ابو عطا سنڌي
[سنڌ
ھر زماني ۾ اھڙا انسان پيدا ڪيا آھن، جن پنھنجي
ملڪ توڙي ٻاھرين ملڪن ۾ نالو ڪڍيو ۽ پنھنجي ديس جو
منھن مٿي ڪيو. ”ابو عطا سنڌي“ اھڙين اعلي شخصيتن
مان ھڪ ھو. زماني جي گردش سبب، ھن جي سڄي عمر سنڌ
کان ٻاھر گذري .
”ابو عطا“ جي باري ۾ گھڻو احوال ڪونھ ٿو ملي. ڪن
ڪتابن ۾ ڪجھھ معلومات آھي. ھيٺ ڏنل احوال مرحوم
دين محمد ”وفائيءَ“ جي ڪتاب ”تذڪرھ مشاھير سنڌ“
تان ورتل آھي.
-ايڊيٽر]
ابو عطا جو نالو ھرھڪ عربي دان ٻڌو ھوندو. ھن عربي
ادب ۾ اھڙو تھ ڪمال پيدا ڪيو، جو قادرالڪلام عربن
جي پھرينءَ صف ۾ شامل ٿيو. عرب جي مشھور شاعر، ابو
تمام، پنھنجي مشھور ڪتاب ”الحماسه“
۾ کيس جاءِ ڏني آھي.
ابو عطا سنڌيءَ جو نالو افلح ۽ سندس پيءُ جو نالو
يسار ھو. يسار زماني جي گردش ڪري، پنھنجي پٽ سميت
غلام بڻجي عراق ۾ آيو، ۽ ڪوفي ۾ رھڻ لڳو. افلح جو
ننڍپڻ ڪوفي ۾ گذريو. ان کان پوءِ، عنترھ بن سماڪ
نالي، ھڪ عرب رئيس جو غلام بڻيو. جڏھن افلح جي طبع
جا جوھر کليا ۽ شعر شاعري ڪرڻ لڳو، تھ سندس آقا،
عنترھ بن سماڪ سندس ادبي ذوق جو قدر ڪري، کيس آزاد
ڪري ڇڏيو. مگر رفتي رفتي ملڪ ۾ سندس قدرداني ٿي ۽
عالم ۽ رئيس سندس شعر جو قدر ڪرڻ لڳا ۽ ھن جي مالي
حالت بھتر ٿي. اھو ڏسي سندس پراڻي آقا، عنترھ بن
سماڪ جي دل ۾ لالچ پيدا ٿي ۽ نئين سر دعوا ڪيائين
تھ افلح منھنجو غلام آھي. مشڪل ڳالھھ اھا ھئي تھ
ڪابھ اھڙي ثابتي موجود نھ ھئي، جنھن مان افلح جي
آزاد ٿيڻ جو ثبوت ملي. اھو واقعو عالمن ۽ شاعرن کي
ناگوار لڳو ۽ ھنن افلح جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. آخر
معاملو ھن طرح طي ڪيائون تھ افلح جيڪڏھن چار ھزار
سڪا ڏئي تھ کيس آزاد ڪيو وڃي. عنترھ اھو شرط منظور
ڪيو. افلح ھڪ وڏي رئيس حربن عبدالله قريشيءَ وٽ
پھتو ۽ ھن جي تعريف ۾ ھڪ قصيدو لکي، پنھنجي حالت
بيان ڪيائين. ھن ادب نوازيءَ جو ثبوت ڏنو، ۽ کيس
چار ھزار دينار ڏنا، تھ جيئن ھو وڃي پنھنجي جند
آزاد ڪرائي. افلح رقم ڏيئي پاڻ کي آزاد ڪرايو.
آزاديءَ کان پوءِ، عنترھ تي اھڙي بڇڙي ھجو (گلا)
لکيائين جو عنترھ کي حرص جو پورو مزو اچي ويو!
افلح جو پيءُ آخري عمر تائين عربي زبان نھ سکي
سگھيو، ۽ ڀڳل ٽٽل لفظ ڳالھائي، پنھنجو مطلب پيو
سڌو ڪندو ھو. باقي افلح کي سو ننڍي ھوندي کان ئي
عربي سکڻ جو موقعو ملي ويو ھو، سو اڳتي ھلي عربيءَ
جو اھڙو تھ قادرالڪلام شاعر بڻيو، جو سندس اڳيان
عربي زبان جا ماھر بھ ڪنڌ نمائڻ لڳا. انھيءَ ھوندي
بھ افلح جي عربي زبان جي لھجي ۽ اچار ۾ ”سنڌيت“
موجود رھندي آئي. ڪن عالمن جو چوڻ آھي تھ ”ھو ”ج“
جو اچار ”ز“ سان ادا ڪندو ھو ۽ ”شين“ جو ”سين“
سان. اھڙيءَ ريت ھڪ دفعي ھن چيو تھ ”ويلڪ مامدھت
انما ھزوت“. دراصل کيس چوڻو ھو: ”ويلڪ مامدحت انما
ھجوت“. اھوئي سبب ھو جو افلح کي شعر پڙھڻ ۽ قصيدن
ٻڌائڻ ۾ سخت ڏکيائي ٿيندي ھئي. انھيءَ زماني ۾
دستور ھو تھ وڏا شاعر پاڻ سان ڪو ھڪ شاگرد رکندا
ھئا، جو مجلس ۾ استاد طرفان سندس شعر يا قصيدا
بيھي پڙھندو ھو. ھڪ دفعي افلح، سليمان بن سليم جي
دربار جو رخ ڪيو ۽ سندس شان ۾ ھڪ طويل قصيدو
چيائين. قصيدي ۾ پنھنجي ”عجمي“ ھجڻ، ۽ تلفظ جي
صحيح نھ ھجڻ جو عذر ڪندي، کانئس ھڪ ماڻھوءَ جي گھر
ڪيائين. سليمان بن سليم سندس درخواست منظور ڪئي ۽
کيس ھڪ عربي زبان جو ڄاڻو غلام ڏنائين، جو بھترين
آواز ۽ صحيح اچار سان قصيدا پڙھي ڄاڻندو ھو. افلح
ان جو نالو ”عطا“ رکيو ۽ انھيءَ جي ئي نالي تي
پنھنجي ڪنيت ”ابو عطا“ اختيار ڪيائين، ۽ کيس
پنھنجو متبنيٰ (پٽيلو) بڻايائين. ان کان پوءِ
افلح، ”ابو عطا السندي“ جي نالي سان ھرھنڌ مشھور
ٿيو. نوجوان عطا، جنھن مجلس ۾ قصيدو پڙھندو ھو، ان
۾ پنھنجي مٺي آواز جي ڪري رنگ ڄمائي ڇڏيندو ھو.
”ابو عطا“ عشقيه قصيدا بھ لکيا آھن، پر ھن جو خاص
موضوع ”بھادري“ ھو.
ابو عطا ”بنواميه“ جو ثناخوان ھو ۽ انھن جون
ڳالھيون ۽ جنگي ڪارناما قصيدن ۾ بيان ڪندو ھو،
انھيءَ ڪري ھن کي بنواميه جي خاص شاعرن ۾ ڳڻيو
ويندو آھي. ھو بنو عباس ۽ بنو اميه جي لڙاين ۾ بھ
شريڪ ٿيو، جنھن ۾ سندس شاگرد يا پٽيلو ”عطا“،
مارجي ويو. بنو اميه جي حڪومت جي خاتمي تي، ھن ھڪ
وڏو دردناڪ مرثيو لکيو، جنھن ڪري خليفو ابو جعفر
منصور کانئس سڙندو ھو. جيئن تھ وقت جي بادشاھھ جي
اطاعت فرض ھئي، سو ”ابو عطا“ درٻار ۾ قصيدي پڙھڻ
لاءِ اچي حاضر ٿيو. ابو جعفر کيس ڏسي سخت ڪاوڙيو ۽
کيس سختيءَ سان چيائين تھ ”تو خدا جي دشمن، فاجر ۽
فاسق، نصر بن يسار (اموي) جو مرثيو لکيو آھي.“
پوءِ ”ابو عطا“ جي مرثيي جا شعر پڙھي، چيائين تھ
”خدا جو قسم، تو سان مان ڪوبھ سلوڪ ڪري نٿو
سگھان.“ ”ابو عطا“ درٻار مان ھليو آيو ۽ اچي ڪجھھ
مرثيا چيائين، جن ۾ بنو اميه جا احسان بيان ڪيائين
۽ انھن جي مصيبتن تي ڏک ظاھر ڪيائين. ان کان پوءِ
دل کولي خليفي ابو جعفر منصور جي ھجو لکيائين، جا
ايترو مقبول ٿي، جو خود بادشاھي شھر ۾ ھر ننڍي وڏي
ماڻھوءَ جي زبان تي ياد ٿي ويئي. نصر بن يسار
اموي، جنھن جي محبت جي بدلي ۾ ھو خليفي ابو جعفر
منصور جي درٻار مان ھڪاليو ويو، سو سندس وڏو
قدردان ھو. انھن ٻنھي جا دلچسپ شاعرانھ لطيفا
ڪتابن ۾ ڏنل آھن. نصر کيس دل کولي انعام اڪرام
ڏيندو ھو؛ جيئن تھ ڪن موقعن تي کيس ١٠ ھزار دينار
تھ ۽ ڪن تي ٤٠ ھزار دينا بھ انعام ڏنائين! اھڙيءَ
طرح ھڪ موقعي تي کيس ھڪ خوبصورت قنڌاري ٻانھي بھ
انعام ۾ ملي. ٻيا امير بھ پنھنجي ادب نوازيءَ جو
ثبوت ڏيندا رھندا ھئا.
ھڪ دفعي ”ابو عطا“ مڪي شريف وڃي رھيو ھو. سندس
تنبو رستي جي پاسي ۾ ويڙھيو سيڙھيو پيو ھو. فھيڪ
بن معبد عطاودي اتان اچي لانگھائو ٿيو، ۽ پڇيائين
تھ ”ھي ڪنھن جو تنبو آھي؟“ ماڻھن چيس تھ ”ابو عطا
سنڌيءَ جو آھي.“ ھن ڪن غلامن کي موڪليو تھ تنبو
کوڙڻ ۾ ابو عطا جي مدد ڪن. جڏھن ابو عطا اھو ڏٺو،
تڏھن وڏي آواز سان سندس مدح ۾ شعر پڙھيائين. اھو
شعر قافلي وارن ۾ مشھور ٿي ويو. ان کان پوءِ، ٻنھي
جي ملاقات ٿي. فھيڪ چيس تھ ”ابو عطا، انھيءَ شعر
کي ڪجھھ وڌاءِ.“ ھن برجستو جواب ڏنو تھ ”مون توکي
ايترو عطا ڪيو، جيترو تو مون کي عطا ڪيو. جيڪڏھن
تون بھ پنھنجي عطيي ۾ واڌارو ڪندين تھ آءٌ بھ
پنھنجي عطيي ۾ اضافو ڪندس.“
پنھنجي وقت جي شاعرن سان ابو عطا جي ھميشھ نوڪ
جھوڪ رھندي ھئي. انھيءَ زماني ۾ ”ابودلامھ“ نالي
ھڪ مشھور عرب شاعر ھو. ان سان ابو عطا جا چڱا
مناظرا ٿيندا ھئا. ھڪ دفعي ابو عطا، ابودلامھ جي
خچر تي ھجو لکي. ابو دلامھ يڪدم پنھنجو خچر وڪڻي
ڇڏيو ۽ ابو عطا جي باري ۾ ھڪ وڏي ھجو لکيائين.
اھڙيءَ طرح ٻنھي شاعرن پنھنجي نظمن مان خوب لطف
حاصل ڪيو.
ابو عطا سنڌيءَ خليفي منصور جي زماني ۾ وفات ڪئي.
رشيد ڀٽي
اچو اوھان کي سنڌ گھمايان
بکر:
سکر سونھاري وٽ پھچي، درياءُ شاھھ شاخون ٿي وڃي
ٿو. ھڪ شاخ کٻي طرف روھڙيءَ واري شاخ ٿي سڏجي، ۽
ٻي، سڄي طرف سکر واري شاخ ٿي سڏجي. انھن ٻنھي شاخن
جي وچ ۾ ٽي تاريخي ٻيٽ آھن، جن جا نالا آھن: زندھ
پير، بکر، ۽ ساڌٻيلو. ھن مضمون ۾ بکر بابت ڪجھھ
مفيد معلومات ڏنل آھي.
بکر سنڌ جو ھڪ قديم تاريخي قلعو آھي، جو سکر ۽
روھڙيءَ جي وچ واري ٻيٽ تي اڏيل آھي. سنڌ تي عربن
جي ڪاھھ کان اڳ، انھيءَ جاءِ تي ڪنھن بھ شھر جو
نالو نظر ڪونھ ٿو اچي. ھن جي بنياد جو سن، ”لبِ
تاريخ“ جو ليکڪ، ١٠٤١ع ڄاڻائي ٿو. ھيءُ قلعو سڄو
پڪين سرن جو ٺھيل آھي ۽ بيضي جي شڪل وانگر آھي ۽
چؤطرف پاڻي اٿس. سندس اصلي نالو ”تحفتھ الڪرام“ جي
مصنف ”فرشتھ“ لکيو آھي، جو بعد ۾ بکر سڏجڻ لڳو. اڳ
۾ سنڌ جو اتر وارو علائقو، اروڙ پرڳڻو ڪوٺبو ھو،
پر پوءِ اروڙ جي ڦٽڻ ڪري اتان جا رھواسي لڏي اچي
بکر ۽ روھڙيءَ ۾ رھڻ لڳا. اھڙيءَ ريت اروڙ جو
پرڳڻو بدلجي، بکر جو پرڳڻو ڪوٺجڻ ۾ آيو.
اوائل ۾ بکر ۽ سکر (ھاڻوڪو پراڻو سکر) کي ”بکر“ جي
ھڪ ئي نالي سان سڏيو ويندو ھو. بکر جا مشھور عالم،
اولياءَ ۽ والي سڀ پراڻي سکر ۾ ئي دفن ٿيل آھن،
مثلا: مير معصوم شاھھ بکري ۽ سيد محمد مڪي بکري،
وغيرھ. ھاڻي بھ پراڻي سکر جي ھڪ پاڙي کي بکر سڏيو
ويندو آھي.
اروڙ جي تباھيءَ کان پوءِ، بکر سنڌ جي ڪنجي ٿي پيو
۽ ان کي تاريخي لحاظ کان خاص اھميت ملي. پھريون
دفعو، غزنوي دور ۾، سن ١١٦٥ع ۾، قلعي جي مرمت ٿي،
ٻيو دفعو سنڌ تي ڪاھڻ وقت شاھھ بيگ ارغون، ١٥٢١ھھ
۾، الورجي قلعي جون سرون پٽارائي، ھن قلعي جي مرمت
ڪرائي. جڏھن ھمايون، شيرشاھھ کان ھارائي بکر وٽ
پھتو تھ قلعي جي گورنر محمود بکريءَ، ھن جو مقابلو
ڪيو ۽ کيس قلعي ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو. ١٧٣٩ع ۾،
نادر شاھھ اڳيون سمورو قلعو ڊھرائي، وري نئين سر
ٺھرايو. ١٧٧٨ع ۾، احمد شاھھ ابداليءَ جي پٽ، شاھھ
تيمور، ھن قلعي جي مرمت ڪرائي. ١٨٣٩ع ۾ انگريزن
زبردستيءَ ھن قلعي جو مير رستم خان ٽالپر کان قبضو
ھٿ ڪيو.
اسلامي حڪومت جي زماني ۾، بکر ۾ ڪيترائي گورنر
مقرر ٿيا. اڪبر جي زماني ۾ ھت ضربخانو بھ ھو.
ھندستان جي شھنشاھھ التمش جي خوف کان سنڌ جي گورنر
قباچ بھ ھن قلعي مان ٽپو ڏيئي، پاڻ کي ٻوڙي آپگھات
ڪيو ھو. اورنگزيب کان شڪست کائي، سندس ڀاءُ دارا
شڪوھ بھ ٻارن ٻچن سوڌو ھن قلعي ۾ پناھھ ورتي ھئي.
مطلب تھ انھن ڏينھن ۾ بکر، سنڌ ۾ ادب، ثقافت ۽
سياست جو وڏو مرڪز ھو. ”تحفتھ الڪرام“ جو مصنف لکي
ٿو تھ:
”بکر جا ماڻھو ٺٽي جي ماڻھن وانگر نفاست وارا،
صفائي پسند ۽ نازڪ مزاج آھن، ۽ قابليت حاصل ڪرڻ جي
پوري اھليت رکن ٿا. جڏھن گرميءَ جي مند ۾ پاڻي
چڙھندو آھي ۽ ميوات عام جام ٿيندي آھي، تھ ھتان جا
ماڻھو زالين مڙسين باغن ۾ وڃي آرام ڪندا آھن. بکر
ڏسڻ وٽان آھي، ۽ سندس باغن جا گل سنگھڻ وٽان.“
موجودھ وقت بکر جو قلعو رڳو ڀڳل ٽٽل ڀتيون وڃي
بچيو آھي. ھن وقت منجھس ھڪ فوجي باريڪ ۽ ٻن
اوليائن جا مقبرا آھن. اڄ بھ جڏھين ڪو اتي وڃي
نڪرندو، تھ کيس بکر جون اداس ۽ ڊٺل ڀتيون،
پنھنجيون ٻانھون کولي، پنھنجي گذريل عظمت ۽ اوج کي
سڏينديون نظر اينديون.
|