سڪندر شهزاديءَ جو ٽيون شرط پورو ڪرڻ لاءِ ٻانهيءَ
کي سندس خدمت ۾ آندو ۽ چيو ته انسان جي خوبصورتي
ان جي بدن سان نه آهي، پر ان جي سٺن خيالن ۽ دل جي
پاڪيزگيءَ سان آهي. علم جي دولت هر انسان کي
خوبصورت بڻائي ٿي. مون وڏي محنت سان توهان جي
ٻانهي کي علم جي دولت سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي ۽
علم انسان جي خيالن کي خوبصورت بڻائي ٿو. اِهو
جواب ٻڌي شهزادي سوچ ۾ پئجي ويئي سڪندر جي جواب
کان مطمئن ٿي ۽ خوش به ٿي.
شهزاديءَ سڪندر جهڙي ذهين شخص سان شادي ڪئي. سڪندر
هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو سندس شادي سندس علم ۽
ذهانت جي ڪري شهزادي دلارام سان ٿي. نه ته ڪيترائي
امير ترين ماڻهو ۽ شهزادا شاديءَ کان محروم رهجي
ويا هئا.
”فقير“ شهمير خان چانڊيو
کڏ ڇو پيو کوٽين
رات جي خاموشيءَ ۾، بوٽن جا آواز تيز ٿيندا پئي
ويا. هن جي ذهن تي خوف ڇانيل هو، ۽ هو ڊپ جي ڪري،
هڪ کنڊر ٿيل عمارت ۾ هڪ ڪِريل الماري جي پويان پاڻ
کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هن جي عمر تقريباً
14-15 سال مس هئي. هن کي اها خبر ڪانه ٿي پئي، ته
هو اُن خوفناڪ زلزلي مان زندگي ماڻي، بچي ڪيئن
نڪتو! هن پنهنجي پوري خاندان کي، پنهنجي اکين
اڳيان، جيئرو، جاڳندو زمين دوز ٿيندي ڏٺو هو. صرف
هيءَ ئي هڪ اتان ڀڄي نڪتو هو؛ شايد موت هن کي دنيا
۾ ڪجهه ڪم ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.
وقت جي مشنري حرڪت ۾ اچي وئي هئي. چئني پاسي موت
جهڙي خاموشي ڇانيل هئي. هر طرف ويرانيءَ جو راڄ
لڳو پيو هو؛ جڏهن ته هت ڪڏهن پکين جو مٺيون
لاتيون، مينهن جي چڙن جي جهونگار ۽ آڪاش سان
ڳالهيون ڪندڙ، عمارتون پنهنجي جاهه و جلال جي
عڪاسي ڪري رهيون هيون. پر ڏسندي ڏسندي اها وستي هڪ
کنڊر جي صورت ۾ مئن جي دڙي وانگر پنهنجي تهذيب جا
آثار ڇڏي وئي هئي!
هو لِڪڻ لاءِ اڃان به پاڻ کي سوڙهو ڪري رهيو هو.
هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ بوٽن جا آواز وڌندي
وڌندي سندس مٿان اچي ختم ٿي ويا آهن. اوچتو هن کي
ڪنهن جي هٿن پنهنجي طاقتور هٿن ۾ کڻي ورتو ۽ هو
صرف ان کي اکيون ڦاڙي ڏسندو رهيو هو! هن کان ڪيئي
سوال ڪيا ويا، مگر هن ڪنهن به سوال جو جواب نه
ڏنو، شايد هن جو ذهن صدمي سبب مفلوج ٿي ويو هو.
آخر هو وري به اتان ڀڄي نڪتو. هو ٻئي شهر ۾ منتقل
ٿي چڪو هو، جتي ڪوبه هن جو واقف نه هو. در در جون
ٺوڪرون کائيندو، شهر جي گهٽي، گهٽي ۽ روڊن تي
ڀٽڪندو رهندو هو.
هڪ لڱا، ملڪِ يمن جي هڪ ڳوٺ ۾ آيل زلزلي جو متاثر،
14-15 سالن جو هيءَ ننڍڙو نينگر، هڪ گهٽيءَ ۾ پهچي
هڪ جاءِ تي ويهي، زمين کوٽڻ لڳي ويو. اتفاق اهڙو
ٿيو، جو ان وقت ملڪِ يمن جو بادشاهه، رعيت جي سار
سنڀال لهڻ لاءِ جيئن پنهنجي امير امرائن سان گڏجي،
ان گهٽيءَ ۾ پهتو، ته ان ننڍڙي نينگر کي، ائين
زمين کوٽيندي، حيرت وچان ڏٺائين ۽ سوال ڪيائين ته:
”کڏ ڇو پيو کوٽين؟“
”جيڪو منهنجي لاءِ پيو کوٽي!“ هيءَ پهريون ڀيرو
هو، جو ان ننڍڙي نينگر، بادشاهه سلامت کي جواب ڏنو
۽ زبان کولي هئائين.
”ڀلا تنهنجي لاءِ جي کڏ ڪير نه کوٽي؟“ بادشاهه
ٻيهر سوال ڪيو.
”ته پوءِ آءٌ راند پيو ڪريان!“ نينگر نهايت مطمئن
نموني بادشاهه کي جواب ڏنو.
بادشاهه کي ان جواب ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ حڪم ڏنائين،
ته هيءَ ننڍڙو نينگر وڏي ذهانت جو مالڪ آهي،
تنهنڪري هن جي پرورش شاهي خاندان ۾ ڪئي وڃي.
حڪم جي دير هئي. هن ننڍڙي نينگر جي شاهي خاندان ۾
پرورش ٿيڻ لڳي وقت ڏينهن ڪٽيندو، عمر گهٽائيندو،
اڳتي وڌندو رهيو. شاهاڻا کاڌا ۽ ٺاٺ، ماضيءَ کي
حال ۾ دفن ڪندا، ننڍڙي نينگر کي پنهنجي ذات ۾ گم
ڪندا ويا. هن جي صلاحيتن ۾ غير معمولي تبديلي اچي
وئي هئي. هن جي تعليم و تربيت لاءِ خاص عالم مقرر
ڪيا ويا هئا. وقت جي وزير کي، سندس هِن وڌندڙ
دانشمندي، پنهنجي وجود لاءِ خطري جو الارم ثابت
ڪري ڇڏيو هو. هن جي اها ڪوشش رهي، ته ڪيئن به ڪري
هن وچ ۾ آيل ديوار کي ڊاهي!
آخر گهڻي سوچ، ويچار کان پوءِ، وقت جي وزير، هڪ
ڪاسائيءَ سان ساز باز ڪيو ۽ چيو، ته ”جيڪو به
پهرين ڇوڪر تو وٽ اچي، ان کي ڪهي ڇڏجان! ۽ اهو راز
ڪنهن کي به نه ٻڌائجان. جيڪڏهن ڪيئي ته تنهنجي سر
جو خير ناهي!“
ان مقصد کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هو (وزير) وقت
جو انتظار ڪرڻ لڳو؛ جيئن بادشاهه کي خبر نه پئي.
هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو دستور مطابق جيئن
بادشاهه، رعيت جي سار سنڀال لهڻ لاءِ شاهي محل کان
ٻاهر نڪتو، تئين هِن، ننڍڙي نينگر کي هڪ ڇٻو هٿ ۾
ڏيندي چيو، ”تو تون وڃي فلاڻي ڪاسائيءَ کان گوشت
وٺي آ! نه ته جيڪر آءٌ وڃان ها، پر ڇا ڪريان، جو
تڪڙو آهيان بادشاهه سلامت سان گڏ وڃڻو اٿم!“ ائين
چئي هو هليو ويو.
ننڍڙي نينگر کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ۽ جواب
به نه پئي ڏئي سگهيو؛ حالانڪ ٻيا به نوڪر- چاڪر
موجود هئا. بهرحال هو وزير جي وڃڻ کان پوءِ ڇٻو هٿ
۾ کڻي، جيئن
ٻاهر نڪتو، ته هن جي نظر، راند کيڏندڙ، وزير جي
پُٽ تي پئي ۽ اهڙي طرح وزير جي پٽ جي به مٿس نظر
پئي ۽ هو ڊوڙندو وٽس آيو، سندس هٿ ۾ ڇٻو ڏسي
پڇيائين ته ”ڪيڏانهن پيو وڃين؟“
”تنهنجي والد صاحب، گوشت آڻڻ لاءِ چيو آهي، وڃان
پيو وٺڻ!“ ننڍڙي نينگر کيس جواب ڏنو.
”يار، معاف ڪجئين، ڇٻو مون کي ڏي. آءٌ ٿو وڃي گوشت
وٺي اچان ۽ مان ٿڪجي پيو آهيان، تون منهنجي آڳ
ڏي!“ ائين چئي وزير جي پٽ کانئس ڇٻو کسي ورتو.
ڪاسائي، جيڪو پهرين ڇوڪري جي انتظار ۾ ويٺو هو،
تنهن وزير جي حڪم مطابق، وزير جي پٽ کي ڏسندي ئي
سندس ڪم تمام ڪري ڇڏيو.
ڪافي دير ٿي چڪي هئي، وزير جو پٽ گوشت وٺي نه
موٽيو هو، ننڍڙي نينگر کي تشويش ٿي پئي ۽ هو به
سڌو ڪاسائيءَ وٽ پهتو، پر وزير جي پٽ کي نه ڏسي،
وائڙو ٿي ڪاسائي کي ڏسندو رهيو. آخر هيڏانهن،
هوڏانهن نظر ڦيرائڻ سان کيس اهو ڇٻو ڏسڻ ۾ آيو،
جيڪو اتي رکيو هو. جڏهن ان باري ۾ ڪاسائي کان
معلوم ڪيائين، ته اُن فقط ايترو چيو، ته ”ڇٻو رکي
الائي ڪيڏانهن ويو آهي، آءٌ پاڻ انتظار ڪري ٿڪجي
پيو آهيان.“
ٻي ڪا واهه نه ڏسي، ننڍڙي نينگر، ڪاسائي کي ڇٻو هٿ
۾ ڏئي، گوشت ورتو ۽ محل ڏانهن روانو ٿي ويو.
ٻئي طرف وزير جڏهن واپس موٽي، ان نينگر کي پنهنجي
اکين اڳيان بيٺل ڏٺو، ته سندس ڪنن ۾ ننڍڙي نينگر
جا اڳ چيل لفظ ٻرڻ لڳا!“ کڏ، ان لاءِ پيو کوٽيان
جيڪو منهنجي لاءِ پيو کوٽي!“
رنگ ڀريو
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو. جنهن ٻار وڌيڪ
سٺو رنگ ڀريو هوندو. ان کي گل ڦل رسالو هڪ مهيني
جو موڪلبو. (ايڊيٽر)
ثمينہ گل ميمڻ
چالاڪ گدڙ
هڪ درياءَ جي ويجهو هڪ جهنگ هوندو هو، اتي مختلف
جانور رهندا هئا تن ۾ هڪ چالاڪ گدڙ پڻ رهندو هو.
هڪ دفعي بدقسمتيءَ سان ان جهنگ جا سڀ ميوا ۽ ٻيون
کائڻ جون شيون ختم ٿي ويون. گدڙ ويچاري گهڻو ئي
واجهايو، کاڌي جي ڳولها ڪئي پر ڪجهه به نه وريس.
هڪ ڏينهن ٽڪري تي چڙهي درياءَ جي ٻئي طرف نهارڻ
لڳو. مار! ڪمند جي ڏاڍي ڀلي پوک بيٺي آهي. گدڙ جو
وات پاڻي ٿيڻ لڳو دل ۾ چوڻ لڳو واه سائين واه،
اِهڙو ڀلو ڪمند. نيٺ سوچيائين ته ڪجهه ڏينهن هلي
درياءَ جي ٻي پاسي واري جهنگ ۾ گذارجي پر مسئلو
درياءَ جي ٻئي پاسي پهچڻ جو هو، نيٺ گهڻو سوچڻ کان
پوءِ کيس واڳونءَ جو خيال آيو، جيڪو سدائين درياءَ
جي ڪناري تي ستل رهندو هو. پوءِ ته يڪدم وٺي ڀڳو
واڳونءَ ڏي. واڳون ته اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو. گدڙ
جي گوڙ تي واڳون ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ سخت چڙ مان گدڙ کي
گهورڻ لڳو گدڙ منهن معصوم ڪري ۽ نهايت ادب سان
چيو: ”چاچا سائين صبح جو سلام،“ سلام ڪرڻ تي
واڳونءَ جي ڪاوڙ گهٽ ٿي ۽ چيائين: ”ڀلي ڪري آئين
پٽ، خوش ته آهين نه، تون ڪير آهين ۽ ڪٿان جو
آهين؟“ پوءِ گدڙ منهن پڪو ڪري جواب ڏنو ”توهان مون
کي سڃاتو ڪونهي چاچا سائين آئون ته اوهان جو
ڀائيٽو آهيان“ ان تي واڳون حيرت ۾ پئجي ويو ۽ چوڻ
لڳو ”منهنجو ڀائٽيو!“ مون کي ته ڪا ڪَل ئي ڪانهي
آئون ته اڪيلو ئي اڪيلو زندگي پيو گهاريان. ان تي
گدڙ صاف زبان ۾ ”چيو ”چاچا توهان جو پيءُ ۽ منهنجو
پيءُ ته اصل پڪا دوست هوندا هئا ڀائرن وانگي هڪ
ٻئي کان گهڙي پل به پري رهڻ برداشت نه ڪندا هئا.
هاڻ ته ٻئي وفات ڪري چڪا آهن. منهنجي پيءُ مون کي
مرڻ کان اڳ چيو هو ته ”پٽ! مون کان پوءِ پنهنجي
چاچي سان ضرور پيو ملجان، سو بابا جي چوڻ موجب اڄ
اچي حاضر ٿيو آهيان“ گدڙ جا ڦٽاڪا ٻڌي واڳون چوڻ
لڳو ”اڇا ته پاڻ ۾ ايتري مائٽي آهي“ ان تي گدڙ چيو
”هاڻ ته وڌيڪ پڪو رشتو ٿيندو.“ واڳون پڇيو سو ڪيئن
گدڙ چيو چاچا سائين مون کي هڪ ڀيڻ آهي جنهن کي
توهان ڏاڍا پسند آهيو روز توهان کي وڻ جي پويان
بيهي لڪي ڏسندي آهي سو آئون چاهيان ٿو ته اهو رشتو
توهان ئي قبول ڪريو“ واڳونءَ جون ته واڇون ٽڙي
پيون ۽ خوشي وچان چوڻ لڳو ته ”پوءِ هن نيڪ ڪم ۾
دير ڇاجي.“ تنهن تي گدڙ چيو، ”چاچا سائين توهان
بلڪل صحيح ٿا چئو، پر منهنجي ڀيڻ منهنجي زال سان
گڏ درياء جي هُن پاسي مائٽن ۾ چڪر هڻڻ وئي آهي،
توهان مون کي پنهنجي پٺيءَ تي وهاري هن ڀر پهچايو
ته آئون توهان کي پنهنجي زال به ڏيکاريان ۽ توهان
شادي به ڪري ڇڏيو. واڳون شاديءَ جي خوشيءَ ۾ گدڙ
کي هُن ڀر پهچائڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ کيس ٻئي ڀر
اچي پهچايائين گدڙ اتي پهچڻ شرط جهنگ ڏانهن ڀڄي
ويو نڪو ڪو واڳونءَ جو شڪريو ادا ڪيائن، نڪو مڙي
ان ڏانهن نهاريائين. ڪمند ان کي پاڻ ڏانهن ائين
ڇڪي ورتو جيئن لوهه ۽ چقمق هڪٻئي کي ڇڪن ٿا. ٿورو
پري وري ڪمند کان علاوه ميويدار وڻ ۽ ڪجهه ٻيون
پوکون پڻ ڏٺائين گدڙ جڏهن گهڻا ڏينهن کائي پي
متارو ٿيو تڏهن کيس گهر ياد آيو سو جهنگ مان نڪري
درياءَ تي آيو. مار! واڳون ايترا ڏينهن زال جي شوق
۾ اتي ئي رهيو پيو هو. هن وقت هو ستل هو، سو گدڙ
ڇا ڪيو جو هڪ ڪاٺي کنئي ۽ ڳارهو ڪپڙو هٿ ڪيو.
ڪاٺيءَ کي صحيح طريقي سان رکي مٿان ڪپڙو رکيو ۽
اچڻ سان هڪ وڏي آواز سان سلام ڪندي چيو ”چاچا
سائين آئون توهان وٽ توهان جي زال سان گڏ حاضر ٿيو
آهيان.“ واڳون وراڻيو ابا هيڏا ڏينهن ڪيڏانهن گم
ٿي وئين. گدڙ چيو چاچا شاديءَ جا انتظام ڪرڻ ۾ وقت
لڳي ويو. |