هڪ ڀيري سمي سردار ڄام تماچيءَ کي شوق ٿيو، ته
ڪينجهر جو شڪار ڪجي. انهيءَ ارادي سان مهاڻنجي
ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، ڪينجهر جو ڪنارو ڏيندي پئي ويو،
ته سندس اوچتو اک وڃي ”نوريءَ“ تي پيئي. بس، ڄام
کان شڪار وسري ويو، سندس نظر نوريءَ مان نڪتي ئي
نه پئي. پوءِ ته لاڙو سج جي مهل موٽي اچي محلات
ڀيڙو ٿيو.ساري رات کيس پاسا ورائيندي گذري ويا.
صبح ٿينديئي نوريءَ جي مائٽن ڏانهن نياپو ڪيائين،
ته ”نوريءَ جو سڱ مون کي ڏيو!“ مهاڻا، جيڪي ڪنهن
جي ڀرسان بيهي نه سگهندا هئا، تن تي راجا راضي
ٿيو. هنن ته بنا ڪنهن سوچ ويچار جي کڻي هائوڪار
ڪئي. پوءِ ته محلات ۾ خوشيءَ جون محفلون مچي ويون
۽ وڏي مان ۽ مرتبي، داٻ ۽ دٻدٻي سان شادي ٿي.
هينئر ته مهاڻن جو منهن مٿي ٿي پيو. هوڏانهن سمي
سردار جي راضي ٿيڻ سان سندس سڀ محصول ئي معاف ٿي
ويا ۽ پڻ ڪينجهر سندن ورثو بڻجي پيئي. ڄام تماچيءَ
جي دل تي نوريءَ جي نياز ايترو اثر ڪيو، جو کيس
پنهنجن سمورين راڻين ۾ ”پٽ راڻي“ ڪري رکيو. بس
پوءِ سموريون سميون به نوريءَ جي آڏو پاڻ نوايو
بيٺيون هيون.
هڪ ڀيري ڄام تماچيءَ پنهنجي پٽ راڻيءَ جي نياز
نوڙت جي پرک لهڻ لاءِ حويليءَ تي چوائي موڪليو،
ته ”اڄ شام سڀ راڻيون هار سينگار ڪري ويهن، آءٌ
اوهان مان جنهنکي وڌيڪ ٺاٺ باٺ سان ڏٺم، تنهن کي
ڪينجهر جي ڪناري تفريح لاءِ نيندس.“ سمي سردار جي
نياپي سان سموريون راڻيون وڏا ٺاٺ باٺ ڪيو انتظار
۾ ويٺيون رهيون.
نُوري، جنهن نڪو ڪيو هو هار سينگار ۽ نه وري ڪي
تيل ڦليل هڻي پاڻ کي جرڪايو، ويتر آباڻا چتين لڳل
ڪپڙا پائي محل جي هڪ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺي. مقرر وقت تي
جڏهن ڄام محلات ۾ آيو، تڏهن سموريون سَميون نازن ۽
نخرن سان اوچا ڳاٽ ڪيو،سندس آڏو اچي بيٺيون، پر
پسند نه پيون هوڏانهن نوري، پراڻن ڪپڙن ۾ نوڙت
وچان ڪنڌ جهُڪائي سندس آڏو اچي بيٺي. ڄام تماچيءَ
نُوريءَ جي انهيءَ نوڙت ۽ نهٺائيءَ کان متاثر ٿي،
کيس کڻي ٻيلهه سوار ٿيو.
نُوري، جا هڪ ميرن مُهاڻن جي ڪکائن جهوپڙين ۾ پلي
جوان ٿي هئي تنهن جو سمي سردار جي محفلين ۽ ماڙين
مَن نه وڌايو، ويتر سندس عجز ۽ نياز ۾ ڏينهون
ڏينهن واڌارو ايندو رهيو. ڪڏهن به ٻين سمين جيان
ٺاٺ باٺ ڪري نه ويٺي. هميشہ پنهنجي اصليت کي ياد
ڪندي، ساڳي پيروي آباڻي اختيار ڪندي رهي. اهوئي
سبب هو، جو نوريءَ جي انهي نياز ۽ نوڙت سمي سردار
ڄام تماچي کي کٽيو هو، جنهنڪري مُهاڻن جا ميرا
ڌُئندي،راجا راضي ٿي،سموري ڪينجهر سندن حوالي
ڪيائين.
سچ آهي، ته سچو سينگار روحاني ولايت ۾ واسيو ويو
آهي، جن هت ڪنبي ڪتيو، تن کي سڀان اوچتو مشڪلات
درپيش نه ايندي، جن ڳچي ۾ پاند پائي ۽ من ۾ محبت
مَئي ڪتيو، تن جي سُٽ لاءِ صراف به سڪن ٿا. جي
ائٽ جو آواز ساه کي ٿيون سڻائين تن جو سٽ يقينا بي
بها آهي ان اڳيان ماڻڪن جو ماڻڪن جو ملهه ناهي.
سنڌ جي سرتاج صوفي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
رح به انهيءَ ”نوريءَ“ جو ذڪر آندو آهي. جنهن وٽ
ڪو به ٺاٺ باٺ نه هو. هميشہ وٽس اصليت جي اونهائي
۽ دل جي گهرائي هئي. هوءَ زماني جي خالي ٺٺ ٺانگر
کي هرگز پسند نه پئي ڪري، انهي ڪري هر سهاڳڻ تڏهن
ئي پنهنجي ور (مالڪ) وٽ مقبول ٿي وڃي، جڏهن کيس
اخلاقي دائري ۾ نياز ۽ نوڙت وارا زيور پاتل آهن،
جيڪي حالانڪ ظاهر نظر نه ٿا اچن، حقيقي پارکو
اُنهن کي اندر جي اک سان چڱيءَ طرح ڏسي سگهن ٿا-
حفيظ الله حفيط
سائنس
فزڪس نوبل جو انعام
سال 1979ع جو فزڪس جو نوبل انعام هڪ پاڪستاني
سائنسدان ۽ مشهور فزڪس دان ڊاڪٽر عبدالسلام سان گڏ
ٻن آمريڪي سائنسدانن پروفيسر شيلڊن گلاشري ۽
پروفيسر اسٽيمن ويئنبرگ کي ڏنو ويوآهي. اهو نوبل
انعام جيڪو تقريبا 88 هزار پونڊ اسٽرلنگ جو آهي
ٽنهي سائنسدانن ۾ ورهايو ويو، اهو انعام ڊاڪٽر
عبدالسلام کي سندس ڪائنات کي يڪجا رکڻ واري قوت
کي ڳولهي لهڻ جي نتيجي ۾ مليو آهي. مشهور
سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن پڻ ساڳي قوت کي
ڳولهيندي 30 سال ڳاري ڇڏيا پر ڪامياب نه ٿيو. اڄ
کان اڳ ڪائنات کي يڪجا رکڻ لاءِ چئن قوتن کي
ذميوار سمجهيو ويندو هو پر ڊاڪٽر عبدالسلام جي
چوڻ موجب ته ”مان هڪ مسلمان جي حيثيت سان سوچيو
ته ڪائنات کي چار قوتون نه پر هڪ قوت هلائي رهي
آهي. اها قوت ڪهڙي آهي ان تي مان ڪم ڪيو ۽ آخر
ڪامياب ٿيس ۽ جي الله تعاليٰ چاهيو ته سال1988ع
تائين منهنجو نظريو باقاعده تجربن وسيلي مڃيو
ويندو. هن وقت تائين منهنجو نظريو گهڻي ڀاڱي ثابت
ٿي چڪو آهي باقي هڪ مکيه تجربو رهي ٿو جنهنن جي
لاءِ جينيوا ۾ هڪ پلانٽ هنيو پيو وڃي جيڪو انشاء
الله 1988ع ۾ مڪمل ٿيندو.
اهي چار قوتون جيڪي حقيقت ۾ هڪ ئي قوت جو ڪرشمو
آهن. هيٺ ڏجن ٿيون.
ثقلي قوت
Gravitational Force
هيءَ اها قوت آهي جيڪا ڪنهن به ٻن پولاري جسمن جي
وچ ۾ ٿيندي آهي. اها قوت اسان جي زمين تي اسان کي
وزن جي صورت ۾ محسوس ٿيندي آهي. اهائي قوت آهي
جنهن جي ڪري ڪو به جسم تيستائين زمين جي هوائي
گهيري مان نه ٿو نڪري سگهي جيستائين هو 25 هزار
ميل في ڪلاڪ جي رفتار نه وٺي. ۽ اهائي قوت آهي
جيڪا چنڊ کي زمين جي چوگرد ۽ زمين کي سج جي چوگرد
گردش ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. ان جي قوت جي ڪري
سج پنهنجو وجود قائم رکي سگهيو آهي ٻين لفظن ۾ هن
دنيا ۾ حياتي کي چرپر ۾ رکڻ لاءِ ثقلي قوت هڪ تمام
بنيادي ۽ مکيه وسيلو آهي.
برقي قوت (Electromegnetic
force)
اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته برقي قوت ۽ مقناطيسي
قوت ٻئي هڪ آهن يا ٻين لفظن ۾ اهي ٻئي قوتون هڪ
ئي قوت جا ٻه روپ آهن جنهن کي برقي مقناطيسي قوت
ڪري چئبو آهي. جيڪڏهن ڪي به ٻه برقي تارون هڪ ٻي
جي ويجهو آنديون وينديون ته سندن وچ ۾ هڪ قوت پيد
اٿيندي جنهن کي برقي قوت چئبو آهي اها ساڳي قوت
ايٽم ۾ موجود ذرڙن جي وچ ۾ هوندي آهي بنيادي طور
ته ايٽم جا ٻه هڪ هوندا آهن هڪ واڌو حصو ٻيو ڪاٽو
حصو. ڪاٽو حصو تمام ننڍن ننڍن زرڙن تي مشتمل هوندو
اُهي جن کي اليڪٽران ڪري چئبو آهي ۽ واڌو حصو هڪ
تمام سخت حصو هوندو آهي جنهن کي مرڪز ڪري چئبو آهي
مرڪز ۽ پروٽان ۽ نيوٽران ٿيندا آهن جپڪي ايٽم جي
وزن جا ذميوار هوندا آهن. انهن ذرڙن کي مرڪزي ذرڙا
ڪري چئبو آهي.
مرڪز جي طاقتور قوت
Strong nuclear force
اها قوت مرڪز کي هڪ جاءِ تي برقرار رکڻ جي ذميوار
هوندي آهي. مرڪز ۾ پروٽان ذرڙا ٿيندا آهن جن جي
مٿان واڌو برقي بار ٿيندو آهي. مرڪز ۾ موجود
پروٽان پروٽان پروٽان نيوٽران ۽ نيوٽران نيوٽران
کي ڪشش ڪندو آهي. اهڙي قسم جي قوت کي مرڪز جي
طاقتور قوت ڪري چئبو آهي. اهو هڪ سوال آهي ته
مرڪز ۾ موجود هڪ جهڙا برقي بار رکندڙ ذرڙا هڪ ٻي
جي ايترو ويجهو ڇو آهن؟ ايٽم جو مرڪز ايترو سخت ڇو
آهي؟ ان مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته بيشڪ اتي ڪا اهڙي
قوت آهي جيڪا هڪجهڙي برقي بارن جي ڪري جيڪا هٽاءُ
جي قوت پيدا ٿي ٿئي. تنهن تي غالب ٿي اچي وڃي نه
رڳو غالب ٿي پوي پر ذرڙن کي هڪ ٻي جي تمام ويجهو
ٿي رکي ايترو جو هو هيري جهڙ سخت ٿي ٿا پون! ان
قوت کي مرڪز جي طاقتور قوت چئبو آهي. اها قوت
برقي هٽاءُ واري قوت کان اندازا سؤ ڀيرا وڌيڪ
طاقتور هوندي آهي.
ڪمزور قوت (Weak
force)
ڪجهه جسم يا ماده اهڙا ٿيندا آهن جيڪي تابڪار شعاع
خارج ڪندا آهن اهڙي قسم جي مادن کي تابڪار ماده
ڪري چئبو آهي تابڪار شعاع ٽن قسمن جا ٿيندا آهن هڪ
الفا ڪرڻا يا شعاع اهي شعاع ٻن پروٽان ۽ ٻن
نيوٽران جي وزن برابر ٿيندا آهن ۽ مٿاهن واڌو برقي
بار ٿيندا آهن ٻيا بيٽا ڪرڻا جن تي برقي بار ٿيندو
آهي ۽ ٽيان گاما ڪرڻا جن تي ڪو به برقي بار نه
ٿيندو آهي. اها قوت جيڪا انهن ڪرڻن کي خارج ڪرڻ جي
ذميوار آهي مرڪز جي ڪمزور قوت سڏبي آهي.
ڊاڪٽر عبدالسلام جي نظريي موجب اهي قوتون هڪ ٻي
کان ڌار يا مختلف نه آهن پر اهي چارئي قوتون هڪ
مکيه قوت جون پيداوار آهن اهڙي ريت اها قوت هن سڄي
ڪائنات کي برقرار رکڻ ۾ منجهس حياتيءَ جي چرپر ۽
ٻين قدرتي عملن جي ذميوار آهي ٻين لفظن ۾ هي سڄي
ڪائنات هڪ قوت جي وسيلي هلي رهي آهي.
گل ڦل کي انعام مليو
حڪومت پاڪستان جي برپا ڪيل اداري ”نئشنل بوڪ
ڪائونسل آف پاڪستان ملڪ ۾ شايع ٿيندڙ معياري رسالن
جو جائزو وٺڻ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي ٻارن جي
رسالي گل ڦل کي پنج سئو روپيا انعام ڏنو آهي.
سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ هي پهريون رسالو آهي جنهن کي ايڏو
اعزاز مليو آهي. – ايڊيٽر
انور هالائي
گلن ڦلن جا مالهي
اياز پوٽولي
انساني زندگيءَ جو پهريون ڏاڪو ننڍپڻ جو زمانو
آهي. جيڪڏهين ننڍپڻ جو زمانو ڪنهن چڱيءَ تعليم
تربيت ۾ گذريو ته ان جواثر وڏ پڻ جي زندگيءَ تي
سون تي سهاڳ مثل ٿئي ٿو. اياز پاٽولي،ٽنڊي محمد
خان ضلع حيدرآباد جورهاڪو آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي
تعليم پرائڻ جو شوق هوندو هو. اسڪول پرائڻ جو شوق
هوندو هو. اسڪول ۾ به ساڻس استاد نهايت قرب ۽ محبت
سان پيش ايندا هئا. ننڍپڻ ۾ کيس نه هوٽلن تي ويهي
گانن ٻڌڻ جو شوق جاڳيو ۽ نه وري فلم ڏسڻ جو شوق
پيدا ٿيو. سارو وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ صرف ڪندو هو جنهن
جو اثر اهو ٿيو جو آهستي آهستي منجهس لکڻ جو چاهه
جاڳيو ۽ ان چاهه جي نتيجي ۾ سندس نظم ۽ ڪهاڻيون
نواءِ سنڌ، نئين سنڌ ۽ هلال پاڪستان ۾ شايع ٿيڻ
لڳا. ان دور ۾ ٻارن جو مقبول رسالو ”گلستان“ به
شايع ٿيندو هو. ان ۾ به سندن لکڻيون ڇپبيون هيون.
جيئن جيئن شوق وڌندو ويس. تيئن تيئن جذبو به وڌندو
ويو. 1956ع ۾ اياز پاٽولي ٻارن جي محفل نالي هڪ
لائبرري قائم ڪئي، جنهن ۾ ادبي رهاڻيون به ٿينديون
رهيون. انهيءَ وچ ۾ ٻارن جو مقبول رسالو ”گلستان“
بند ٿي ويو. اَياز پاٽولي پنهنجي دوستن سان گڏجي
جنوري 1957ع ۾ اداره گلشن ادب جو بنياد رکيو، جنهن
جو مقصد هو ته ٻارن کي اهو ادب ڏجي جنهن جي کين
ضرورت آهي.
هن اداري جي ڏکن سکن جو ذڪر ڪندي اياز چيو:
ادارو ته قائم ڪري ويٺاسون مگر هي ادارو اسان لاءِ
ڄڻ رنڊڪن۽ دشوارين جو مينار بنجي پيو. شروعات ۾
جيڪي ساٿي ساڻ هئا ۽ کين سچو سمجهيو هوم، انهن وري
ڪتاب ڇپائڻ جي بهاني چنڊا ڪري ۽ اهي پئسا حيدرآباد
کڻي ويا جتي ڏاڍو گهمي ڦري فلمون ڏسي رقم رلي ڪري
آيا. پر اسان جوعزم پختو ۽ ارادو نيڪ هو. سو اسين
ڪٿي ٿا مڙون، رڳو 50 روپين جي موڙيءَ سان پهريون
ڪتاب ”هيرن جو هار“هاري حقدار پريس کي ڇپائڻ لاءِ
ڏئي آياسون.
ڪتاب ڇپيو ڏاڍي حوصله افزائي ٿي، سنڌي ٻارڙن کي
جيڪو ”گلستان“ بند ٿيڻ وارو دلي صدمو رسيو هو،
انهن جي دلين کي هن سلسلي خوشي بخشي، مون کي ته
ايڏي خوشي نصيب ٿي،جهڙوڪ رستن ولائتن جي بادشاهي
نصيب ٿي هجيم. ٻن ڪتابن شايع ڪرڻ کانپوءِ مون
وارو هڪڙو ساٿي به ڀڄي ويو، سو صرف انهيءَ ڪري جو
ڏٺائين ته هن ڪم ۾ ڪمائي اصل ڪانهي مرڳو کيسن جون
خرچيون ٿيون وڃن. اِها اُها حقيقت آهي ته اسان
ڪچيءَ کان وٺي هن سلسلي کي ڪهاڻي جو ذريعو نه
بنايو، جيڪڏهن هن سلسلي ۾ ڪا ٿوري گهڻي ڪمائي هجي
ها ته ٻيا ساٿي هرگز نه ڀڄن ها.
اُنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين هي سارو بار
سر تي اٿم، مالي مشڪلاتن جي باوجود به همتون سالم
اٿم ۽ پختو عزم اٿم ۽ ڪڏهن به منزل تان قدم هٽايو
ڪين اٿم. ڪتاب جي لکائيءَ کان وٺي ڇپائيءُ تائين
ويندي پوسٽ ذريعي ڪتابن موڪلڻ وارو ڪم به پنهنجي
هٿن سان ڪندو آهيان اهو سڀ ڪجهه پاڻ ڀارڻ جو جذبو
اٿم جيڪو ننڍپڻ کان وٺي سانڍيو اٿم. خدا جي
مهربانيءَ سان اڄ تائين ڪنهن کي به هٿ ونڊائڻ لاءِ
سوال نه ڪيو اٿم نه ڪنهن سکئي کي هن اداري جي مدد
لاءِ واجهايو اٿم. سرجي بلا سر سان اٿم، هي سلسلو
منهنجي زندگيءَ سان ٻڌل آهي، خيال ته وڏا اٿم ته
هن سلسلي کي منزل تي پهچايان.
17 جولاءِ 1960ع تي مذڪوره اداره طرفان ”بزم
گلشن سنگت سنڌ“ جو بنياد رکي ٻارن جي وندر ۽
ورونهه جو نئون دوروازو کوليو ويو. جيئن هن اشاعتي
سلسلي جا پڙهندڙ ٻار هڪ هنڌ گڏ ٿي پنهنجي تفريح
سان گڏ پنهنجي تعليم و تربيت ۽ واڌاري لاءِ سوچين
ڇاڪاڻ ته کين ”آئينده جا آبا“ ٿيڻو آهي. ”بزم
گلشن سنگت سنڌ“ قائم ڪرڻ جو اهو اثر ٿيو جو ٻارن ۾
تقرير ۽ تحرير جو شوق حد کان وڌيڪ وڌيو. شهرن ۽
ڳوٺن ۾ 40- 50 شاخون قائم ٿي ويون.
اياز پاٽولي ۾ ڪم ڪرڻ جو لگن ۽ چاهه آهي. هن کي
فخر آهي ته بزم گلشن جا گلڙا اڄ ڪنهن منزل تي پهتل
آهن. ڪي ڊاڪٽر آهن ته ڪي وڪيل، ڪي جج آهن ته ڪي
انجنيئرڪي استاد آهن ته ڪي صحافي. بزم گلشن جي اثر
سان سنڌ ۾ ادبي سلسلن جو ڄار پکڙيو. جيڪو اڃا
تائين پکڙندو رهي ٿو. هو ان کي پنهنجي وڏي ڪاميابي
سمجهي ٿو.
اياز پاٽزلي اڄ تائين نوي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن. جن
مان چاليهه سندس لکيل آهن. انهن کان سواءِ ويهه
ڪتاب قلمي وٽس موجود آهن. جن کي ڇاپائڻ جو پڪو پهه
ڪيو اٿس. آخر ۾ هن سنڌ جي ٻارڙن لاءِ پيغام ڏيندي
چيو ”پيارا ٻارو، اڳتي وڌو، هوشو جي هشمت بنجي،
دودي جي دليري جيان سنڌ جي عظمت جا نشان بنجو. سنڌ
سان پيار رکو ۽ سنڌي ادب کي هيئين سان هنڊايو.
شاهه جوهي بيت اوهان جي، منهنجي ۽ سڄي سنڌ جي
ٻارڙن لاءِ ڪاميابي جو پيغام آهي:
”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اوندهه، پيرنه لهين پرينءَ جو.“ |