علي حيدر بلوچ
حُسنّ سُلوُڪّ
حضرت زيد بن حارث هڪ عيسائي خاندان جو ڇوڪرو هو. ڪنهن ڦرمار ۾
قيد ٿي غلام بنايو ويو هو. حضرت خديجة الڪبريٰ رضي
الله تعاليٰ عنہ جي ڀائٽي حڪيم بن حزام هن کي خريد
ڪري آيو ۽ پنهنجي پڦيءَ جي خدمت ۾ پيش ڪيو. حضرت
خديجة اڪبريٰ رضه هنن کي حضور نبي ڪريم ﷺ جن جي
خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.
اسلام انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، غلامن جا اهي حق مقرر ڪيا
آهن جن جا اسلام کان اڳ ڪنهن به مهذب قوم خواب ۾
به نه ڏٺا هئا ۽ جان ڇڏائڻ ۽ غلامن کي آزاد ڪرڻ
اسلام جو هڪ پسنديده ڪم آهي ڇو ته الله تعاليٰ ان
کي آخرت جي ڀلائي جو درجو ٻڌايو آهي- پوءِ هن
تعليم هڪ طرف ته خود رحمت اللعالمين کي خلق عظيم
لاءِ؛ ٻي طرف حضور صلعم جن جي حسن سلوڪ زيد بن
حارث کي پنهنجو پوئلڳ بنائي ڇڏيو.
ڪجهه عرصي بعد حضرت زيد جي والد حارث ۽ ان جي چاچي ڪعب کي خبر
پئي ته زيد مڪي ۾ ڪنهن شخص وٽ غلام جي حيثيت ۾ رهي
پيو، تڏهن اهي ٻئي مڪي ۾ آيا ۽ حضور صلعم جن جي
خدمت ۾ حاضر ٿي عاجزانه درخواست ڪئي ته زيد کي
آزاد ڪري هنن جي حوالي ڪيو وڃي.
حضور صلعم جن پاڻ ته انهن جي درخواست قبول ڪئي ۽ فرمايائون ته
جيڪڏهن توهان سان گڏ زيد هلڻ چاهي ته منهنجي طرف
کان اجازت اٿس- زيد کي گهرايو ويو.
حضور صلعم جن زيد کان ان باري ۾ پڇيو.
”ڇا تون هنن ٻن شخصن کي سڃاڻين ٿو؟“
زيد چيو ته ”ها! هي ٻئي منهنجو والد ۽ چاچو آهن.“
حضور صلعم جن فرمايو ته هي توکي وٺڻ آيا آهن، منهنجي طرفان توکي
اجازت آهي ته تون هنن سان گڏ وڃي سگهين ٿو!“
حضرت زيد رضه هڪ عجيب جواب ڏنو- هن چيو: ”مان حضور صلعم جن کي
ڇڏي هرگز نٿو وڃڻ چاهيان“ زيد جي پيءُ ناراض ٿي
چيو.
”تون غلامي کي آزادي تي اهميت ٿو ڏين!؟
حضرت زيد چيو: ”ها مان پنهنجي آقا محمد ﷺ جن ۾ اهڙي ڳالهه ڏٺي
آهي جو مان پنهنجي پيءُ کي ته ٺهيو پر سڄي جهان کي
به ان تي اهميت نٿو ڏيئي سگهان.“
حضور صه نبي ڪريم زيد جو اهو جواب ٻڌي اٿيا ۽ زيد کي پاڻ سان
وٺي خانه ڪعبه ۾ تشريف کڻي آيا ۽ بلند آواز ۾
فرمايو.
”اي انسانو! شاهد رهجو! مان اڄ کان زيد کي آزاد ڪيو ۽ کيس
پنهنجو وارث پٽ ٿيو ٺاهيان هي منهنجو وارث ٿيندو ۽
مان هن جو وارث ٿيندس.“
حضرت زيد جي پيءُ ۽ چاچو، حضور صلعم جن جو هي اعلان ٻڌي ڏاڍا
خوش ٿيا ۽ زيد کي آنحضرت صلعم جن وٽ خوشيءَ سان
ڇڏي واپس هليا ويا. ان ڏينهن کان حضرت زيد رضه بن
حارث جي بدران زيد بن محمد ﷺ جن جي نالي سان سڏجڻ
لڳا. آنحضرت جن تي هجرت کان پوءِ جڏهن حڪم نازل
ٿيو ته ديني پٽ کي ان جي حقيقي پيءُ جي نالي سان
ڇڏيو ويندو، تڏهن حضرت زيد وري زيد بن حارث جي
نالي سان سڏجڻ لڳو. زيد سان گڏ حضور صلعم جي محبت
۽ شفقت اها ئي ساڳي رهي. جيڪا هميشہ کان هئي. پر
ان ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو ٿيندو رهيو- اهڙا آقا ۽
غلام تاريخ ۾ ٻيو ڪٿي پيدا ٿين ٿا؟
سلام سنيها
فهميدهه قريشي نواب شاهه کان لکي ٿي: مون ڪجهه ڏينهن اڳي گل ڦل
۾ شرڪت ڪئي هئي پر وري ماٺ ۾ رهيس. مون ڪجهه
ڪهاڻيون موڪليون هيون، اهي شايع ڪونه ٿيون. اسان
جا نالا بنا عنوان يا اوهان جو امتحان ۾ به شايع
نه ٿيا شايد اوهان اسان جا خط ڪونه ٿا پڙهو يا
اوهان اسان کي انعام ڏيڻ نٿا گهرو. ان ڪري آئون ڏک
۾ خاموش رهيس، وري هڪ سهيليءَ مون کي همٿايو ته
تون ڪوشش جاري ڪرمن تنهنجو مواد شايع ٿئي.
ٻڌائيندا ته منهنجي ڪهاڻين جو نمبر ڪڏهين ايندو
آئون هي خط به خوف خوف ۾ لکي رهي آهيان متان اوهان
هي خط ٿي شايع نه ڪريو يا ڪهاڻيون به نه ڇاپيو. پر
جواب ضرور ڏيندا.
(ڀيڻ، اوهان جي گل ڦل سان محبت جو اسان کي احساس آهي. اسان کي
ياد ڪونهي. ته اوهان ڪي ڪهاڻيون اسان ڏانهن
موڪليون آهن مهرباني ڪري انهن ڪهاڻين جا عنوان لکي
موڪليو. ڪنهن به ڊپ يا خوف ڪرڻ جو ضرور ڪونهي. هي
رسالو اوهان جو پنهنجو آهي ۽ آئون به اوهان جو
پنهنجو آهيان پنهنجن کان ڪو خوف ڪبو ڇا؟.
انعام کٽڻ ته اوهان جي محنت ۽ بخت تي منحصر آهي اوهان ان لاءِ
اسان کي مياري نه ڪريو. مخنت ڪريو ۽ مٺو ڦل کائو
ڪهاڻيون موڪليو سٺيون هونديون ته ضرور شايع
ڪنداسون)
ساجدهه سومرو شڪارپور کان لکي ٿي:
مان ٻه ڪهاڻيون موڪليان ٿي مهرباني ڪري منهنجي همت افزائي ڪيو
جيئن آئون ان کان به سٺيون ڪهاڻيون لکي سگهان.
آئون اردو مان ترجمو ڪري موڪليان ته شايع ڪندا؟ هڪ
ڪهاڻي سيپٽمبر ۾ موڪليندس عيد مبارڪ قبول ڪندا.
(ڀيڻ، اوهان جون ڪهاڻيون سٺيون نه آهن، اوهان ڪوشش جاري رکو
ممڪن آهي ته سٺيون ڪهاڻيون لکي وڃو. اردو مان ڀلي
ترجمو ڪري موڪليو. ترجمو سٺو هوندو ته ضرور شايع
ڪنداسون. سيپٽمبر جي ڪهاڻيءَ جو اڃا انتظار آهي.
اوهان کي به مبارڪون هجن خدا شال اوهان کي ههڙيون
هزار عيدون ڏسڻ نصيب ڪري.)
آصف دايو ٽنڊو محمد خان کان لکي ٿو ته: اوهان سان ڪجهه شڪايتون
آهن. هڪ اهو ته اڳي گل ڦل هر مهيني جي 15 تاريخ
ايندو هو پر هاڻي دير ٿي ٿئي. اڄ ڪلهه اوهان جتي
سائنسي معلومات جو اضافو آندو آهي اتي سوال جواب
کل ته سهي ۽ عام معلومات جي ڪالمن کي بلڪل نظر
انداز ڪيو ويو آهي. ڳجهارتون شايع ڪريو ته ڏاڍو
سٺو. آڏ اکري ڳجهارت جو سلسلو سٺو آهي. پر ان ۾
سوال تمام ڏکيا ٿا ڏنا وڃن جنهنڪري هزارن ۾ ٻن ٽن
ڄڻن جو صحيح جواب نڪري ٿو اوهان کي گهرجي ته صحيح
جواب لاءِ وضاحت به شايع ڪريو جئن اسان کي خبر پوي
ته اسان جيڪو لفظ وڌو آهي اهو ڇو غلط آهي. آڏ اکري
جو نتيجو اخبارن ۾ ڇو نٿو شايع ٿئي.
(ادا اسين وڏي ڪوشش ڪندا آهيون ته هر مهيني جي ڏهين تاريخ رسالو
مارڪيٽ ۾ اچي وڃي. پر ڪيتريون ئي غير معمول رنڊڪون
اچيو پون جنهن ڪري دير ٿي وڃي ٿي اسين سڀ ڪالم
تڏهين شروع ڪري سگهنداسين جڏهين اسان وٽ صفحا گهڻا
هوندا ۽ هن وقت صفحا وڌائڻ ممڪن نه آهن. آڏ اکري
ڳجهارت جي باري ۾ اوهان اهو نٿا سوچيو ته هزارين
ٻارن ۾ هر ماهه ڪي نه ڪي سٺا ذهين ٻار پئدا ٿيندا
وڃن جيڪي ڪمپائلر کي شڪست ڏين ٿا. هونءَ ته ڳجهارت
بلڪل سولي آهي پر ٿورو سوچڻ ضروري آهي. جواب جي
وضاحت لاءِ به اسان کي چار صفحا کپن ڇا گهٽايو،
اوهان ئي صلاح ڏيو. جئن ئي آڏ اکريءَ جو نتيجو
شايع ٿيندو آهي اسان اخبارن ۾ موڪلي ڇڏيندا آهيون
شايع ڪن يا نه، هنن جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي.)
فرزانه شيخ، ڪراچي کان لکي ٿي: اوهان سلام ۽ سنيها جو سلسلو
شروع ڪري هڪ سٺو قدم کنيو آهي. مون کي رڳو اهو
ٻڌايو ته وڌ ۾ وڌ ڪيتري عمر جا ٻار گل ڦل جي
انعامي سلسلن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا.
(ڀيڻ، همت افزائيءَ لاءِ مهرباني. گل ڦل “ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ
يا 18 سالن کان ننڍي عمر وارا ٻار حصو وٺي سگهن
ٿا.)
الطاف سومرو، داد لغاري کان لکي ٿو: رسالي ۾ ديس ديس جي مشهور
هستين جو احوال شايع ڪريو ته بهتر. اوهان گل ڦل ۾
رڳو ڪهاڻيڪار ۽ شاعر ٻارن کي حصو ته ڏيو ٿا پر
چترڪار ٻارن کي ڪوبه حصو ڪونه ٿا ڏيو. اهو سلسلو
ضرور جاري ڪريو. گل ڦل جي ٽائيٽل ٺاهڻ لاءِ رڳو
فتاح ۽ قيس کي وارو نه ڏيو پر خدا بخش ابڙو،
مختيار ناز، نظير قاسمي ۽ منظر حيات به سٺي
چترڪاري ڪن ٿا، انهن کان به ٺهرايو. رسالي کي
تصويرن سان سينگاريو گل ڦل انعامي مقابلو ٻيهر
شروع ڪريو ته ڏاڍو سٺو گلن ڦلن جا مالهي ۽ روح
رهاڻ وري جاري ڪريو. عالمي شخصيتن لاءِ حڪم ڪريو
ته آئون لکان؟ ٻه چار سائنسي مضمون به تيار آهن
چئو ته موڪليان.
(ادا، رسالي ۾ صفحا تمام ٿورا آهن ۽ پڙهندڙن جون خواهشون تمام
گهڻيون. ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي ته سڀ ڪالم هڪ ئي
رسالي ۾ شايع ٿي سگهن چترڪار ٻارن لاءِ سلسلو ڪيو
شروع هوسون پر اهو ڪامياب نه ويو اسان وٽ نقلن جا
ڍير لڳي ويا. اسان نون فنڪارن کان سرورق ٺهرايون
پيا اوهان کي پاڻ ئي محسوس ٿيو هوندو. تصويرون
شروع ڪيون ويون آهن. اوهان جن عالمي شخصيتن جا
نالا لکي موڪليا آهن انهن مان هڪ تي لکي موڪليو.
سائنسي مضمون ڏياري موڪليو پر جلدي. جڏهين اوهان ۾
لکڻ جو ڏانءَ آهي ته موڪلڻ ۾ پڇا ڇو ٿا ڪريو.)
تاج الملوڪ
نوان ڪتاب
ياسين شريف
ياسين شريف قرآن پاڪ جي دل ۽ مسلمان لاءِ منزل آسان ڪرڻ واري
آيت آهي. هن سڄي آيت کي سنڌي ترجمي سان محترم
منصور ويراڳيءَ سنياسي پبليڪيشن طرفان ڇپائي شايع
ڪيو آهي ٻن رنگن ۾ بهترين آفسيٽ ڇپائي، سونهري ڪلر
سان ڪارڊ جو جلد، ڇپائي، ڪتابت ۽ رنگن جي دنيا ۾
هي هڪ عظيم سوکڙي آهي جيڪا سنياسي پبليڪيشن هالا
وٽان گهرائي سگهجي ٿي.
ههڙو قهر ڪٿي
عرفان مهدي جي ڊگهي ڪهاڻي، ههڙو قهر ڪٿي، شايع ٿي ويئي آهي هن ۾
هڪ مجبور ۽ بيڪس عورت چوڏهين صدين هجري نمبر جي
ڪهاڻي آهي. 24 صفحن جو هي ڪتاب ٽن رنگن جي ڪور سان
وک وڌايو پبليڪيشن هالا پراڻا کان هڪ روپئي ۾
گهرائي سگهجي ٿو.
سنڌ بابت معلومات
هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عظمت، ٻولي، ادب، جاگرافي ۽ تاريخ ۽ ٻين
ڳالهين بابت سٺي معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب جو مرتب
محبوب علي جوکيو آهي 48 صفحن جو هي ڪتاب ٻن روپين
۾ الطاف حسين جوکيو، محرابپور وٽان گهرائي سگهجي
ٿو.
ڪي ڪني نه سياءِ
سدا بهار سلسلي جو پهريون ڪتاب هن نالي سان شايع ٿي چڪو آهي. هن
ڪتاب جو مرتب محمد اسماعيل فدا آهي. ڪتاب ۾ مضمون
۽ مقالا افسانا ۽ ڪهاڻيون، طنز و مزاح، شعر و
شاعري ۽ ٻارن جي دنيا ڏنا ويا آهن. اسي صفحن جو هي
ڪتاب چئن رنگن جي ڪور سان ساڍن چئن روپين ۾ سدا
بهار سلسلو الاسماعيل پبليڪيشن 267. ولايت علي
شاهه جو پڙ حيدرآباد وٽان گهرائي سگهجي ٿو.
سڄڻ پنهنجا ساريا
مهراڻ پبليڪيشن مٽياري طرفان هي ٻيو ڪتاب شايع ٿي ويو آهي. جنهن
کي زاهد حسين ميمڻ ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾
ڪهاڻيون، سهڻا سخن، شعر و شاعري ۽ معلومات ڏني
ويئي آهي. چاليهن صفحن جو هي ڪتاب ٻن روپين ۾ 4
زاهد منزل مٽياري مان گهرائي سگهجي ٿو.
تصوير
رچنا پبليڪيشن سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري طرفان هڪ ڪتاب تصوير شايع
ٿي چڪو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪتاب جي
سهيڙيندڙ عابد مظهر هن ڪتاب وسيلي، جبلن جي دامن ۾
ادب جي هڪ نئين ندي وهائي ڇڏي آهي. هن ڪتاب ۾ سٺن
ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شاعري، مضمون ۽ تنقيد شامل
آهي. وڏي سائيز ۾ چئن روپين ۾ هي ڪتاب رچنا
پبليڪيشن وٽان گهرائي سگهجي ٿو.
ٻالڪ
روزنامه سنڌ ٽائيمس جو ماهوار ايڊيشن ٻالڪ ڇپجي شايع ٿي چڪو
آهي. سنڌ جي پراڻي صحافي محترم محمد عثمان
ڏيپلائيءَ جي زير نگراني ۾ نئين ٽهي جي نمائندي
نياز پنهور جي ايڊيٽريءَ ۾ هن ماهنامي کي سٺو رنگ
بخشيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ببلوگرافي، انٽرويو،
ڪهاڻي، شاعري ۽ ٻيا سٺا سٺا مضمون ڏنا ويا آهن.
اخباري دنيا ۾ هي پهريون ڪتاب آهي جو ڪنهن روزاني
اخبار طرفان خاص ٻارن لاءِ شايع ڪيو ويو آهي. اسان
جي دعا آهي ته ڪتاب وڌيڪ وڌي ۽ ويجهي. 36 پيج
بهترين ٽائيٽل، ٽن روپين ۾ سنڌ جي هر بوڪ اسٽال
تان خريد ڪري سگهجي ٿو.
حضور پاڪ جن فرمايو ته جنهن کان پيءُ ماءُ خوش آهن ته الله
سائين به ان کان خوش آهي ۽ جنهن کان ماءُ پيءُ
ناراض آهي ته الله تعاليٰ به ان کان ناراض آهي.
(ترمذي)
اسد سومرو
حضرت محمد ﷺ جن جو رحم
هڪ ڀيري هڪ ڪافر قبيلي مديني تي حملو ڪيو. ان قبيلي جي سردار جو
نالو دعثور هو. رسول الله صلعم کي جڏهن خبر پئي،
ته پاڻ مسلمانن جي فوج وٺي مقابلي جي لاءِ نڪتا،
دشمن ڊپ کان ٽڪر ۾ لڪي پيا ۽ مسلمان هڪ ميدان ۾
بيهي رهيا. رسول الله جن ليٽي پيا. دعثور جڏهن اهو
ڏٺو ته تلوار کڻي اچي بيهي رهيو ۽ کين جاڳائي چوڻ
لڳو ته، اي محمد! هاڻي توکي مون کان ڪير بچائيندو.
پاڻ اطمينان سان فرمايائون. ”الله“. اهو ٻڌي دعثور
ڏڪڻ لڳو ۽ هٿ مان تلوار ڪري پيس ته حضور جن تلوار
کڻي فرمايو ته هاڻي ٻڌاءِ ته توکي ڪير بچائيندو.
دعثور چيو ”ڪوئي به نه“
رسول الله جن تلوار ڦٽي ڪري فرمايو ته رحم ڪرڻ مون کان سک.
رسول الله جي انهي اخلاق کي ڏسي ڪري دعثور انهي وقت مسلمان ٿي
ويو.
هڪ رپئي ۾ هڪ ڪتاب
ها ٻارو! حيران نه ٿيو، پر اها حقيقت آهي ۽ هڪ وحشي ڇوڪر جي آتم
ڪهاڻي ترت ئي اوهانجن هٿن ۾ هوندي. باتصوير، رنگين
ٽائيٽل ۽ مڪمل آفسيٽ تي ڇپيل، سستا ۽ سهڻا ڪتاب،
جن جا موضوع ڇرڪائيندڙ، دلچسپ، جاسوسي، سائنسي،
نصيحت آموز ۽ اهڙا هوندا جيڪي اوهان چاهيو ٿا صبر
ڪريو، صبر جو ڦل مٺو ٿيندو آهي.
ائڊريس: سجاڳ پبليڪيشن، گهٽي نمبر 1، پٺاڻ ڪالوني، حيدرآباد،
سنڌ.
اوهان جو امتحان
امتحان نمبر 61
مون وٽ ڪجهه انب ۽ ڪجهه ٽوڪرا آهن، جيڪڏهن آئون هڪ جيترا انب
ٽوڪرن ۾ وجهان ٿو ته هرهڪ ٽوڪري ۾ 40 انب وجهڻا
پون ٿا جيڪڏهن مون وٽ موجود تعداد انبن جي اڌ
جيترا هرهڪ ٽوڪري ۾ وجهان ته پوءِ ڪل انب 24500
هئڻ گهرجن. ٻڌايو ته انبن جو تعداد ڪيترو اٿم ۽
ٽوڪرن جو تعداد ڪيترو آهي؟
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب
موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 15 نومبر
1980ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن
نمبر 61 موڪلڻ ضروري آهي. صحيح جواب موڪليندڙن مان
5 نالا ڪوپن ذريعي ڪڍي، انهن ۾ 25 روپين جا ڪتاب
انعام طور ورهايا ويندا.
انعام
امتحان نمبر 59 ۾ ٻارن جا ڪڻا نڪتا آهن:
1ـ فيض محمد سومرو ميرپور ٻرڙو ضلع جيڪب آباد. 2. سڌام چند پنو
عاقل ضلع سکر. 3. محمد ياسين سومرو، نئون ديرو ضلع
لاڙڪاڻو. 4. شعبان علي نصير آباد ضلع لاڙڪاڻو. 5.
نرگس انجمن آرا عباسي، محبت ديرو جتوئي ضلع نواب
شاهه.
سڀني ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب ڏنا ويندا. اکين گهرجي ته
پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
امتحان نمبر 59
هڪ موٽر ڪار ۽ هڪ اسڪوٽر هڪ جاءِ تان گڏ نڪرن ٿا. موٽر ڪار هڪ
ڏينهن ۾ 100 ڪلوميٽر مفاصلو ڪري ٿي پر اسڪوٽر
پهرين ڏينهن هڪ ڪلوميٽر ٻي ڏينهن تي ٻه ڪلو ميٽر
ڪري ٿو. اهڙي طرح سان اسڪوٽر روزانو هڪ ڪلوميٽر
وڌندو رهي ٿو. ٻڌايو ته اهو اسڪوٽر ساڻس گڏ نڪتل
موٽر ڪار کي گهڻن ڏينهن کان پوءِ وڃي گڏبو.
جواب:
199 ڏينهن ۾. هي حساب اسان کي دليپ ڪمار (ٽي) نانگڏيو نصير آباد
ضلع لاڙڪاڻو کان موڪليو آهي. جن ٻارن جا جواب صحيح
آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
(ڪنڌڪوٽ) پرديپ ڪمار منڌاڻ، راج ڪمار ڏاواڻي، راج ڪمار گل،
رامچند ٺهراڻي، سڌام چند ڊيلاڻي، پشپال ڪمار. (ٺل)
فتح الدين نوناري. (ميرپور ٻرڙو) فيض محمد سومرو.
(شڪارپور) سڌام چند جسيي، راجيندڪمار، ضمير احمد
ڀٽو، آصف حسين شاهه، ظهور احمد هڪڙو، رياض علي
هڪڙو، منظور علي، حبيب الرحمان بروهي، عزيز احمد
چوهاڻ، غلام علي بروهي، محمد بخش چوهاڻ، عظمت الله
سنجراڻي، شنڪر لعل طالب، راجپال خوبچند. (ميان جو
ڳوٺ) محبوب علي پنهيار. (سکر) غلام سرور غلام
مرتضيٰ سومرو، محمد موسيٰ مهر، شمس النساءِ ميمڻ،
جاويد علي ميمڻ. (ڏهرڪي) مهيش ڪمار، غلام مجتبيٰ
(غلام حيدر سولنگي) محمد ايوب سولنگي. (خير محمد
گهوٽو) شبير احمد گهوٽو. (گلو پتافي) عبدالستار
ايس. پتافي. (ميرل خان گبول) غلام سرور گبول.
(ميرپور ماٿيلو) قمر الدين دل. (پنو عاقل) سڌام
چند. (خانپور مهر)، علي اصغر، موتي رام، مظهر
حسين. پهلاج رام. (لاڙڪاڻو) عبدالرزاق شيخ، ضمير
حسين، امر لعل گربخشاڻي، اعجاز علي عباسي، اسلم
پرويز ميمڻ. (قمبر) نظير احمد چنا، روشن علي
قريشي، امر لعل دولتاڻي، ديپڪ نرمل دولتاڻي، دليپ
ڪمار دولتاڻي. (نئون ديرو) محمد يامين سومرو، محمد
اسحاق کهڙو، ابوذر سومرو، محمد اڪبر علي سومرو،
غلام سرور دايو. (رتوديرو) سريش لعل ورما،
عبدالرشيد منگي، حاجي مدد علي زندگيجو، شفقت حسين
گهانگهرو، نياز حسين گهانگهرو، عبدالحليم ٻپڙ، فيض
محمد سرهيو. (شهدادڪوٽ) شيخ شاهنواز، ذوالفقار علي
شيخ. (نصير آباد) محمد مراد، امتياز علي، زاهد
علي، شعبان علي، ممتاز علي، اعجاز علي، محرم علي
شيخ، غوث بخش، ضمير علي، حضور بخش، سليم اختر شيخ،
سڪندر علي جوڻيجو، ڪنعيو لعل، منوهر لعل. (باڊهه)
راجڪمار جي ڏوڏاڻي. (نئين باڊهه) ڪرشن ڪمار منوجا،
مير قيصر خان ڪولاچي، شوڪت علي، صدرالدين جوڻيجو،
حق نواز سمون. (پراڻي باڊهه) ذوالفقار علي ساريو،
غلام سرور گوپانگ، پرڪاش باشاڻي، شاهنواز ڀنڊ.
(ڏوڪري) سنگت راءِ پرچاڻي، نظير حسين سانگهرو.
(پنهوادو) ثناءَ الله خان ميرجت، شاهه مراد ميرجت.
(سيهڙ وليج) غلام مصطفيٰ ڀٽي. (ڪي بي کهاوڙ) اظهر
حسين کهاوڙ. (ڊکڻ واهڻ) محمد شريف سومرو. (غلام
ڀٽو) عابد حسين ڀٽو. (گل محمد هيسباڻي) مشتاق حسين
هيسباڻي. (عثمان ڪلهوڙو) امداد علي ڪارو. (پير جو
ڳوٺ) سيد علي رضا راشدي. (لاشاري) عطا حسين
لاشاري، امداد حسين لاشاري، خادم حسين لاشاري،
عبدالنبي لاشاري. (ڪوٽ لعل بخش) صفدر علي منگي،
انور علي لاشاري، عجب الدين ٻٻر. (دادو) اشفاق
احمد سهاڳ، ممتاز احمد قريشي، امير علي زئونر،
طارق احمد آخوند. (راڌڻ اسٽيشن) نوراحمد سيال،
وزير احمد ڍلو، عبدالهادي ٻگهيو، دليپ ڪمار، محمد
خان گلال، سردار علي. (ڄام شورو) رفيع عنايت الله،
عبيدالله سومرو. (خيرپور ناٿن شاهه) احسن اقبال
تيباڻي، جميل احمد مهيسر. (نيره) محمد آصف
پيرزادو، امجد جان پيرزادو. (ٻٽ سرائي) خادم علي
ٻٽ. (پڪا چنا) جلال الدين قريشي. (درگاهه فيض پور)
محمد افضل بروهي. (اٺين شاخ) گلزار حسين لغاري.
(ڪوٽڙي) زمان علي جوکيو. (چنا لعل حسين) شمس الدين
قريشي. (محمد مراد سمون) علي محمد سمون. (لاکا)
علي نواز ميمڻ. (تڙ خواجه) انور علي خواجه، محمد
عرس بلاولي. (ٻنون) منظور الحق شورو. (حيدرآباد)
يونس قمر شيخ، رشيد احمد زرداري. (کيبر) محمد بقا
کيبر، محمد هاشم کيبر، عتيق الرحمان. (هالا) شرف
الدين ميمڻ، اسلم امام بخش ميمڻ، نعيم فيروز ميمڻ.
(نيو سعيد آباد) رضوان سعيد ابڙو، فرحان سعيد
ابڙو. (اڏيرو لال وليج) شفيع محمد شاهه. (مينهون
سولنگي) عبدالحڪيم سولنگي. (ٽنڊو محمد خان) غلام
مصطفيٰ ڀٽي، تلسيداس پرسرام، اشفاق احمد ميمڻ.
(شير محمد ٺوڙها) بشير احمد. (قاسم جي وسي) حبيب
الله ميمڻ. (باغ حاجي ڀٽي) فوزيه ڀٽي. (رنگون)
محمد ساجن سومرو. (ٽنڊو باگو) مڪيش ڪمار، علي اڪبر
ڪڇي، دليپ ڪمار ڦلوائي، علي محمد کتري. (پهاڙ مري)
محمد علي خواجه، دلدار علي خواجه، مهتاب علي
خواجه. (ڇتو مادراڻي) احمد خان ٽالپر، محمد
ابراهيم ٽالپر، عبدالمبين شورو. (فقير محمد ٽالپر)
محمد بخش ٽالپر. (سڄڻ اڍيجو) علي نواز. (احمد ڪوٽ)
مير نديم طارق. (حاجي ميوو ٽالپر) ممتاز علي
ٽالپر. (ڏيپلو) شير خان جوڻيجو، فاطمہ، شوڪت
محمود، سعيده ميمڻ، ڪلثوم کٽي، رفيق احمد کٽي،
شفيق الرحمان ڪلر، بلال الدين مٺواڻي، سليم ڪلر،
عبدالقيوم حامداڻي، بلقيس بانو حامداڻي، گلاب چند
گهڙساني، زيد جوڻيجو، محمد اعظم ڪلر. (ڊگهڙي) سريش
ڪمار راٺي، شروڻ ڪمار ڪيلا. (مٺي) سريش هراني، اوم
پرڪاش هراني. (ڇاڇرو) جهامنداس. (جهڏو) خليل
الرحمان ميمڻ، رفيق اعظم ٽالپر. (عمرڪوٽ) دين محمد
پلي. (دودو خان) سلميٰ بلوچ. (ٽنڊو جان محمد)
گرڌاري لال. (صوفي آباد) سريش ڪمار هراني. (ونهيٽ)
محمد علي مڱريو. (مانڱيڻي) عبدالخالق لغاري.
(سانگهڙ) خواجه ناظر حسين. (شهداد پور) موٽو مل
منواڻي. (ٽنڊو آدم) عبدالسميع ميمڻ، محمد رفيق
ورياهه، حبيب الله مري، اشفاق احمد ميمڻ، عيسيٰ
خان خاصخيلي، مسعود احمد چنا، منور علي ابڙو، مريم
منور سومرو، غلام اڪبر عمراڻي، سيد امداد علي
شاهه، ولي محمد لورڙ. (محمد عيسيٰ) عبدالحق
هنڱورجو. (نواب شاهه) عبدالغفور ميمڻ. (قاضي احمد)
اعجاز علي ڌاريجو، مصطفيٰ حيات لاکو، غلام سرور
لاکو، تيجومل، رامون مل ڪوهستاني، لکميچند.
(سڪرنڊ) غلام سرور لاکو (سکيو مناهيجو) علي اڪبر
چنا، غلام قادر خاصخيلي، محمد حسين چنا، عبدالخالق
بلوچ، امان الله انڙ (ڏيون) سيد فدا حسين شاهه.
(مير محمد جواڻو) علي اڪبر لاکو. (محبت ديرو
جتوئي) نرگس انجمن آرا عباسي. (اڌل سهتو) خادم
حسين سهتو. (رسول آباد) علي گوهر، ڪريم بخش گبول،
عبدالحميد گبول. (ڪوٽڙي ڪبير) منظور حسين چنا، شمس
الدين سومرو، عاشق علي ڪمبوهه. (شير خان لنڊ)
مشتاق احمد لنڊ. (68 موري) وڪيل راجپوت. (ٺارو
شاهه) شفيق ناصر، ساجنداس جاڳواڻي، فضل الاهي،
رشيد احمد آرائين. (صالح سهتو) شاهنواز سهتو. (شير
خان لنڊ) الهوڌايو ورڙ. (ڌوڙائي مهر) الهداد مهر.
(الهجڙيو رند) گلاب خان رند. (خيرپور ميرس) اطهر
حسين پٺاڻ. (رسول آباد) امان الله ميمڻ، لياقت علي
آرائين. (قاسم ڳوٺ) عبدالرحمان ڦلپوٽو. (ٺري) غلام
اصغر منگي. (هنڱورجا) محمد اسماعيل سليم ميمڻ.
(ملهيرائي سولنگي) رياض حسين سولنگي.
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
اٺن ٻارن جا جواب صحيح نڪتا
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 19 جو نتيجو ظاهر
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 19 جو نتيجو 17 سيپٽمبر صبح جو ڏهين وڳي
حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت موجود هوا) جي روبرو
انور هالائي ايڊيٽر گل ڦل ظاهر ڪيو. نتيجو هن ريت
آهي:
ساڄي کان کاٻي
اندر 5. پين 6. روڳ 7. اُڀ 8. کٽيا
مٿان کان هيٺ
ڀنڀور 3. هلن 4. ٿيلهي 5. رات
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن: 1. سعيد احمد سومرو ڪلاس ڏهون
سي ناز هاءِ اسڪول خيرپور ميرس. 2. ونود ڪمار لنڊ
معرفت ساڌو مل امبرت ڪلاٿ اسٽور ٻڍاڻي تعلقه
ڪشمور. 3. مولچند پي ڪاٺڦاڙ معرفت جئرامداس ڪلاٿ
هائوس ٻڍاڻي تعلقو ڪشمور. 4. بشير احمد ٽانوري
هائوس نمبر 418_14 لوهاري اسٽريٽ ڍڪ بازار
شڪارپور. 5. يونس قمر شيخ ڪلاس ڏهون سي ماڊل هاءِ
اسڪول حيدرآباد. 6. شفقت علي ميمڻ معرفت محبوب
ٽيلرنگ هائوس اردو بازار شڪارپور. 7. طفيل رضا
بلوچ معرفت علي محمد اسلم بلوچ جيلاني محلا نبي
بخش روڊ نزد فائر برگيڊ خيرپور ميرس. 8. علي اڪبر
لاکو پوسٽ مير محمد جوڻو تعلقو سڪرنڊ ضلع نواب
شاهه.
انعام جي رقم چار روپيا وڌائي، هر ٻار کي تيرهن روپين جا هيٺيان
ڪتاب هر ٻار کي موڪليا پيا وڃن. 1. سنڌ جي مدنيت
2. وامق عذرا.
هن چٽاڀيٽيءَ ۾ 2216 ٻارن حصو ورتو جيڪي سڀيئي چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل
ڪيا ويا.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 21
هڪ سؤ روپين جو انعام
پهچڻ جي آخري تاريخ: 15 نومبر 1980ع
نتيجو کلڻ جي تاريخ: 16 نومبر 1980ع
سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر اهڙيءَ طرح ڀريو جو
هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ بامطلب ٿي وڃن. جملن ۾ جيئن
ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن.
ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽ ڪوپن ڀري هن رسالي
مان ڦاڙي اسان کي مٿئين تاريخ کان اڳ ڏياري
موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 21 لکڻ
ضروري آهي. ڪوپن ۽ خاڪو پوسٽ ڪارڊ تي به چمبڙائي
سگهو ٿا.
جيڪي خانا ڀريل آهن، انهن کي هٿ نه لايو، اهي لفظ دل ۾ سوچي
ڇڏيو، رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.
صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي گهڻن
حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته انهن ۾ هڪ جيترن
روپين جا ڪتاب ورهايا ويندا. جي صحيح ڪوبه نه آيو
ته هڪ غلطيءَ وارن ۾ انعام ورهايو ويندو. جيڪڏهن
هڪ غلطيءَ ۾ به جواب نه هوندو ته اهو انعام ٻي
مهيني سان گڏي ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور پڙهو ۽ انهن تي
عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
1ـ جنهن __________ کي حضور جن اختيار ڪيو ان تي عمل ڪرڻ سان ئي
انسان پنهنجو اندر اجاري سگهي ٿو.
4. اسان ۾ اهي اهي قوتون موجود آهن جن کي جيڪر ڪم آڻجي ته
پنهنجو __________ به صفا رکي سگهجي ٿو.
5. __________ به دعوت پيش ڪجي، چاهي اها ڪهڙيءَ به چڱيءَ چڱي
ڳالهه بابت هجي پر دعوت ڏيندڙ جو عملي توڙي علمي
ميدان ۾ حضور پاڪ جن جو پيرو هجڻ ضروري آهي.
8. اسلام جي اشاعت ۾ مسلمانن جي ____________ ڏسي ڪافر ڌڙا ڌڙ
اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويا هوا.
مٿان کان هيٺ
2. حضرت امام حسين جن پنهنجي ڪٽنب جو شاداب گلشن ڪربلا جهڙي
__________ ۾ مٽائي ڇڏيو پر سچائي ۽ خوديءَ کي نه
ڇڏيائون.
3. اهو ايمان ۽ عمل جو ئي ته اثر هو جو مسلمان هڪ اهڙي ته متحد
_________ بڻجي اٿيا جو قيصر و ڪسريٰ جهڙيون عالمي
طاقتون به انهن جي مقابلي ۾ پرزا پرزا ٿي ويون.
6. تاريخ شاهد آهي ته باطل جي بت کي پرزا پرزا ڪرڻ وارو
________ ارادو رکڻ وارا حق پرست ئي ڪاميابي حاصل
ڪندا آهن.
7. سوئي راهه ___________ ڪري، سوئي رهنما. (شاهه)
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت 21
ڪوپن 21
آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو/ ٿي.
نالو:________________________________________________
پوري ائڊريس:_______________________________________
هدايتون ۽ شرط
پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري کٽل
اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي گڏ رسالي مان
ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا ليڪيل خاڪي
تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.
ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جي جوابن سان گڏ
جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو ويندو.
هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر خاڪي سان گڏ
ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اهي گل ڦل مان ڪٽيل هجن.
جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به خاڪا
موڪلي سگهجن ٿا.
لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي پوسٽ باڪس
12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.
صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن روزنامه هلال پاڪستان،
عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ
ڪوشش ڪئي ويندي.
صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري، سيڪريٽري سنڌي ادبي
بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو مقرر تاريخ
تي کوليو ويندو.
صحيح جواب تي هڪ سو روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ
کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾
هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه
نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾
وڌائي ڏنو ويندو.
ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪي مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.
هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ
حصو وٺندڙ ٻڏل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن به عدالت ۾
چئلينج نه ڪري سگهبو. |