سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

باب: --

صفحو :3

گُل ڦُل ڊسمبر 1979ع

ايڊيٽر: انور هالائي

هڪ ڏينهن احمد پڙ ۾ آيو ته ڏٺائين ته جمعي جي گهر جي ڀت وٽ ٻارن جا هشام لڳا پيا هئا. هڪ ٻئي ڌڪا پئي ڏنائون. هو به اهو تماشو ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيو. ڏٺائين ته جمعي جي گهر جي ديوار تي هڪ وڏي دفتري لڳل هئي ۽ ان تي مختلف سامان: هوائي جهاز، موٽر، ٽانگو، توتاري، ٻين ننڍين ننڍين شين کان سواءِ هڪ وڏي گُڏي سڀني سامان جي وچ ۾ ڌاڳي سان ٻڌل هئي. ٻارن جي وچ ۾ هڪ لالا پٺاڻ هڪ ڳوٿري جهلي بيٺو هو ۽ ان ڳوٿريءَ ۾ پرچيون هيون، ٻار چار آنا ڏئي هڪ هڪ پرچي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجهي ڪڍي رهيا هئا. پوءِ جنهن جو پرچيءَ تي لکيل نمبر جنهن رانديڪي سان مليو ٿي ان ٻار کي لالا پٺاڻ اهو رانديڪو ٿي ڏنو. نه ته ان پرچيءَ تي بسڪوٽ يا کٽمٺڙوٿي ٻار کي مليو.

احمد انهيءَ گُڏيءَ کي ڏسندو رهيو ۽ سوچيندو رهيو ته وڏي شهر ۾ گُڏي ڪيڏي نه مهانگي آهي ۽ هتي رڳو چئن آنن  ۾ ٿي گُڏي ملي. احمد به ڀيڻ لاءِ چئن آنن ۾ گُڏي وٺڻ جو خيال ڪيو. ڏسندي ڏسندي درُو موٽر کٽي ويو. حفيظ کي توتاري ملي. رشيده ۽ شوڪيءَ گُڏي کٽڻ لاءِ ڏاڍيون پئي پرچيون ڪڍيون.

احمد کي به سوين خيال اچڻ لڳا ته جيڪڏهن مان به چئن آنن ۾ اديءَ کي گُڏي کٽي ڏني ته هوءَ ڪيڏو نه خوش ٿيندي ۽ مون سان اڃا به گهڻو پيار ڪندي. پر جيسين احمد چار آنا گهران کڻن ويو، تيسين لالا پٺاڻ صورتي بند ڪري، ٻئي ڏينهن صبح جو اچڻ لاءِ چئي هليو ويو.

احمد کي ان ڏينهن ٻي ڪا به ڳالهه نه پئي وڻي، صبح جي ٿيڻ جو بيچينيءَ سان انتظار ڪرڻ لڳو. ڪنهن سان ڳالهه به ڪانه ڪيائين، جو چاهيائين ٿي ته اوچتو ئي اوچتو پنهنجي ڀيڻ کي گڏي آڻي ڏيندس ته سندس ڀيڻ جي حيرانيءَ جي حد نه رهندي ۽ شهزاديءَ جهڙي گُڏي ڏسي، ڏاڍي خوش ٿيندي ۽ سندس پئسا به بچي پوندا.

صبح جو جڏهن احمد پيءُ کان خرچيءَ گهري ته سندس پيءُ حيران ٿي ويو. ڇاڪاڻ ته احمد کي خرچي ري گهرئي ملندي هئي. تڏهن به هاشم سڀني ٻارن کي خرچي ڏيئي ڪم تي هليو ويو. ان ڏينهن احمد اسڪول ڪونه ويو.

احمد اٺ آنا کڻي پڙ ۾ لالا پٺاڻ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. جڏهن لالا پٺاڻ آيو ته احمد جي خوشيءَ جي حد ئي نه رهي ۽ وڏي رعب سان لالا پٺاڻ کي چار آنا ڏيندي، ڳوٿريءَ مان پرچي ڪڍي، گُڏيءَ ڏانهن نهارڻ لڳو. پر پرچيءَ تي ڪجهه به لکيل ڪونه هئو. احمد مايوس ٿي ويو. ايتري ۾ ٻيا ٻار فيضو، يعقوب، صديق، نوازعلي به اچي ويا ۽ انهن به پرچيون ڪڍڻ شروع ڪيون. صديق وٽ تمام گهڻا پئسا هئا ۽ هو بار بار چار آنا ڏئي پرچي ڪڍي رهيو هئو. جڏهن صديق وٽ آخري چار آنا بچيا ته کيس هوائي جهاز مليو. احمد ٻيو ڀيرو به چار آنا ڏنا پر ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيس. احمد گُڏي کٽڻ جي لالچ ۾ گهر ڏانهن ڀڳو ته جيئن ٻيا پئسا کڻي اچي پرچيون ڪڍي . احمد گهر پهتو ته ڏٺائين ته سندس ڀيڻ ۽ ماءُ گڏيءَ لاءِ جمع ڪيل پئسا ڳڻي رهيون هيون. احمد پنهنجي ڀيڻ کي نهايت معصوميت سان چيو ته ”ادي، مون کي هڪ رپيو ڏي.“ ڀوريءَ پنهنجي ڀاءُ کي پهرين ته انڪار ڪيو: ”نه ادا، مان ٿي هڪ رپيو ڏيائين، مون گُڏي وٺڻ لاءِ جمع ڪيا آهن.“ پر پوءِ جڏهن مجبوراً احمد ٻڌايس ته ”ادي، توکي رڳو هڪ رپئي ۾ گُڏي آڻي ٿو ڏيان، تون مون کي رڳو رپيو ته ڏي. پوءِ توکي وڌيڪ پئسا جمع ڪرڻ جي ضرورت ڪانه پوندي.“

ڀوريءَ جو هڪ رپئي ۾ گُڏي ملڻ جو ٻڌو ته ڏاڍي خوش ٿي ۽ يڪدم احمد کي هڪ رپيوڏيئي چيائين:  ”سچي به! گُڏي ملندي؟“ احمد بنا جواب ڏيڻ جي ڀيڻ  کان رپيو وٺي ڊوڙ پاتي. سڀني بيٺل ٻارن کي ڌڪا ڏئي، ڏاڍي رعب سان لالا پٺاڻ کي رپيو ڏيندي ڳوٿريءَ  مان پرچي ڪڍيائين. لڳاتار ٽي پرچيون ڪڍڻ کانپوءِ به جڏهن گُڏيءَ وارو نمبر ڪونه نڪتو ته احمد مايوس ٿي ويو. منهن ئي لهي ويس. سڀ ٻارمٿس کلڻ لڳا. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو هو، پر پاڻ کي سنڀالي ورتائين، کيس ڀوريءَ سان هڪ رپئي ۾ گُڏي آڻڻ واري ڳالهه ياد اچڻ لڳي.  هن کي  اها به خبرهئي ته جيڪڏهن ڀوري لاءِ گڏي نه نڪتي ته ڀوريءَ کي ڪيڏو نه ڏک ٿيندو. هن جون نظرون ٽنگيل گُڏي ۾ کُپي ويون ۽ هن ڪنهن به طرح گُڏي کٽڻ جو دل ۾ فيصلو ڪيو.

احمد وٽ هاڻي باقي چار آنا بچيا هئا ۽ اها سندس ڇهين پرچي هئي. هن ٿيلهي کي زور زور سان لوڏي ان ۾ هٿ  وجهي،  هڪ پرچي ڪڍي، لالا پٺاڻ کي ڏني ۽ پنهنجا ٻيئي هٿ صور تي واري ٽنگيل گُڏيءَ ۾ وڌائين،جيئن هُو گُڏي کڻي ڀڄي وڃي. پر ائين نه ٿيو. هاڻي لالا پٺاڻ به هن جو هٿ پري هٽائڻ بجاءِ، هن کي ڪجهه  ڪونه چئي سگهيو ۽ لالا پٺاڻ احمد جي ڪڍيل پرچي، ان تي لکيل نمبر ۽ گُڏيءَ تي لڳل نمبر ڏانهن ڏسي رهيو هئو. جڏهن لالا پٺاڻ احمد کي ڪجهه به ڪونه چيو ته سڀني ٻارن کي پڪ ٿي وئي ته گُڏيءَ احمد جي ٿي ويئي آهي.

ڀوري جيڪا دروازي ۾ گڏيءَ  لاءِ اکيون وجهيو ويٺي هئي، سا احمد جي هٿ ۾ شهزاديءَ جهڙي وڏي ۽ ٺاهوڪي گُڏي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڊوڙ پائي  وڃي احمد ۽ گُڏيءَ  کي ڀاڪر پاتائين ۽ يڪدم هن جي وات مان نڪتو:  منهنجي ڀاءُ، منهنجي ڪاڻ  نيٺ گُڏي آندي ڙي آندي!

اڪبر جسڪاڻي

ڏات ناهي ذات

 

هن ڀيري ڳوٺ پهتس ته سڀ ٻار جاويد جي اوطاق اڳيان ويٺا هئا. ننڍڙو جاويد تقرير ڪري رهيو هو. آءٌ ٻارن کي ائين ميڙ جي صورت ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. گهر ڏانهن ويندي ويندي، جاويد جا اهي لفظ ٻڌندو ويس: ”پيارا ڀائرو!  عيد اچڻ واري آهي، ان لاءِ اسان ڪوشش ڪري، غريب ٻارن لاءِ ڪپڙا وٺي سبايا آهن، جيڪي اڄ توهان کي ڏينداسين.“

مان ڪافي اڳتي نڪري چڪو هوس، پر آهسته آهسته تاڙين جو آواز اچي رهيو هو.

گهر پهچي، امڙ سان ملي، ڪجهه  وقت ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ وڃي ڪمري ۾ کَٽ تي ليٽيس. ماضيءَ  جون ڪي جهلڪيون اڳيان اچڻ لڳيون.

اڄ اهو ساڳو پاڙو آهي، جنهن ۾ ڇوڪرا تعليم چاهه سان وٺن ٿا، پر اسان جي وقت ۾ ڪو به ٻارپڙهڻ ويندو هو ته ٻيا ٽوڪيندا هئس ۽ وڏڙا  مخالفت ڪندا هئا،  پر اڄ ننڍڙن  ٻارن ۾ به  اها ساڃهه اچي ويئي آهي، جو گڏجاڻيون ڪري، پنهنجن مسئلن کي گڏجي حل ڪن ٿا. ننڍڙو جاويد ڪيڏو نه سٻاجهڙو ٻار آهي. پهرين ڀيري جڏهن مون وٽ آيوهو، تڏهن خوشيءَ  مان چيو هئائين: ”ادا، اسان ٻارن لاءِ هڪ جماعت ٺاهي آهي،  جنهن جو ڪم آهي غريب ٻارن جي مدد ڪرڻ ۽ جيڪي مائٽ ٻارن کي نٿا پڙهائن،  تن سان ملي، انهن کي راضي ڪرڻ ته جيئن هو ٻارن کي اسڪول موڪلين ۽ جيڪي ٻار اسڪول وڃڻ  کان نٽائين ٿا يانٿا پڙهن، تن سان ملڻ، ۽ جي اسان جي چوڻ  ۾ نه ٿو اچي ته پوءِ انهيءَ سان سوشل بائڪاٽ ڪندا آهيون، ۽ ڪو به ٻار ان سان ميل ميلاپ نه رکندو آهي، راند روند  ۾ به ان کي شامل نه ڪبو آهي، ۽ پوءِ هو ايترو ته مجبور ٿي پوندو آهي، جو اسان وٽ ايندو آهي، ۽ اچي چوندو آهي ’ڀاءُ!  مون گهڻو پڇتايو  آهي ۽ هاڻ مان  پڙهندس.‘ ادل‘  پوءِ اسين ان کي  اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا آهيون، جي غريب  جو پٽ هوندو آهي ته ڪتاب وغيره وٺي ڏيندا آهيون، ۽ شام جو اسان جي اوطاق ۾ اچي گڏ ٿيندا آهيون، راند روند ڀر واري  ميدان ۾ ڪندا آهيون، اول انهن شين جي خرچ جي پورائي ڪرڻ لاءِ  اسين هر نوڪريءَ  واري ۽ سرندي واري وٽ ويندا آهيون، ۽ اسان پنهنجو حساب ڪتاب رکيو آهي ۽ پئسا بئنڪ ۾ رکايا اٿئون. رمون،  آچر،  سومر ۽ آءٌ چار ئي عهديدار آهيون.  ادا، تون به اسان جي مدد ڪر، ته اسان ٻار اڳتي لاءِ وڌيڪ ڪم ڪري سگهون.“

مون جاويد کي هر ماهه پنجويهه روپياڏيڻ جو وچن ڪيو،  ۽ پاڻ ڏاڍو خوش ٿي چيائين: ”ادا هاڻ مٿان عيد پئي اچي ۽ هر عيد تي ڪافي ٻار ويچارا ڦاٽل ڪپڙن سان هوندا آهن. پر هن ڀيري اسان سوچيو آهي ته ڪوشش ڪري سڀني يتيم ۽ غريب ٻارن کي ڪپڙا چندي مان وٺي، سبائي  ڏينداسين. ادا، ڀلا ڏس نه! غريب به ته  انسان آهن، انهن کي به اهو ذهن، اهي جذبا  ۽ دل آهي، پوءِ عيد  جي ڏينهن،  جتي اميرن جا ٻار گلاب جيان ٽڙندا وتن،  اتي غريب  جا ٻار سُڪل مُکڙيءَ وانگر مايوس  لڳا  وتن، اهو ٺهي ڪونه ٿو.“

مان ڏاڍو  خوش ٿيس ته اسان جو ٻار اڄ اها سوچ رکي ٿو نه ته اسان جي وقت ۾ ته ڪڻو ڪڻي کان ڌار هو، پر واقعي ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي. وڏڙن سچ چيو آهي ته ”ٻه، ته ٻارنهن“. ننڍڙي  جاويد جيئن چيو، تيئن ڪري ڏيکاريائين ۽ اڄ هو غريب ٻارن ۾ ڪپڙا ورهائي رهيو هو.

شل ٻيا به سڀ ٻار ائين اهڙوين تنظيمون ٺاهي،  اڳتي وڌن ته هوند ڪيڏو نه سٺو ٿئي ۽ سنڌڙيءَ ۾ ڪوبه اڻ پڙهيل ٻار نه سڏجي.

رخسانه عاقلاڻي

نئين پراڻي هڪ ڪهاڻي

 

سنڌيا جنهن جي عمر اٽڪل اٺ سال کن هئي. تنهن عادت پٽاندڙ پنهنجين  پتڪڙين ٻانهن کي هوا ۾ زوم سان لوڏي، کليل دريءَ  مان نظر ايندڙ آڪاس ۾ ٽمڪندڙ تارن ڏانهن ڏسندي ماءُ  کي ڄڻ ته ياد ڏياريندي چيو:

”آيل، آکاڻي ٻڌاءِ نه.....“

رات جو سمهڻ کان اڳ  سنڌ يا ماءُ کان ڪا نه ڪا آکاڻي ضرور ٻڌندي هئي ۽ ماءُ سنڌيا کي ڪانه ڪا آکاڻي  ضرور ٻڌائيندي هئي.

سنڌيا جي ڳالهه ٻڌي ماءُ شاهه جي رسالي مان ڪو بيت پڙهندي پڙهندي بيهجي ويئي. سنڌيا ڏانهن ڏسندي ڄڻ ته ماءُ  کي ياد اچي ويئي  پنهنجي روزاني ڊيوٽي.

”هائو،  سنڌيا ڌيءَ  مون کان ته اڄ ڳالهه ئي وسري ويئي هئي پنهنجي ڌيءَ  کي آکاڻي ٻڌائڻ جي!“ ماءُ ڊگهي ساهه سان گڏ رسالو بند ڪري ڀر ۾ رکيل ٽيبل مٿان رکي ڇڏيو. پوءِ سنڌيا جي ڀر ۾ ليٽي کيس ڳراٽڙي پائي کن لاءِ  سوچيندي رهي. ”آيل، آکاڻي ٻڌاءِ نه“ سنڌيا ماءُ کي ماٺ  ماٺ ڏسي ٻيهر ياد ڏياريو.

۽ ماءُ سنڌيا کي آکاڻي ٻڌائڻ لڳي روزانو جيان نئين نڪوري ۽ ڪوري  آکاڻي.

”هيءَ  آکاڻي موهن جي دڙي جيتري ئي قديم ۽ اهم آهي.“ آيل،  بابلا چوندو آهي، موهن جو دڙو  سموري جڳ کان پراڻو آهي.“ سنڌيا  آکاڻي ٻڌندي  وچ ۾ ئي ڪنڌ ڌوڻيندي، پنهنجن پتڪڙن هٿن  جون آڱريون  شڪنجن جيئن اٽڪائي، ڀرون مٿي ڪري ماءُ  کان پڇيو! ”هائو، سنڌيا تنهنجو بابلا سچ چوندو آهي.“

”ها .... منهنجو بابلو ته سموري جڳ کان سٺو آهي. ڪڏهن به ڪوڙ ناهي ڳالهائيندو ، جيڪي ماڻهو ڪوڙ ناهن ڳالهائيندا  اهي سٺا هوندا آهن . ها نه، آيل؟!“

”ها، ها سنڌيا راڻي پر هاڻي آکاڻي ته ماٺ ڪري ٻڌ نه، سٺا ٻار هميشہ سُٺن ٻارن جيئن ماٺ ڪري آکاڻي ٻڌندا آهن.“ ماءُ سنڌيا  کي سمجهائيندي چيو!

”چڱو!“ سنڌيا ماٺ ڪري عقلمند ٻارن جيئن دريءَ مان نظر ايندڙ تارن ڏانهن ڏسندي ڪن سرلا ڪري آکاڻي ٻڌڻ لڳي.

ها- هيءَ آکاڻي موهن جي دڙي جيتري ئي قديم ۽ اهم آهي جڏهن سنڌ ماءُ  جو رنگ روپ ئي مٽيل هو . جڏهن سنڌو دريا پنهنجي پوري اوج تي هو. جڏهن سنڌوءَ  جي سوني سيني مٿان وڻجارا وڻج واپار لاءِ ٻيڙڻ کي چپن  سان کيڙيندا پنهنجو سامان پرڏيهه ڏانهن اماڻيندا  هئا. جڏهن سنڌ  جي هلمل سڄي جڳ تي ڪنهن سندر سيني جيان ڇانيل هئي.

تنهن زماني ۾ سنڌوءَ جي ٻيءَ  ڀڪ  هڪ ڳو‎‎‎‎ٺڙو هيو. جتان روزانو سونو روپو  سج ڌرتيءَ   جو سينو چيري  سموري جڳ کي روشن ڪري ڇڏيندو آهي. او، انهيءَ روشنيءَ  جي پاسي واري ڳو‎ٺ ۾ هڪ نينگر رهندو هو. نانءُ هو جنهن جو ڪوڏ. جيڪو سج اُڀرڻ کان اڳ ڀنڀرڪي ويل اٿي ٽڪائين ٽوپي پائي، اجرڪ ڪلهي تي رکي، لٺ کڻي، ڪِلن مان مال ڇوڙي چنگ چوريندو ڌرتيءَ  تان هلڪي هلڪي دز اُڏائيندو مينهون چارڻ ويندو هو.

مينهون چاريندي جڏهن ٿڪبو هو ته نم جي وڻ کي ٽيڪ ڏئي چنگ  وڄائڻ لڳندو هو ۽ جڏهن چنگ وڄائيندو به ٿڪبو هو ته ساڄي هٿ جي اشهد آڱر سان ڌرتيءَ مٿان اونڌا سڌا ليڪا ڪڍڻ لڳندو هو، ڄڻ ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪندو هجي.

۽ سانجهيءَ ٽاڻي جڏهن سڀ پکي پکڻ ولر ڪري پنهنجي پنهنجي ماڳ ڏانهن پرساهيندا هئا. تڏهن ڪوڏ به نم جي وڻ هيٺان اجرڪ ڇنڊي اٿي آڏا ابتا اکرڌرتيءَ جي ڦرهيءَ مٿان ڪنهن ايندڙ روشن ڏينهن  جي ياد ۾ اُڪريل ڇڏي ڌڻ هڪليندو، ڌڌڙ  اڏائيندو چنگ چوريندو  مينهن جي ڳچيءَ  سان ٻڌل چڙن جي مڌر آلاپ سان  آلاپ ملائيندو اچي گهر ڀيڙو ٿيندو هو ۽ پوءِ جڏهن ڪاري رات جي ڏائڻ، اوندهه جو ڄار آڻڻ شروع ڪندي هئي ته ڪوڏ ڪنجهي جي  وٽي ۾ ڪناتار کير ڀري، پي کٽ مٿان وڇايل چنڊستارن واري ٽُڪ ٽڪيل رلهي مٿان وجهي سمهي پوندو هو ۽ جيسين ننڊ اچيس ايسين آڪاس ڏانهن هٿ کڻي اشهد آڱر کي ڪلڪ بڻائي هوا ۾ پيو آڏا  اُبتا ليڪا ڪڍندو هو.

ها، سنڌيا راڻي: رات جو وري آڪاس سندس ڦرهي بڻجي پوندو هو. ۽ ڪوڏ  ننڊ اچڻ تائين پيو هوا ۾ هٿ ڦيرائي  لکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ۽ ننڊ  نندوري اچڻ پڄاڻان خواب ۾ پيو جل ٿل جل ٿل خواب ڏسندو هو. جنهن ۾ هو سدائين پاڻ کي پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن سان گڏ ڪلهي ۾ ڪتابن جو بجڪو کنيو جهومندو ڳائيندو اسڪول ڏانهن ويندي ڏسندو هو. سنڌيا راڻي:  هن ڪڏهن به پاڻ کي اسڪول کان موٽندي نه ڏٺو هو..... خبر اٿئي ڇو.....؟

”ها امان امان ڪوڏ به مون جيان اسڪول کان گسائڻ نه چاهيندو هوندو!“

سنڌ يا پنهنجي ڳل تي آڱررکي سياڻن ٻارن جيان جواب ڏنو.

شاباس: بلڪل اهائي ڳالهه هئي تڏهن ئي ڪوڏ پاڻ کي هميشہ  اسڪول ڏانهن ويندي ڏسندو هو. ۽ اهڙي طرح ڪوڏ جا ڏينهن ۽ راتيون گذرندا رهيا.

هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته، ڪوڏ جيئن ڀنڀرڪي ويل ڪڪڙن جي پهرين  دس تي عادت آهر اٿيو ۽ اجرڪ ڪلهي ۾ وجهي ٽڪائين ٽوپي مٿي تري رکي لسيءَ  جو وٽو پي مال ڇوڙي چنگ چوريندو جڏهن جهنگ رسيو ته ڏ‎ٺائين ته ٻه اڇ رنگيا پرڏيهي جن جي سوٽن جا پائچا  ڊگهن بوٽن ۾ پيل هئا ۽ جيڪي هڪ ٽه ٽنگي  اسٽينڊ  مٿان ڪاغذ لڳل تختي تي رنگن مان برش ٻوڙي سندس سهڻي ڌرتيءَ جو نقش چٽي رهيا هئا. سندن ڀر ۾ هڪ ڏيهي ڊگهي سلوار قميص ۾ بيٺل هو جيڪو ڪنهن اڻ سونهين ٻوليءَ ۾ ڪجهه ٻڌائي رهيو هو. ڪوڏ چنگ چوريندي چوريندي ٺاپرجي ويو ۽ کن لاءِ  انهن اڄاتلن ڏانهن ڏسندو رهيو. پوءِ وک وک کڻندو سندن ويجهو پهتو ۽ هڪل ڪري چيائين ”ڇا ڪرڻ آيا آهيو هتي“ اهي پرڏيهي نقش چٽيندي بيهجي ويا.  ۽ ڪوڏ ڏانهن واجهائڻ لڳا. تڏهن سندن ڀر ۾ بيٺل ڏيهي مرڪي ڪوڏ کي چيو: ”ڀائڙا هي چين ولايت کان آيا آهن، اسان جا مزمان آهن.“ ”پر هت سندن ڪهڙو ڪم؟!!“ ڪوڏ بيحد اچرج وچان ڏيهي کان پڇيو. تڏهن هو کن لاءِ ڪجهه سوچيندو رهيو ۽ پوءِ مرڪي چيائين:  ڀائڙا تنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول ناهي نه، هي تنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول ٺهرائيندا. ”او انهيءَ ساڳي پٽ تي  جنهن جو هي نقشو پيا چٽين.“ ”ڇا.؟ جائي به!!! ڪوڏ کان خوشيءَ مان رڙ نڪري ويئي.

جائي به ڀائڙا. پوءِ ته ڏاڍو سٺو مان پڙهندس. مينهون چارڻ ڇڏي ڏيندس. مون سان منهنجا يار، سارنگ اڙٻنگ، ۽ متارو به پڙهندا. ڪوڏ نچندو ٽپندو وڻن جي ٽارين مان گؤنچ پٽيندو پنهنجي گهر ڏانهن وريو ۽ چؤنري لسي جي ڀري چانورن جي مانين سان ڀريل ڍاڪون کڻي تکو تکو واپس جنگ موٽيو ۽ لسين وٽا تار ڪري، مانيءَ  جو ڍاڪون کولي کڻي هنن آڏو رکيائين، چئي ”توهان هٿ اشڪول کوليندؤ  ته؟  توهين اسان جا  مزمان آهيو کائو جيترو وڻيءَ  پر ٻيلي هيتڙي  اسڪول ضرور کولجو.“

ڪوڏ سمورو وقت سندن خدمت ۾ ويٺو رهيو. ڪڏهن کين چنگ ٻڌائيندو رهيو، ته ڪڏهن وري گيت. جڏهين پرڏيهن نقش چٽي بس ڪئي ۽ اسهڻ لڳا ته ويندي ويندي ڪوڏ کي رنگا رنگي فوٽن وارا ڪجهه ڪتاب ڏئي ويا. ڪوڏ ته اصل بود ۾ ڀلجي ويو. خوشيءَ مان پئي ڦاٽو.

ڪوڏ ڳپل تائين پرڏيهين سان واٽ سونهون ٿيو ۽ کين ڳوٺ اڪرائي  واپس  جهنگ موٽيو ۽ انهيءَ نم جي ڇانوري ۾ ويهي  رنگبرنگي ڪتابن جو پنو پنو ڪري ڏسڻ لڳو. جت پهريائين  ويهي ڌرتيءَ  مٿان آڏا اُبتا ليڪا ڪڍندو هو. ڪوڏ ڪتابن ڏسڻ ۾ ايترو ته مهو ٿي ويو جو کائنس  چنگ وڄائڻ به وسري ويو هو.

سانجهيءَ  ٽاڻي جڏهن سڀ پکي پکڻ ولر ڪري افق جي ڳاڙهه سري ڌنڌ مٿان ترندا واپس پنهنجن آکيرن ڏانهن ورڻ لڳا ته ڪوڏ به ڪتاب ٽپي، اجرڪ جي ڪانڀ چيلهه مان ڪڍي  اجرڪ جي پلاند سان منهن مهٽي اٿي  کڙو ٿيو ۽ خيالن ئي خيالن ۾ پاڻ کي اشڪول ۾ سبق ياد ڪندي ڏسي گد گد ٿيندو اچي گهر ڀيڙو ٿيو.

وقت جو چرخو ڦرندو رهيو. ڏينهن هفتن ۾، هفتا مهينن ۾، مهينا  سالن ۾ ڦرندا رهيا. پر ڪوڏ جو اوسيئڙو ختم نه ٿيو. هو روزانو ساڳي ئي نم هيٺيان اچي اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍي ڪتاب کولي انهن پرڏيهين جي واٽ واجهائيندو رهيو. پڙهائيءَ جي پورن ۾ ڪوڏ مينهون چارڻ به ڇڏي ڏنيون ۽ گهر وڃڻ به ڇڏي ڏنو بس ڏينهن رات نم هيٺان ويهي گذارڻ  لڳو.

دوست دڙن، مائٽ مٽن، ڳوٺ جي چڱن مڙسن کيس مجهايو. چونس: ”اهو سڀ ڪوڙ هو، دوکو هو، دولاب هو، ويندڙ ڪڏهن نه وريا آهن.“ پر، ڪوڏ جي دل مڃي ئي نه. آخر سڀني ڪڪ ٿي کيس سمجهائڻ  ڇڏي ڏنو. ۽ کانئس سڀ سڱ ڇني پنهنجي پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا. ان وچ ۾ الائجي ته ڪيترا ڀيرا وقت جي ظالم رٿ اڻکٽ گهوڙن ۾ رٿيل ڌرتيءَ  جي لسي ۽ شفاف سيني مٿان پنهنجن  ڦيٿن ۽ گهوڙن جي سنبن جا اڻ مٽجندڙ نشان ڇڏي  هلي وئي. پر ڪوڏ اتي ئي اجرڪ جي ڪانڀ ڪڍيو ٽڪائين ٽوپي پايو ڳچيءَ ۾ ڳانو ۽ هٿن ۾ ڪتاب  کوليو، اکين جي درين جا سڀ تاڪ کوليو. انهن پرڏيهين جي واٽ وجهائيندو  رهيو.  هڪڙي ڀيري ته الائجي ڪٿان مڪڙن جا ڪٽڪ آيا سڄو نيرو اُڀ ڪاراٽجي ويو هو. سائي ستابي ڌرتي ڇانڀر بڻجي ويئي. هڪ نه داڻو ڇڏيائون هيڏي ساري ڦيري کان پوءِ به ڪوڏ آس نه لاٿي ۽ ويٺو رهيو هنج ۾ ڪتاب کوليو، من ۾ آس جا ديپ ٻاريو ورندي اڄ تائين به سندس هنج ۾ ساڳي ئي انداز  سان ڪتاب کليل آهن ۽ ڪوڏ  پنهنجي ڳوٺ ۾ اسڪول کلڻ جي آس نه لاٿي آهي. کيس پڪ آهي هڪ نه هڪ ڏينهن سندس ڳوٺ  ۾ اسڪول ضرور کلندو.  ماڻهو چون ٿا ته اهو قصو نسورو ڪچ تي ٻڌل آهي  پر سياڻن جو چوڻ آهي ته اهو سمورو قصو سچ آهي. جڏهن به ڪوڏ جي ڳوٺ ۾ اسڪول کلندو ڪوڏ جي پٿر بت ۾ نئون سريرسمائجي ويندو ۽ هو اجرڪ ڇنڊي ڪتاب بغل ۾ هڻي اسڪول ڏانهن وک کڻندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com