مان جيڪو ڪافي دير کان جذبن کي قابو رکيو ويٺو
هوس، يڪدم اڳتي وڌي، ماٽيجي ماءُ کي ڇڏايم ۽ ڀاءُ
کي ڌڪو ڏئي پري ڪيم امان کي سندس لٿل چادر مٿي تي
پارايم ته ايتري ۾ وري منهنجو ڀاءُ، مون کي جنبي
ويو، ليڪن، مون سان ڪٿي ٿو پڄي سگهي. مان سندس کي
ماريندو رهيس، سندس ٻاهر بيٺل لوفر دوستن جو هن جو
رڙيون ٻڌيون ته وٺي ڀڳا، مان، هن کي ڌڪو ڏيندي چيو
ته، ماءُ جي پيرن هيٺيان جنت آهي تون جنت سان ٿو
وڙهين ۽ ٺڪرائين. اڃا ائين چئي رهيو هوس ته بابا
گهر ۾ داخل ٿيو. پنهنجي ننڍي ۽ لاڏلي پٽ کي جو پٽ
تي ڪريل ۽ روئندو ڏٺائين ته ڪاوڙجي پيو ۽ مون تي
کڻي موچڙن جو وسڪارو شروع ڪيائين.
انهيءَ تي منهنجي ماٽيجي ماءُ جيڪا چلهه جي ڀرسان
ويٺي روئي رهي هئي، تنهن مون کي ڇڏائي کڻي ڇاتيءَ
سان لاتائين، ماءُ جي ڇاتي جي گرمائش ۽ ماءُ جي
حقيقي پيار واري جنبش، منهنجي سڄي ٻالپڻ جي ڏکن،
تنهائين، نفرتن ۽ ڳوڙهن جو ڌڪ لاهي ڇڏيو، حقيقت ۾
ماءُ جي هنج ۽ ڀاڪر ۾ ئي هر درد جي دوا آهي.
منهنجو پيءُ جو اهو ڏٺو ته، چيائين، اهو ته تنهنجي
پٽ سان وڙهي رهيو هو. تون وري انهي کي کڻي ڇاتيءَ
سان لاتو اٿئي.
نه نه..... نه.... منهنجو پٽ اهو نه، پر هي آهي.
هي.... هي....هيءُ ته منهنجو هيرو پٽ آهي. هي ته
هيرو آهي.
آزاد مير محمد ڪليري
يوگلينا
جانور يا ٻوٽو
يوگلينا هڪ گهرڙي جاندارن جي دنيا ۾ شامل ٿئي ٿو،
تنهنڪري هن جي گهرڙن جون خاصيتون بناوٽي ايڪن
متعلق مشاهدي ذريعي پرکي سگهجن ٿيون. يوگلينا پاڻي
جي هڪ هنڌ بيٺل تلاءُ ۾ آزادانه سائو ڄارو پئدا
ڪري، پاڻي جي مٿاڇري کي ڍڪي ٿو، تنهنڪري هن کي
انهيءَ خاصيت سبب بي مثال سڏيو وڃي ٿو. يوگلينا
حقيقت ۾ گهرڙوئي جاندارن سان مشابهت رکي ٿو، ان
کانپوءِ هن جي اها مشابهت اعليٰ جاندارن کان ويندي
انسان تائين نظر اچي ٿي. يعني هن جو تعلق هڪ
گهرڙئي جاندار تائين لاڳاپيل ٿئي ٿو ان لاءِ
يوگلينا پنهنجي مطابقت فطرت جي هر بدلجندڙ وايو
منڊل سان ٺهڪائيندو اچي ٿو. جيئن ٻوٽي مان جانور ۽
جانور مان ٻوٽو ٿيڻ آهي. يا وري جيئن ئي هن جي
اوسي پاسي فطري تبديلي ٿئي ٿي، تيئن هي به ان سان
مطابقت ڪري ٿو.
يوگلينا گهرڙو ماپ ۾ انچ جي 25 هزاروين حصي جي
برابر آهي يا هڪ مائڪرون ان حالت ۾ جڏهن هن کي
خوردبين هيٺيان ڏٺو وڃي ٿو ته هي سائو نظر اچي ٿو.
هي لڙاٽيل شفاف مخلوق ٽاچني جي مٿي جيترو مس ٿئي
ٿي، ۽ هن جي شڪل ڊگهي ۽ سوڙهيءَ ٻيڙيءَ وانگر نظر
اچي ٿي. هن جا ڪنارا هڪ ٻئي سان ملي وچ ۾ ويڪرا
ٻيڙا لڳن ٿا. هنن جي گسڻ جو طريقو (Tadpole)
ڏيڏر جي پڇڙي وانگر ٿئي ٿو. جيڪا (Wiggle)
واري طريقي سان عمل پذير ٿيندي رهي ٿي، اهي هڪ ٻئي
کي ڇهي اڳتي ترڪندا وڌندا رهن ٿا. يوگلينا جو ڏيک
جڏهن 100 مان وڌائي 1000 ڪيو وڃي ٿو ته هن جو، ڏيک
هڪ قسم جي پيچداريءَ واري اصول مطابق يوگلينا کي
پاڻي جي دنيا ۾ اندر داخل ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو، ۽
هن جون پويون پڇڙيون (Flagelliam)
وانگر چوڌاري ڦرنديون رهن ٿيون ۽ پاڻيءَ کي چمڪ
وانگر چيرينديون رهن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن يوگلينا پاڻي
اندر داخل ٿي چرپر جو ٻيو نمونو اختيار ڪري ٿو،
جيئن پنهنجو پويون حصو مٿي کڻي اڳئين حصي سان
ملائي کينهوڙي وانگر گول ٿي وڃي ٿو، تنهن کانپوءِ
پنهنجو اڳيون ڇيڙو پکيڙي وري نئين حصي کي ڇڪي وٺي
ٿو. اهوئي طريقو هن جي چرپر جو عمل آهي گهرڙي جي
اندر يوگلينا جي چرپر جو اهڙو ڏيک ڏئي ٿي، جيئن ڪو
ماڻهو ٻوريءَ ۾ ڦاٿل هجي ۽ ٻوڙيءَ جي اندرين ڪنارن
تي چڙهي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي.
يوگلينا جي شفاف پردي واري چادر، جنهن مان يوگلينا
جي گهرڙي جي ديوار جڙي ٿي، اها جذب ڪندڙ هوندي
آهي، جنهن مان کاڌي جا ذرڙا مرڪز ڏانهن منتقل ٿين
ٿا. جتي وات جو سوراخ ۾ نڙ گهٽ ٿئي ٿو، جيڪي کاڌي
جي ذرڙن کي مسلسل ڇڪندا رهن ٿا. گهرڙي جي ديوار
پنهنجي اندر گهرڙي جي پاڻيٺ رکي ٿي جنهن جي بناوٽ
(Jelly)
جهڙي ٿئي ٿي. هن ۾ ئي گهرڙي جي زندگيءَ جا مختلف
سرشته عمل پذير ٿيندا رهن ٿا. هن ئي پاڻيٺ ۾ تمام
ننڍڙا ذرڙا ترندا نظر اچن ٿا. جن جي شڪل شيشي جي
رنگين ذرڙن جهڙي ٿئي ٿي. انهن کي (Chloroples)
چئبو آهي. جيڪي گهرڙي جي مرڪز ۾ ٻوٽي لاءِ پاڻيٺ
پئدا ڪن ٿا، ان کي (Chlorophyll)
چئبو اهي.
گهرڙي جي پردي جي تري ۾ گهرڙي جي نسلي وراثت وارو
سامان ٿئي ٿو، هن کي خانداني وراثت وارو سامان به
چئبو آهي يوگلينا (Chloroplest)
استعمال ڪري سج جي روشني هوا ۽ پاڻي مان ٻوٽي لاءِ
کاڌو تيار ڪري ٿو، اهڙي حالت ۾ هي سادو ٻوٽو لڳندو
آهي.
هن حالت کانپوءِ يوگلينا ٽپي جانورن جي دنيا ۾
داخل ٿئي ٿو. هتي يوگلينا عارضي طور پنهنجي سائي
مادي (Chlorophyll)
کي ڇڏي ڏئي ٿو ۽ هڪ گهرڙئي جاندارن وانگر تيار ٿيل
خوراڪ استعمال ڪري ٿو، پر جڏهن يوگلينا سج جي
روشني تي ظاهر ٿئي ٿو ته پنهنجو سائو مادو ڪلوروفل
(Chlorophyll)
واپس آڻي ٻوٽي جي شڪل اختيار ڪري ٿو.
اعظم خان مهيسر
موئن جي دڙي جو سير
گاڏي نيٺ اچي منزل تي پهتي. الطاف مهيسر طرفان کڏ
جو ڳوٺ ۾ ”مهراڻ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن“ جي مفت
ٽيوشن سينٽر جا سڀ شاگرد موئن جي دڙي جي سير لاءِ
نڪتا هئاسين، گاڏيءُ ۾ ننڍڙي امجد جانورن ۽ پکين
جو ٻوليون ٻڌايون ته شاگردن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو
اهڙيءَ طرح سان روبينه نياز، فرزانه محرم، رضيه
نياز، فرزانه محرم، رضيه نياز ۽ حاڪم عزيز واري
واري سان گيت ٻڌائي ٻن ڪلاڪن جي سفر کي ٿورو ڪري
ڇڏيو، واٽ تان ڏوڪريءَ شهر مان لنگهيا سين ته سنڌ
جي سٻاجهن ماڻهن پنهنجي قرب واري روايت کي برقرار
رکندي هٿ لوڏي سلام ڪيا، ننڍڙن ٻارڙن ان جو
والهانه جواب ڏنو. اچي منزل تي پهتاسين. پروگرام
جي آرگنائيزر سماجي ڪارڪن ۽ ٽوئر تي هلندڙ مفت
ٽيوشن سينٽر (جنهن جا شاگرد ٽوئر پروگرام تي ويا
هئا) جي روح روان الطاف مهيسر شاگردن کي چئن گروپن
جي تشڪيل ڏني جنهن مان هڪ گروپ جي اڳواڻيءَ راقم
الحروف کي سونپي وئي. ٻيو گروپ شفقت مهيسر، ٽيون
گروپ ياسين مهيسر جڏهن ته چوٿون ڇوڪرين جو گروپ
حسينه عثمان جي اڳواڻي ۾ گهمڻ لاءِ هليو. چئني
گروپن جي اڳواڻن جو رابطو الطاف مهيسر سان رهندو
ٿي آيو. موهن جي دڙي جي سڀ کان مٿانهين جڳهه
اسٽوپا تي چڙهڻ نه ڏنو ويو جو اهو زير مرمت هيو.
اڳتي هلي موئن جي دڙي جي ان وقت جي علمي مرڪز جا
آثار ڏسي ڏاڍو فخر محسوس ٿيو جو هزارين سال اڳ به
سنڌي پڙهڻ لکڻ ۾ اڳرا هئا. اسين دڙيِ جي جنهن حصي
تي بيٺا هئا سين، اهو علمي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز
وارو حصو هيو، جنهن ۾ پڪيون عمارتون، پڪيون گهٽيون
۽ گهٽين ۾ ڪني پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون ٺهيل
هيون. جيڪي ان وقت جي ماڻهن جي ذوق جي نروار
نشاندهي ڪري رهيون هيون. هت اسان کي هڪ تلاءُ نظر
آيو، جيڪو پڪو ٺهيل هو.
تعليمي مرڪز کي ڇڏي ٻئي طرف روانا ٿياسين، بلندي
تي ٺهيل عمارتون سچ پچ ان وقت جي ماڻهن جي فني
تعمير جو نادر نمونو آهن. هلندي هلندي اسين ان
جڳهه تي پهتاسين، جيڪو شايد ان وقت جي امير ماڻهن
جي رهائش ۽ واپار جو مرڪز رهيو هوندو. وڏن وڏن
دڪانن جا آثار هن ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيا هئا ته
هتي وڏيون وڏيون بازارون لڳنديون هيون. دڪانن جي
وچان سنهڙيون گهٽيون ڏسي محسوس ٿيو ته هتان جا
ماڻهو واپار ڪري سنهين گهٽين وسيلي گهرن ڏي ويندا
هئا. امير ماڻهن جي گهرن جي جڳهن جا آثار هنئين
ڏنا ته وڏا وڏا ڪمرا ۽ وڏا اڱڻ هر گهر ۾ کوهه، رڌ
پچاءَ جون جڳهون، وهنجڻ جون جايون شامل هيون. وڏي
گهراڻي جي تمام وڏي گهر جا آثار ڏسي هن ڳالهه جو
قائل ٿيڻو پيو ته واقعي سنڌ جي هن خطي جا ماڻهو
سليقي مند هئا. اڳتي هلي، دڙي جي هڪ ٻئي حصي تي
پهتاسين جيڪو عام ماڻهن جي هڪ وڏي محلي جي ڏيک ڏئي
رهيو هو. ننڍا وڏا گهر ڪٿي سنهيون ڪٿي ڪشاديون
گهٽيون ڏسندا، عجائب گهر جي طرف ايندڙ رستي تي هلڻ
لڳاسين. آثار قديمه وارن طرفان لڳايل وڻن جي ڇانوَ
ڏسي هنئون حرڪي پيو ۽ اسين وڻن جي ڇانو هيٺان
چوڪڙي مچائي ويٺاسين. احسان، شيرين، مجيب،
عبدالڪريم رضوان ۽ اشفاق ڪورس جي صورت ۾ جڳ مشهور
نغمو ”دل دل پاڪستان“ ٻڌائي فضا ۾ خوشي پکيڙي ڇڏي.
مٿان وري فرزانه ۽ صنم نغمو ڳائي ماحول کي معطر
ڪري ڇڏيو اتان اٿي عجائب گهر وٽ آياسين سامهون هڪ
وڏي پينٽنگ لڳل هئي جنهن ۾ موئن جي دڙي جي اوج
واري زماني جي عڪاسي ٿيل هئي. عجائب گهر ۾ مختلف
شيون رکيل هيون جن ۾ ٺڪر جا ٿانو مٽي مان ٺهيل
رانديڪا زيورات، پٿر جا ٿانو، مٽي مان ٺهيل هٿيار،
ديوتائن جا بت، ڊانسنگ ڪوئن وغيره ڏٺوسين. عجائب
گهر مان نڪري باغيچي ۾ اچي ويٺاسين هڪ دفعو ٻيهر
گيتن جي محفل متي شاهنواز سوڍر لوڪ گيت ٻڌايو،
پرويز پروليون ۽ منور لطيفا ٻڌائي دل خوش ڪري ڇڏي
بک به واهه جي لڳي هئي سڀني گڏجي ماني کاڌي ماني
کائي ٿڪ ڀڃي گاڏي تي چڙهياسين ايئر پورٽ گهمندا
واپس ميهڙ جو رستي تي چڙهياسين ائين زندگيءَ جو
جمعو اسان لاءِ يادگار بڻجي ويو.
”ناز“ ڀٽو
نڀاڳي نوڪر ۽ وڏيري ۾ شرط
ڪنهن زماني ۾، ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙو وڏيرو رهندو هو،
انهيءَ کي هڪ نوڪر جي ضرورت هئي. هن (وڏيري) ووڙ
ڏئي ڇڏي هئي ته مون کي نوڪر هٿ ڪري ڏيو. ڳوٺاڻن
هڪڙو نوڪر لڌو، اهي ان نوڪر کي وٺي وڏيري وٽ آيا.
وڏيري ان (نوڪر) جي سهڻي نموني کيڪار ڪئي.
وڏيري کيس چيو ته: ”تون هتي نوڪر ٿي بيهڻ لاءِ
تيار آهين؟“ نوڪر وڏيري کي جواب ڏيندي چيو ته
”قربان وڃان، آئون نوڪر، پر منهنجو ”هڪڙو شرط آهي،
اهو آهي ته جي توهان مون کي ٻاهر يعني نوڪري مان
ڪڍندا ته آئون انهيءَ مهل اوهان جي هڪڙي اک ڪڍندس.
جي انهيءَ شرط تي ”ها“ ۾ جواب آهي ته بيهندس، جي
نه ته پوءِ ماشاءَ الله اوهان جو به الله واهي،
اسان جو به الله واهي“.
وڏيري چيو ته ”اهو ”شرط“ مون کي قبول آهي.“ اهو
نوڪر اتي نوڪريءَ ۾ بيهي رهيو. وڏيري کيس ڪم ڏيندي
چيو ته: ”هي جيڪي ڏاند آهن، انهن جي خدمت چاڪري
تنهنجي بلي آهي.“ نوڪر چيو ”حاضر سائين! اوهان جو
حڪم اکين تي“ وڏيرو ائين چئي نوڪري کي هليو ويو،
نوڪر ڇا ڪيو جو ڏاند ڇوڙي اچي ڪونر تي ٻڌا، تنهن
تي. ٻين نوڪرن چيس ته: ”انڌا اهو ڇا ٿو ڪرين؟“ هن
کي جواب ڏنو ته ”ڏاند منهنجي بلي آهن، منهنجي مرضي
آهي. ڪيئن به ڏاند چاريان، توهان ڇوٿا مٿو کائو.“
هي اهو جواب ٻين نوڪرن کي ڏئي سڌو وڏيري وٽ آيو،
وڏيري کي چيائين ته: ”سائين! ڏاند صفا گاهه نٿا
کائن.“ وڏيري چيس ته: ”پاڻي ٻاڻي پيئاري، پوءِ
گاهه کارائي، ڏسين ته پوءِ گاهه کائن ٿا يا نه!“
هي وڏيري وٽان ٿي آيو ۽ رهندو ڏاندن جا منهن ڇڪي
ٻڌائين، وري وڏيري وٽ آيو، چيائينس ته: ”سائين!
هاڻي ته صفا ”ڦوڪٽ“ ٿا هڻن.“ وڏيري ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ
۾ چيو ته ”جي نٿا کائن پيئن تي وڃي ڪُهين.“ وڏيري
جو ڪهڻ لفظ چوڻ، نوڪر ڇا ڪيو جو ماڻهو گڏ ڪري
ڪاتيون هٿ ڪري ڏاند ڪهڻ لڳو، ڏاند ٻئي ڪُهي گوشت
جا ڍير ڪري ڇڏيائين، وري سڌو وڏيري ڏي آيو کيس
چيائين ته: ”سائين! اوهان جي حڪم جي تعميل ٿي
وئي.“
”ڏاند ڪُٺا پيا اَٿوَ، اچي گوشت ورهايو.“ وڏيري جا
طاق نڪري ويا. وڏيري تارا ڦوٽاري، ناسون ڦنڊائي،
ڪاوڙ واري لهجي ۾ نوڪر کي چيو ته ”اڙي تو ڏاند ڇو
ڪُٺا، توکي ڪنهن چيو، نڪريءَ وڃ ناهي تو جهڙي
نالائق نوڪر جي ضرورت“ نوڪر ادب مان اُٿي کيس چيو
ته: ”سائين اوهان جي حڪم هو جو اوهانکي انهيءَ تي
ڪاوڙ آهي ته مون کي اک ڪڍڻ ڏيو. سا به شرط موجب،
آئون هتان هليو ويندس.“ وڏيري سوچيو ته ٻيلي ڳالهه
ڳچيءَ ۾ ٿي پئي، انهيءَ مهل نوڪر کي چيائين ته ”هل
هل هاڻي ٽُر منهنجي اکين اڳيان وڃي پنهنجو ڪم ڪار
ڪر.“ ٻه ٽي ڏينهن خير جا گذريا.
هڪ ڏينهن اوچتو وڏيري جي ماءُ بيمار ٿي پئي وڏيرو
نوڪر کي پنهنجي امڙ وٽ ويهاري، پاڻ ڊاڪٽر کي وٺڻ
ويو. وڏيرو رڳو ٻاهر نڪتو ئي مس، هن (نوڪر) ڇا ڪيو
هو ڪراڙيءَ کي گُهٽا ڏئي ماري ڇڏيو، جڏهن وڏيرو
آيو، ڏٺائين ته امڙ الله سائين کي پياري ٿي چڪي
آهي وڏيرو رُنو، نوڪر کي وڏيري چيو ته ”وڃي
قبرستان ۾ امان لاءِ قبر کوٽ“ نوڪر چيس ته ”سائين!
ڪيتري کڻان،“ وڏيري کي نوڪر جي انهن لفظن تي ڏاڍي
چڙ آئي، ڪاوڙ ۾ کيس چيائين ته ”ٻڌاءِ ته اڙي اچي
اڇي ڏاڙهي ٿي اٿئي، تو قبر ڪونه ڏٺي آهي.“ نوڪر
کيس جواب ڏيندي چيو ته ”سائين! قبرون ته برابر
گهڻيون ئي ڏٺيون اٿم، اندازي مطابق هوندي ته ڏاڍو
سٺو ٿيندو.“ وڏيري چيس ته ”ڪلهي جيتري کڻ وڃي.“ هي
هليو ويو ڪلهي کي ڪڇي ان جيتري کڻي آيو. ڀڄندو
ڀڄندو پنجن منٽن ۾ موٽي آيو. وڏيري پڇيس ته ”اڙي،
قبر کوٽي آئين، ڪڏهوڪو سائين! وڏيري ڪنهن ڳوٺ جي
ماڻهوءَ کي موڪلي چيو ته ”ادا تون وڃي ڏسي اچ ته
ڇا ڏسي ته قبر رڳو ٻه آڱر کنئي پئي آهي.
تڪڙو تڪڙو وڏيري وٽ آيو، کيس چيائين ته ”سائين رڳو
قبر ٻه آڱر کنيل آهي،“ وڏيري نوڪر کان پڇيو، ”اڙي
اهو ڇاهي فوتيءَ سان به مذاق،“ نوڪر وراڻي ڏني ته
”سائين اوهان جو حڪم هو، وڏيري چيس ته ”نڪري وڃ“
نوڪر چيو ”شرط موجب اک“ وڏيري ”اک“ ڪڍي ڏني ۽ سندس
جي نڀاڳي نوڪر مان جند ڇٽي، پر اصل وڏيري جيڪا اک
ڪڍي ڏني سا پٿر جي نقلي اک هئي. ڇو جو وڏيرو ڪاڻو
هو.
غلام فاروق کٽي
فرض جي جيت
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ڳوٺ ۾ ٻه ڀائر رهندا
هئا. وڏي ڀاءُ جو نالو عاشق ۽ ننڍي ڀاءُ جو نالو
جميل هو. انهن جون تمام گهڻيون زمينون هيون. جيڪي
ٻنهي جي گڏيل ملڪيت هيون. عاشق چاهيندو هو ته هي
سڀ زمينون پاڻ وٽ رکي پر هو مجبور هو. جميل جو هڪ
پٽ خليل هو ۽ عاشق جي هڪ ڌيءَ ريحانه هئي. جميل
چاهيندو هو ته منهنجو پٽ پڙهي لکي ڪري ڊاڪٽر ٿئي.
جڏهن خليل جي عمر پنج سال ٿي ته هن جي پيءُ خليل
کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. جڏهن خليل ٻئي ڪلاس ۾
پهتو ته هنن تي مصيبتن جا ڏينهن شروع ٿي ويا. ٿيو
ائين جو هڪ ڏينهن خليل جو پيءُ جميل پنهجين زمينن
کان واپس گهر اچي رهيو هو ته رستي ۾ هن کي هڪ
زهريلو نانگ ڏنگي وڌو. نانگ اهڙو زهريلو هو جو
جميل انهيءَ مهل ئي مري ويو، جڏهن ماڻهو هن جي لاش
کي گهر کڻي آيا ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
جميل جي موت کي اڃا مس ڪجهه ڏينهن ٿيا هئا ته عاشق
هنن جي زمينن تي قبضو ڪري ڇڏيو ۽ جميل ۽ هن جي
ماءُ کي ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ويندي ويندي جميل
جي زال چيو ته، ”خدا وٽ دير آهي، انڌير ڪونهي،“
جميل جي زال ۽ هن جو پٽ ٻئي پنهنجي تقدير تي
روئيندا شهر ڏانهن هلڻ لڳا ۽ شهر ۾ ڪرائي جو گهر
وٺي رهڻ لڳا، خليل جي ماءُ واقعي همت واري عورت
هئي، هوءَ سڄو ڏينهن پاڙي وارن جا ڪپڙا سبي ڪري
گهر جو خرچ پورو ڪندي هئي ۽ خليل کي به پڙهائيندي
هئي. خليل هڪ ذهين ۽ محنتي ڇوڪرو هو. هو هر سال
ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. ڏينهن جا ڏينهن
گذرندا ويا ۽ خليل پنهنجي تعليم مڪمل ڪري ورتي ۽
خليل اسپتال جي ٽائيم کانپوءِ شام جو گهر ۾ هڪ
ڪلينڪ کولي ڇڏي هئي. هاڻي ته هو ملڪ ۽ قوم جي خدمت
ڪرڻ لڳو هو يعني ملڪ ۽ قوم جو به سڄڻ هو. هڪ ڏينهن
ڪجهه ماڻهو هڪ زخمي کي اسپتال کڻي آيا. هو ڏاڍي
خطرناڪ طريقي.
سان زخمي ٿيو هو. هن جي سيني ۾ گولي لڳي هئي. جڏهن
هن کي آپريشن روم ۾ آندو ويو ته خليل به آپريشن
روم ۾ پهچي چڪو هو، هن ڏٺو ته هي زخمي هن جو چاچو
عاشق هو. اهو چاچو جنهن هنن کي ڌڪاري ڳوٺ مان ڪڍي
ڇڏيو هو. اڄ هو خليل جي رحم وڪرم تي هو. اڄ خليل
جي امتحان جو وقت هو. هڪ طرف هن جي انتقام هو ۽
ٻئي طرف هن جو فرض هو. آخرڪار هن جو فرض جيتي ويو
۽ هن پنهنجي دشمن کي بچائي ورتو. جڏهن هو واپس گهر
ويو ته هن پنهنجي ماءُ کي سڄي حقيقت ٻڌائي.
هيڏانهن وري جڏهن عاشق هوش ۾ آيو ته هن کي خبر پئي
ته ڊاڪٽر خليل هن کي بچايو آهي. هو زخمي هئڻ جي
باوجود به ڊاڪٽر خليل جي گهر هن جي شڪريو ادا ڪرڻ
ويو. جڏهن هو ڊاڪٽر خليل جي گهر پهتو ته خليل جي
ماءُ دروازو کوليو.
ڏسو خدا جو شان اڄ هڪ ظالم هڪ مظلوم جي گهر جي
دروازي تي بيٺو هو جڏهن هن کي خبر پئي ته ڊاڪٽر
خليل هن جو ڀاءُ جو پٽ آهي. ته هو هنن جي پيرن تي
ڪري پيو ۽ معافي وٺڻ لڳو. خليل ۽ هن جي ماءُ هن کي
معاف ڪري ڇڏيو، هنن کي پنهنجون زمينون به واپس ملي
ويون ۽ عاشق پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڊاڪٽر خليل سان
ڪري ڇڏي. ائين خدا جي قدرت سان ٻه اجڙيل گهر آباد
ٿي ويا.
عظميٰ پنهور
انگور
انگور جون دنيا ۾ جملي 800 جنسون آهن، البت جيڪي
انگور ماڻهو عام طور واپرائين ٿا اهي درجن کن قسمن
جا آهن.
اسرائيل ۽ قبرص ۾ اڇي رنگ جا انگور ٿين ٿا جن ۾ ٻج
ناهي ۽ قد ۾ ننڍڙا ۽ ذائقي ۾ کٽا ٿين ٿا.
ڏکڻ آفريقا، آسٽريليا، اسرائيل، چلي ۽ آمريڪا ۾
”ٿاپمسن“ نالي انگور ٿين ٿا جن ۾ ٻج ناهي، اهي
وچولي قد جا ٿين ٿا ۽ مٺا آهن.
اٽلي جا انگور جن کي اٽاليا سڏيو وڃي ٿو سي سائي
گاڏڙ پيلاڻ مائل رنگ جا ٿين ٿا ۽ انهن ۾ هڪ مهڪ
ٿئي ٿي.
ڪاري رنگ جا انگور، ننڍڙا ۽ مٺا اسپلين ۾ پيدا ٿين
ٿا. جن کي نيپولين سڏجي ٿو. انهن ۾ ٻج هوندو آهي.
چليءَ ۾ جيڪي انگور ٿين ٿا انهن کي قليم سڏجي ٿو.
اهي انگور بنا ٻج جي ٿين ٿا. اهي وچولي سائيز جا
هوندا آهن ۽ تمام مٺا ٿيندا آهن.
انگور جو ميوو دنيا ۾ گهڻي ۾ گهڻو پيدا ٿئي ٿو. ۽
اهو ڪيميائي ڀاڻ جو پڻ گهڻي ۾ گهڻو اثر قبول ڪري
ٿو، ان ڪري هر سال ٽي لک آمريڪي هاري انگورن تي
هاريل ڪيميائي ڀاڻ جي زهر کان متاثر ٿين ٿا. انهن
جا ٻار معذور ٿين ٿا ۽ انهن ۾ ڪينسر جي بيماري
موجود آهي.
انگورن جي ٻج مان هڪ تيل نڪري ٿو جيڪو دوائن ۾
استعمال ٿئي ٿو.
انگور جي جوس ۾ ليمي ۽ پائن ايپل (انناس) جو جوس
ملائي پيئڻ سان دنيا جي بهترين شربت جو ذائقو ملي
ٿو.
انگورن ۾ ان لحاظ کان مڪمل کاڌو ٿئي ٿو ڇاڪاڻ ته
ان جي 160 گرام ۾ 113 ڪئلريون ٿين ٿيون،
ڪاربوهائڊرائيٽ 43 ۾ 28 ٿئي ٿو، وٽامن اي 30، 11
ٿئي ٿو ۽ ڪئلشم 60 ۽ 17 ٿئي ٿي.
نسيم حبيب کوسو
دل جي آس
عاصم معمول مطابق اسڪول وڃي رهيو هو، سندس پيءُ هڪ
ڪارخاني ۾ ملازم هو. ان جي پگهار ايتري نه هئي جو
هو پٽ کي پڙهائي..... پر پوءِ به هو اهوئي چاهيندو
هو ته ڪاش! منهنجو پٽل هن غربت جي ماحول ۾ لکي
پڙهي ڪو آفيسر ٿئي....“ ڇو ته هن غربت جي دور ۾
پڙهڻ مشڪل آهي. سندس پيءُ کي ڄاڻ هئي ته ”اڻ پڙهيل
جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي... سڄو ڏينهن سخت محنت ۾
مشقت آخر اڻ پڙهيل جي مقدر ۾ لکيل هوندي آهي.“
عاصم کي به پڙهي، آفيسر ٿيڻ جو جنون تائين شوق
هيو... عاصم خوابن ۾ اڪثر پاڻ کي آفيسر جي حيثيت
سان ڏسندو هو...... عاصم پڙهڻ ۾ تمام گهڻو هوشيار
هو. ان لاءِ هو هر سال پوزيشن کڻندو هيو. جيئن ئي
موڪل جي گهنڊ وڳو، عاصم تڪڙو تڪڙو گهر پهتو... گهر
۾ داخل ٿيندئي عاصم حيرت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو...
سندس ماءُ جي اکين ۾ لُڙڪ هئا. سندس ڀيڻ به آهستي
آهستي سڏڪا ڀري رهي هئي.... عاصم تعجب جي سمنڊ ۽
غوطا کائڻ لڳو.....
”آخر امان! هي ڇا آهي... اوهان جي ۽ ناديه جي اکين
۾ ڳوڙها ....“ عاصم وري حيرت مان پڇيو.
”پٽ! تنهنجو بابُو...“
”ڇا ٿيو آهي بابي کي ......؟“ عاصم پنهنجي ماءُ جو
جملو ڪٽيندي حيرت مان پڇيو.
”پٽ! ڪارخاني جي مشين ۾ ڪم ڪندي تنهنجي پيءُ جي هڪ
ٻانهن ڪٽجي وئي ۽ ان حادثي جي ڪري تنهنجو پيءُ
اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي ويو....“ ايترو چئي سندس
ماءُ جي اکين مان ڳوڙها ڪرڻ شروع ٿي ويا... عاصم
جو مٿو چڪر کائڻ لڳو!.....
ايتري ۾ هن جي پيءُ جو لاش به کڻي آيا، ۽ ان کي
دفنايو ويو ڪجهه وقت تائين، هوءَ زندگي گذارڻ لڳا
پر، سندس پيءُ جا رکيل پئسا به ٽن مهينن کان پوءِ
ختم ٿي ويا.... اوڌر وٺي ڪجهه ڏينهن تائين گذر سفر
ڪرڻ لڳا... پر پئسا نه ملڻ ڪري دڪاندار سندن اوڌر
ڏيڻ به بند ڪئي... عاصم جي دل چاهي پئي ته هو
پڙهي... پر سندس گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو ته
هو في ڪتابن جا پئسا ڪٿان آڻي.. ماءُ ۽ ڀيڻ جا
بکايل چهرا ڏسي کيس احساس ٿيو ته محنت ۾ مزدوري
کان سوا ۽ ٻيو ڪو به جيئڻ جو سهارو نه آهي... پوءِ
هن مزدوري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو....
هو هاڻ هڪ هوٽل ۾ مزدوري ڪرڻ لڳو، کيس صبح کان رات
دير تائين محنت ۽ مشقت ڪرڻي پوندي هئي... هاڻي به
سندس من ۾ اهائي آس هئي ته ”ڪاش! مان پڙهان.....؟“
هن دل جي اها آس دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سانڍي رکي هئي.
هوٽل ۾ کيس ”ڇوٽو“ چئي سڏيندا هئا... هُو هوٽل جي
ڪنڊ ۾ ويٺو ٿانو ڌوئي رهيو هو. انهيءَ وقت هڪ چشمو
پاتل نوجوان هوٽل ۾ داخل ٿيو... ڏسڻ سان ائين لڳي
رهيو هو ڄڻ ڪو آفيسر هجي... اهو نوجوان هوٽل ۾
ڪرسيءَ تي ويهي رهيو... ويهندي هڪ ٿڌو ساهه
کنيائين.....
”ڇوٽو... او ڇوٽو“ ان نوجوان عاصم کي سڏ ڪندي چيو.
”جي صاحب...“ عاصم ان جي ڀرسان ايندي چيو.
”ڇوٽو! تون منهنجي لاءِ مُرغي جي پليٽ ۽ ڪجهه
مانيون کڻي آ“
ان نوجوان کيس آرڊار ڏيندي چيو....
عاصم جلدي ۾ ٻڌايل شيون آڻي سندس سامهون رکيون....
ماني کائڻ کانپوءِ اهو نوجوان اٿيو ۽ بل ادا ڪرڻ
هليو. ان نوجوان جي وڃڻ کانپوءِ عاصم حيران ٿيو.
اڳتي وڌي بل ادا ڪرڻ واري جڳهه تان هڪ پرس
کنيائين، جيڪو اصل ۾ ان نوجوان جو هو، ان نوجوان
پئسا ڏيڻ کانپوءِ پرس پينٽ جي کيسي ۾ وڌو هيو، پر
پرس هيٺ ڪري پيو...
”سيٺ صاحب! او سيٺ صاحب عاصم هوٽل مان ٻاهر نڪري
کيس سڏ ڪيو.
”جي......“ ان شخص ڪنڌ ورائيندي چيو.
”سيٺ صاحب! اوهان جو هي پرس....“ عاصم کيس پرس
ڏيکاريندي چيو. ان شخص پينٽ جي کيس ۾ هٿ وڌو...
جنهن ۾ پرس موجود نه هو... ان نوجوان جي چهري تي
مسڪراهٽ ڦهلجي وئي.
”شاباس! پٽ آئون تنهنجي ايمانداريءَ کان ڏاڍو
متاثر ٿيو آهيان.... “ ان نوجوان خوش ٿيندي چيو.
پوءِ ان نوجوان کائنس اسڪول پڙهڻ جي باري ۾ پڇيو.
عاصم جواب ڏيڻ بجاءِ ڪومائجي ويو.. سندس دل جي آس
وري اڀري آئي.. عاصم روئڻهارڪي لهجي ۾ کيس ٻڌايو،
پوءِ ان شخص عاصم جي پڙهڻ ۽ ان جي گهر جو خرچ جو
بار خوشيءَ سان قبول ڪيو...
عاصم هوريان سندس پويان هلي رهيو هو. کيس ائين
محسوس ٿيو ڄڻ هن دنيا فتح ڪئي هجي. ڇو ته سندس دل
جي آس پوري ٿي چڪي هئي. |