سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

ٻارن جو عالمي سان نمبر، اوهان جي آڏو آهي. ان سان گڏ هي ڊسمبر 1979ع جو پرچو پڻ آهي. هن پرچي سان، انهن گذريل روايتن کي ختم ڪيو ويو آهي جو ٻن مهينن جو گڏ پرچو نڪرندو هو. هاڻي ائين نه ٿيندو. اهو اوهان سان پڪو وعدو آهي. اسين ڪوشش  ڪري رهيا آهيون  ته گل ڦل کي آفسيٽ تي ڇپرايون جئن پرچو وڌيڪ وڻندڙ ۽ سٺو لڳي. ان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ آڏو هڪ اسڪيم جوڙي رکي ويئي آهي، جيئن منظور ملندي ته گل ڦل آفيسٽ تي ڇپجڻ شروع ٿي ويندو.

هن نمبر ۾ ٻارهن شعر، ڇهه ڪهاڻيون، هڪ ڊرامو، هڪ تاثر، ٻه مضمون، هڪ سائنسي مضمون، ننڍڙا اديب ۽ ٻيا مستقل ڪالم ڏنا ويا آهن. گهڻي دير ٿي وڃڻ ڪري ڪي خاص شيون ڏيئي ڪونه سگهيا آهيون، جو انهن لاءِ وڌيڪ وقت جي ضرورت هئي، تنهن ڪري 108 صفحن تي رسالو پورو  ڪري اوهان آڏو پيش ڪري رهيا آهيون. اميد آهي ته اوهان پنهنجي راءِ کان ضرور واقف ڪندا.

نئين سال کان هنرمند ٻارن جا انٽرويو روشن تارا‘ ڪالم ۾ ڏيئي رهيا آهيون. ان کان سواءِ  انهن اديبن جا انٽرويو به ڏيئي رهيا آهيون، جن ورهين کان ٻارن لاءِ لکيو آهي يا انهن لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، جيئن اسان جي ٻارن کي خبر پوي ته هنن لاءِ ڪهڙيون شخصيتن ڇا ڇا ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهن احوالن پڙهڻ سان، اڄ جي ٻارن ۾ به اهو جذبو پيدا ٿي وڃي جو هو آئيندي جي عظيم شخصيت بڻجي وڃن. اسين دعاگو آهيون ته اسان جو هرهڪ ٻار آئيندي جي عظيم شخصيت بڻجي.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

سچائيءَ جا ڪرڻا

قرآن پاڪ

1- آسمانن ۽ زمينن کي پيدا ڪرڻ ۽ اوهان جي ٻولين ۽ رنگن جو الڳ الڳ هجڻ، الله تعاليٰ جي نشانين مان آهي. (21- پارو)

2- اوهين کليل ڳالهه ڪريو، يا لڪائي، بيشڪ خدا تعاليٰ، اوهان جي اندر جي ڳجهه کي ڀليءَ ڀت پروڙي ٿو. (21- پارو)

3- قرآن پاڪ مان جيترو اوهان کي سولو لڳي، اهو پڙهو.

(29- پارو)

4- توهين سست نه ٿيو ۽ نڪي ائين همت هاريو. پاڻ ئي دشمن کي صلح لاءِ نه سڏيو اوهين هنن تي فتح حاصل ڪندا. (26- پارو)

حديث شريف

1- حضرت انس جو بيان آهي ته رسول الله صلي الله علي وسلم جن فرمايو ته جيڪو شخص علم حاصل ڪرڻ لاءِ گهر مان نڪري، اهو جيستائين گهر ۾ واپس نه اچي، خدا جي راهه ۾ آهي. (ترمذي ۽ دارمي)

2- حضرت ابو هريره جوبيان آهي ته حضرت رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ماني کائي شڪر مڃندڙ، صابر روزيدار وانگر آهي. (ترمذي، ابن ماجه ۽ درمي)

3- حضرت ابو هريره جي روايت آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته اها منهنجي سنت آهي ته ماڻهو (ميزبان) پنهنجي مهمان سان گڏ (آڌر ڀاءُ يا موڪلائڻ لاءِ) گهر جي ٻاهرئين دروازي تائين نڪري اچي.

(ابن ماجه ۽ بيهقي)

4- حضرت ابي درداء رضه کان روايت آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته اهو بهترين ڪپڙو جنهن کي پائي توهان کي پنهنجي قبرن ۽ مسجدن ۾ الله تعاليٰ سان ملڻ کپي، اڇو ڪپڙو آهي. (ابن ماجه)

لطيفي لات

جَرِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻِ ٽِڻِ  وائِي هيڪَڙِي،

سَيِئِي شَيءِ ٿِيا، سُوريِءُ سَزاوارَ،

هَمَہ مَنصُورَ هَزارَ، ڪَهِڙاچَاڙِهِيو چَاڙ هِئين؟

        (شاهه) - گربخشاڻي وارو نسخو.

هيءُ بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ سُر سُهڻيءَ جي داستان نائين جو پهريون بيت آهي.

سمجهاڻي:

بَرن ۽ بَحرن يعني سُڪيءَ  ۽ پاڻيءَ ۽ وڻن ٽِڻن ۾ هڪ ئي ڳالهه آهي- يعني دنيا جي هر هڪ جزي ۾ الاهي عشق جي جُنبش ۽ جوش آهي ۽ سڀڪو انهيءَ ۾ مگن مست ٿي، منصور وانگر اناالحق (آئون حق آهيان)  جو نعرو هڻي، سوريءَ چڙهڻ جي لائق پيو بڻجي. هاڻي اهڙا منصور هزارين آهن، جيڪي دم دم اناالحق جي دعوا ڪن پيا. ڀلا اهڙيءَ حالت ۾ ڪيترن کي سوريءَ چاڙهيو ويندو.

معنيٰ: جَر = پاڻي. ٿَر = سُڪي. تک تنوار = وڏو يا هڪ آواز. وائي  = ڳالهه . شيءِ = حياتيءَ  جو جزو. سوري = ڦاهي. سزاوار = ڏوهاري. همہ = سڀيئي منصور = منصور بن حلاج جنهن کي اناالحق چوڻ جي ڏوهه ۾ ڪفر جي فتويٰ ڏيئي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو.

الطاف عباسي

لوري

جيجل گهوري،

ڏيئي لوري،

مِٺڙا لوري،

پُٽڙا لوري،

جاڳڻ لوري جاڳڻ لوري.

 

ڏيهه جي لئه تون،

ڪڪر رحم جو،

قوم جي لئه تون،

بادل ٿي آئين،

تنهنجي ڄمڻ جي گهڙي سدوري.

 

وقت سمهڻ جو،

هاڻ نه آهي،

سڀڪو پنهنجي،

ماڳ ڏي ڪاهي،

ڇڏ  وساري ننڊ ندوري.

 

جنهن ڏي نهارين،

پنڊ پَهڻ سو ٿئي،

وک جي کڻين تون،

دنيا دهلجي،

تو کان سوا هي دنيا اڌوري.

 

ڪرين ظلم جا،

ڪوٽ جيئن شل،

ڪَنڌ ڪپائي،

گهوٽ ٿئين شل،

تنهنجي حياتي ناهي ٿوري.

 

منهن ۽ ڇاتي،

رت رنگائين،

پُٺ ۾ شل ڪو،

ڌڪ نه کائين،

مارين ويري زورئون زوري.

 

ڄمندو رهندين،

مرندو رهندين،

اڻ ڳڻ  ڀيرا،

ڄمندو رهندين،

ٻڌندو رهندين ساڳي لوري.

 

توکي ديس تان،

گهوري ڇڏيان،

گهوري توکي،

ٻيهر ڄڻيان،

هي ڪُک ناهي رهڻي پوري

ادل سومرو

سائنس جا احسان

 

سائنس جا ڪيڏا احسان،

سُکَ ۾ آهن سڀ انسان.

 

ٽيليويزن جا هر هنڌ ڌاڪا،

ريڊيو روز ڪري ٿو واڪا،

ڏسو هي چُرپُر ڪندڙ ڏاڪا،

فون تي ڏوران ٿين ڪچهريون،

ويا هِن ڳنڍجي مُلڪَ مڪانَ.

 

ڪمپيوٽر ٿو وقت کي موڙي،

لوهي بندَ تي ريل پئي ڊوڙي،

هر ڪا شيءِ مشين ٿي جوڙي،

ڪيڏيون ٿيون ايجاد دوائون،

سَوَلا ٿيا سارا دَرمانَ.

 

روشن روشن بلب ٻري ٿو،

سمنڊ ۾ وزني جهاز تري ٿو،

پاڻي ڪُولَر مَنجههِ ٺري ٿو،

جي نه ٿين ها اِهي ايجادون،

ڏُکيا ٿين ها سڀ گُزرانَ.

 

عقل جو هر هنڌ ٿيو اُجالو،

چنڊ تي پهچي ويو آپالو،

پيرن هيٺان آيو هَمالو،

سائنس جي سهڪار سان ماڻهو،

اوچو آهي منجههِ جهان.

 

سائنس جا ڪيڏا احسان،

سک ۾ آهن سڀ انسان.

حيدر شاهه

 

گيتن جي گونجار

گيت گونجارن ٿا پيا ٻار،

لفظ لفظ ڄڻ ماکيءَ لار.

مٽي مليندي رانديون ڪن ٿا،

اُتي وڙهن ٿا اُتي ٺهن ٿا،

کوٽ نه دل ۾ ڪو به رکن ٿا،

ڪيڏو نه تن جو پيارو پيار.

ڦوڪڻا ڦوڪي گئس جا،

وٺي اُڏائن پئسن جا،

ٻار غريبن رئيسن جا،

ڪري هڪ ٻئي سان سهڪار.

ٿرن برن ۾ مينهن وٺا،

پرچي ويا جي اڳي رُٺا،

ڳائن پيا ٿا بيت مِٺا،

توري تنبوري جي تار.

پاڻ ۾ وڙهجي ڪڏهن نه ٻارو،

ڏکي مهل ۾ ٿجي سهارو،

گڏ جي سڏجي ڪجي گذارو،

ڏاڍو ٻڌيءَ ۾ آ پيار،

گيت گونجارن ٿا پيا ٻار.

جوهر بروهي

تنهنجا ٻچا

اڄ ننڍا، ٿيندا وڏا،

هن اسان جا ڀر جهلا،

ڪيترن جا آسرا،

سنڌڙي، تنهنجا ٻچا.

ڪوڙ کان باغي  اصل،

جن جو سچائي،عمل،

کنڊ ماکيءَ کان مِٺا.

گيت وائي ٿا پڙهن،

يا ڀٽائي ٿا پڙهن،

ڏات جا سڀ ڪوڏيا.

چاهه جن کي شعرسان،

پيار پنهنجي شهر سان،

جن جي اکين ۾ ڏيا.

روز ماڻن پيا خوشي،

جبل جيڏي زندگي،

منهنجي تن جي لئه دعا.

مُور ماڻن محفلون،

تن هٿن ۾ مشعلون،

سوجهرا ئي سوجهرا،

سنڌڙي تنهنجا ٻچا.

خديجه سمون

وقت نه وڃاءِ

وقت جي تيز اٿئي رفتار،

وقت وڃاءِ نه ويهي ٻار.

 

اڄ جو ڪم آ اڄ ئي ڪرڻو،

ڪين سڀاڻ تي آ ڇڏڻو،

سستيءَ ۾ نه اٿئون رهڻو،

اڳتي پاڻ کي آهي وڌڻو،

اٿي ته ڪريون ڪم جي پچار.

 

ڪوششن کي تون هلائي هل،

ڏکڙا ڏاڍ مٽائي هل،

وک وک اڳتي وڌائي هل،

روشن راهون بنائي هل،

هيڏي هوڏي ڪيم نهار.

 

 جذبا  پنهنجا ڪين لڪائج،

کولي دل جا عزم ٻڌائج،

اوچو پاڻ کي اهڙو بنائج،

پختي ارادي کي تون پڄائج،

مقصد ماڻڻ لئه ٿي تيار.

پاڻ جيڏن کي پنهنجو بناءِ،

پيار محبت تن ۾ وڌاءِ،

ڪوڙ ڪپت کي دل مان وڃاءِ،

سيني ۾ تون سچ سماءِ،

پڙهڻ  سان رک تون بيحد پيار.

وقت جي اٿئي تيز رفتار،

وقت نه وڃاءِ نه ويهي ٻار.

مقصودگل

ٻارن جو سال

ڪارا ڪارا گپ ۾ وهتل،

ڪينجهر ڪپ تي ڪارا ٻار،

ککيءَ هاڻا لڱ جني جا،

واريءَ هاڻا تن جا وار،

پاڻيءَ ۾ تڙڳن ويٺا،

سرديءَ ۾ پڻ ٿڙڪن ويٺا،

ڇا هي سال انهن جو ڀي آ؟

جيڪو سال ملهايون ٿا پيا!

فوٽ پاٿن تي ٻانهن ڊگهيري،

پيٽ بُکئي جي ڪاڻ پِنن ٿا،

هڪڙي ڏهه پئسيءَ  جي خاطر،

ننڍڙا ٻالڪ ڏاڍو رڙن ٿا.

اُس ۾ روز سڙن ٿا ويٺا،

ڪاڙهي منجهه ڪڙهن ٿا ويٺا.

ڇا هي سال انهن جو ڀي آ؟

جيڪو سال ملهايو ٿا پيا!

چؤواٽي تي ننڍڙا  ٻالڪ،

هر هڪ گاڏيءَ ڏي ڊوڙن ٿا،

هر ڪنهن موٽر جا هو شيشا،

پنهنجي ڪپڙن ساڻ اُگهن ٿا،

ڪوئي صاحب خرچي ڏي ٿو،

ڪوئي تن کي ڇڙٻي ڏي ٿو،

ڇا هي سال انهن جي ڀي آ؟

جيڪو سال ملهايو ٿا پيا!

امين ٿيٻو

رابيل نه پٽ

ڇا لاءِ ڏين ٿو هن کي گهاءُ،

رابيل نه پَٽ، منهنجا ڀاءُ.

 

صورت ڪهڙي نه پياري آ،

هي ته امن جو پرچاري آ،

ڇو نه ڪرين ٿو ڪو ڪهڪاءُ.

 

سڀ کان پهرين صبح سويلو،

ماڪ ڪري ٿي هن سان ميلو،

منهن ڌُئاري ائين جئن ماءُ.

 

توکي هن جي خوشبو گهرجي،

پر ڇو هن کان جيوت ڦرجي،

ڪنهن سان کيڏين ويٺو داءُ.

 

ايڏي تون ڪر دل امين،

جيڏي پکڙيل آهي زمين،

ٻانهون امبر جو ڦهلاءُ،

رابيل نه پَٽ، منهنجا ڀاءُ.

طاهر سنڌي

موکي مت

ٻارن جوعزم ڇا گهٽائيندين،

موکي پنهنجي مَت وڃائيندين.

 

ٻارن کي ته چور ڳهيلا،

زوريءَ پاڻ کي پٽائيندين.

 

آئندي جي معمارن کي،

ڪيسين پيو ٺُڪرائيندين.

 

نازڪ گلن کي ڇنڻ خاطر،

ڪَنڊن سان پلاند اٽڪائيندين.

 

جا جوت طوفان ۾ ٻرندي رهي،

ڪيئن ڦوڪن سان اُجهائيندين.

 

تنهنجو وس به ڪين هلندو،

ڪيڏا سهسين سانگ رچائيندين.

 

 ٻين لاءِ جا کڏ کوٽي ٿئي،

پاڻ کي اُن ۾ اُڇلائيندين.

 

طاهر نيٺ ماڳ رسندو،

ڇا ٿيندو جي رڻ رُلائيندين.

غلام محمد مسڪين

وائي

اچي خوشيءَ مان مٺِڙا پُٽڙا، پيءُ کير کنڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

جلدي جلدي منزل ڏي، هاڻي ڪر تون پنڌ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

ڪاري ڪاري ٻاٽ اندر ۾، بنجي ڀؤ تون چنڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

گلن جيان هر جاءِ رساءِ پنهنجي سڳنڌ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

محنت سببان مانجهي بنجي، سچ جي ڪت تون تند،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

پنهنجي ديس جي مارن مٿان، رت جو ونڊ تون ونڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

ملڪ جي ويرين  چورن ڊاڪن جو، ڪپي وجهه تون ڪنڌ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

 

اچي خوشيءَ مان مٺڙا پٽڙا، پيءُ کير کنڊ،

ته منهنجا نيڻ ٺرن.

مهتاب کوکر فهيم

سرهاڻ

مستقبل آ ٻارن ساڻ،

ٻار چمن جي آ سرهاڻ،

دل آ ٻارن جي هيرن کاڻ.

ڪين رکن ٿا دل ۾ ڪينو،

نور جيان ٿو جرڪين سينو،

سڀ خوشين جي دولت ساڻ.

سهڻا  سهڻا پيارا پيارا،

ديس دلارا روشن تارا،

سي هن ڌرتيءَ جي چانڊاڻ.

ڀينر تن تي رشڪ ڪرن ٿيون،

مائون پاڻ مٿن گهورن ٿيون،

سي هن ڌرتيءَ جي سرهاڻ.

ڪوٽ ڪوڙن جا ساڙيندا،

سينڌ سنڌو جي سينگاريندا

آهن ڌرتي جا سرواڻ.

ٻارن جي تون عادت ڌار،

جن سان روشن هي سنسار،

مهتاب اها تون دولت ماڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com