سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :2

 

 

سنڌيڪار: محمود مغل                           جپاني لوڪ ڪهاڻي

ڪئيءَ جي شادي

اوٽوسان ۽ اوڪاسان، جاپان جي هڪ اسٽور هائوس ۾ رهندڙ ٻه پوڙها ڪوئا ڪئي هئا. اوٽوسان ڪوئو ڪافي امير هو، هن وٽ چانورن جو هڪ گودام هو جيڪو هن چانور ميڙي ميڙي پنهنجي ٻِر جي ٻر ۾ تعمير ڪيو هو.

اوڪاسان سندس زال به ڏاڍي هوشيار ڪئي هئي. هوءَ به سندس ٻانهن ٻيلي هئي.

ساڻن سندن نانءَ جو مکيه سبب سندن ڌيءَ هئي. اڇي، اجري، نرم، سهڻي... ان ڪئيءَ جون اکيون بيحد خوبصورت ۽ چمڪ ڀريل ۽ نازڪ گلابي نڪ ڏاڍو پيارو هو. هوءَ ايڏي ته سهڻي هئي جو پري پري جي رياستن جا ڪوئا سندس هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهي ايندا هئا. پر اوٽوسان ۽ اوڪاسان، ان ڳالهه جي حق ۾ ئي ڪونه هئا ته پنهنجي پرين جهڙي ڌيءَ جو هٿ ڪنهن عام ڪوئي جي هٿ ۾ ڏين.

”اهو ناممڪن آ. ڪوبه عام ڪوئو اسان جي نياڻيءَ جي لائق ڪونهي.“ هنن رڙ ڪئي. ”اسان کي ڪنهن خاص وَرَ کي ڳولڻ گهرجي. اسان پنهنجي نياڻيءَ جو رشتو جاپان جي طاقتور ترين هستيءَ سان ڪنداسين.“

سو هنن چئن ئي طرفن ڳولا شروع ڪئي ۽ اوچتو سندن نظر اڀ ۾ چمڪندڙ محبتن ڀرئي سج تي پئي.

”سج کي ڇو نه پنهنجي نياڻي ڏيون“ هنن خوشيءَ وچان نعرو هنيو. اهو خيال ته واهه جو هو.

بس سائين، هنن پنهنجي ڌيءُ کي هڪ بهترين وڳو ڍڪايو. اهڙي خوبصورت ڪنوار، ڪوئن پنهنجن سڄي عمر ۾ ڪونه ڏٺي هئي.

هاڻي مون کي اها خبر ڪانهي ته سفر اهو ڪيئن ٿيو، باقي ٽئي سفر ڪندا رهيا، تان جو وڃي سج تائين پهتا.

پيءُ سج اڳيان جهڪندي، جيهڻي آواز ۾ عرض ڪيو، ”عزت ماب ۽ رحمدل سج، تون هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءُ قبول ڪر، ڇو جو اسان جي اها خواهش آهي ته تون اسان جي نياڻيءَ جو گهوٽ ٿئين.“

سج مسلسل مرڪندو رهيو. ڏانهن ڏسندي چيائين ”توهان ڏاڍا رحمدل آهيو، مان توهان جي ان رشتي لاءِ ٿورائتو آهيان، پر مان هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي ناهيان، اها اڃا به ٻي شيءِ آه.“

اوٽوسَان ۽ اوڪاسان، جا وات حيرت مان ڦاٽي ويا ”اهو وري ڪير آ؟“

”اهو ڪيومو آ يعني ڪڪر، مان ته ڌرتيءَ کي گرمي ٿو پهچايان، پر جيڏي مهل ڪڪر ٻاهر نڪري اچن ۽ مون کي ڍڪيو وجهن ته مان بلڪل بي وس هوندو آهيان.“

”خير، خير“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ”اهو سچ به آهي ان ۾ ڪهڙو شڪ آ!“

سو، هُو، سج اڳيان جهڪي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي وٺي ڪڪر وٽ آيا.

”ڪيوموسان، ڪيوموسان، (ڪڪر سائين، ڪڪر سائين) تون هن ڌرتي تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءَ کي پنهنجي زال قبول ڪر.“

”مون لاءِ سوچڻ جي مهرباني“ ڪڪر وراڻيو ”پر هتي ته مون کان به طاقتور هستيون ويٺيون آهن. مان هونئن ته ڪافي طاقتور آهيان، پر اوستائين جيستائين ڪيز (هوا) نٿي اچي. بس هن جو اچڻ ۽ منهنجو ڀڄڻ.“

”بلڪل بلڪل“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هو سڌا هوا وٽ هليا آيا.

”ڪيزسان، ڪيزسان (هوا سانئڻ، هوا سانئڻ) تون جاپان جي طاقتور ترين هستي آهين، اسان پنهنجي ڌيءَ توکي پرڻائڻ لاءِ آندي آ.“

”مهرباني، ننڍڙا ڪئوو، پر مان طاقتور ترين ناهيان، مان مڃان ٿي ته مان ڏاڍا گهوگهاٽ ڪري هلندي آهيان، پر جڏهن به مان ڪنهن طاقتور ڀت سان ٽڪرائيندي آهيان ته مون کي ئي شڪست ٿيندي آهي، هاڻي مان طاقتور ترين ٿيس؟“

”اوه، اهو ته بلڪل سچ آ“ مائٽن ٿڌو ساهه کنيو.

”اسان کي ڀت سان ملڻ گهرجي.“

خير سائين، هڻندا ماريندا هو ڀت وٽ پهتا ۽ کيس سندن ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائون.

”مهرباني.“ هن وراڻيو ” پر اڃا به هڪ ٻي هستي آ، مان هونئن ته ڪافي سخت ۽ مضبوط هوندي آهيان پر جيڏي مهل ڪوئا مون کي ٽڪين ٿا، ان مهل مان بلڪل بي وس ٿيو پوان، تان جو مون ۾ ٻر ٺهيو پون. مان ڪوئن کي ڪٿان ٿي پڄان؟“

۽ ان مهل، غريب ڌيءَ ڪئي بلڪل ٿڪجي پئي، سندس ڳل لڙڪي پيا ۽ اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿي ويون.

”امان بابا، مان پنهنجي پاڙي واري ڪوئي چُوسُوڪيءَ جي زال ٿيندس. ڇا ٿيو جيڪڏهن هو، هڪ عام ڪوئو آ.“

پر ان مهل پيءُ ماءُ جا خيال ڪجهه ڦريل هئا.

”بلڪل نه، ڪير ٿو چئي ته هو عام ڪوئو آ! ڪجهه ڏينهن اڳين ته هن (ڪيب سن Kabe-san) يعني ڀت سانئڻ ۾ هڪ وڏو سوراخ ڪيو هو. هاڻي ٻڌاءِ، هو طاقتور ترين ڪوئو ڪونهي؟“

بس سائين، هاڻي هو چوسوڪيءَ تي ڏاڍو نازان هئا، هو رهندو به ته بلڪل ڀت ڀريان هو.

اها شادي ڏاڍي بهترين ٿي، ۽ چون ٿا، ان ڏينهن ڪنهن مهل سج ٿي نڪتو، ته ڪيڏي مهل ڪڪر ٿي آيا، ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل ته هوا به ٿي گهوگهٽ ڪيا.

ها سائين، ڀت سانئڻ به پاڻ ۾ ٿيل ٻِرَ ۾، ان شاديءَ کي ڏسي، خوش پئي ٿي.


 

زينب کٽياڻ                               پهريون نمبر ڪهاڻي

سلسلو- 1

ڪانهي ويل وهڻ جي

هو اڃا تائين مٽيءَ جي قبر سان چُهٽي روئي رهيو هو، اڄ ته هوا به خاموش هئي، ڏور افق تان سج به لهندو پئي ويو ۽ گهڙي کن ۾ قبرستان تي پراسرار اونداهي ڇانئجي ويئي... اڇن پکين جا ولر پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏي موٽي رهيا هئا... ڪنهن ڪنهن وقت قبرستان کي ڏنل لوڙهي مان جيت جڻيئن جي چرپر سان کڙڪو پئي ٿيو نه ته بس!!

... هو ڪپڙا ڇنڊي اکين کي ميري چولي جي پلئه سان اگهي ٽٽل ڀڳل قدمن سان ٿڙندو ٿاٻڙندو قبرستان کان ٻاهر نڪتو، ٻاهر نڪري هڪ سرسري نظر ٿورو اڳيان شروع ٿيندڙ شهر جي بلڊنگن تي وجهڻ لڳو جن تي ڳاڙها، نيرا، ساوا ۽ رنگ برنگي بلب رنگين روشني جا ترورا پکيڙي رهيا هئا....

ٻه- ٽي قدم وڌائي هو هاڻ روڊ تي پهچي چڪو هو، بجلي جي هر پول تي کير جهڙيون اڇيون ٽيوب لائيٽون جرڪي رهيون هيون، هو روڊ وٺيو بدستور اڳيان وڌندو پئي ويو، ڪنهن ڪنهن وقت مڙي پوئتي اوڏانهن نهارڻ ٿي لڳو جتي سندن سهاري کي سوين مڻن مٽيءَ هيٺان هميشہ هميشہ لاءِ دفنايو ويو هو ۽ وري هٿن سان اکيون مهٽي اڳتي هلڻ لڳو، روڊ ٽيوب لائيٽن جي رقص ڪندڙ روشني ۽ مسلسل سرمائيندارن جي بلڊنگن وچان سڌو ئي سڌو اڳتي وڌندو پئي ويو پر هاڻ هُن کي روڊ تان لهي ٻئي پاسي هي سوڙهي ۽ ڪچي سڙڪ پئي وئي، پر گهڙي کن هو بجلي جي هڪ پول کي ٽيڪ ڏيئي مونن ۾ منهن وجهي ڪجهه سوچڻ لڳو:

... ’هاڻ سندس ٻن ڀيڻن پوڙهي ماءُ جو ڇا ٿيندو‘!!

... ’بابا ته روز شام جو جڏهن مزدوري کان موٽندو هو ته به مڙيئي پيو زندگي جو گاڏو ڌڪبو هو؛ پر هاڻ... هاڻ...“

... ۽ هو سوچيندي سوچيندي سڏڪن ۾ وٺجي پئي ويو، عثمان جو پيءُ تغاري (مزوري) جو ڪم ڪندو هو، ڏهاڙي تي ٻڌل سندس روزگار هو کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ هو، عثمان نائين درجي ۾ ۽ فوزيه ۽ رضيه ٻئي ۽ ٽئين درجي ۾ پڙهنديون هيون، سندن گهر شهر جي گنجان ۽ ڪچي آبادي ۾ هو.

اڄ جيئن ئي عثمان جو پيءَ صبح مزوريءَ لاءِ گهر کان نڪتو ته هڪ نامعلوم تيز رفتار ڪار کيس چيڀاٽي زوڪٽ ڪندي هلي ويئي ۽ ان ئي وقت سندس روح قفس عنصري مان پرواز ڪري ويو... چند ڏينهن تائين تعزيت لاءِ ڄاڻ سڃاڻ وارا ايندا رهيا، هاڻ ته اهو سلسلو ختم ٿي چڪو هو، سندن زندگي جو واحد سهارو کانئن ڇڄي چڪو هو، هن ڀري دنيا ۾ هو بي يارو مددگار ۽ تنها تنها رهجي ويا هئا پر عثمان ان وقت سوچيو؛ ”زندگي ته حرڪت ۾ آهي، ۽ مسلسل جدوجهد جو نالو ئي زندگي آهي، جيڪو به انسان بيهي رهي ٿو يا مڙي پوئتي نهاري ٿو ته وقت ۽ زماني جي بي رحم قدم ان کي چيڀاٽي ڇڏيندا...“ ”هاڻ کيس ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو...“

”پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ معصوم ڀينرن جو سهارو بنجڻو پوندو...“

اهو سوچي هو گهران نڪتو ۽ ٿڪل ٿڪل قدمن سان هڪ گيريج وٽ بيهي ڪجهه سوچڻ لڳو... آخرڪار همت ڪري وڃي گيريج مالڪ سان ڳالهايائين گيريج مالڪ عثمان جون حالتون ٻڌي کيس اسڪول ٽائيم کان پوءِ گيريج تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو.

اهڙي طرح عثمان هاڻ روزانو اسڪول کان موٽي گيريج تي ڪم ڪندو هو جنهن جو کيس ڪجهه معاوضو پڻ ملندو هو. هو مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم سکندو به رهيو ۽ ان سان گڏ پڙهندو به رهيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ هو ڪافي ڪم سکي چڪو هو، گيريج مالڪ سندس محنت ۽ ايمانداري ڏسي تعليم جاري رکڻ جو وڌيڪ سهولتون ڏنيون ۽ هاڻ کيس معاوضو به چڱو ملندو هئس؛ جنهن مان هو پنهنجي تعليم ۽ ڀينرن جي تعليم جي اخراجات سان گڏ غريباڻي حال تي گهر هلائڻ لڳو؛

ڏسو ٻارو؛ توهان عثمان جي محنت کي، پاڻ ئي فيصلو ڪيو ته عثمان مستقبل ۾ هڪ انجنيئر ٿيندو يا نه؟ ضرور ٿيندو ڇو ته محنت ۾ عظمت آهي ۽ عثمان جي محنت هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندي.

 

رخسانه ناز سومرو                             ٻيو نمبر ڪهاڻي

سلسلو- 1

خوابن جي تعبير

اڄ عثمان ڏاڍو خوش هو ڇاڪاڻ ته هو پنجين درجي جي امتحان ۾ پهريون نمبر پاس ٿيو هو. هو سوچي رهيو هو ته امان ۽ بابا اها ڳالهه ٻڌي ڪيڏو نه خوش ٿيندا ۽ منهنجون ننڍيون ڀينرون ته خوشيءَ ۾ ماپي نه سگهن ٿيون هاڻي مان شهر واري اسڪول ۾ پڙهندس ۽ وڏو آفيسر ٿيندس ۽ پوءِ مون کي سڀ وڏو صاحب چوندا. اهي ڳالهيون سوچيندو هو گهر ڏانهن وڃي رهيو هو ته ان کي پنهنجي گهر جي سامهون ماڻهو نظر آيا جيڪي تڏي تي ويٺا هئا. يا الله خير چئي هو گهر ۾ گهڙيو ته ڏٺائين ته اڱڻ ۾ ان جو پيءُ اڇي چادر پاتل کٽ تي پيو هو. کٽ جي چوڌاري عورتون ويٺيون هيون، انهن سان گڏ ان جون ڀينرون ۽ ماءُ به شامل هئي ۽ هو وڏي آواز سان روئي رهيون هيون.

عثمان کي سمجهڻ ۾ دير ڪانه لڳي ته ان جو شفيق پيءُ ان کان هميشہ لاءِ جدا ٿي ويو آهي جيڪو انهن جي ذري ذري تڪليف تي پريشان ٿي ويندو هو اڄ پاڻ پنهنجن پيارن گلن جهڙن ٻارڙن ۽ نيڪ سيرت زال کي هميشہ لاءِ تڪليف جي اونهي کوهه ۾ اڇلائي ويو هو.

عثمان جو پيءُ عارف هڪ هاريءَ جو پٽ هو عارف کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. پر خرچ جي تنگيءَ ڪري هو اڳتي نه پڙهي سگهيو ۽ صرف پنج درجا ئي پڙهي سگهيو، عارف جو پيءُ بيمار ٿي پيو ۽ صحيح علاج نه ملڻ ڪري آخرڪار هڪ ڏينهن هن ظالم دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. هاڻي عارف جي مشڪلاتن جو دور هو. هو هر به ڪونه پئي هلائي سگهيو ڇاڪاڻ ته زميندار پنهنجي زمين واپس وٺي ڇڏي هئي ۽ هي بي يارو مددگار ٿيو پر عارف محنت ڪري پنهنجي حالت سڌاري ۽ پوءِ شادي ڪيائين هن پنهنجي پٽ عثمان کي وڏو آفيسر پئي ڏسڻ چاهيو. پر اڄ عارف پنهنجا اڌورا خراب ٽوڙي ڇڏيا هئا ۽ دنيا کان هميشہ هميشہ لاءِ سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيا.

عثمان کي پنهنجي پڙهائي ڇڏڻ جو ڏاڍو ارمان هو پر هو ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيو. هن جا خواب ۽ آرزو هڪ ئي منٽ ۾ ڪنهن ٽٽل مالا وانگر وکري ويا هئا هو پريشان ٿيڻ لڳو پر هن جي سمجهه ۾ نه اچي ته هو ڇا ڪري ۽ ماءُ ۽ پنهنجن ڀينرن جي سارسنڀال ڪيئن ڪري، هن (عثمان) پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان مون کي موڪل ڏي ته مان شهر وڃي ڪو ڪم ڪار ڪيان ۽ گذران لاءِ ڪجهه پئسا هٿ ڪيان. ماءُ پنهنجي اکين جي لعل کي پري ڪرڻ نه پئي چاهيو پر هو مجبور هئي.

هن کي ياد آيو ته عارف چوندو هو ته مان پنهنجي پٽ کي آفيسر بڻائيندس ۽ هن کي زمين ۾ هر هلائڻ نه ڏيندس.

عثمان ماءُ کي آواز ڏئي چيو ته ”امان ڇا پئي سوچين، ڇا تون مون کي شهر وڃڻ نه ڏيندينءَ“ ماءُ ان کي چيو ”ابا تون ڀلي وڃ شهر پر ساران ۽ فاطمه (جيڪي عثمان جون ننڍيون ڀينرون هيون) جو هت توکان سواءِ ڪير هوندو.“ الله مالڪ آهي امان تون ڪو فڪر نه ڪر الله پاڻهي ڪو بلو ڪندو، ائين چئي عثمان ساران کي چيو ته ڀيڻ مون کي ماني ٽڪر ته پچائي ڏي پر گهر ۾ ته ڪجهه به ڪونه هو ساران ويچاري ڇا ڪري ها. عثمان کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ هو بکيو ئي شهر ڏانهن وڃڻ لڳو، شهر هنن جي ڳوٺ کان گهڻو پري ڪونه هو. هو ٻن ڪلاڪن ۾ اتي پهچي ويو. هي سوچڻ لڳو ته ڇا ڪريان ڪيئن پئسن جو بلو ٿئي. ايتري ۾ هن ڏٺو ته هڪ ننڍڙو ڇوڪرو بوٽ پالش، بوٽ پالش جا آواز لائي رهيو هو. هن دل ۾ سوچيو ته ڇو نه مان به بوٽ پالش ڪيان پر بوٽ پالش ڪرڻ جو سامان ڪٿان ايندو ۽ هي اداس ٿي ويو ۽ الله سائين کان دعا گهرڻ لڳو ته اي منهنجي پروردگار منهنجي مدد فرماءِ ته جيئن مان پنهنجي ماءُ جي خدمت ڪري سگهان هو غمگين ٿي هڪ هنڌ ويهي سڏڪا ڀرڻ لڳو. هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪو ماڻهو هن جي ويجهو پيو آهي هن ڪنڌ مٿي کنيو ته هن کي هڪ شخص نظر آيو جيڪو هن ڏانهن وڏي محبت سان تڪي رهيو هو.

اهو ماڻهو (جنهن جو نالو قادر هو) ميوو وڪڻندو هو ۽ هن جو ڪوبه والي وارث ڪونه هو. قادر عثمان کي چيو ته ”پٽ تون ڪير آهين ۽ تون اداس ۽ غمگين ڇو ويٺو آهين“ عثمان هن کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ۽ وڏي ادب سان چيائين ته ”اي محترم بزرگ مان ڏاڍو دکي آهيان ڇا توهان منهنجي مدد ڪرڻ پسند ڪندؤ.“ قادر ان کي پنهنجي گهر وٺي ويو ۽ عثمان کي چيائين ته ”پٽ مان ته ميوو وڪڻندو آهيان ۽ اهڙي طرح توکي منهنجو هٿ ونڊائڻو پوندو ۽ ها تون پنهنجي ماءُ ۽ ڀينرن کي به هت ئي وٺي اچ. عثمان، قادر جو ٿورائتو ٿيو ۽ ان سان گڏجي ميوو وڪڻڻ جو ڪم ڪرڻ لڳو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن جون ڀينرون ۽ ماءُ به اچي ويون هي ڏاڍو خوش ٿيو. قادر چاهي پيو ته عثمان پڙهي لکي پر گهر جون حالتون ڏسي عثمان پڙهڻ کان منع ڪيو آخرڪار قادر ان کي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ عثمان پڙهڻ لڳو.

هڪ ڏينهن هن پنهنجي ماءُ کي چيو ته امان مون کي ڇولا پچائي ڏيندي ڪر ته جيئن مان اسڪول ۾ وڪڻان. ٻئي ڏينهن ماءُ ان کي ڇولا پچائي ڏنا هاڻي هو هاف ٽائيم ۾ ڇولا وڪڻندو هو ۽ شام جو قادر سان گڏ ميوو وڪڻندو هو ساران ۽ فاطمه به گهر ۾ ويهي ماڻهن جا ڪپڙا سبڻ ۽ ڀرڻ لڳيون.

عثمان ڏهه درجا پاس ڪيا ته هڪ هوٽل ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو ۽ رات جو ڪاليج ۾ پڙهڻ ويندو هو. ڏينهن گذرندا ويا ۽ عثمان تعليم ختم ڪرڻ لڳو ۽ ساران ۽ فاطمه کي به پڙهائڻ لڳو. عثمان هاڻي هوٽل ۾ مينيجر بنجي چڪو هو هن وڏي ڌام ڌوم سان ساران ۽ فاطمه جي شادي ڪئي ۽ هڪ وڏو گهر ورتائين جنهن ۾ سندس ماءُ، زال ۽ قادر سان گڏ رهڻ لڳو ۽ اهڙي طرح عثمان جي خوابن جو تعبير پوري ٿيو ۽ هي خوشحال رهڻ لڳا.

 

 

هڪ حقيقت

پنهنجي ماءُ پيءُ جي چوڻ ۾ رهو ۽ سندن حڪمن جي تعميل ڪريو ان طرح سان نه رڳو اوهان پنهنجي دنيا خوشحال ڪري سگهو ٿا پر اوهان جو دين به موچارو ۽ بهتر ٿي سگهي ٿو. حضور پاڪ جن جو ارشاد آهي ته ”جنت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي“ اها جنت حاصل ڪرڻ لاءِ ماءُ جي حڪمن جي تعميل ڪريو ۽ سندس خدمت ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪريو. دنيا جا سڀ وڏا ۽ مشهور ماڻهو رڳو ان ڪري نامور ٿيا جو هنن پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو ۽ سندن حڪمن جي تعميل ڪئي. انڪري ٻارن کي گهرجي ته پنڌرهين صديءَ هن دور ۾ پنهنجي ماءُ- پيءُ کي ئي نجات ۽ عزت جو وسيلو ڄاڻن.

محمد حاجن خوشتر


 

صنم قادري

عظمت جا مينار

رسيس جو گهنڊ وڳو ننڍڙا ننڍڙا ٻار خوشيءَ مان نچندا ٽپندا ۽ ڪڏندا ٻاهر نڪرڻ لڳا معصوم معصوم ٻارڙن جي گوڙ مان وري هوڪن وارن جا آواز بلند ٿيڻ لڳا. هر ٻار پنهنجي پسند جي شيءِ وٺڻ لاءِ ڊُڪي رهيو هو، ڪنهن ملائي ورتي ته ڪنهن وري قلفي، ڪو برف جو ڳنڍو چوسڻ لڳو ته ڪو وري چڻن چٻاڙڻ ۾ پورو هو، اختر به ڪتاب ٺاهي بينچ تي رکي ڊوڙ پائي آفيس ۾ ڪٻٽ تي رکيل چڻن جو ننڍو ٿالهه کڻي کپائڻ لاءِ اچي پهتو، ڪجهه ٻار ميڙاڪو ڪري بيٺس هر ڪنهن کي هو واري واري سان چڻا ڏيندو پئي ويو، ايتري ۾ تيار جيڪو شهر جي سيٺ جو پٽ هو ۽ هر ڪنهن غريب ٻار کي ستائڻ سبب پوري اسڪول ۾ بدنام هو پنهنجن ڪجهه ساٿين سميت اختر جي ڀر ۾ پهتو ۽ کانئس چڻا گهرڻ لڳو اختر کي خبر هئي ته نياز پئسا ڏيندو ئي ڪونه!! سو چڻا ڏيڻ کان انڪار ڪيائين نياز ڪاوڙ ۾ ڦوڪجي ويو هن اها پنهنجي بيعزتي سمجهي ۽ اختر کي ڌڪو ڏنائين چڻن جو سڄو ٿالهه ڪري پيو چڻا مٽي ۾ خراب ٿي ويا ۽ پئسا پٽ تي وکري ويا ۽ نياز ساٿين سميت خوش خوش هليو ويو. ايتري ۾ رسيس بند ٿيڻ جو ڳهنڊ وڳو ته اختر وکريل پئسا پٽ تان کڻي ٿالهه آفيس ۾ رکي اچي ڪلاس ۾ ويٺو استاد آيو ته اختر کيس دانهن ڏني استاد ٻڌي نياز کي اٿي بيهڻ لاءِ چيو ۽ پڇيائين ”اختر کي ڇو ڌڪو ڏنئي؟“

ان تي نياز جواب ڏنو ته ”سائين، اختر مون کي گاريون ڏنيون.“

ايتري ۾ نياز جا ساٿي به اٿي بيٺا ۽ نياز جي تصديق ڪندي چوڻ لڳا ته ”ها سائين! اسان پاڻ ٻڌو اختر گاريون پئي ڏنس!!“

”پر گارين ڏيڻ جو ڪو سبب ته هوندو!“ استاد پڇيو.

”سائين: مان چڻا گهريامانس ته جواب ڏنئي، چيومانس ته پوءِ آئينده اسڪول ۾ کڻي نه ايندو ڪر؛ ان تي مڇرجي پيو ۽ گاريون ڏيڻ شروع ڪيائين!!“ نياز جواب ڏنو.

”... ۽ تو ڌڪو ڏنس! گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻڌائين ها.“ استاد چيو؛

”اڙي اختر تو گاريون ڇو ڏنس؟“ استاد وري اختر کي مخاطب ٿيندي چيو؛

”سائين مان ته ڪابه گار ڪانه ڏني، چار پنج ڄڻا ٿي آيا ۽ مفت ۾ چڻا زوري وٺڻ لڳا مون انڪار ڪيو ته ڌڪو ڏنائون.“

اختر تقريباً روئڻهارڪو ٿيندي چيو؛

”نه سائين اختر ڪوڙ ٿو ڳالهائي!“ نياز وچ ۾ ٽپ ڏيندي چيو.

”چپ ڪري بيهه نالائق“ استاد دڙڪو ڏيندي چيو؛

ايتري ۾ دهي پڙن وارو آيو ۽ استاد جي خالي ڪيل پليٽ کنيائين هن جو اها ڳالهه ٻڌي ته اختر جي حق ۾ شاهدي ڏنائين ڇو ته اختر سندس ئي گاڏڙي اڳيان چڻا کپائي رهيو هو ۽ سڄو لقاءُ اکين ڏٺائين. استاد لڪڻ گهرائي نياز ۽ ان جي ساٿين ۽ اختر کي سزا ڏنائين ته جيئن آئنده پاڻ ۾ نه وڙهن ۽ ويچارو اختر نازڪ هٿڙن جون تريون مهٽيندو، ڳوڙها ڳاڙيندو ويهي رهيو.

اختر ٽين ڪلاس ۾ پڙهندو هو نياز به ساڻس گڏ ٽين ڪلاس جو شاگرد هو اختر جو پيءُ ٽي- بي جو مريض ۽ هو ڪمائڻ کان به لاچار هو سندس ماءُ، پاڙي وارن جا ڪپڙا ۽ ٿانو ٺڪر ڌويو مڙيئي پيئي گهر کي هلائيندي هئي ۽ روز صبح جو چڻا رڌي اختر کي ڏيندي هئي ته جيئن اسڪول ۾ پڙهڻ سان گڏ چڻن جو هڪ ٿالهه به کپائي موڪل مهل موٽي منجهند جو گهڙي کن آرام ڪري وري چڻن جو ٻيو ٿالهه کڻي شام جو بس اسٽينڊ تي کپائڻ ويندو هو. جڏهن سج به آڪاش جي دامن ۾ پناهه وٺندو هو ته هو به هلڪي هلڪي اونده مهل گهر موٽندو هو ۽ رات جو روزانو ويهي پابندي سان اسڪول جو ڪم ڪندو هو. ايتري ننڍڙي عمر ايڏي محنت ۽ مشقت جي باوجود هر وقت صاف سٿرو رهندو هو، ننڍي وڏي سان نهايت اخلاق ۽ ادب سان پيس ايندو هو. اڄوڪي خبر جڏهن گهر اچي ماءُ کي ٻڌايائين ته سندس پياريءَ ماءُ شفقت جا هٿ مٿي تي ڦيريندي هدايت ڪندي چيو ته ”پٽ صبر ۽ شڪر کي هٿان نه ڇڏيو آهي الله ڪندو ته تون هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون ماڻيندين، بس مسلسل محنت ڪندو رهه. اهي چند پئسا ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي.“

ماءُ جي آٿت تي اختر جي اندر ۾ وري عزم جو طوفان اٿڻ لڳو ۽ گهڙي کن آرام ڪري وري چڻن جو ٿالهه کڻي پنهنجي منزل ڏي راهي ٿيو.

هوڏانهن نياز جي دوستي شهر جي لوفرن ۽ غندن سان هوندي هئي. هن اسڪول ۾ استاد جي مار پنهنجي بيعزتي سمجهيو ۽ هاڻ هو بدلي وٺڻ لاءِ آتو هو خبر هيس ته شام جو اختر وري چڻا کپائڻ بس اسٽينڊ تي ايندو.

اختر هوڪا ڏيندو چڻا کپائي رهيو هو ته اوچتو ئي اوچتو ڪجهه غنڊا ڦري آيس سڀ چڻا ڪيرائي، پئسا ڦري ۽ وري ڌڪ هڻي هليا ويا. وري ڪوماڻل منهن ۽ وکريل وارن سان گهر اچي پهتو، پر گهر ۾ هڪ دفعو وري شفيق ماءُ جي شفيق هستي کيس ڏڍ ڏنو ۽ مسلسل محنت جي عظمت کان آگاهه ڪيائين. اختر دل سان ڳالهه نه مڃيندي به ماءُ جو حڪم سمجهي هينئن سان هنڊائڻ لڳو.

ٻئي ڏينهن اسڪول ۾ اڃا پهريون پيرڊ هلي رهيو هو ته نياز جو سيٺ پيءُ ٿلهي پيٽ ۾ بي ڊولي جسم سان تاناري ڪٽ مڇن کي وٽ ڏيندو ڪلاس ۾ ڍري آيو ۽ استاد ويچاري کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. استاد ويچارو منهن هيٺ ڪيو ويٺو رهيو. ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهيو!؟ اهائي ته ماستري هئي جو مهيني ۾ ٽي سؤ رپيا کن ملندا هئس، جن مان هو پنهنجن ٻچن سان گذر سفر ڪندو هو، جي ٿو سيٺ کي ڪو جواب ڏئي ته نوڪريءَ تان هٿ ٿا کڻن پونس، جي نوڪري وئي ته ولر ٻچن سوڌو مرندو بک!! اهو سوچي سوچي هو سيٺ جي اڳيان ڪنڌ نوايو بيٺو رهيو!!! نياز اهو ڏسي ٻهڪيو پئي پر اختر استاد جي اها بيعزتي ڏسي دل ئي دل ۾ ڪڙهندو هيو!! ڀلا هي ننڍڙو اُبهم ٻار ڪري به ڇا ٿي سگهيو!!؟؟

... ۽ ان کان پوءِ هر آئي ڏينهن اختر ويچاري سان جُٺيون ٿينديون رهيون پر اختر مسلسل محنت ڪندو رهيو ۽ اهڙن ننڍڙن ننڍڙن واقعن تي ڌيان ئي نه ڌريندو هو. هاڻ هو اٺون درجو پاس ڪري تعليم جي نائين ۽ فيصله ڪن ڏاڪي تي قدم رکي چڪا هئا. جڏهن نائين درجي جو امتحان ٿيو ته نياز فيل ٿي پيو پر اختر امتيازي مارڪن سان ڏهين ۾ پهچي ويو ۽ آخرڪار محنت سان مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪري فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتائين هاڻ اختر پڙهڻ سان گڏوگڏ چڻن وڪڻڻ بجاءِ شهر جي هڪ ڪارخاني ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. هو ڪارخاني رات جو ڊيوٽي ڏيندو هو. نوڪريءَ سبب هو انٽر فرسٽ ڊويزن کان رهجي ويو. پر هو مايوس نه ٿيو ۽ بي- ايس- سي ۾ داخلا وٺي وري اڳتي پڙهڻ لڳو. ڪارخاني جو مئنيجر اختر جي اخلاق، قابليت، تعليم ۽ محنت کي ڏسي کيس پنهنجي آفيس ۾ پنهنجو اسسٽنٽ ڪري رکيو جتي هو ڪاليج کان واپس اچي ڪندو هو. هاڻ اختر کي اميد هئي ته هو مسلسل ترقيءَ جي ڏاڪڻ تي قدم رکي چڪو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور عظمت جي منارن کي ڇهندو. هوڏانهن نياز لوفرن جي سنگت ۾ رهڻ ڪري تمام خراب ٿي چڪو هو ۽ ڪيترائي دفعا جوئا ۾ پڪڙجي پيو هو ۽ سندس نالو ٿاڻي جي ڪاري لسٽ ۾ اچي چڪو هو جڏهن به شهر ۾ ڪو ننڍو وڏو واقعو پيش ايندو هو ته نياز ٿاڻي جي حوالات ۾ بند ٿيندو هو ۽ سندس سيٺ پيءُ جيڪو ڪجهه سال اڳ استاد جهڙي عظيم شخصيت کي نيچو نوائي ويو هو هاڻ پنهنجي بدلڇڻي پٽ جي ضمانت لاءِ پوليس اڳيان گيسيون ڪندو ۽ هٿ ٻڌندو نظر ايندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com