سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر، آڪٽوبر 1982ع

باب: --

صفحو :2

هوءَ اتي پهريون دفعو آئي هئي نه ڪا خبر هئس ته ڪيڏانهن منزل اٿس بس ائين چرين وانگر رلندي رهي هر شيءِ هن لاءِ اجنبي هئي. هن جا وکريل وار مٽيءَ ۾ ڀريل، ڪپڙا پير اگهاڙا لڙڪ اکين ۾ ڏسي هر ڪنهن ائين ٿي سمجهو ته هيءَ ڪا فقيرياڻي آهي. پر ڪنهن کي ڪهڙي ڪلَ ته هيءَ چري پنهنجي ڀاءُ جي ڳولا ۾ جبل جهاڳيندي فقيرياڻي بنجي ويئي آهي.

رُلندي، رُلندي هيءَ منگلاڊيم جي جبلن وٽ اچي پهتي. آس وچان ان طرف رواني ٿي ويئي. جابلو علائقن جي رستن تي هلندي هلندي سندس پيرن ۾ لڦون پئجي ويون هيون پر ڀاءُ جي ڳولا ۾ هن کي ڪنهن به قسم جي پرواهه نه هئي. هوءَ پيادل منگلاڊيم جي گاڏين جي اڏي وٽ پهتي ته اتفاق سان ”انسپيڪٽر شڪار“ محمد رفيق خان هن کي ڏٺو ۽ سڃاتو هوءَ بيحد پريشان هئي. اکيون روئي روئي سڄي پيون هيس.  وار وکريل ۽ پير ڦٽجي ٻيا هئس لاڏوءَ انسپيڪٽر کي ڏٺو ته يڪدم ڊوڙي هن جي پيرن تي ڪري پيئي ۽ ڇڙيون هڻي روئندي انسپيڪٽر کي چيو ته صاحب جي! منهنجو رحمون رحمون ڀاءُ مون کان وڇڙي ويو آهي آئون هن کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيئي آهيان هو مون کي ڪٿي به نظر نه ٿو اچي خدا جي واسطي صاحب جي، مون کي ان سان ملاءِ نه ته آئون پنهنجي ڀاءُ بنا ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندس لاڏوءَ جون درد ڀريون آزيون نيزاريون انسپيڪٽر جي دل و دماغ ۾ تير وانگر چُڀي ويون هن لاڏو کي دلاسو ڏنو ۽ ڪجهه کاڌو کارايو. پر لاڏو کي قرار نه آيو ۽ بار بار رحمون- رحمون ڪري روئڻ لڳي. انسپيڪٽر لاڏو کي پنهنجي جيپ ۾ ايم- جي شيل جي گهر وٺي آيو. مسٽر شيل ان وقت گهر ۾ موجود نه هو پر ان جي زال هئي. تنهن هڪدم لاڏو کي سڃاڻي ورتو ۽ گهڻو آڌرڀاءُ ڪيو. چئين لڳي مسٽر شيل گهر واپس آيو ۽ اچڻ سان لاڏو جي هيءَ حالت ڏسي ماجرا پڇيائين انسپيڪٽر چيو ”لاڏؤ جو ڀاءُ رحمون هرڻ ڏينهن کان گُم آهي ۽ هيءَ چرين وانگر ان کي ڳوليندي هيستائين اچي پهتي آهي.“

ايتري ۾ هڪ انگريزي انجنيئر مسٽر بيڊن جيڪو شڪاري به هو اتي پهتو مسٽر شيل ان جو تعارف انسپيڪٽر سان ڪرايو ۽ مسٽر بيڊن انسپيڪٽر کي پنهنجي گهر هلڻ جي دعوت ڏني.

انسپيڪٽر لاڏو کي پاڻ سان گڏ مسٽر بيڊن جي گهر وٺي ويو ۽ انهن جي گهر ۾ جڏهن ڊرائينگ روم ۾ پهتا ته ڇا ڏسن! ته چانديءَ جي سڱن جي ٽرافي ٺهي ڀت ۾ لڳي پيئي هئي. لاڏو ان وقت بيڊن جي زال سان گڏ ٻئي ڪمري ۾ موجود هئي. انسپيڪٽر سان گڏ شيل ۽ بنڊن ڊرائينگ روم ۾ موجود هئا. شيل ۽ انسپيڪٽر جي چهرن تي حيرت، افسوس ۽ ڪاوڙ جا تاثرات ڇانئيل هئا. يڪدم سنجيدگي ۽ خاموشي ڇانئجي وڃڻ تي بيڊن به حيران هو. شيل افسردگي ۽ ڪاوڙ ڀريل مليل جليل جذبات ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو ”ظالم، بي درد... خوني... وحشي...“.

اڃا بيڊن ان ڳالهه جو سبب پڇڻ وارو هو ته ڊرائينگ روم ۾ ان جي زال ۽ لاڏو داخل ٿيون لاڏو جي نظر يڪدم سامهون سڱن واري ٽرافيءَ تي پئي... بس پوءِ ڇا هو چري لاڏو اڃا به وڌيڪ چري ٿي پيئي ۽ ڊوڙندي رحمون ڀاءُ منهنجو رحمون چوندي ان ڏي وڌندي ويئي پر ٽرافي ايترو ته مٿي هئي جو لاڏو پهچي نه ٿي سگهي. هن اُڇلجي اُڇلجي هن کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ ان سان گڏوگڏ ائين به پئي چيائين... رحمون ڀاءُ... تون ڪيڏانهن هليو وئين... تون مون سان ملڻ ڇو نه آئين... مون توکي ڪيترا سڏ ڪيا آهن... پر تون ٻڌين ڪونه ٿو... رحمون تون هن ڀت ۾ مٿو ڦاسائي ڇا پيو ڪرين!... توکي ڪنهن هن ڀت ۾ سبي ڇڏيو آهي... ڪير آهي اهو ظالم؟ مون کي ٻڌاءِ... تون ڳالهائين ڇو نه ٿو؟

هن منظر تي ڊرائينگ روم ۾ ويٺل ماڻهو سڀ بُت بنجي ۽ سڀني جون اکيون ۽ دليون ڏک سان ڀرجي ويون، لاڏو ائين ٽپا ڏيئي رحمون جي ٽرافيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ آخر نيٺ هڪ وڏي جهٽڪي سان هن جو هٿ وڃي سنڱن کي لڳو ۽ ٽرافي هڪ وڏي ٺڪاءُ سان اچي پَٽ تي ڦهڪو ڪيو سڄي ڪمري ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ عجيب فضا ڦهلجي ويئي ڪنهن کي به همت نه پئي ٿي ڳالهائڻ جي رحمون جون سڱن وارو ڪنل مٿو پنهنجي هٿن ۾ ڏسي لاڏؤ هڪڙي درد ڀري دانهن ڪري مٿس ڪِري پيئي ۽ پوءِ... سڀني اچي کيس اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏٺائون ته لاڏو پنهنجي ڀاءُ رحمون وٽ پهچي چڪي هئي. ۽ اهو ڏسي سڀني تي حيرت جا ڄڻ پهاڙ ڪري پيا ته هرڻ جي بي جان اکين منجهان لڙڪ پئي وهيا. ان کان پوءِ مسٽر شيل ۽ بيڊن لاڏؤ جي مائٽن کي اطلاع ڏنو. ۽ انهن جي اجازت سان رحمونءَ جي ٽرافي ۽ لاڏؤ جو لاش منگلاڊيم جي هڪڙي ويجهي جبل جي اڳيان هڪ ئي قبر ۾ دفن ڪيو ۽ پختي قبر تيار ڪرائي ويئي ۽ ان تي هڪڙو ڪتبو لڳل آهي جنهن تي هيءَ لکيل آهي.

”لاڏو پنهنجي ڀاءُ رحمون هرڻ سان گڏ هتي دفن آهي هڪ انسان ۽ هڪ جانور جي حقيقي محبت جو لازوال ۽ سچو داستان تاقيامت تائين زنده جاويد رهندو.“

مرڻا اڳي جي مئا سي مري ٿيا نه مات،

هونداسي حيات جيئڻا اڳي جي جيا.

سنڌيڪار: محمود مغل       جپاني لوڪ ڪهاڻي

ڪئيءَ جي شادي

اوٽوسان ۽ اوڪاسان، جاپان جي هڪ اسٽور هائوس ۾ رهندڙ ٻه پوڙها ڪوئا ڪئي هئا. اوٽوسان ڪوئو ڪافي امير هو، هن وٽ چانورن جو هڪ گودام هو جيڪو هن چانور ميڙي ميڙي پنهنجي ٻِر جي ٻر ۾ تعمير ڪيو هو.

اوڪاسان سندس زال به ڏاڍي هوشيار ڪئي هئي. هوءَ به سندس ٻانهن ٻيلي هئي.

ساڻن سندن نانءَ جو مکيه سبب سندن ڌيءَ هئي. اڇي، اجري، نرم، سهڻي... ان ڪئيءَ جون اکيون بيحد خوبصورت ۽ چمڪ ڀريل ۽ نازڪ گلابي نڪ ڏاڍو پيارو هو. هوءَ ايڏي ته سهڻي هئي جو پري پري جي رياستن جا ڪوئا سندس هٿ ڪرڻ لاءِ ڪهي ايندا هئا. پر اوٽوسان ۽ اوڪاسان، ان ڳالهه جي حق ۾ ئي ڪونه هئا ته پنهنجي پرين جهڙي ڌيءَ جو هٿ ڪنهن عام ڪوئي جي هٿ ۾ ڏين.

”اهو ناممڪن آ. ڪوبه عام ڪوئو اسان جي نياڻيءَ جي لائق ڪونهي.“ هنن رڙ ڪئي. ”اسان کي ڪنهن خاص وَرَ کي ڳولڻ گهرجي. اسان پنهنجي نياڻيءَ جو رشتو جاپان جي طاقتور ترين هستيءَ سان ڪنداسين.“

سو هنن چئن ئي طرفن ڳولا شروع ڪئي ۽ اوچتو سندن نظر اڀ ۾ چمڪندڙ محبتن ڀرئي سج تي پئي.

”سج کي ڇو نه پنهنجي نياڻي ڏيون“ هنن خوشيءَ وچان نعرو هنيو. اهو خيال ته واهه جو هو.

بس سائين، هنن پنهنجي ڌيءُ کي هڪ بهترين وڳو ڍڪايو. اهڙي خوبصورت ڪنوار، ڪوئن پنهنجن سڄي عمر ۾ ڪونه ڏٺي هئي.

هاڻي مون کي اها خبر ڪانهي ته سفر اهو ڪيئن ٿيو، باقي ٽئي سفر ڪندا رهيا، تان جو وڃي سج تائين پهتا.

پيءُ سج اڳيان جهڪندي، جيهڻي آواز ۾ عرض ڪيو، ”عزت ماب ۽ رحمدل سج، تون هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءُ قبول ڪر، ڇو جو اسان جي اها خواهش آهي ته تون اسان جي نياڻيءَ جو گهوٽ ٿئين.“

سج مسلسل مرڪندو رهيو. ڏانهن ڏسندي چيائين ”توهان ڏاڍا رحمدل آهيو، مان توهان جي ان رشتي لاءِ ٿورائتو آهيان، پر مان هن ڌرتيءَ تي طاقتور ترين هستي ناهيان، اها اڃا به ٻي شيءِ آه.“

اوٽوسَان ۽ اوڪاسان، جا وات حيرت مان ڦاٽي ويا ”اهو وري ڪير آ؟“

”اهو ڪيومو آ يعني ڪڪر، مان ته ڌرتيءَ کي گرمي ٿو پهچايان، پر جيڏي مهل ڪڪر ٻاهر نڪري اچن ۽ مون کي ڍڪيو وجهن ته مان بلڪل بي وس هوندو آهيان.“

”خير، خير“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان هڪٻئي ڏانهن ڏٺو، ”اهو سچ به آهي ان ۾ ڪهڙو شڪ آ!“

سو، هُو، سج اڳيان جهڪي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي وٺي ڪڪر وٽ آيا.

”ڪيوموسان، ڪيوموسان، (ڪڪر سائين، ڪڪر سائين) تون هن ڌرتي تي طاقتور ترين هستي آهين، اسان جي ڌيءَ کي پنهنجي زال قبول ڪر.“

”مون لاءِ سوچڻ جي مهرباني“ ڪڪر وراڻيو ”پر هتي ته مون کان به طاقتور هستيون ويٺيون آهن. مان هونئن ته ڪافي طاقتور آهيان، پر اوستائين جيستائين ڪيز (هوا) نٿي اچي. بس هن جو اچڻ ۽ منهنجو ڀڄڻ.“

”بلڪل بلڪل“ اوٽوسان ۽ اوڪاسان کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هو سڌا هوا وٽ هليا آيا.

”ڪيزسان، ڪيزسان (هوا سانئڻ، هوا سانئڻ) تون جاپان جي طاقتور ترين هستي آهين، اسان پنهنجي ڌيءَ توکي پرڻائڻ لاءِ آندي آ.“

”مهرباني، ننڍڙا ڪئوو، پر مان طاقتور ترين ناهيان، مان مڃان ٿي ته مان ڏاڍا گهوگهاٽ ڪري هلندي آهيان، پر جڏهن به مان ڪنهن طاقتور ڀت سان ٽڪرائيندي آهيان ته مون کي ئي شڪست ٿيندي آهي، هاڻي مان طاقتور ترين ٿيس؟“

”اوه، اهو ته بلڪل سچ آ“ مائٽن ٿڌو ساهه کنيو.

”اسان کي ڀت سان ملڻ گهرجي.“

خير سائين، هڻندا ماريندا هو ڀت وٽ پهتا ۽ کيس سندن ڌيءُ سان شادي ڪرڻ لاءِ چيائون.

”مهرباني.“ هن وراڻيو ” پر اڃا به هڪ ٻي هستي آ، مان هونئن ته ڪافي سخت ۽ مضبوط هوندي آهيان پر جيڏي مهل ڪوئا مون کي ٽڪين ٿا، ان مهل مان بلڪل بي وس ٿيو پوان، تان جو مون ۾ ٻر ٺهيو پون. مان ڪوئن کي ڪٿان ٿي پڄان؟“

۽ ان مهل، غريب ڌيءَ ڪئي بلڪل ٿڪجي پئي، سندس ڳل لڙڪي پيا ۽ اکيون ڳوڙهن سان ٽمٽار ٿي ويون.

”امان بابا، مان پنهنجي پاڙي واري ڪوئي چُوسُوڪيءَ جي زال ٿيندس. ڇا ٿيو جيڪڏهن هو، هڪ عام ڪوئو آ.“

پر ان مهل پيءُ ماءُ جا خيال ڪجهه ڦريل هئا.

”بلڪل نه، ڪير ٿو چئي ته هو عام ڪوئو آ! ڪجهه ڏينهن اڳين ته هن (ڪيب سن Kabe-san) يعني ڀت سانئڻ ۾ هڪ وڏو سوراخ ڪيو هو. هاڻي ٻڌاءِ، هو طاقتور ترين ڪوئو ڪونهي؟“

بس سائين، هاڻي هو چوسوڪيءَ تي ڏاڍو نازان هئا، هو رهندو به ته بلڪل ڀت ڀريان هو.

اها شادي ڏاڍي بهترين ٿي، ۽ چون ٿا، ان ڏينهن ڪنهن مهل سج ٿي نڪتو، ته ڪيڏي مهل ڪڪر ٿي آيا، ۽ ڪيڏي ڪيڏي مهل ته هوا به ٿي گهوگهٽ ڪيا.

ها سائين، ڀت سانئڻ به پاڻ ۾ ٿيل ٻِرَ ۾، ان شاديءَ کي ڏسي، خوش پئي ٿي.

زينب کٽياڻ                         پهريون نمبر ڪهاڻي

                                             سلسلو- 1

ڪانهي ويل وهڻ جي

هو اڃا تائين مٽيءَ جي قبر سان چُهٽي روئي رهيو هو، اڄ ته هوا به خاموش هئي، ڏور افق تان سج به لهندو پئي ويو ۽ گهڙي کن ۾ قبرستان تي پراسرار اونداهي ڇانئجي ويئي... اڇن پکين جا ولر پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏي موٽي رهيا هئا... ڪنهن ڪنهن وقت قبرستان کي ڏنل لوڙهي مان جيت جڻيئن جي چرپر سان کڙڪو پئي ٿيو نه ته بس!!

... هو ڪپڙا ڇنڊي اکين کي ميري چولي جي پلئه سان اگهي ٽٽل ڀڳل قدمن سان ٿڙندو ٿاٻڙندو قبرستان کان ٻاهر نڪتو، ٻاهر نڪري هڪ سرسري نظر ٿورو اڳيان شروع ٿيندڙ شهر جي بلڊنگن تي وجهڻ لڳو جن تي ڳاڙها، نيرا، ساوا ۽ رنگ برنگي بلب رنگين روشني جا ترورا پکيڙي رهيا هئا....

ٻه- ٽي قدم وڌائي هو هاڻ روڊ تي پهچي چڪو هو، بجلي جي هر پول تي کير جهڙيون اڇيون ٽيوب لائيٽون جرڪي رهيون هيون، هو روڊ وٺيو بدستور اڳيان وڌندو پئي ويو، ڪنهن ڪنهن وقت مڙي پوئتي اوڏانهن نهارڻ ٿي لڳو جتي سندن سهاري کي سوين مڻن مٽيءَ هيٺان هميشہ هميشہ لاءِ دفنايو ويو هو ۽ وري هٿن سان اکيون مهٽي اڳتي هلڻ لڳو، روڊ ٽيوب لائيٽن جي رقص ڪندڙ روشني ۽ مسلسل سرمائيندارن جي بلڊنگن وچان سڌو ئي سڌو اڳتي وڌندو پئي ويو پر هاڻ هُن کي روڊ تان لهي ٻئي پاسي هي سوڙهي ۽ ڪچي سڙڪ پئي وئي، پر گهڙي کن هو بجلي جي هڪ پول کي ٽيڪ ڏيئي مونن ۾ منهن وجهي ڪجهه سوچڻ لڳو:

... ’هاڻ سندس ٻن ڀيڻن پوڙهي ماءُ جو ڇا ٿيندو‘!!

... ’بابا ته روز شام جو جڏهن مزدوري کان موٽندو هو ته به مڙيئي پيو زندگي جو گاڏو ڌڪبو هو؛ پر هاڻ... هاڻ...“

... ۽ هو سوچيندي سوچيندي سڏڪن ۾ وٺجي پئي ويو، عثمان جو پيءُ تغاري (مزوري) جو ڪم ڪندو هو، ڏهاڙي تي ٻڌل سندس روزگار هو کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ هو، عثمان نائين درجي ۾ ۽ فوزيه ۽ رضيه ٻئي ۽ ٽئين درجي ۾ پڙهنديون هيون، سندن گهر شهر جي گنجان ۽ ڪچي آبادي ۾ هو.

اڄ جيئن ئي عثمان جو پيءَ صبح مزوريءَ لاءِ گهر کان نڪتو ته هڪ نامعلوم تيز رفتار ڪار کيس چيڀاٽي زوڪٽ ڪندي هلي ويئي ۽ ان ئي وقت سندس روح قفس عنصري مان پرواز ڪري ويو... چند ڏينهن تائين تعزيت لاءِ ڄاڻ سڃاڻ وارا ايندا رهيا، هاڻ ته اهو سلسلو ختم ٿي چڪو هو، سندن زندگي جو واحد سهارو کانئن ڇڄي چڪو هو، هن ڀري دنيا ۾ هو بي يارو مددگار ۽ تنها تنها رهجي ويا هئا پر عثمان ان وقت سوچيو؛ ”زندگي ته حرڪت ۾ آهي، ۽ مسلسل جدوجهد جو نالو ئي زندگي آهي، جيڪو به انسان بيهي رهي ٿو يا مڙي پوئتي نهاري ٿو ته وقت ۽ زماني جي بي رحم قدم ان کي چيڀاٽي ڇڏيندا...“ ”هاڻ کيس ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو...“

”پنهنجي پوڙهي ماءُ ۽ معصوم ڀينرن جو سهارو بنجڻو پوندو...“

اهو سوچي هو گهران نڪتو ۽ ٿڪل ٿڪل قدمن سان هڪ گيريج وٽ بيهي ڪجهه سوچڻ لڳو... آخرڪار همت ڪري وڃي گيريج مالڪ سان ڳالهايائين گيريج مالڪ عثمان جون حالتون ٻڌي کيس اسڪول ٽائيم کان پوءِ گيريج تي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو.

اهڙي طرح عثمان هاڻ روزانو اسڪول کان موٽي گيريج تي ڪم ڪندو هو جنهن جو کيس ڪجهه معاوضو پڻ ملندو هو. هو مسلسل محنت ۽ لگن سان ڪم سکندو به رهيو ۽ ان سان گڏ پڙهندو به رهيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ هو ڪافي ڪم سکي چڪو هو، گيريج مالڪ سندس محنت ۽ ايمانداري ڏسي تعليم جاري رکڻ جو وڌيڪ سهولتون ڏنيون ۽ هاڻ کيس معاوضو به چڱو ملندو هئس؛ جنهن مان هو پنهنجي تعليم ۽ ڀينرن جي تعليم جي اخراجات سان گڏ غريباڻي حال تي گهر هلائڻ لڳو؛

ڏسو ٻارو؛ توهان عثمان جي محنت کي، پاڻ ئي فيصلو ڪيو ته عثمان مستقبل ۾ هڪ انجنيئر ٿيندو يا نه؟ ضرور ٿيندو ڇو ته محنت ۾ عظمت آهي ۽ عثمان جي محنت هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com