪيو.

سڀ کان گهڻيون ڪهاڻيون) تعداد (18 جنوري جي خاص نمبر ۾ ڇپيون

ڪل 2 آتم ڪهاڻيون شايع ٿيون جن کي ڊاڪٽر علي مرتضيٰ ڌاريجي لکيو ڄڀ جي آتم ڪهاڻي ٻن قسطن تي مشتمل هئي.

ننڍڙا اديب ڪالم ۾ 51 ڪهاڻيون شايع ٿيون سڀ کان گهڻيون ڪهاڻيون (تعداد (9 جنوري مهيني ۾ شايع ٿيون.

صرف هڪ سائنسي ڪهاڻي شايع ٿي جيڪا منير احمد جتوئي لکي.

صرف هڪ تاريخي ڪهاڻي ڇپي، جنهن کي قربان جعفري لکيو.

سلسليوار ڪهاڻي علاوالدين ۽ جادو جو ڏيئو جي صرف هڪ قسط ڇپي.

مختلف موضوعن تي ڪل 78 مضمون شايع ٿيا، جن مان 24 انعامي مضمون هئا.

ڪل 19 سائنسي مضمون شايع ڪيا ويا سڀ کان گهڻا مضمون (تعداد (5 برڪت جيهي ۽ عبدالله آريجي لکيا.

راندين بابت ڪل 2 مضمون ڇپيا، جن کي سائين حفيظ ڪنڀر لکيو.

ٽن نامور مسلمان سائنسدانن جا سوانحي خاڪا شايع ڪيا ويا جن کي سائين ميمڻ غلام مصطفيٰ مشتاق لکيو.

”اچو ته مضمون لکون“ سلسلي جا ڪل 5 ڪالم شايع ٿيا ۽ (ستن) جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو هن سلسلي ۾ ڪل 1338  ٻارڙن حصو ورتو ۽ 14 ٻارڙن کي انعام ڏنا ويا سڀ کان گهڻا انعام (تعداد (2 ڀاءُ رشيد احمد ڪليري حاصل ڪيا. سڀ کان گهڻن ٻارڙن (تعداد (266 اپريل مهيني ۾ حصو ورتو.

مضمونن جو نئون سلسلو ”هڪ ڏينهن جي ڳالهه“ جون مهيني کان شروع ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ جا ڪل 7 ڪالم شايع ٿيا ۽ 5 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو هن سلسلي ۾ 536  ٻارڙن حصو ورتو ۽ 10 ٻارڙن کي انعام ڏنا ويا. سڀ کان گهڻن ٻارڙن) تعداد (175 نومبر مهيني ۾ حصو ورتو.

اسان جا اديب ڪالم ۾ 12 اديبن جا انٽرويو شايع ٿيا سڀ کان گهڻا انٽرويو (تعداد (3 سائين امام راشدي جا ورتل ڇپيا.

ذهين شاگرد ڪالم ۾ ستن ذهين شاگردن جا انٽرويو شايع ڪيو.

”اچو ته سنڌ گهمون“ ڪالم ۾ ٻن شهرن جو سير ڪرايو ويو ددو شهر جو منظوم سير سائين جوهر بروهي ڪرايو.

کل ته سهي ڪالم ۾ 98 لطيفا شايع ٿيا. سڀ کان گهڻا لطيفا (تعداد (14 جنوري مهيني ۾ ڇپيا.

قلمي دوستي جا ڪل 12 ڪالم شايع ٿيا. جن ۾ 170 ٻارڙن جو تعارف شايع ٿيو. سڀ کان گهڻن ٻارڙن جا نالا (تعداد (25 جنوري مهيني ۾ شايع ڪيا ويا.

سلام ۽ سنيها جا ڪل 7 ڪالم شايع ٿيا جن ۾ مختلف ٻارڙن جا خط (تعداد (78 ڇپيا سڀ کان گهڻا خط) تعداد (15  جنوري مهيني ۾ شايع ٿيا.

ڪل 4 معلوماتي ڏنيون ويون.

گل ڦل خال ڀريو جا 5 ڪالم شايع ٿيا ۽ پنجن جو ئي نتيجو ظاهر ڪيو ويو. هن سلسلي ۾ 3241 ٻارڙن حصو ورتو ۽ انهن مان 132 ٻارڙن انعام حاصل ڪيا. سڀ کان گهڻو حصو اپريل مهيني ۾ (تعداد 3000) ٻارڙن ورتو.

صرف هڪ درسي ٻاراڻي ڪتاب تي تنقيدي جائزو شايع ٿيو. اهو جائزو سائين محمد عثمان عباسي پيش ڪيو.

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ڪتاب ”لفظن جا رانديڪا“ تي تبصرو شايع ٿيو.

لفظن جا رانديڪا جي مهورت جي تقريب جي رپورٽ شايع ٿي. رپورٽر ڊاڪٽر سرور خاصخيلي هو.

نئون سلسلو ڀڃ ڳجهارت جون مهيني کان شروع ڪيو ويو. هن سلسلي جا ڪل 7 ڪالم شايع ٿيا ۽ 5 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو. هزارن جي تعداد ۾ ٻارڙن حصو ورتو. صحيح جواب اچڻ تي 31 ٻارڙن کي انعام مليا.

نومبر مهيني کان گل ڦل جي قيمت پنج رپيا ڪئي وئي ۽ صفحن ۾ پڻ اضافو ڪيو ويو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com