سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1991ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل جنوري 1991ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارو،

توهان سڀني ٻارن کي پهرين اداري گل ڦل طرفان نئين سال جون مبارڪون هجن ۽ ڌڻي در اهائي دعا آهي ته هي نئيون سال، هن ڌرتي تي سک ۽ امن آڻي، ماڻهن کي پاڻ ۾ ميٺ ۽ محبت ۾ رهڻ جي ساڃاهه ڏئي _ آمين.

ٻارو، اسان به نئين سال کان، اوهان جي لاءِ نوان جذبا ۽ اميدون کڻي، اوهان جي رسالي کي وڌ کان وڌ بهتر ڪري ڪڍڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ان لاءِ ڪافي نوان سلسلا به شروع ڪيا اٿون، جيڪي ڏسي اوهن کي ضرور خوشي ٿيندي. ٻارو، توهان جي ذهن کي آڏو رکي توهان جي لاءِ سٺيون سٺيون ۽ نصيت ڀريون ڪهاڻيون لکندا آهن، جن جو مستقبل لاءِ سوچيو.

ٻارو، هي پرچو، اسان خاص نمبر ڪري ڪڍي رهيا آهيون ۽ ان گڏ چئن رنگن ۾ ڪئلينڊر پڻ نئين سال جو شامل آهي، جنهن جي ڌار ڪابه قيمت نه آهي جيڪو رسالي سان گڏ پنهنجي ايجنٽ کان ضرور حاصل ڪجو.

ٻارو، توهان جي ڳوٺ ۾ جي ڪو بزرگ اديب رهي ٿو ان کي چوء ته هو ٻن ياٽن پنن تي پنهنجي ننڍپڻ جو احوال لکي. اوهان اهو لکرائي موڪليو ته اسان اهو، اوهان جي ٿورن سان شايع ڪنداسين. ٻيو ته ٻارو توهان جي اسڪول جي ڪارڪردگي ڪيئن آهي. ان جو احوال هيڊ ماستر صاحب پنهنجي ليٽر سان گڏ موڪي ڏئي ته اسان ان کي به شايع ڪنداسين.

آخر ۾ ٻارو، اوهان کي اها گذارش ڪرڻي آهي ته اڄڪلهه سيءِ به ڏاڍا ٿا پون، توهان ٻار ته بادشاهه آهيو ۽ صبح جو سوير ائين مٿي اگھاڙا نڪري پوندا آهيو، ان کاءِ گھر مان نڪرڻ کان اڳ ۾ حال سارو گرم ڪپڙا پائي نڪرندا ڪريو ۽ اسڪول وڃڻ وقت به پنهنجي صحت جو خيال ڪندا ڪريو. ڇو ته جي صحت خراب ٿي پوندي ته غريب والدين به پريشان ٿي ويندا ۽ ها رات جو به گهڻو وقت ٻاهر گهمندا نه ڪريو پر باهه جي مچ تي ويهي پنهنجي اسڪول جو ڪم ڪار ڪندا ڪريو. اميد ته اوهان هنن ڳالهين تي ضرور عمل ڪندو.

هي پرچو، اوهان کي ڪيئن لڳو، پنهنجي راءِ کان ضرور عمل آگاهه ڪجو. چڱو ٻارو وري به اوهان کي نئين سال جون مبارڪون هجن.

اوهان جو ادا،

اڪبر جسڪاڻي

 

انور هالائي

لطيفي لات

وَحدَهَ   لاَشريڪَ  لهَ،  جَڏِهِن  چيَو  جِنِ،

تَنِ مَڃَئو مُحَمّدُ ڪارَڻيِ، هيجا ساڻ هِين،

تَڏَهِن منجھان تِنِ، اَوَتڙ ڪونهَ اولِئو.

معني: ڪارڻي: جنهن لاءِ دنيا ٺهي. اوتڙ : منجھيل راهه. اولئو : ڌڪئو. هيجا : قرب سان. هين : دلين.

جن به ماڻهن ائين چيو ته الله تعالي ساراهيل آهي ۽ جنهن جو ڪوبه شريڪ يا ڀاڱي ڀائيوار ڪونهي. بيشڪ جن ماڻهن حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وسلم کي وسيلوم سمجھيو يا هن دنيا جي وجود جو سبب سمجھيو يا جن ماڻهن پنهنجي دل سان، خوشيءِ سان اها ڳالهه مڃي. تسليم ڪئي. انهن لاءِ سدائين مونجھارو ڪونهي اهي ماڻهو ڀٽڪيل نه آهن ۽ نڪي غلط راه ڏي ويندا. هي بيت ان ڳالهه جي مڪمل طور هشاندهي ڪري ٿو ته هر مسلمان کي صرف هڪ الله کي مڃڻ گھرجي ۽ ان جي رسول جي هدايتن تي هلڻ گھرجي. ائين ڪرڻ سان اهي ماڻهو دين خواه دنيا ۾ ڪوبه ڏک ۽ تڪليفون نه ڏسندا ۽ سدائين سنئين تي هلي پنهنجي عاقبت موچاردي ڪندا.

سنڌيڪار غني شيخ

ڏاهپ جا نڪتا

1.      ڀاڳ سان ڪو چريو سياڻو ڪونه ٿيو. (سينيڪا)

2.     ضرورت شيهن کي به لومڙي بڻايو ڇڏي. ( فارسي پهاڪو)

3.     رات: ڏکن جو مسچٽو(لٽينش)

4.     اهو ڊاڪٽر ڪهڙو جيڪو پاڻ بيمار نه ٿيو!(ڪنفيوشس)

5.     امير کان امير کي به پاڙيسري جي گھرج آهي. (ڊينش پهاڪو)

6.     جوشيلي کي بار بار ڪوڙ ڳالهائڻو پوندو. (نينشي )

7.     انهيءِ ملڪ جي ڦٽل ليکبي جنهن ۾ چالاڪ ڏاهو ليکجي. (فرانس بيڪن)

8.     جو پڻ مصيبت سڏي، سو رڙ واڪو ڇو ڪري؟(لين اولنگ هائوس)

9.     محبت کائي مٺا لفظ. (اَووڊ)

10. سياستدان به جهڙا جھاز، ڪوهيڙي م ڦاسن ته وٺي وڳوڙ مچائن.(بينٽ ڪارف)

11.  ٽهڪن جو ٽاڪوڙو؛ آزاديء اهجاڻ. (هيري ايشمور)

12. سياستدان جتي ڪٿي ساڳيا؛ پُل ٻڌن اتي جتي ندي لڀئي ڪانه.(نڪيٽا خروشيو)

13. عقل جو اهو به ڪم آهي ته خود عقل مان پئدا ٿيدڙ خطرن کان محفوظ رکي.(جي. ايس. مل)

نوٽ: ٻارو، مٿيئن قول مان اوهان کي ڪهڙو قول وڻي ٿو ۽ ڇو؟ ان جو سبب لکي موڪليو.

استاد بخاري

منهنجا مٺڙا موليٰ سائين

ڀُون جا، اُڀ جا، سڀ جا سائين!

منهنجا مٺڙا مولي سائين!

سرنهن جا گل پيلا پيلا، مٽرن جا گل نيلا نيلا،

پوپٽ ٺاهيئي ڪهڙا سائين، منهنجا مٺڙا مولي سائين !

پيءَ جي دل ۾، ماءُ جي دل ۾، ڀيڻ جي دل ۾، ڀاءُ جي دل ۾،

پيار ڪيو تو پيدا سائين، منهنجا مٺڙا مولي سائين!

گرميون، سرديون، جھڙ، برساتيون، صبح ۽ سانجھي، ڏينهن ۽ رات،

ڦيرين ٿو تون ڦيرا سائين، منهنجا مٺڙا مولي سائين!

مون کي بخشئي مٺڙي ٻولي، جنهن ۾ مون ڄڀ پنهنجي کولي،

گيت چوان ٿو پيارا سائين، منهنجا مٺڙا مولي سائين!

الله سائين ڏي ايمان، ڀائر آهيون سڀ انسان،

تنهنجا ٻانها بندا سائين، منهنجا مٺڙا موليٰ سائين!

 

بيخود بلوچ

نئون سال آيو

نوان ڏينهن آهن نئون نينهن لايو!

نئون سال آيو، نئون سال آيو!

نئين سج جي ڪرڻن ۾ پيغام آهي،

نئون صبح آهي، نئين شام آهي.

نئين جوش سان ڪو نئون گيت ڳايو!

نئون سال آيو، نئون سال آيو!

دغا جي، جفا جي پٽيو پاڙ، ٻارو،

رکو ميٺ، اُلفت سٽيو ساڙ، ٻارو.

وفادار سڏجو، وفائي وڌايو!

نئون سال آيو، نئون سال آيو“

اچو هاڻ بيخود سان هٿڙا ملايو،

اچو هاڻ ننڍڙا ۽ وڏڙا، ملايو،

ڪڍي ڪوڙ، دل ۾ سچائي سمايو!

نئون سال آيو، نئون سال آيو!

 

خليل عارف سومرو

نئون سال

نئون سال آيو خوشيون سڀ ملهايو

اَمُن پيار جا گڏجي ڪي گيت ڳايو

نئون سال آ ته ڪيو عزم پُختو

ڪري خوب محنت ڪو نالو ڪمايو

سوا علم جي ڪو چارو ئي ڪونهي

پڙهو پاڻ ڀي ۽ ٻين کي پڙهايو

ننڍن ساڻ الفت ۽ وڏڙن جي عزت

ڪري نيڪي جڳ ۾ وڏو شان پايو

ڪدورت ڪيني ڪُوڙ کي ڀي ڀل ڌڪاريو

سچائي سان ڀل ساٿ پنهنجو نڀايو

ابا آئيندي جا اوهين آهيو عارف

وطن محنتن سان سنواريو سجايو

نئون سال مبارڪ

غلام مصطفيٰ پٺاڻ                    (قرآني معلومات)

ڄاڻ جي کاڻ

·     ”قرآن“ جو لفظ عربي لفظ ”قرآ“ مان ورتل هي، جنهن جي معنيٰ آهي ”جيڪو پڙهيو وڃي“.

·     قرآن شريف رمضان المبارڪ مهيني ۾ نازل ٿيو.

·     قرآن شريف جي پهرئين نازل ٿيل سورة العلق جي پهرئين کان پنجين آيت هئي.

·     قرآن شريف جي پوئين نازل ٿيل صورت ”البقرت“ جي 281 آيت هئي.

·     قرآن شريف سن 610ع ۽ 632ع جي وچ واري عرصي دوران ٽيوهن سال جي اندر نازل ٿيو.

·  قرآن شريف خاص 30 ننڍن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن مان هر هڪ کي عربي ۾ ”جز“ فارسي ۾ ”پاره“ ۽ سنڌي ۾ ”سيپارو“ چيو ويندو آهي.

·     قرآن شريف ۾ ڪل 144 سورتون آهن. جن مان 92 مڪي ۾ 22 مدني آهن.

·     قرآن شريف ۾ 6616 آيتون آهن.

·     قرآن شريف ۾ڪل 77934 لفظ ۽ 3236760 حرف آهن.

·     قرآن شريف ۾ ڪل 105674 نقطا آهن.

·     قرآن شريف ۾ ڪل 29582 زيرون ۾ ڪل 52243 زبرون آهن.

·     قرآن شريف ۾ نماز جا 90 ڀيرا نماز جو ۽ 70 دفعا عبادت ڪرڻ جو ذڪر آيل آهي.

·     قرآن شريف ۾ 150 ڀيرا زڪوات جو ذڪر آيل آهي.

·     قرآن شريف ۾ 25 نبين سڳورن جو نالا آيل آهن.

(”قرآني معلومات“ از مرحوم شاهه محمد ”ثاقب“ تان ورتل)

توهان به جي معلومات ڏيڻ چاهيون ته لکي موڪليو، پر جنهن ڪتاب تان موڪليو، ان ڪتاب جو نالو ضرور لکجو.

امير بخش پٺاڻ

اُڀ ۾ سهڻا چنڊ ستارا،

پوءِ ڀي ڌرتي وارا پيارا.

پيارا ٻارو!

اوهان ۽ اسان جي ڌرتيءِ هر دور ۾ وڏا انسان پيدا ڪيا آهن، جن زندگي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي  پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيت جا جوهر ڏيکاريا آهن .سندن بي لوث خدمتن ۽ محبتن جي ڪهاڻي اسان جي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهي. اسان انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿا سگھون .ڀلا انهن کي ڪير وساري سگھي ٿو، جن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي ڌيان ۾ رکي پنهنجي زندگيءِ جو مقصد ٺاهيو ۽ پوءِ نيڪ نيتي، خلوص ۽ لڳاتار ڪوشش سان انهي مقصد مطابق زندگي گذاريائون.

ڀلا پنهنجي ذهن تي زور ڏئي ٻڌايو ته جنوري مهينو اسان کي ڪهڙن موچارن ماڻهن جي ياد ڏياري ٿو؟ بلڪل ٺيڪ ! انيڪ ماڻهو آهن، جن جي ولادت جنوري ۾ ٿي. اچو ته انهن مان ڪن جا نالا نوٽ ڪري ڇڏيون.

1.جان محمد جوڻيجو

جنهن هجرت تحريڪ ۾ مثالي خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ ان ڪري کيس رئيس المهاجرين جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن ڀلي انسان آزاديءِ جي تحريڪ ۾ پاڻ ملهايو.

3. ڊاڪٽر وڏل شاه بخاري

جيڪو نامور سائسيدان هو ۽ سنڌ يونورسٽي ۾ سالن جا سال پروفيسر ٿي رهيو.

4. سرشار عقيلي

جيڪو پنهنجي دور جو مشهور شاعر ۽ اديب هو ۽ ڪيترن شاعرن جو اُستاد هو، جيڪو پنهنجي تخلص پٺيان ”سرشاري“ لفظ لکندا آهن.

5. محمد صادق راڻيپوري

جيڪو ديني عالم صحافي ۽ اديب هو ۽ جنهن سچل سرمست جي ڪلام، فن ۽ سواح تي تحقيقي ڪم ڪيو.

اهڙي ريت عبدالڪريم ”گدائي“ جھڙو عوامي شاعر، مقبول ڀٽي جھڙو مشهور صحافي ۽حاجي محمد”خادم“ جھڙو اُستاد شاعر به جنوري مهيني ۾ ڄاوا. اڄ اهي سان ۾ موجود ڪونه آهن.پر سندن خدمتون هميشه لاءِ ياد ڪيون وينديون.

لاکو رحيم بخش ”قمر“

پکيءَ جي پڪار

(آه! چتونئرڙو“)

پڙهي جيئن مان آيس فَجر جي نمازَ،

ڪري پنهنجي خالق کي نوڙت نياز،

سڄڻ سج اڃا مس ڪڍي جيئن ڪَني،

ڏني چانهه مون کي سندم هڪ ونيَ.

سندم سوٽِ سالم سراسر سنگھار ،

سندس ڀر ۾ بيٺل هو عيسيٰ اَناَر،*

سندس نور آهي ۽ نُورُ القمر،

اکين ٺار ان جو ۽ منهنجو جگر.

وهاڻو رَشِيدَه ڏنو ٽيڪ پي،

جا منهنجي وَني، منهنجي ماسات ٿي.

لکيو مون پکي تي، پي هڪ گيت جيئن،

ته سٽجي چتونئڙو ڪريو ترت تيئن.

لڳڻ تير سا آُف! چتونئڙو ڪريو،

جو مجبور لاچار، زخمي هيو.

ڪيائين وٺي دانهن هيءَ دردناڪ،

ٻڌڻ ساڻ جنهن جي چڪيا دل جا چاڪ.

ڪِريو منهنجي هٿڙن مان ڪاڳر قلم،

۽ افسوس ان ۾ ٿيم نيڻ نمَ،

چيم ڇا ٿيو اي مِٺو طوطڙا،

چيائين هنيا ڇوڪرن ٿم ڇرا.

”قمر“ ڇوڪرن جي چڙهي ور ويس،

اُڏامڻ ڱان مجبور لاچار ٿيس.

مون سمجھيو هي لاکي ” قمر“ جو آگھر،

تڏهن مان کٻڙ تي رهيس بي فڪر.

مان تنهنجي هيس سام اي مولوي،

ڪيائون نڪو خيال تنهنجو قوي.

اچي موت جون منهن ۾ موچون پيون،

رٿون روح ۾ کوڙ رهجي ويون،

سندم مڱ ونهه ۾ آويٺل هينئر،

وچان سيج تي هاءِ مان وقت سحر .

وڄن دهل، شرنايون، جمهريون لڱن،

سندم ڀينرون سرس سهرا چون.

ڪري وُڙ پيڙا، آ ڳانو ٻڌل ،

سندم پيرڙن کي آ، ميندي لڳل.

اوهان کي ئي پڙهڻو هو منهنجو نڪاحُ

اوهان کي نيڻ پنهنجي ڄاتيم فلاح.

مگر ڀاڳ اهڙا ڀلا منهنجا ڪِٿ!

ڪيو قيد تقدير آڻي ڇا هِت.

انهيءَ تير کان جيڪڏهن اڄ بچان ها!

ته ونڙي سان لائون صبح جو لهان ها!

نهاريندي هوندي امڙ واٽڙون،

پڪاريندي هوندي اچي شل، چتون.

سندس دل ٽٽي پوندي مون کان سوا،

ڪنديون ڀينرون منهنجو ڪارا روا.

ستن ڀينرن جو مان هڪڙو ئي ڀاءُ،

بچڻ ڪونه ٿيندو آ گهرو هي گهاءَ.

اباڻن جي اڻ تڻ ٿي من ۾ مدام،

سمورن کي ساري سرس ڏج سلام.

نه ٿيندو امڙ جو سوا مون جيئڻ،

۽ منهنجيءَ مڱينديءَ کي پوندي ڏندڻ.

ويو ڀينگ ٿي گهر، ڀَنڻ ٿيو بَپَا،

اُميدن جو گلشن ويو اُجڙي صفا.

ائين چئي مسافر مُدامي ويو،

پکيءَ مان پکيئڙو اُڏامي ويو.

پکي ديس پنهنجي تي پهچي ويو،

”قمر“ سج، ستارن به روئي ڏنو.

رنگ ڀريو

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار وڌيڪ سٺو رنگ ڏنو هوندو، ان کي گل ڦل رسالو ٽن مهينن تائين مفت ۾ موڪلبو. (ايڊيٽر)

 

علي احمد بروهي

وتائي فقير سان ملاقات

رات وتائي فقير سان ملاقات ٿي. اها به ڏاڍي عجيب نموني. ڏٺم ته خير سان مري ويو آهيان. مون لاءِ ”موت“ ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، هفتي ۾ ٻه چار ڀيرا مري ويندو آهيان. وري صبح جو اک کلڻ تي حيران ٿي، وائڙن جينان واجهائيندو رهندو آهيان. اچرج به ٿيندو اٿم ته مار! اڃا به جيئرو آهيان، شايد هڪ ڏينهن اڃان به مهلت ملي ويئي. ٿي سگهي ٿو ته اها آخر رعايت هجي. پر اڃان سوڌو ته اهو قصو ائين هلندو ٿو رهي. آخر ڪيستائين؟ نيٺ ڪو ته صبح اهڙو به ايندو، جو آئون ڪو نه هوندس....

هن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مرڻ جو شوق مون کي ننڍپڻ کان آهي. توڙي جو، موت کان ڊپ به ڏاڍو ٿيندو اٿم.نالي وٺڻ سان ئي اندر ۾ ڏڪڻي وٺي ويندي اٿم. شايد هن ڪارڻ جو هڪ ته خبر نه آهي ته موت آهي ڪهڙي بلا؟ ٻيو وري هن سبب، جو موت جي اچڻ جي نه آهي ويل ۾ نه مهل! سدايئن اچانڪ ۽ اوچتو اچي مٿان ڪڙڪي. پوءِ امالڪ، آنڌي اچي، زلزلو يا مهمان، مونجهارو ته ٿيندو، مون کي نوان ماڳ ۾ ملڪ ڏسڻ جو بيحد شوق به آهي. اڳلو جهان پسڻ جو ذوق به انهيءَ ڪارڻ آهي ته ڏسان اُتي آخر آهي ڇا جو ماڻهن جي موت تي دل ئي ڪانه ٿي وري.

سو ڳالهه ٿي ڪيم پنهنجي راتوڪي ”قضيئي“ جي، ڏاڍو خوش هيس ڇاڪاڻ جو بنان ”پيڙا ۽ ٻوسٽ“ جي مري ويو هيس ورنه ماڻهو ڏينهن جا ڏينهن سڪرات ۾، هن ۽ اڳلي جهان وچ ۾ لڙڪندو رهندو آهي. دراصل مُلن مولوين اسان کي قبر ۽ قيامت جا اهڙا ته دڙڪا داٻ پئي ڏنا آهن، جو ڪنهن جي پاڻهرتو مرڻ لاءِ مرضي ئي ڪانه ٿي ڏسجي. مرڻ پڄاڻان هڪ اهڙي درياه ڪنار بيٺل ڏٺم جتي غضب جو وهڪرو هيو ۽ درياه جي دهشت کان دل دهلجي ٿي ويئي. لهرين پاڻ کي ڪناري تي ائين ٿي پڇاڙيو، جيئن اڳ ڌوٻي لٽن کي گهاٽ تي سٽيندا هوا. ڪناري تي ڪجهه پرڀرو پتڻ ڏسي دلجاءِ ٿي. وک وڌائي اڳڀرو ٿيس ته جيئن پاتڻيءَ کان پرينءَ ڀر وڃڻ لاءِ وقت ۽ ڀاڙي جي پڇا ڪريان. ويجهو وڃڻ تي پاتڻيءَ جا اوراپ ڏسي پڪ ٿيم ته هي مانهو نه فقط منهنجو اڳ ڏن وائنل آهي، پر سمجهان ته منهنجو ساڻس ڪو ڳوڙهو رشتو پڻ رهيو آهي.

مون کي ڏسي پاتڻي کلي ويٺو. چي سهڻا، تون به اچي وئين؟ آئون ڪنڌ ورائي پٺتي ڏسڻ لڳس. مون کي ماڻهن ڪيترن نالن پئي نوازيو آهي. جن ۾ ڪاري ۽ ڪوجهي سان گڏ ڪي مٺڙا ۽ مانوارا ٻول به هوا، پر مون کي عمر ڀر ”سهڻو“ ڪنهن به نه سڏيو. وري چيائين ته ”سهڻا تو سان ٿو ڳالهايان. مون کي نٿو سڃاڻين ڇا؟ باقي توهان هام ته ڏاڍي ٿي هنئي ته مون کي جنم جنم کان ڄاڻين سڃاڻين. ڀاءُ آئون وتايو آهيان. وتايو فقير! ايامن کان هتي پاتڻي کي ڪرت ڪندو ٿو رهان. هي درياه ٻنهي جهانن جي وچ ڌاري سرحد آهي. ماڻهو اوهان وٽ مرندا آهن ته پهرين فرصت ۾ هتي اچي سهڙندا آهن. آئون کين پتڻ ٽپائي هن ڀر پهچائيندو آهيان، جتي پهريون بزرخ ۾ کين ڏينهن ٻه ترسڻو پوندي آهي. جيسين. سندس جنت يا جهنم وڃڻ جو فيصلو ٿئي. جهٽ کن ترسڻ ته نئين آيل کيپ کي ٻيڙيءَ ۾ ٿانيڪو ڪريان. اڄ ڪلهه اهڙا روئڻا ماڻهو ٿا مرن جو سمورو وقت ريهٽ ڪندا ٿا رهن ۽ ڳوڙهن سان پنهنجو ڪفن ئي پسئا ٿا ڇڏين. الاجي پٺيان ڪهڙي تاج تخت ڇڏي ٿا اچن!

آخر مون کي به پاڻ سان گڏ ٻيلهه بيهاري الله توهار ڪيائين. ڏٺم ته ونجهه هڻڻ لاءِ کيس ڪو زور لڳائڻو نه ٿي پيو، ٻيڙي اهڙي آسانيءَ سان سير پار ڪندي رهي، جيئن ڪو سڳو سئيءَ جي پاهي کان بسٽ ٿي ويو. مسافرن جا چهرا اڪثر پيلا ۽ سندن اکيون روئڻهارڪيون هيون.معلوم ائين ٿي ٿيو ته موت سندن متيون منجهائي ڇڏيون هيون. وڏي ڳالهه ته سندن ڌرتي وارا پروگرام اڌ ۾ رهجي ويا هوا. اڃان ته کين ڪيترا حساب ڪتاب چڪتو ڪرڻا ۽ ليکا لاهڻا هوا. وتائي مون کي اک هڻندي کانئن حال احوال وٺڻ جي ڪئي. ڏٺم وتائي کي سندن حال جي الف کان ي تائين سر بستي ڄڻ اڳيئي هئي پر جيئن ڪو بزرگ ٻارڙن سان ٻوليون ڪري کين ريجهائيندو هجي تيئن ساڻن ڳالهيون ٻولهيون ڪندو رهيو.

پتڻ جي مهڙ ۾ ويٺل مسافر موسيٰ خان پشاور جو وياج خور پٺاڻ هيو ۽ سندس موت جو ڪارڻ زهر هئي جا کيس سندس پنهنجي مربي پٽ مٺائي ۾ ملائي کارائي هئي. نتيجي ۾ موسيٰ خان ڦٿڪندي پنهنجي جان ڏني هئي. ساڻس لڳ ويٺل ميجر عجب خان جهلم پنجاب جو رهاڪو فوجي هيو. هن همراه مارشل لا جي دور ۾ ڪافي ڏوڪڙ ڪمايا هوا. فوج ۾ اردلي ٿي ڀرتي ٿيو هيو به حد درجي جو خوشامندي هيو ۽ ترت ترقي ڪري ميجر جي رتبي تي رسيو هيو. تازو هڪڪ شميم آرا نچڻيءَ جي عشق ۽ مبتلا ٿي پنهنجو اگر تگر تف ڪري ڇڏيو هوائين. نچڻيءَ کيس پنهنجي ناٽ نخرن ۽ عشق واري اشڪنجي ۾ اهڙي ته ڦاسايو هيو جو آخرڪار ميجر صاحب مجبور ٿي پاڻ کي پنهنجي پستول سان آپگهات ڪري ڇڏيو. ٽيون مسافر ناٿو کوجو مڪران جو باشندو ۽ چمڙي جو واپاري هيو ۽ ذليل قسم جو ڪنجوس هئڻ ڪري پاڻ کي بکون ڏيئي پاه ڪيو هوائين، هي اڪيلو ماڻهو هيو، جنهن پڇتاءُ ٿي ڪيو.

جڏهن موسيٰ خان پنهنجي قاتل پٽ کي برو ڀلو ٿي چيو ته وتائي ٽهڪ ڏنو، کلندي کيس چيائين ته ”موسيٰ خان تنهنجي پٽ جو ڪهڙو قصور؟ تو وٽ لکن جي مايا هئي جا تون پاڻ عيش عشرت ۾ ٿي لٽائي، توڙي جو تون پنجهٺ ورهين جو پوڙهو هئين. ساڳئي وقت تون پنهنجي پٽ کي، جو سورنهن سال عمر جو ڳڀرو نوجوان هيو تنهن کي ڏهاڙي اٺ آنا خرچي ٿي ڏني، توکان شايد هي وسري ويو هو ته تنهنجي سموري مال ملڪيت جو اڳي پوءِ وارث اهو ئي پٽ هيو!“ ميجر عجب خان جنهن شميم آرا ۽ شيطان ٻنهي کي ڪچيون گاريون ويٺي ڏنيون تنهن کان مخاطب ٿي وتائي چيو. ”ڀائو هاڻ روڄ راڙي ۾ ڪهڙو فائدو؟ وري شيطان کي ڇا لاءِ ويٺو الزام ڏئين. تو پنهنجو پاڻ کي پاڻ گمراه ڪيو. تون هڪ بهادر ۽ جنگجو سپاهي ٿي هڪ نچڻيءَ جي ٺڙڪو عشق جو شڪار ٿي وئين. توکي ياد رکڻ گهربو هيو ته مرد ماڻهو ميڻ آهي ۽ عورت باه. تڏهن ته تون ترت پگهرجي پئين ۽ پاڻ اڪلائي ڇڏيئي“. ناٿي کي ڏسي وري وتائي ٽهڪ ڏنو. چي چڱا مڙس، جڏهن توکي اولاد ئي ڪانه هئي ته باقي تو دولت ڇا لاءِ ٿي جمع ڪئي؟ توئي قيامت تائين جيئرو رهڻ جو آسرو هيو ڇا؟“

ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ٻيا مسافر گهڻو ڪري ننڍڙي عمر جا ٻارڙا هوا جن ۾ ابهم ٻار به هوا جي ڄم ۾ مري ويل هوا ۽ باقي معصوم عمر جا ڇوڪرا هوا جن کي دنيا جي ڏک ڏاکڙن جي اڃان هوا ئي ڪانه لڳي هئي. ان ڪري هو بي فڪر ٿي پنهنجي ٻاراڻي ڇيڄ ۾ مصروف هوا يا وري آرامي هوا. باقي روج پٽڪي ۾ اڪثر اهڙا ماڻهو هوا جي پنهنجي جواني گذاري چڪا هوا ۽ ڏند کائي اچي چپن کي لڳا هوا. وتائي هڪ جهور پوڙهي کان پڇيو ته ”پيرمرد تون ڇا لاءِ ٿو ڳوڙها ڳاڙين؟ خاص طور جڏهن تون پنهنجي سموري ڄمار جهاڳي عمر جي آخري ڏاڪي تي اچي اوٻاسي ڏني آهي. ائين ته نه آهي ته تون ڪنهن ملڪ جو بادشاهه هئين يا ڪنهن صوبي جو گورنر؟“

ٻڍڙو- هرگز نه.

وتايو- ”پوءِ شايد تون وڏو شاهوڪار هئين ۽ پٺيان مال املاڪ ڇڏي اچڻ سبب هاڻ تو غمگين ۽ ويڳاڻو ٿيو آهين؟“

ٻڍڙو-بلڪل نه. آئون نوي ورهيه ڄمار ۾ فوت ٿيو آهيان. سموري عمر ڏکن ۾ بکن ۾ گهاري اٿم. آئون ته مسڪين ماڻهو هيس ۽ ڍنڍ ۾ مڇي ڦاسائي گذر سفر ڪيم. مون کي ته نه رن روڳڙي هئي ۽ نه آل اولاد، لنگڙو الڳ هيس. ننڍپڻ ۾ ماتا جي بيماريءَ سبب هڪ اک ۾ ڦلو به هيم. منهنجي دنيا ته گهڻي قدر اونداهي هئي.

وتايو-اهڙي ڏٻڙي حال هوندي به تون اڃان حال حيات رهڻ جي حوس ڇا لاءِ ٿي ڪئي؟

ٻڍڙو-ڇاڪاڻ جو ڏينهن واري روشني مون لاءِ جياپو هئي ۽ آس اميد جي علامت. مون لاءِ مري وڃڻ هڪ ڊپ جهڙي ڳالهه هئي جنهن کان جيترو ٽارو ڪجهي ته بهتر!

وتايو-پوڙها، شايد تون عمر جي ٻوجهه ۾ پنهنجا هوش حواس به کوهي چڪو آهين. نه ته تون موت، جا زندگيءَ جي هڪ اڻٽر حقيقت آهي تنهن لاءِ اهڙا ٻاراڻا وهم ويچار نه ڪرين ها. جيڪڏهن هن عمر ۾ تنهنجا اهڙا خيال آهن ۽ تون اڃان به زندگيءَ جي رڃ پٺيان لاهي پاهي ڊوڙي رهيو آهين ته باقي نوجوانن تي ڪهڙي ميار، جي جياپي جي مند موسوم ۾ آهن؟ دراصل هئڻ ته هي جڳائي ته هر پوڙهي ماڻهوءَ کي موت جي پٺ لاءِ ڪڍي ڪاهي پوڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته وڏي عمر ۽ ٻڍاپڻ جي عذاب ۽ آزار کان ڇوٽڪارو ئي ”موت“ آهي. چوندا آهن ته عمر جي آخري موڙ تي پڙدو ۾ پناهه آهي ۽ نه سزا!

ليکڪ: وليم شيڪسپيئر

مترجم: حق نواز سيماب

سياري جي آکاڻي

ڪهاڻيءَ جا ڪردار:

ليونٽس:                  سڪلي جو بادشاهه

ميميليس:                        سڪلي جو شهزادو

ڪيميو اينٽيگونس       سڪلي جو سردار

ڪليومينس ڊائن

پاليڪسنس:                      ليونٽس جو دوست ۽ بوهيميا جو بادشاهه

فلوريزل:                   هڪ شهزادو-

پاليڪسنس جو پٽ.

هڪ پوڙهو ريڍار:         پريڊٽا جو فرضي پيءُ.

هرموئن:                   ليونٽس جي زال،

سڪلي جو راڻي.

پريڊٽا:                    ليونٽس ۽ هرموئن جي ڌيءَ.

پئولينا:                   اينٽيگونس جي زال.

اِميليا:                     راڻي هرموئن جي خدمتگاره.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته سڪلي نالي ملڪ تي ليونٽس بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هن جي راڻي هڪ سهڻي، سلڇڻي ۽ پرسيرت عورت هئي، جنهن جو نالو هرموئن هيو. ٻئي پنهنجي گهريلو زندگيءَ مان تمام گهڻو خوش هوندا هئا. هرموئن به ليونٽس کي هميشه خوش رکندي هئي ۽ سندس حڪم جي تعميل کي ئي زندگيءَ جو مقصد سمجهندي هئي.

ليونٽس کي هميشه اها حسرت رهندي هئي ته هو پنهنجي راڻيءَ کي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست پاليڪسنس سان ملائي، جيڪو بوهيميا نالي هڪ جو بادشاهه هو. ليونٽس ۽ پاليڪسنس گڏ پڙهيا هيا ۽ ننڍي کان وڏا به گڏ ٿيا هئا. پر والدين جي موت کان پوءِ کين پنهنجي پنهنجي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون پيون، ان ڪري هڪ ٻئي سان ڪافي سالن کان ڪونه مليا هئا. ان وچ ۾ هو هڪ ٻي سان خط و ڪتابت ڪندا رهيا ۽ هڪ ٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون به موڪليندا رهندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com