حال
احوال
پيارا
ٻارو،
گل
ڦل ماهه
اپريل جو
پرچو، اوهان
کي
پوري
ٽائيم
تي ملي
رهيو
آهي، ماهه
مارچ
جو پرچو
به
اوهان کي پهرين
تاريخ تي
ملي
وڃي ها،
پر
پوسٽ آفيس
۾
عيد
ڪارڊن
جي
رش
سبب، اهو
پرچو
اوهان کي عيد
کان
پوءِ
مليو، ان
لاءِ
معذرت، هاڻ
اميد
ته
دير جي
شڪايت
ڪانه رهندي.
ٻارو، دنيا
هينئر ايڪويهين
صدي
۾
قدم رکي
رهي
آهي، ۽ سائنس
ايتري ته
ترقي
ڪئي
آهي، جو
هر
شيءِ
ڪمپيوٽرائزڊ ٿي ويئي
آهي،
پر اسان
وٽ
اڄ به
اهو
ساڳيو پراڻو
طريقه ڪار هلي
رهيو
آهي.
وڏن
وڏن
شهرن ۾
ڪمپيوٽر جي
سهولت آهي،
پر
اسان ان
مان
اهو مقصد
حاصل
نه ڪري رهيا
آهيون.
جيڪي
مقصد
سڌريل ملڪ
حاصل
ڪري
رهيا آهن،
اسان
وٽ اڄ
به
ٻار
وڊيو گيم
تي
پنهنجو قيمتي
وقت
ضايع ڪري رهيا
آهن،
جڏهن ته
وي
سي آر
تي
بازاري فلمن
بدران تعليمي
فلمون
ڏسي، توهين
پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو
آڻي
سگهو ٿا.
ٻارو!
هي
ڪمپيوٽر جو
دؤر
آهي، اوهين
ڪمپيوٽر
ضرور
سکو، ڇا جو
هر
هنڌ
ڪمپيوٽر جي
ضرورت پوندي،
ان
لاءِ
توهين هاڻي
ئي
ان ۾ مهارت
حاصل
ڪريو،
جيئن اڳتي
هلي
ڏکيائي
نه ٿئي.
ٻارو!
آخر
۾
وري اها
گذارش
ڪندس ته
هي
رسالو اوهان
جو
پنهنجو آهي،
ان
۾
اوهين
ڀرپور حصو
وٺو
۽
پنهنجي مواد
سان
گڏ پنهنجا
قيمتي رايا
به
ڏيو،
جيئن اسان
جي
رهنمائي ٿي سگهي،
۽
اسان
رسالي کي اوهان
جي
خواهش موجب
ڪڍي
سگهون.
اوهانجو ادا:
اڪبر
جسڪاڻي
ڪلياڻ
آڏواڻي
لطيفي
لات
مُنهن مٿانهان
جن
جا، سي
پٽيو
ڪڍن
پار،
جيڏيون!
هن
جهُونجهارَ،
اُجاري سڀ
اڇا
ڪيا.
مٿيون
بيت
شاهه صاحب
جي
رسالي مان
کنيو
ويو
آهي، هيءُ
بيت
سر
ڪيڏاري جي
داستان چوٿين
جو
ڏهون
نمبر بيت
آهي.
سمجهاڻي:
جن
عورتن جا
منهن
مٿي آهن.
)تن
جي
ڀتارن جنگ
۾
سر
ڏيئي
سندن مانُ
مٿي
ڪيو
آهي)
سي
پار
ڪڍيو
پيون
چون
”اي
سرتيون!
هن
سورهيه
پنهنجن وڏن
کي
سرخرو ڪيو.“
هن
بيت
مان اهو
سبق
ملي ٿو ته
جيڪي
حق ۽ سچ
جي
راهه تي
شهيد
ٿين
ٿا،
اهي تاريخ
۾
امر
ٿي
وڃن ٿا ۽ انهن
جا
عزيز سندن
شهادت تي
ناز
ڪن
ٿا.
غلام محمد
لاکو
مير
محمد معصوم
بکري
سنڌ
تاريخ جي
مختلف دورن
۾
جيڪي
نامور ۽ دلچسپ
انسان پيدا
ڪيا
آهن،
مير معصوم
بکري
به اهڙن
ماڻهن مان
هڪ
هو.
مير
صاحب
گهڻ پهلو
شخصيت جو
مالڪ
هو، پاڻ
هڪ
ئي وقت
شاعر، سپاهي،
تاريخدان، سياستدان،
سفير
۽
سير سفر
جو
شوقين انسان
ٿي
گذريو آهي.
ان
ڪري
سندس نالو
اڄ
سوڌو پيو
ڳائجي.
مير
معصوم جو
پيءُ
سيد مير
صفائي، ارغونن
جي
دور ۾ اولهه
ايشيا مان
لڏي
اچي، سنڌ
جي
بکر شهر
۾
رهيو، ان
وقت
بکر ۾ سلطان
محمود جو
حڪم
هلندو هو.
سيد
صفائي جڏهن
هتي
پهتو ته
سندس
زبردست
ڀليڪار ٿي، کيس شهر
جو
وڏو قاضي
مقرر
ڪيو
ويو.
صفائي
مرحوم نهايت
شريف
۽
لائق انسان
هو.
عالم
هجڻ
سان گڏ
عالم
۽
ادب جو
قدردان به
هو.
هن
کي ٽي پٽ
ٿيا،
جن
مان مير
محمد
معصوم وڏو
نالو
ڪڍيو،
سيد صاحب
بکر
۾
فوت ٿيو.
سندس
مزار
سکر شهر
۾
موجود آهي.
مير
محمد
معصوم سن1528
ع
۾
ڄائو،
وقت جي
رواج
موجب تعليم
ورتائين ۽ مختلف
علمن
۾
وڏي ڄاڻ حاصل
ڪيائين.
مير
صاحب جي
ڪجهه
استادن جا
نالا
هن ريت
مليا
آهن:
ملا
محمد
ڪنگريءَ
وارو، قاضي
ڏتو
سيوهاڻي، شيخ
حميد
درٻيلائي، ۽ مخدوم
عثمان درٻيلي
وارو، علم
جي
حاصلات کان پوءِ
هن
کي
سلطان محمود
وٽ
نوڪري ملي،
سلطان محمود
سن
1574ع
۾
وفات ڪئي.
تڏهن
مير صاحب
نوڪريءَ جي
ڳولا
۾
هندوستان هليو
ويو.
ان
وقت اڪبر
اعظم
نالي مغل
شهنشاهه هندوستان
تي
بادشاهي ڪري رهيو
هو.
بادشاهه
مير
معصوم جي
خانداني پس
منظر
۽
علمي قابليت
جو
قدر
ڪندي، هن
کي
پاڻ
وٽ سٺو
عهدو
ڏنو.
ان
ريت
سندس
ڀرپور زندگيءَ
جي
شروعات ٿي.
مير
محمد
معصوم هندوستان
جي
درٻار ۾ رهندي
تمام
گهڻيون خدمتون
سرانجام
ڏنيون.
مختلف
ڏکين
مسئلن جي
نبيري ۾ پاڻ
وڏو
مددگار ثابت
ٿيو.
تاريخ ۾ جيڪا
ڄاڻ
ملي
ٿي،
ان موجب،
وقت
جي وڏن
وڏن
فوجي معرڪن
۾
سرگرم
ڪردار ادا
ڪيائين.
هي
اهو وقت
هو
جڏهن شهنشاهه
اڪبر
اعظم، هندوستان
جا
جدا پرڳڻا
فتح
ڪري،
مغل شهنشاهت
۾
واڌارو ڪري رهيو
هو.
مير
صاحب، عبدالرحيم
خانخانان ۽ اڪبر
اعظم
سان گڏ،
ڪيترن
ئي
فوجي معرڪن
۾
حصو
ورتو.
هن
گجرات،
ٺٽي،
خانويش ۽ برهان
پور
جي
لڙاين
۾
پاڻ ملهايو.
قنڌار ۾ گڙٻڙ
ٿي
ته
بادشاهه مير
معصوم جو
اتي
هجڻ ضروري
سمجهيو.
ان
ريت
سنڌ جي
هن
لائق انسان
سياسي ۽ فوجي
محاذن تي
وڏيون
ڪاميابيون حاصل
ڪيون.
مير
صاحب
پنهنجي دور
جو
نهايت برجستو
۽
ڪامياب
سفير
ڏسجي
ٿو.
ان
زماني
۾
ايران ۽ هندستان
۾
قنڌار جي
مسئلي تي
وڏي
ڇڪتاڻ
پيدا ٿي.
اڪبر
بادشاهه حالتن
کي
سڌارڻ لاءِ
ڪجهه
ماڻهو ايران
موڪليا، پر
انهن
کي
ڪاميابي
حاصل نه
ٿي.
ان
صورتحال ۾
ٻنهي ملڪن
زبردست جنگ
جو
خطرو پيدا
ٿي
پيو.
بادشاهه
وڏي
سوچ ويچار
کانپوءِ،
مير
محمد معصوم
کي
سفير
ڪري
ايران موڪليو،
مير
صاحب وڏي
هوشياري ۽
ڏاهپ سان،
منجهيل مسئلي
کي
حل
ڪرايو،
ايران جي
شاهه
عباس صفوي،
مير
جي عقلمنديءَ
کان
خوش
ٿي،
هن کي انعام
اڪرام ڏئي وطن
واپس
موڪليو.
پاڻ
هندوستان پهتو
ته
اڪبر اعظم
پڻ
هن جي
خدمتن جي
ساراهه ڪئي.
مير
صاحب
کي
عهدي ۾ ترقي
ڏئي”امين
الملڪ“
جو
لقب
ڏنو
ويو.
سنڌ
جو
هي مثالي
انسان ذاتي
زندگيءَ ۾ يار
ويس
ٿي
گذريو.
سندس
سنگت
۾
وقت جا
وڏا
وڏا عملدار،
سپهه
سالار، اديب،
شاعر
۽
تاريخدان
ڏسجن ٿا.
هن
جي
دوستيءَ ياريءَ
جو
سلسلو هندستان
کان
ڪري
ايران تائين
پکڙيل هو.
هن
ڏس
م عبدالرحيم
خانخانان، لا
عبدالقادر بدايوني،
تقي
ڪاشي
۽
خواجه نظام
الدين احمد
جا
نالا وڏي
اهميت رکن
ٿا.
سندس
دوستن جا
نالا
ڏسي
مير صاحب
جي
شخصيت کي سمجهڻ
۾
وڏي
مدد ملي
ٿي.
مير
صاحب
نوڪري ۾ ڪم ڪار سانگي
ايران، افغانستان
۽
هندستان جا
گهڻا
علائقا
ڏٺا، اتي
جي
ماڻهن سان
مليو.
تاريخ
۽
تهذيب کان واقفيت
حاصل
ڪيائين.
تاريخي
۽
تفريحي اهميت
اهميت واريون
جايون
ڏٺائين.
ان
پس
منظر ۾ هن
جي
تاريخي سمجهه
۽
سوچ
۾
واڌارو
ٿيو، جتان
جتان
لنگهيو ۽ جتي
جتي
رهيو، اتي
جايون
ٺهرائي انهن
تي
يادگار
ڪتبا هڻايائين.
اهي
ڪتبا
فارسي زبان
۾
هئا.
انهن
ڪتبن
جي ذريعي
مير
صاحب جي
ڪيل
سير
سفر ۽ حياتيءَ
جي
باري ۾
وڏي
معلومات ملي
ٿي.
مير
معصوم پنهنجي
وقت
جو وڏو
شاعر
به هو.
هي
ڄاڻ
پڻ هنن
ڪتبن
مان
حاصل ٿي آهي.
سنڌ
جي
حوالي سان
مير
صاحب جا
ٻه
يادگار
ڪارناما، اڄ
سوڌو
موجود آهن،
انهن
۾
هڪ آهي
سکر
جو منارو،
جيڪو
هڪ مٿانهين
ٽڪريءَ
تي
ٺهيل
آهي، اهو
منارو هاڻي
سندس
نالي جي
نسبت
سان سڏجي
ٿو.
هي
منارو
1593ع
۾ ٺهڻ شروع
ٿيو،
۽
يارنهن سالن
جي
لاڳيتي محنت
کان
پوءِ
سن
1604ع
۾ جڙي
راس
ٿيو،
مناري جي
بنياد واري
ڪرسي 84
فوٽ
ويڪري آهي.
مٿي
چڙهڻ لاءِ
اندران ئي
اندران
84
ڏاڪا آهن.
ماهرن جو
خيال
آهي ته
ٻيو
سڄو
ڪم
پڪين سرن
جو
ٿيل
آهي، چوٽيءَ
تي
پهچڻ کان پوءِ
سکر
۽
روهڙيءَ توڙي
بکر
جا آثار
۽
سنڌو
درياءَ جا
نظارا خوب
طرح
ڪري
سگهجن ٿا، ائين
پيو
ڀانئجي
ته هي
شهر
۽
آثار
ڏسندڙن جي
پيرن
هيٺان آهن،
مير
صاحب جون
ٺهرايل
ڪي
ٻيون
جايون به
اڃا
تائين موجود
آهن.
مير
صاحب
جو سنڌ
لاءِ
ٻيو
يادگار
”تاريخ
معصومي“
جي
روپ
۾
ملي ٿو.
هي
ڪتاب پاڻ
1600ع
۾
فارسي
ٻوليءَ ۾ لکي
پورو
ڪيائين.
هن
۾
عربن، سومرن،
۽
سمن
جي دور
جي
تاريخ ڏنل آهي.
هن
پنهنجي دور
جو
احوال ته
نهايت تفصيل
سان
لکيو آهي.
ان کان
علاوه هي
ڪتاب
جي
ذريعي مشهور
سنڌي
ماڻهن جو
ذڪر
به ملي
ٿو.
هن
وقت
مير معصوم
جي
تاريخي
ڪتاب جا
سنڌي، اردو
۽
انگريزي ترجما
ٿي
چڪا
آهن.
مير
هي
ڪتاب
لکي سنڌ
جي
ماڻهن تي
وڏو
احسان ڪيو آهي.
پاڻ
وقت جو
سٺو
شاعر به
هو،
پر سندس
شاعري محفوظ
نه
رهي سگهي.
هندوستان
جو
بادشاهه اڪبر
اعظم
17
آڪٽوبر
1605ع
تي
فوت ٿيو.
ان
کان پوءِ
سندس
پٽ جهانگير
بادشاهه بنجي
ويٺو.
هن
تاريخي
تبديليءَ وقت
مير
معصوم تختگاهه
آگري
۾
موجود هو.
ڪجهه
مهينن کان پوءِ
نئين
بادشاهه کان موڪل
وٺي
پاڻ بکر
موٽي
آيو.
ان
وقت
سندس
ڄمار
78
ورهيه
ٿي
چڪي
هئي.
هو
هاڻ
مغلن جي
نوڪريءَ جا
ايڪٽيهه سال
پورا
ڪري
رهيو هو.
بکر
موٽي آيو
ته
ٻن
مهينن جي
اندر
ڪنهن
خطرناڪ بيماريءَ
اچي
ورايس.
ان
طرح
ڀرپور
زندگي گذاريندڙ
هي
انسان
4
اپريل 1606ع
تي وفات
ڪري
ويو.
کيس
سکر ۾ پنهنجي
ٺهرايل
قبرستان ۾ دفن
ڪيو
ويو.
اتي
سندس
پيءُ،
ڀائرن ۽ گهر
جي
ٻين
ڀاتين
جون قبرون
به
هيون، هي
مکيه
قبرستان ”معصومي
مناري“
جي
چؤديواريءَ
اندر آهي.
مير
معصوم جا
هي
ٻه
يادگار
ڪارناما، سنڌ
اندر
سندس ياد
کي
تازو
ڪندا
رهندا، پير
حسام
الدين راشدي
مرحوم، سنڌ
جي
هن مثالي
انسان بابت
هڪ
بهترين
ڪتاب لکيو
آهي.
”مير
محمد
معصوم بکري“
تاريخ جو
هي
عجيب اتفاق
آهي
ته مير
معصوم وانگر،
پير
صاحب پڻ
اپريل جي
مهيني ۾ لاڏاڻو
ڪري
ويو!!
امام راشدي
پير
حُسام الدين
راشدي
سنڌ
جيڪي
چند وڏيون
شخصيتون پيدا
ڪيون
آهن،
انهن ۾ پير
حُسام الدين
راشدي جن
جي
شخصيت نهايت
اهميت واري
آهي،
پير صاحب
جن
اعلى پائي
جا
اديب، مڃيل
محقق
۽
عظيم تاريخدان
هئا.
سندن
علم ادب
لاءِ
ڪيل
خدمتون، خاص
طور
تي سنڌ
جي
تاريخ تي
ڪيل
ڪم
کي
زبردست مڃتا
مليل
آهي.
هُو
نه
رڳو عظيم
تاريخدان هئا،
پر
عظيم انسان
به
هئا.
خدا
کين
علم جهڙي
دولت
سان مالا
مال
ڪري
ڇڏيو
هو.
سندن
علم
جي هاڪ
پاڪستان کان علاوه
تقريباً سڄي
دنيا
۾
ويٺل آهي.
پير
حُسام الدين
راشدي، تاريخ
20
سيپٽمبر
1911ع
۾ ضلعي
لاڙڪاڻي جي
هڪ
ننڍڙي ڳوٺ
”بهمڻ“
۾
ڄاوا، سندن
خاندان سکيو
ستابو، پيري
مريدي ۽ علم
و
ادب وارو
هو.
جنهن
جو
اثر مٿن
پيو،
اهو ٻڌي توهان
ضرور
حيران
ٿيندا ته،
پير
حُسام الدين
جن،
ڪنهن
به اسڪول،
ڪاليج
يا
يونيورسٽيءَ ۾ باقاعدي
ڪونه
پڙهيا، پر
اهو
ايترو علم
پير
صاحب پنهنجي
صلاحيت محنت
۽
شوق
سان حاصل
ڪيو،
پير
صاحب جن
ننڍي
هوندي کان ئي
غير
معمولي ذهانت
جي
ڪري
ايترو علم
حاصل
ڪيائون.
سندن
پرورش ۾ پنهنجي
ڏاڏي
سيد
پير شاهه
۽
پنهنجي وڏي
ڀاءُ
پير
علي محمد
راشديءَ جو
وڏو
هٿ رهيو.
ننڍپڻ ۾ علم
جي
شوق جو
ذڪر
سندن وڏي
ڀاءُ
پير
علي محمد
راشدي هن
طرح
ڪيو
آهي ته:
هڪڙي
ڏينهن
حسام
الدين، راند
ڪندي
ڪندي
منهنجي
ڪمري
۾
اچي انهن
ڪتابن
سان
کڙاند
ڪرڻ
لڳو.
مون
کيس
دڙڪو
ڏنو،
”اڙي
ڄٽ،
تون منهنجن
ڪتابن
کي
هٿ
نه لاءِ.“
هن
مون
ڏانهن
ڏڍو
۽
هيئن چوندو
هيو
ويو،”آءٌ
ڄٽ
آهيان؟ چڱو
ادا.“
”ان
واقعي کان پوءِ
هن
جي طبيعت
۾
وڏو
انقلاب آيو.
هن
رانديون رهڻ
۽
ڳوٺ
جي
ٻارن
سان رلڻ
هڪدم
ڇڏي
ڏنو.
اڳي
کان
وڌيڪ
منهنجو ويجهو
آيو
۽
هر ان
شيءِ
۾
دلچسپي وٺڻ
لڳو،
جنهن ۾ مون
کي
دلچسپي هئي.
ماٺ
ميٺ ۾ هرڪا
ڇپيل
شيءِ
پڙهڻ لڳو،
جيڪو
به پڙهيل
لکيل
ماڻهو مليس،
تنهن
سان
ڳالهه
ٻولهه ڪري
ڪانه ڪا ڪم جي
شيءِ
حاصل ڪرڻ لڳو.
رات
جي ماني
کائڻ
کانپوءِ
لالٽين رکي
ڪي
نه
ڪي
پيو پڙهندو
هو
۽
دير تائين
پڙهندو رهندو
هو.“
پير
حُسام الدين
راشديءَ جن
کي
دنيا
جا وڏا
وڏا
عالم عزت
۽
احترام جي
نگاهه سان
ڏسندا
هئا،
ڪيتريون
يونيورسٽيون کين اعلى
اعزازي
ڊگهريون ڏيڻ تي
مجبور ٿي پيون.
پاڻ
سنڌي، اردو،
فارسي ۽ انگريزي
ٻولين
جا
وڏا
ڄاڻو هئا.
پاڻ
سنڌيءَ ۾
12
ڪتاب، اردو
۾ 5
ڪتاب ۽ فارسيءَ
۾ 26
ڪتاب لکيائون.
جن
مان
تقريباً سڀئي
ڪتاب
سنڌ
جي تاريخ
سان
تعلق رکن
ٿا
۽
ڇپيل
آهن،
سندن مشهور
ڪتابن
مان،
هوُڏو ٿي هوُ
ڏينهن،
مڪلي
نامه،
ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون،
تذڪره امير
خاني، مير
معصوم بکري،
تذڪره شعراءِ
ڪشمير(چار
جلد)
مقالاتِ الشعراءِ،
۽
ٻيا
بيشمار
ڪتاب مشهور
آهن.
پاڻ
ڏيهي
توڙي
پرڏيهي علمي
ادارن سان
وابسته رهيا،
ڪيترائي
ادارا قائم
ڪيائون،
نوجوانن جي
همت
افزائي ڪري
ڪيترائي اديب
پيدا
ڪيائون.
پير
صاحب
جن شروعاتي
تعليم پنهنجي
ڳوٺ
۾
هڪ
آخوند وٽ
حاصل
ڪئي،
ٿوري
گهڻي انگريزي
علم
جي
ڄاڻ، ڳوٺ جي
ريلوي اسٽيشن
(نصرت(
جي
اسٽيشن ماستر
کان
حاصل
ڪيائون.
سندن
ذهانت جو
اندازو ان
ڳالهه
مان
به لڳائي
سگهجي ٿو ته
هو
19
سالن
جي عمر
۾”سنڌ
زميندار“
اخبار
جو
اسسٽنٽ ايڊيٽر
مقرر
ٿيا.
اها
اخبار مرحوم
محمد
ايوب
کهڙي جي
هئي،
۽
سکر مان
نڪرندي هئي،
ان
وقت اخبار
جو
ايڊيٽر پير
علي
محمد راشدي
هيو.
هونئن
ته
پير صاحب
جن
ان کان به
اڳ
۾
لکڻ پڙهڻ
شروع
ڪيو
هو ۽ شروع
شروع
۾”فدائي“
تخلص
سان شاعر
به
ڪندا
هئا.
ڪيترائي
افسانا به
لکيائون، پر
پوءِ
سندن لاڙو
تاريخ ۽ تحقيق
ڏانهن
وڌي
ويو.
اهو
شايد
معجزو يا
ڪرشمو
چئجي
جو، قدرت
کي
سنڌ
لاءِ هڪ
عظيم
تاريخدان پيدا
ڪرڻو
هو.
پير
صاحب
جن جوانيءَ
۾
ئي
ڳوٺ
ڇڏي
وڃي
ڪراچيءَ ۾ رهڻ
لڳا،
پر ڳوٺ سان
سندن
ناتو آخر
تائين قائم
رهيو.
سندن
ڳوٺ
”بهمڻ“
۽
اسان
جو ڳوٺ
”پير
جو ڳوٺ“
ويجها
هئا.
ڪيترائي
ڀيرا
پير
صاحب جن
اسان
جي ڳوٺ قدم
ڀري
آيا.
منهنجي
(بابا-
بدر الدجى
شاهه)
سان
سندن
تمام گهڻو
پيار
۽
محبت هئي،
ان
حوالي سان
مون
کي
اهو به
اعزاز حاصل
آهي
ته،
ڪيترائي
ڀيرا ساڻن
ملاقات
ڪيم، جنهن
۾
سندن
ڏنل
پيار مون
کي
اڄ
به ياد
آهي.
پير
صاحب
جن دنيا
جا
بيشمار ملڪ
ڏٺا،
پر
انهن مان
ايران سان
سندن
خاص لڳاءُ
هو.
خود
سندن
فارسي
ڪتاب ايران
۾
گهڻو
پڙهيا ويندا
هئا.
شهنشاهه
ايران، پير
صاحب
جن سان
وڏي
عقيدت رکندو
هو،
جڏهن به
پير
صاحب جن
ايران ويندا
هئا
ته، سرڪاري
مهمان جي
حيثيت سان
رهندا هئا.
ايران حڪومت
پير
صاحب جي
علمي
خدمتن جي
عيوض، ملڪ
جو
اعلى اعزاز”نشان
سپاس-
درجه
اول“
سان
نوازيو ۽ تهران
يونيورسٽيءَ کين
ڊاڪٽوريٽ
(پي
ايڇ ڊي)
جي
اعزازي
ڊگري
پڻ ڏني.
پاڪستان
جي
حڪومت کين
”ستاره امتياز“
جو اعزاز
به
ڏنو.
ان
کان علاوه
ٻيا
به
ڪيترائي
اعزاز ۽ ايوارڊ
کين
مليا. |