سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر، ڊسمبر 2000ع

باب: --

صفحو :3

ايڊز جي بيماري پنهنجي پکڙجڻ جي رفتار ۽ فوري ڀيانڪ نتيجن جي ڪري، هن صدي جي سڀ کان ڀيانڪ بيماري چئي سگهجي ٿي. هونئن ته اڄ ڪلهه هرڪو ”ايڊز“ جي باري ۾ ٻڌي چڪو آهي ۽ ٻڌندو رهي ٿو پر:

ايڊز اصل ۾ ڇا آهي؟

ڪيئن ڦهلجي ٿي؟

هن جا ڪهڙا اُگرا نتيجا نڪرن ٿا؟

هن کان بچاءُ جون تدبيرون ڪهڙيون آهن؟

انهن سوالن بابت ڪيتريون ئي غلط فهميون پکڙيل آهن. مان هن مضمون ۾ ڪوشش ڪندس ته ايڊز جي باري ۾ اهم ۽ شروعاتي ڄاڻ مهيا ڪري سگهان.

ايڊز ڇا آهي؟

ايڊز جو لفظ انگريزي حرفن A-I-D-S جي ميلاپ سان ٺهي ٿو، جيڪو اصل ۾ (Acquired Immune DEfficiency Synorome) جو مخفف آهي. جنهن کي جيڪڏهن ترجمو ڪجي ته ٿيندو: لازمي قوت مدافعت ۾ ڪمي.

هي مرض دراصل هڪ وائرس، HIV سان پکڙجي ٿو ۽ انساني جسم ۾ قدرت طرفان عطا ڪيل ”مدافعتي نظام“ کي ختم ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن به ڪنهن قسم جي ڪا بيماري يا جراثيم، انسان تي حملو ڪن ٿا ته اهو مدافعتي نظام ئي انهن جي خلاف ڍال جو ڪم ڏئي ٿو ۽ پاڻمرادو ئي انسان کي انهن مرضن کان محفوظ رکي ٿو. پر جڏهن اهو نظام ئي ختم ٿي وڃي ته پوءِ انسان جو جسم، جنهن کي هر گهڙي لکين جراثيمن ۽ انيڪ بيمارين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. انهن مرضن جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، ۽ اهڙي طرح آخرڪار انسان تڙپندي تڙپندي پنهنجا پساهه پورا ڪري ٿو.

 

ايڊز جون علامتون:

ايڊز ڦهلائيندڙ وائرس، جسم ۾ داخل ٿي 15 کان 55 ڏينهن اندر پوريءَ طرح حملو ڪري ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ هيٺيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون.

1- مريض ٿَڪ ۽ سستي محسوس ڪري ٿو، ۽ هن کي بنا ڪنهن سبب جي بخار اچي ٿو.

2- مريض جو وزن گهٽجڻ لڳي ٿو.

3- پگهر اچڻ لڳي ٿو ۽ جسم تي ڳاڙها داغ وغيره ظاهر ٿين ٿا.

4- ايڊز جا اڪثر مريض، نمونيا ۾ مبتلا رهندا آهن.

5- دماغ گهڻو متاثر ٿئي ٿو. جنهن سان ذهني ڪمزوري، مٿي جو سور ۽ فالج وغيره ٿي ويندو آهي.

ايڊز ڦهلجڻ جا سبب

1- ايڊز جي مرض ڦهلجڻ جو خاص ذريعو جنسي رابطو آهي هي مرض، مرد کان مرد، مرد کان عورت، ۽ عورت کان عورت ۾ آسانيءَ سان منتقل ٿي ويندو آهي.

2- ايڊز جي پکڙجڻ جو ٻيو اهم ذريعو رَتُ آهي. ايڊز جي مريض جي رت جو هڪ ڦڙو به جيڪڏهن صحتمند انسان جي جسم ۾ ڪنهن ذريعي داخل ٿي، ته هن کي ساڳي بيماريءَ حوالي ڪري سگهي ٿو. ان ڪري رت جي گُهرجاؤ مريض کي رَتُ جي ضرورت مهل هميشہ ٽيسٽ ٿيل رت جي ٿيلهي استعمال ڪرائجي.

3- ڪڏهن به استعمال ٿيل سِرنج (سئي) استعمال نه ڪجي.

4- جديد ترين تحقيق ٻڌائي ٿي ته، ايڊز جي مريض جي اک مان وهندڙ پاڻي ذريعي به، ايڊز جا جراثيم ٻي انسان ۾ منتقل ٿي سگهن ٿا.

ياد رکو ته، ايڊز هر عمر، جنس، رنگ ۽ نسل کي ٿي سگهي ٿي. هن وقت تائين ميڊيڪل سائنس انهيءَ ڏائڻ مرض جو، ڪو مناسب علاج ڳولهڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ۽ هن بيماريءَ جي مريضن جي منزل، صرف ۽ صرف موت آهي، ٻيو ڪجهه به نه. منهنجيءَ انهيءَ سڄي وضاحت جو اهو مطلب بلڪل ناهي، ته انسان دنيا کان منهن موڙي وڃي گوشه نشين ٿي.

خدا جو شڪر آهي ته، اهو مرض مريض جي روزمره جي ڪم ڪار ۾ ساڻس گڏ محنت مزدوري ڪندڙ يا زندگي گذاريندڙ ماڻهوءَ کي نٿو لڳي.

اوهين ايڊز جي مريض سان هٿ ملائي سگهو ٿا، ڀاڪر پائي سگهو ٿا.

مريض سان هٿ ملائڻ، مريض جا ڪپڙا پائڻ، بيت الخلا ۽ سوئمنگ پول استعمال ڪرڻ ۽ گڏجي کائڻ پيئڻ سان ايڊز بلڪل نٿي ڦهلجي.

ياد رکو، ايڊز هميشہ ۽ فقط جنسي رابطي ۽ ايڊز جي مرض ۾ وڪوڙيل انسان جي رت استعمال ڪرڻ سان ٿئي ٿو. تنهنڪري اسان کي گُهرجي ته هميشہ خراب ماڻهوءَ جي صحبت ۽ سنگت کان پاسو ڪريون، اهڙي احتياط ڪرڻ سان ايڊز ڪڏهن به اسان جي ويجهو ڪانه ايندي.

خدا در دعا آهي ته، بني نوع انسان هن آفت الاهي کان محفوظ رهي (آمين) ڇو ته زندگي ڏاڍي حسين ۽ قيمتي آهي.

آزاد گلزار احمد هيجب

اسان جا ڏند

ڏند توهان جي مٿينءَ ۽ هيٺينءَ ڄاڙيءَ ۾ هوندا آهن، ۽ توهان جيڪو کاڌو کائيندا آهيو، ان کي هضم ٿيڻ کان اڳ ڏندن سان چٻاڙڻ ضروري هوندو آهي. اچو ته پاڻ هڪ ڏند تي نظر وجهون. ڏند کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. مٿيون، ڳچيءَ وارو ۽ پاڙ وارو. مٿيون ڏندن جو حصو مهارن کان مٿي هوندو آهي، جيڪو سخت مادي، ’اينيمل‘ سان ڍڪيل ٿئي ٿو. ان کان هيٺ وري ڳچي ٿيئس. باقي ڏند جي پاڙ وڌ ۾ وڌ ڊگهي هوندي آهي، ۽ اها مهار سان ڍڪيل ۽ ڄاڙيءَ ۾ بلڪل اندر کُتل ٿئي ٿي.

ڏندن جا چار قسم ٿين ٿا. انهن ۾ ڪُتريندڙ، چپيندڙ، پهريان جَنڊ، ۽ پويان جَنڊ.

ڪتريندڙ ڏند، کاڌي کي ڪُتريندا آهن. چپيندڙ وري کاڌي کي سنهن ذرڙن ۾ تبديل ڪندا آهن، جڏهن ته پهريان جنڊ موڪرا ٿين ٿا ۽ سندن مٿاڇرو ويڪرو هوندو آهي. هي سخت کاڌي کي ڀڃي ڀوري ڇڏين ٿا. پويان جنڊ وري وڏا ۽ سندن مٿاڇرو به موڪرو ٿيندو آهي، هي کاڌي کي پيهڻ جو ڪم ڪندا آهن.

اسان کي سڄي عمر ۾ ٻن قسمن جا ڏند ايندا آهن، هڪڙا ’کيرا ڏند‘ جيڪي تڏهن ايندا آهن، جڏهن اسان بلڪل ٻار هوندا آهيون. هي صرف ويهه ڏند ڄمندا آهن ۽ پوءِ جڏهن اسين وڏا ٿيندا وڃون ٿا ته اُهي هڪ هڪ ڪري ٽُٽي پون ٿا، ۽ سندن جاءِ تي وري ٻيا پڪا ڏند ڄمڻ شروع ٿين ٿا، جن جو تعداد ڪل 32 ٿئي ٿو. جڏهن توهان جي عمر اٺ سال ٿئي ٿي ته، پڪا ڏند به نڪرڻ شروع ٿين ٿا. جڏهن ڪو پَڪو ڏند ڀڄي پوي ٿو ته ان جاءِ تي ٻيو ڪوبه ڏند نه ڄمندو آهي.

ڏند انسان جي لاءِ تمام ضروري آهن، تنهنڪري پيارا ٻارؤ، ڏندن کي هر روز چڱيءَ طرح بُرش يا ڏندڻ سان صاف ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انهن جي وٿين ۾ ماني وغيره جا رزڙا ڦاسي، اوهان جي ڏندن کي خراب ڪرڻ نه شروع ڪن. ڇو ته اوهان جا سٺا ڏند ئي اوهان جي زندگي کي وڌيڪ صحتمند ۽ تندرست بڻائي سگهن ٿا.

فيصل حسين لغاري

ٻارن جا ٻه وڏا قاتل مرض

ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق ٻارن جي مرضن ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ بيماريون مليريا ۽ ڪالرا آهن. ڇاڪاڻ ته انهيءَ جي ڪري هر سال دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ ٻار فوت ٿي ويندا آهن.

هيءُ ڳالهه شايد چند ماڻهن جي علم ۾ هوندي ته، هنن مٿين بيمارين کان علاوه ٻارن جا ٻه هيبتناڪ قاتل مرض ٻيا به آهن، اُهي هي آهن:

ڊائريا ۽ A.R.I.

انهيءَ ڳالهه جو انڪشاف ڪجهه مهينا اڳ عالمي صحت کاتي (W.H.D) پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته صرف گذريل سال (ARI) مرض جا جراثيم 3-4 ملين ٻارن جو سِرُ کڻندڙ ثابت ٿيا. جڏهن ته ڊائريا (Diarrhoea) سان فوت ٿيڻ وارن ٻارن جي تعداد 2 کان 3 ملين هئي، ڪافي ٻار پنهنجي متوازن خوراڪ ۽ صاف ماحول ۾ رهڻ سبب، انهن بيمارين جي منهن ۾ وڃڻ کان بچي ويندا آهن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ساهه جي انهي موذي مرض (ARI) جي پکيڙڻ ۾ وڏو هٿ منشيات/نَشي جو آهي. اڄڪلهه ڪافي ٻار منشيات جو کُلي عام استعمال ڪندا نظر اچن ٿا. حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته، هر سال صرف مٿي ڏنل ٻن مرضن لاءِ، هڪ ملين آمريڪي ”ڊالر“ خرچ ڪيا وڃن ٿا. پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو حاصل نٿو ٿئي.

عالمي صحت کاتي (W.H.O) جي ڊئريڪٽر ’جنرل هيروشي ناڪاجيما‘ چوي ٿو ته: ”ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته آئنده ڏهن سالن اندر، 30 ملين ٻارن کي انهن بيمارين کان بچائي سگهجي.“

”ناڪاجيما جي مطابق، صرف دوائن جي صحيح ۽ بروقت استعمال سان انهن بيمارين ۾ 50 کان 100 سيڪڙي تائين ڪمي اچي سگهي ٿي. انهن دوائن جو خرچ صرف ”50 آمريڪي سينٽ“ في فرد آهي.

ناڪاجيما اهو به چوي ٿو ته: ”اسان انهيءَ وقت تائين پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندا رهنداسين، جيستائين اسان کي مالي امداد ملندي رهندي.“ اڄ آرگنائيزيشن پنهنجي ”قومي صحت جي پروگرامن“ (N.H.P) هيٺ ٽئين دنيا جي پٺتي پيل ملڪن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ W.H.O تجربيڪار هيلٿ ورڪرن، سماجي ڪارڪنن، ۽ باشعور طبقن جو تعاون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

ڊاڪٽر جمٽالڪ (Jim Tullukh) ڊائريڪٽر عالمي اداره صحت W.H.O چوي ٿو ته: ”ڊائريا ۽ ساهه جو مرض (ARI) ٻه اهڙيون بيماريون آهن. جيڪي چند ڏينهن ۾ ئي پنهنجو ڪم ڪري وينديون آهن. انهيءَ لاءِ اهڙين مائرن کي پنهنجي انهن ٻارن جي باري ۾ هوشيار رهڻ گهرجي، جيڪي ان بيماري ۾ مبتلا آهن.“

عالمي اداره صحت W.H.O دنيا جي انهن تمام مائرن کي اپيل ڪئي آهي جن جا ٻار کير پياڪ آهن. آرگنائيزيشن اپيل ۾ چيو آهي ته: ماءُ پنهنجي ٻچي کي صرف پنهنجو ئي کير پياري، اهڙيءَ طرح ان جو ٻار مٿي ڏنل بيمارين کان علاوه ٻين بيمارين کان به بچي ويندو.

عالمي صحت کاتي W.H.O ۽ يونيسف (Unicef) ٻئي ملي، اڄڪلهه هڪ نئين منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. انهيءَ پراجيڪٽ جو بنيادي مقصد، ٻارن جي صحت ۽ سنڀال جي مرڪزن جو قيام آهي.

اُميد آهي ته اچڻ وارن سالن ۾، ٻارن جي انهن مرضن تي قابو پاتو ويندو.

محمد يعقوب ڏاهري

”مور“

سُونهن جو بادشاهه

اسان جي سنڌ ڌرتي تي ڪيترن ئي پکين جا نسل آباد آهن، جن ۾ مور کي سهڻائپ ۽ خوبصورتي جي ڪري سُهڻن پکين جو ”سردار“ چيو وڃي ٿو.

مور، هينئر ٿر ۽ راجستان ۾ ملي ٿو. مور کي امن ۽ سلامتي جو پکي سمجهيو وڃي ٿو. مور جو ذڪر سنڌ جي سرتاج شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پڻ پنهنجي شاعري ۾ هڪ استعاري طور هن ريت ڪيو آهي:

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانيرن جو.

هن بيت مان صاف ظاهر آهي ته مور، امن ۽ سلامتي جو پکي آهي. پر افسوس! اڄ اسان پاڻ ئي هن فطرت جي حسين شاهڪار کي شڪار ڪري مور جو نسل تباهه ڪري رهيا آهيون. جڏهن ته مور جو من پسند کاڌو ”نانگ“ آهي.

مور بابت ڪيتريون ئي روايتون پڻ مشهور آهن.

هڪ روايت آهي ته اڄ کان پنجويهه سؤ سال اڳ سڪندر اعظم جڏهن چولستان ۽ بهاولپور کان ٿيندو، سنڌ ۾ داخل ٿيو ته هزارين مورن کي نچندو، ڪڏندو ڏسي حيران رهجي ويو. مور جو حسن ڏسي، ڪجهه مور پنهنجي استاد ”ارسطو“ کي تحفي طور موڪليائين، اتي (اٿينس) ۾ دانائن ۽ ذوق جماليات رکندڙن جا ميلا لڳي ويا، انهن مان هڪڙي فلسفيءَ چيو: ”جيڪڏهن مور جي پُڇ کي زبان هجي ها ته جيڪر رڙ ڪري چئي ها، مان سُونهن جو ديوتا آهيان.“

انسائيڪلوپيڊيا برطانيه جي پکين جي باب ۾ لکيل آهي ته، ”دنيا ۾ جيڪي به پکي آهن، انهن پکين جو بادشاهه ”مور“ آهي ۽ ان جو اصل مقام سنڌ ۾ راجستان آهي.

مور جي خوبصورتي تقريباً سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهي، پر جڏهن سندس نظر پنهنجن ڪوجهن پيرن تي پوندي آهي ته سندس لڙڪ لڙي پوندا آهن.


 

الطاف شيخ

ٻارهن مهينا

 

هڪ ڏينهن هڪ پوڙهيءَ عورت پنهنجيءَ ٻنيءَ مان گوبي پٽڻ وڃي رهي هئي. رستي تي هڪ غارَ آئي ٿي، جنهن ۾ ٻارهن ماڻهو رهيا ٿي. انهن، هن پوڙهي مائيءَ کي سڏي چيو: ”ماسي، اهو ته ٻڌاءِ ته سڀ کان سٺو مهينو ڪهڙو آهي؟“

”سڀئي مهينا سٺا آهن، پٽ.“ پوڙهيءَ چيو. ”ڏسو نه، جنوريءَ ۾ اڇي اڇي کير جهڙي برف وسي ٿي، فيبروري ۾ مينهوڳي رهي ٿي ۽ مارچ ۾ چوڌاري گل گلڪاري ٿيو وڃي. باقي سال جا مهينا به تمام سٺا آهن.“

”ماسي، تو اسان سڀني جي تعريف ڪئي. ان ڪري اسان توکي انعام ڏيڻ چاهيون ٿا. توکي خبر آهي ته، اهي ٻار هن مهينا اسين آهيون.“

هنن، پوڙهيءَ جي ڇٻڙي ۾ سونين گينين جو ڍير وجهي ڏنو. پوڙهيءَ هنن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي گهر ڏي رواني ٿي. گهر پهچي هن پنهنجي ٻارن کي سونيون گينيون ڏيکاريون ۽ هنن کي چيو: ”هاڻ پاڻ تمام گهڻو شاهوڪار ٿي وينداسين. ڏسو ته مون ڪيترو سون آندو آهي!“

ان وقت پوڙهيءَ جي هڪ پاڙيسرياڻي اتي اچي نڪتي. هن جو ايتريون سونيون گينيون ڏٺيون. ته هن جون اکيون ئي ڦاٽي ويون. پوڙهي مائيءَ هن کي ٻار هن مهينن جي پيرائتي ڳالهه ٻڌائي.

پوڙهيءَ جي پاڙيسرياڻي تمام لالچي هئي: هوءَ ان ئي وقت ڊوڙندي ڊوڙندي ان غار جي منهن وٽ پهتي، جتي اهي ٻارنهن ماڻهو رهيا ٿي. هن کي به اندر سڏيو ۽ کانئس پڻ ساڳيو سوال پڇيو: ”ماسي، سڀني ۾ ڪهڙو مهينو سٺو آهي؟“

پاڙيسرياڻيءَ وراڻيو: ”جي سچ پڇو ته حقيقت ۾ ڪوبه مهينو سٺو ناهي. ڏسو نه، جنوريءَ ۾ برف پوي ٿي. فيبروريءَ ۾ مينهن وسي ٿو ۽ اهڙي طرح هر مهيني ڪانه ڪا مصيبت نازل ٿئي ٿي.“

”تنهن جي وڏي مهرباني ماسي، پنهنجي ٿيلهي ڏي ته ان ۾ توکي انعام طور ڪجهه وجهي ڏيون.“

ٻارنهن مهينن، پاڙيسرياڻيءَ جي ٿيلهي ڀري مٿان پنن سان ڍڪي ڏني. پوڙهي پنهنجي ٿيلهي کڻي گهر ڏي رواني ٿي سڄي واٽ وڏيون سوچيون سوچيندي آئي ته گهر پهچي ڏسنديس ته ٻارنهن مهينن مون کي ڇا ڏنو آهي.‘

جڏهن هوءَ گهر پهتي ته ٻارن کي چيائين: ”هاڻ پاڻ به هن پوڙهيءَ وانگر شاهوڪار ٿي وينداسين.“ اهو چئي هن پنهنجي ٿيلهي ميز تي اونڌي ڪئي. پر ٿيلهيءَ مان سونيون گينيون نڪرڻ بدران رڳو ڀتر ۽ پٿريون نڪتيون. پاڙيسرياڻيءَ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي هوءَ ڊوڙندي ڊوڙندي پوڙهيءَ وٽ پهتي.

پوڙهيءَ پڇيس: ”جڏهن هنن ٻارنهن ماڻهن توکان اهو پڇيو ته سڀ کان سٺو مهينو ڪهڙو آهي ته تو ڇا جواب ڏنو؟“

”مون ته صاف صاف چيومانِ ته مئا، ڪوبه مهينو سٺو نه ٿيندو آهي.“ پاڙيسرياڻيءَ چڙ مان ٻڌايو.

”پوءِ ته بلڪل صحيح آهي. توسان ائين ئي ٿيڻ کپندو هو. ڀلا ڪير پنهنجي گلا ٻڌي انعام ڏيندو؟“

مترجم: مراد علي مرزا

چاچا ڪويوٽي

هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪڙو بگهڙ رهندو هو. جنهن کي چاچا ڪويوٽي چوندا هئا. اهو بگهڙ رهندو ته ٻنين ۾ هو. پر بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي سڄي ڳوٺ ۾ پيو ڦرندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو، ان جي ڏنگائين کان بيزار ٿي پيا هئا، پر ڪجهه به ڪري نٿي سگهيا، ڇاڪاڻ ته بگهڙ ڏاڍو چالاڪ ۽ حرفتي هوندو هو ۽ ڪنهن جي به وٺ ۾ نه ايندو هو. ڳوٺ ۾ ٻيا به ڪيترائي ننڍا ننڍا جانور رهندا هئا، پر اهي به ان کان ڊڄندا هئا. هڪڙو سَهو هو، جيڪو ان کان اصل ڪونه ڊڄندو هو. اٽلو سَهو بگهڙ کي نيون نيون چالاڪيون سيکاريندو رهندو هو.

هڪڙي ڏينهن چاچا ڪويوٽي هڪڙي وڻ جي هيٺان سُتو پيو هو ته سَهو به چڪر هڻندو اُتي آيو. سَهي بگهڙ کي ننڊ مان اُٿاريو ۽ چيو، ”چاچا ڪويوٽي اُٿ، هڪڙي مزيدار خبر آندي اٿم.“ اهو ٻڌي بگهڙ اُٿي ويٺو ۽ پڇڻ لڳو ته ”ڪهڙي خبر آندي اٿئي؟“ سَهي چيو ته ”آءٌ هنيئر سڌو پيڊري جي باغ مان پيو اچان. اتي مون هڪ وڏي ۽ پڪل ڇانهين ڏٺي آهي. اها ڳالهه ٻڌندي بگهڙ جي وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو، ۽ چوڻ لڳو ته ”هل، جلدي ڪر ته پيڊري جي باغ ۾ هلون.

ٻيئي وڻن ۽ لوڙهي جي پٺيان لڪندا لڪندا، باغ ۾ وڃي پهتا. بگهڙ هڪدم ڇانهين پَٽي ان جا ٻه ٽڪرا ڪيا ۽ هڪ ٽڪرو سَهي کي ڏنو ۽ ٻيو ٽڪرو پاڻ کائڻ لڳو. ٿوريءَ دير ۾ ئي ڇانهين کائي پوري ڪري، بگهڙ پنهنجا چَپَ چَٽڻ لڳو ۽ ڇانهين جي کل کي ڏسڻ لڳو. هو ڏاڍو خوش هو ته ايتري ۾ پيڊري جي نوڪرياڻيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هن چيو پئي، ”اڄ رات مانيءَ کان پوءِ اسين ڇانهين به کائينداسون.“ اهو ٻڌي بگهڙ چيو، ”اڙي مري وياسون! مصيبت اچي ويئي! اڄ رات نوڪرياڻيءَ کي ڇانهين نه ملندي ته پڪ سمجهندي ته آءٌ کائي ويس.“

سَهي چيو، ”آءٌ توکي هڪڙي اٽڪل ٻڌايان ٿو. ڇانهين جي کلن ۾ مِٽي ڀري، ڇانهين ساڳئي هنڌ رکي ڇڏ.“

بگهڙ کي اها اٽڪل ڏاڍي وڻي. ٻنهي گڏجي جلدي جلدي ڇانهينءَ جي کلن ۾ مِٽي ۽ گپَ ڀري، انهن کي چڱيءَ طرح ملائي ساڳيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو. اهو ڪم لاهي بگهڙ پنهنجي ٻنيءَ ڏانهن ڀڳو ۽ اُتي هڪڙي وڻ جي هيٺان آرام سان سمهي رهيو. پر سَهو اتي ئي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته ڏسجي ته پيڊرو جي پوڙهي نوڪرياڻي ڇا ٿي ڪري؟ ٿوريءَ دير کان پوءِ نوڪرياڻي آئي ۽ ڇانهين کڻي گهر هلي ويئي. سَهي به ٿوري دير رکي هن جي پُٺ ورتي ۽ گهر کان ٿورو پري ترسي ڪَن ڏئي بيٺو. ايتري ۾ گهر جي بورچيخاني مان نوڪرياڻيءَ جي ڪاوڙ ڀريل رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا. جڏهن گوڙ لٿو ته سَهو اڻڄاڻ ٿي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ ويو ۽ پوڙهي نوڪرياڻيءَ کان پڇڻ لڳو، ”ناني، اوهان خير مان رڙيون پئي ڪيون؟“

”خير وري ڇا جو!“ پوڙهيءَ جواب ڏنو، ”خبر اٿئي ته ان مئي بگهڙ ڇا ڪيو آهي.“ هن ندوري پيڊرو جي ڇانهين کائي، کلن ۾ مٽي ۽ گارو ڀري اُتي ئي رکي ڇڏي. مون کي ڀلا ڪهڙي خبر. مون جو پيڊرو جي کائڻ لاءِ ڇانهين وڍي ته سڄي رڪابي ۽ ميز مِٽي ۽ گپَ سان ڀرجي ويئي. انهيءَ بگهڙ نالائق جا اجهو اهي ڪم آهن.“

سَهي چيو، ”جيڪڏهن اوهان چئو ته آءٌ بگهڙ کي وٺي اچان ٿو. پوءِ اوهان ان سان چڱيءَ طرح جُٺ ڪريو؟“ پوڙهيءَ خوش ٿيندي چيو، ”ڏاڍو سٺو. سَها، تون ته ڪو ڏاڍو سمجهو ٿو ڏسجين. تون هن کي ڪنهن نموني سان وٺي اچ ۽ هيءُ وٺ پنهنجو انعام.“ ائين چئي پوڙهيءَ سهي کي هڪڙو ميوو ڏنو.

هيڏانهن اهو سڀڪجهه پئي ٿيو ۽ هوڏانهن بگهڙ ڏاڍي آرام سان وڻ هيٺان سُتو پيو هو. انهيءَ وڻ تي هڪڙو وڏو پکي ويٺو هو، جيڪو زور زور سان ٻوليون ڪرڻ لڳو. پکيءَ جي رڙين تي بگهڙ جي اک کلي ويئي ۽ هن کي پکيءَ جي بيوقت رڙين ڪرڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. بگهڙ گير ڪندي پکيءَ کي هڪل ڪئي، ”بيوقوف، رڙيون ته نه ڪر. ڏسين نٿو ته آءٌ آرام پيو ڪريان؟“ اهو چئي هن وري سُمهڻ لاءِ اکيون بند ڪيون. پر اهو پکي به ڪو ڏاڍو تِيسر هو ۽ ان، بگهڙ کي ڄڻ ته ٻُڌوئي ڪونه. پکيءَ وري به زور زور سان رڙيون ڪيون. بگهڙ کي ويتر خار لڳو ۽ وڌيڪ زور سان دڙڪا ڏيڻ لڳو، ”جيڪڏهن تو وري رڙيون ڪيون ته آءٌ توکي اهڙي سيکت ڏيندس جو سڄي عمر ياد ڪندين.“

اهو ٻڌي پکي ته ماٺ ڪئي، پر سوچڻ لڳو ته ’بگهڙ کي ڪا سزا ضرور ملڻ کپي.‘ انهيءَ پکي جي هڪڙي عجيب خصلت هيءَ هوندي هئي ته جيئن نانگ هر سال پنهنجي کنڀن سوڌو کل مٽائيندو هو. اهڙي ريت ان ڏينهن انهيءَ پکيءَ کي پنهنجي کل مٽائڻي هئي؛ تنهنڪري پکيءَ پنهنجي کل لاهي ان ۾ پٿر، مِٽي ۽ ٻيو گند ڪچرو ڀري، جتي پاڻ ويٺو هو، اتي رکي ڇڏيائين. ائين پئي لڳو ڄڻ ته سچ پچ ڪو ٿُلهو متارو پکي ويٺو آهي. پوءِ پکيءَ اُڏامي ٻئي وڻ تي وڃي ويٺو ۽ زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳو. انهيءَ تي بگهڙ ڪاوڙ جهلي نه سگهيو ۽ ٽپ ڏيئي انهيءَ پکي ۾ وڃي وات وڌائين جنهن ۾ پٿر، مِٽي ۽ ڪچرو ڀريل هو. بگهڙ ته ڪاوڙ ۾ هو، سو وٺي زور زور سان چٻاڙڻ لڳو، پر پٿرن جي ڪري ويچاري بگهڙ جا ڪيترائي ڏند ڀڄي پيا ۽ هو هيٺ ڪِري تڪليف ۽ سُور وچان ڇڙهيون هڻڻ لڳو.

انهيءَ وقت سَهو به اُتي پهچي ويو ۽ پڇڻ لڳو، ”ڇو چاچا، خير ته آهي؟“ بگهڙ سڄي ڳالهه ڪري ٻڌايس ته سهي خوش ٿي چيو، ”تون مون سان گڏ پيڊرو جي گهر هل. هن جي پوڙهي نوڪرياڻيءَ وٽ ڏندن جي سور جي ڏاڍي سٺي دوا آهي.“

بگهڙ جي حالت اڳ ۾ ئي خراب هئي، سو هڪدم تيار ٿيو ۽ سَهي سان گڏ هلڻ لڳو، پر جيئن ئي ٻيئي پيڊرو جي بورچيخاني ۾ پهتا ته پوڙهي نوڪرياڻيءَ ٻريل بُنڊي کڻي وڌي آئي ۽ بگهڙ کي چيائين، ”چاچا ڪويوٽو! هيءَ وٺ پنهنجو انعام ڇانهين چورائڻ جو.“ اهو چئي بگهڙ جي پُڇ کي کڻي باهه ڏنائين. ڏندن جي سور سان گڏ هينئر بگهڙ جو پُڇ به پئي سڙيو، سو هو دانهون ڪوڪون ڪندو وٺي ڀڳو. سَهو به هن جي پٺيان رڙيون ڪندو آيو ته، ”خدا حافظ! چاچا ڪويوٽي! ڏند ڀڳا، پُڇ سڙيا چاچا ڪويوٽي خدا حافظ!“ پر بگهڙ ڪوبه جواب ڪونه ڏنو. ڊوڙندو ڊوڙندو درياءَ تي آيو ۽ ٽپو ڏئي ان ۾ وڃي ڪِريو.

پوءِ اهو ڏينهن ۽ هيءُ ڏينهن، بگهڙ وري ڪنهن ڳوٺ يا وسنديءَ ۾ نظر نه آيو.

(نڪارا گؤا جي آکاڻي)

سنڌيڪار: واحد بخش مڱريو

صلاح

هڪ هاريءَ وٽ ڍڳن جي جوڙي کان سواءِ گڏهه به هو. ڍڳا ته روزانو ٻنيءَ تي ڪم ڪندا هئا، پر گڏهه سڄو ڏينهن پيو گاهه چرندو هو، ڍڳا جڏهن گڏهه کي ڏسنداهئا ته، انهيءَ سوچ ۾ پئجي ويندا هئا ته، ”اسان پيا روزانو لوڙيون ۽ هي آهي جو رڳو بيٺو چري.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com