زبرسڪيءَ کيس چيو ته، ”منهنجو لُڌڙو ڏينهن ۾
ڪيترائي ڀيرا وهنجندو آهي، سو ڪلهه کان وٺي وهنجي
ناهي سگهيو، سندس ٽب پڻ ٽرڪ ۾ ليڪ ٿي پيو هو،
مهرباني ڪري ڪو اهڙو حل ڪڍي، جنهن سان لڌڙو صرف هڪ
دفعو وهنجي سگهي.“
قُلي، ڪاوڙ ۾ کيس چيو، ”مسٽر! هي مسافرن جي ٽرين
آهي، نه ڪي ڪنهن جانور جي ڪا سرڪس ٽرين آهي، جتي
اوهان جو لڌڙو صاحب وهنجي سگهي.“
زبرسڪي، کيس منٿ ڪندي چيو، ”اوهين درست آهيو، پر
اها منهنجي ۽ منهنجي لڌڙي جي مجبوري آهي، هو
پاڻيءَ جو جانور آهي، اُن کان سواءِ، ڏسو اڄ
گرميءَ به ڪيتري آهي، يا مون کي گارڊ سان ملايو ته
آئون کانئس سڌي سنئين اجازت وٺان.“
قُليءَ، زبرسڪيءَ کي دلاسو ڏيندي چيو ته ”ٺيڪ آهي،
آئون اوهان جي مدد ڪندس، پر اُن لاءِ اهو شرط آهي
ته لنچ کائڻ کانپوءِ، مسافر پنهنجين ڪچهرين يا
درين کان ٻاهر نظارا ڏسڻ، يا هلڪو ڦلڪو ريليڪس ٿيڻ
لڳندا، اُن سمي موقعو هوندو ته اسين اوهان جي
لُڌڙي کي وهنجاري سگهون، اُن لمحي تائين اوهان کي
انتظار ڪرڻو پوندو.“ ”ٺيڪ آهي.“
ائين چئي زبرسڪي، بگيج ڪار ۾ آيو، ٽامڙيءَ کان خير
آفيت پڇيائين. کيس خبر پئي ته ”ٽامڙو ڏاڍو پريشان
هو، گرميءَ به ٽامڙيءَ کي ڏاڍو تنگ ڪيو هو، تنهن
ڪري وهنجڻ ٽامڙيءَ لاءِ ضروري ٿي پيو هو.“
زبرسڪيءَ، ٽامڙيءَ کي ٻڌايو ته، ”هو ٽامڙي جي
وهنجڻ جو انتظام ڪري چڪو آهي، پر اُن لاءِ ٽامڙي
کي ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو، جيئن ئي ماني کانپوءِ،
ماڻهو ڳالهائڻ – ٻولهائڻ، نظارن ڏسڻ سان گڏ ريليڪس
ٿيندا، ته هو باٿ روم جي باٿ ٽب ۾ تازي پاڻيءَ ۾
وهنجڻ لاءِ، هن کي ڪجهه گهڙيون ڇڏيندو.“
ٽامڙو خوش ٿيو، ۽ زبرسڪي جا ٿورا مڃيائين.
لنچ ڪرڻ کان پوءِ، جيئن ئي زبرسڪي کي موقعو مليو،
ته هُن قُليءَ کي ٻڌايو: ”ته هاڻ هو ٽامڙي کي
وهنجارڻ لاءِ ڊريسنگ روم واري باٿ روم ڏانهن وٺي
وڃي رهيو آهي.“ قُلي کيس سڀ ڪجهه احتياط سان ڪرڻ
لاءِ چيو. زبرسڪي ٽامڙي وٽ آيو ۽ ٽامڙي کي وٺي،
ڊريسنگ روم ۾ ويو، باٿ روم ۾ رکيل هڪ بهترين ٽب ۾
تازو پاڻي ڀرڻ لاءِ نلڪو کوليائين، جڏهن ٽب ڀرجي
ويو ته ٽامڙي کي احتياط سان وهنجڻ لاءِ باٿ روم ۾
ڇڏي، پنهنجي سيٽ تي اچي ويهي رهيو.
ٽامڙو باٿ روم ۾ مزي سان وهنجڻ ۽ ٿاڦوڙا هڻڻ لڳو،
ٽرين ۾ سوار ٻه ڇوڪريون پنهنجو پاڻ ۾ ڪچهري ڪري
رهيون هيون. هڪ ڇوڪريءَ، ٻئي ڇوڪريءَ کي چيو ته:
”اڄ الائي ڇو گرمي محسوس ٿي رهي آهي، تون ويهه، ته
آئون جلدي ئي وهنجي ٿي اچان، وهنجڻ کان پوءِ فريش
به ٿي وينديس ۽ گرمي به محسوس ڪونه ٿيندي.“ ائين
چئي، هو باٿ روم طرف آئي، ۽ باٿ روم جو دروازو
کوليائين ته، کانئس رڙ نڪري وئي، هُن جلدي دروازو
بند ڪري ڇڏيو ۽ در وٽ بيهي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيائين:
”مون کي بچايو .... مون کي بچايو.... منهنجي مدد
ڪريو....!“
سمدس رڙين تي بوگيءَ ۾ سوار سڀ مسافر ٽپ ڏئي اُٿي
پيا ۽ کن پل ۾ وٽس پهچي ويا، هڪ نوجوان بهادريءَ
سان کيس چيو، ”ڇا آهي؟ توکي ڪنهن کان بچايون....“
ڊنل ۽ هيسيل، ڇوڪريءَ روئنديچيو ته، ”باٿ روم ۾ رڇ
آهي، مون سندس سونڊ ڏٺي آهي.“
هڪ پوڙهو کلي پيو، ”پر رڇ کي ته سونڊ ڪونهي
ٿيندي.“
هڪ ٻئي، همراهه چيو ته: ”هي وقت بحث مباحثي ڪرڻ جو
ناهي، جلدي باٿ روم جو دروازو کوليو ۽ ڏسو ته باٿ
روم ۾ ڪهڙي شيءِ موجود آهي؟“ سڀ هوشيار ٿي ويا،
ساڳئي بهادر نوجوان دروازو کوليو، ته ٽامڙو باٿ ٽب
۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيو هو، ٿاڦوڙن سان ڦهلجندڙ پاڻي در
وٽ بيٺل ماڻهن جا ڪپڙا پسائي ڇڏيا.
”او! هي ته مانگر مڇ آهي....“ هڪ عورت چيو.
”نه، نه.... هيءَ ته لڌڙو آهي.“
نوجوان در بند ڪري ڇڏيو، ريلوي گارڊ ۽ قُلي کي
گهرائڻ لاءِ چيائين. جلدي ئي گارڊ ۽ قُلي پهچي
ويا.
”هن باٿ روم ۾ هڪ لڌڙو موجود آهي؛ اسين سوچيون
پيا، ته هي لڌڙو ڪٿان آيو؟“
ايتري ۾ زبرسڪي به اُتي پهچي ويو.
”لڌڙو منهنجو پاليل آهي....“
گارڊ مٿس ڪاوڙجي پيو. ”مسٽر! توکي ڪنهن اجازت ڏني
هئي ته، لڌڙي کي باٿ روم ۾ وهنجڻ لاءِ ڇڏ.“
زبرسڪيءَ، کيس چيو ته، ”اوهين ناراض ڇو ٿا ٿيو،
منهنجو لڌڙو پاڻيءَ جو جانور آهي، ۽ گهڻي کان گهڻو
وقت پاڻيءَ ۾ رهندو آهي، ڪلهه کان وهنتو ناهي،
جيڪا، هُن جي ضرورت آهي، هو جانور ته پنهنجي جاءِ
تي آهي، پر سندس خواهش جو خيال رکڻو ٿو پوي، ان
لاءِ جو هو پنهنجو سمورو ماحول ۽ مائٽ ڇڏي، مون
سان رهي ٿو، ۽ ٻيو ته هو اسان سڀني کي پنهنجي ڪرتب
ڏيکاري خوش ڪندو آهي.“
ٻن ڇوڪرين گڏجي چيو، ”ڇا واقعي اِهو لڌڙو ڪرتب
ڏيکاريندو آهي!“
زبرسڪيءَ کين چيو، ”هاها ڇو نه.... هو ته هڪ سکيا
يافته جانور آهي.“ ٻنهي ڇوڪرين سان گڏ، ڪجهه ٻين
مسافرن به گڏجي چيو ته، ”پوءِ، ڇو نه اسين سڀ
پنهنجي بوگيءَ ۾ هلي، هن لڌڙي جا ڪجهه ڪرتب ڏسون،
۽ ڪجهه وقت لاءِ سفر انجواءِ ڪيون.“
زبرسڪي، لڌڙي کي باٿ روم مان ڪڍي ڊريسنگ روم ۾
ويهاريو. ڪپڙي سان اگهي، ٽامڙي کي ڳچيءَ ۾ هڪ ”بو“
ٻڌائين، ۽ پاڻ هڪ مسخري واري، اڍنگي ڊريس پاتائين
۽ مٿي تي هڪ وڏي ڪاري ٽوپي رکيائين.... ۽ بيگ مان
ٻه بال ڪڍي، ڦوڪيائين، هاڻ بال ڦوڪجي وڏا ٿي ويا.
زبرسڪي مسافرن واري بوگيءَ ۾ آيو، هُن ٽامڙي کي هڪ
سيٽ تي بيهاريو ۽ بال ٽامڙي ڏانهن اڇلائڻ لڳو،
ٽامڙو پنهنجي نڪ ۽ ٻوٿ جي سهاري، اُهي بال جهپڻ
شروع ڪيا ۽ پنهنجي لسين کنڀڙاٽين سان جهليندو هيٺ
رکندو ويو، ۽ پوءِ پنهنجي لت سان بالن کي وري
زبرسڪيءَ ڏانهن موڪلڻ لڳو، ٽامڙي، جي ان ڪرتب تي
سڀ ماڻهو ڏاڍا خوش ٿيا. تاڙيون وڄائي ٽامڙي کي داد
ڏيڻ سان گڏوگڏ، زبرسڪيءَ کي انعام پڻ ڏنائون.
زبرسڪي پنهنجو ٽوپلو لاهي انعام ورتو، انعام وارا
پئسا زبرسڪيءَ ٽوپلي مان کڻي پنهنجي کيسي ۾ رکيا،
پوءِ زبرسڪيءَ ٽوپلو ٽامڙي جي مٿي تي رکيو ۽ ٽامڙي
کي هڪ توتارو ڏنائين، ٽامڙو، توتارو پنهنجين لسين
کنڀڙاٽين ۾ جهلي وات تي رکيو، ۽ ڦوڪون ڏيڻ شروع
ڪيائين، ڦوڪُن تي توتاڙو وڄڻ لڳو، توتاڙي جي وڄڻ
سان، ٽامڙوءَ نچڻ به شروع ڪيو. ٽامڙي جي ان ڪرتب
تي به سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا..... ٽامڙي جي
ڪرتبن ماڻهن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. اُن کان سواءِ
زبرسڪيءَ کي ٽامڙي جي ڪرتبن مان ڪافي پئسا به ملي
ويا.
ٽامڙيءَ، جي ڪرتبن کان پوءِ، گارڊ فيصلو ڪيو ته،
هڪ هلڪي سلڪي پارٽي ڪرڻ گهرجي، ۽ گارڊ اُن پارٽيءَ
جو انتظام، ڊائينگ ڪار ۾ ترت ڪري ورتو. پارٽي شروع
ٿي، ٽامڙي کي به اُن پارٽي ۾ شريڪ ڪيو ويو، ٽامڙي
لاءِ هڪ وڏي ۽ تازي مڇي آندي وئي، جيڪا ٽامڙي مزي
سان کائڻ شروع ڪئي.
پارٽي ختم ٿي ته، زبرسڪي ۽ ٽامڙي جي لهڻ واري
اسٽيشن به اچي وئي. هو سڀني کان موڪلائي اسٽيشن تي
لٿا، اسٽيشن تي لهڻ کان پوءِ، هو اسٽيشن کان ٻاهر
ٽيڪسيءَ لاءِ اچي بيٺا، ڇاڪاڻ جو سرڪس وارو شهر
اسٽيشن کان ڪجهه ڪلو ميٽر پري هو. (هلندڙ)
فقير شهمير چانڊيو
غريب جي عيد ۽ ٻار
پروڪي سال واري عيد، سرمد ۽ صمد ٻنهي ڀائرن ڏاڍي
مزي سان ملهائي هئي، ڇاڪاڻ، ته سندن بابي کي پئسا
جام مليا هئا، پر هيل؛ هو ٻئي ڀائر مايوسيءَ جي
حالت ۾ هڪ ٻئي جو منهن تڪي رهيا هئا. رات جو ڪافي
پهر گذري چڪو هو، پر هنن کي ننڊ نه آئي. دراصل هنن
پنهنجي بابي جون ماءُ سان اوريندڙ ڳالهيون ٻڌي
ورتيون هيون.
پيءُ چئي رهيو هو: ”سرمد جي ماءُ، هاڻي ڇا ٿيندو!
سڪي پگهار ته رڳو پيٽ گذر ۾ پوري ٿي ويندي آهي،
جيڪڏهن هن ڀيري مل طرفان هر سال ملندڙ ”بونس“ نه
مليو، ته ٻارن لاءِ ڪپڙن جو ڇا ٿيندو؟ مان ته ڏاڍو
مايوس ٿي چڪو آهيان. هن ڀيري نئين انتظاميه مرڳو
مل بند ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. دعا ڪر ته ائين نه ٿئي.“
ائين چئي هن ٿڌو ساهه ڀريو هو.
”الله وڏو آهي، صمد جا پيءَ، ڇو اچي دل لاٿي اٿئي.
الله نئين انتظاميه جي دل ۾ رحم وجهندو، ته سڀ
سڻائي ٿي ويندي.“ زال چيو هو.
”پر، ٻيلي، مون کي ته ويساهه ئي نٿو اچي.“ جو نئين
انتظاميه راضي ٿئي، ڇو ته هاڻ مل پرائيويٽ مالڪن
جي هٿ ۾ آهي، هينئر جيترن پئسن ۾ ڪپڙو ملي ٿو،
اوترن پئسن ۾ سلائي به - ۽ اهو ئي ته ٺهيو، پر
ٻارن لاءِ بوٽ به وٺڻا آهن، خرچي خٻاري به کين
ڏيڻي آهي، مان ته ڏاڍو منجهي پيو آهيان.“
”وري به مايوسيءَ واريون ڳالهيون! ماٺڙي ڪري سمهي
پئو، الله مڙيوئي چڱي ڪندو.“
ٿوري دير کان پوءِ خاموشي ڇانئجي ويئي هئي، شايد
هو ڏکن – سورن جا دل تان بار لاهي، ننڊ جي هنج ۾
هليا ويا هئا، پر سرمد ۽ صمد جاڳي رهيا هئا، ائين
پي لڳو، ڄڻ هو به ويٺي ويٺي اکيون ڦوٽاري، ماٺ ئي
ماٺ ۾ ننڊ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هئا. پر ننڊ
ته هنن کان جهڙوڪر رُسي ويئي هئي. هنن ٻنهي ڀائرن
جي سوچن جا محل ته مسمار ٿي چڪا هئا. ٻنهي لاءِ
مسئلو، اهو هو ته ”هاڻي ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن بابي کي
”بونس“ نه مليو، ته عيد جو ڏينهن مزي سان نه
گذرندو. اڳي ته سندن رنگ برنگي ڪپڙا ڏسي سندن هڪ
جيڏا کين رشڪ جي نظرن سان ڏسي رهيا هئا، پر هاڻي
ڇا ٿيندو؟ ٻئي هڪ ٻئي کي سواليه نظرن سان تڪي رهيا
هئا، اوچتو سرمد رڙ ڪئي: ”اچي ويئي، اچي ويئي!“
”ڪير اچي ويئي؟ ڪٿان اچي ويئي؟ ڇا ٿيو اٿئي؟“ صمد
حيرانگيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي، ڀاءُ کان
پڇڻ لڳو.
”اڙي چريا، اٽڪل!“
”ڪهڙي اٽڪل؟“
”پاڻ، پر سال عيد نماز پڙهڻ هليا هئاسين؟“
”هيل هلنداسين.“
”اها وري توکي ڪهڙي ريچڪ آئي؟“
”تون رڳو ڏسندو وڃ، هاڻي ماٺڙي ڪري سمهي رهه ۽ مون
کي به سمهڻ ڏي.“
سرمد، ڀاءُ کي ڏڍ دلاسا ڏيئي، پاڻ به سمهڻ لاءِ
پير ڊگهيري اکيون ٻوٽي پئجي رهيو.
اڄ عيد هئي، هر پاسي رنگ برنگي منظر نظر اچي رهيا
هئا، ماڻهن جا چهرا، خاص طور تي مکڙين جهڙن ننڍڙن
ٻارن جا چهرا، بهار جي موسم جيان گلن وانگر ٽڙي
رهيا هئا، صبح جو وقت هو. سرمد ۽ صمد نوان ڪپڙا
پهري، پنهنجي بابي سان گڏ عيد نماز پڙهڻ لاءِ تڪڙو
تياري ڪري رهيا هئا. پر، هن ڀيري سندن ڪپڙا، سادا
سودا هئا، ڇاڪاڻ ته سندن والد کي ”بونس“ ڪونه مليو
هو، ان ڪري ڪفايت ڪندي، مڙئي پورت ڪئي ويئي هئي.
”پٽڙا، جلدي ڪري وٺو، نماز شروع ٿيڻ واري آهي.“
سرمد ۽ صمد کي پيءُ، (ٻنهي ڀائرن کي) هوشيار ڪندي
چيو.
”بس بابا“ رڳو بوٽ پائڻا آهن.“ ٻنهي ڀائرن هڪ آواز
ٿي چيو.
عيد گاهه ۾ داخل ٿيندي ئي صفون سڌيون ٿيل هيون.
صمد ۽ سرمد به پيءُ جي پوئاري ڪندي، سندس ڪڍ
هلندي. هڪ صف ۾ شامل ٿي ويا ۽ پوءِ اوچتو، ”الله
اڪبر“ جو اواز عيد گاهه جي ڪشادي ايوان ۾ گونجڻ
لڳو، ۽ ائين پئي محسوس ٿيو، ڄڻ خالق ۽ مخلوق جي وچ
۾ ويڇو رهيو ئي ڪونهي.
نماز ختم ٿيندي ئي، روح پرور نظارو نظر اچڻ لڳو.
ورهين جا، رُٺل به هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي، هڪ ٻئي
کي عيد واڌايون ڏيئي رهيا هئا. انهن ۾ صمد ۽ سرمد
جو پيءُ به شامل هو، جيڪو ڪنهن جو به دشمن نه هو،
بلڪ سڄڻ هو، جنهن سان ماڻهو نهايت شفيقانه نموني
ملي رهيا هئا، ۽ ان سان گڏوگڏ صمد ۽ سرمد کي ”عيد
خرچيءَ به ڏيندا ويا.
ڏسندي ڏسندي عيد گاهه جو اڱڻ به خالي ٿي ويو. صمد
۽ سرمد به گهر پهچي ويا. هو پنهنجي ماءُ سان پيرين
پئي مليا، جڏهن ته ان کان پهريائين هو عيد گاهه ۾
پنهنجي پيءُ سان پيرين پئي ملي چڪا هئا، اهڙي
خوشيءَ جي موقعي تي سندن ماءُ جو منهن لٿل هو.
اهڙي ڪيفيت ٻنهي ڀائرن پڻ محسوس ڪئي، ۽ يڪدم سرمد
ماءُ کان پڇي ويٺو، ”ڇا ڳالهه آهي امڙ، اڄ عيد جي
ڏهاڙي تي به اوهان مايوس پيا نظر اچو؟“
”نه پٽ، اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.“ ماءُ ٻنهي ڀائرن
کي مٺيون ڏيندي ۽ زوريءَ منهن تي مُرڪ آڻيندي چيو.
”نه امڙ نه، اسان اسڪول ۾ علم حاصل ڪريون ٿا، اسان
کي ايترو شعور ضرور آهي، جو مرجهايل ۽ ٻهڪندڙ چهري
۾ فرق ڪري سگهون. ڪا ڳالهه ضرور آهي، جا اوهان
اسان کان لڪائي رهيا آهيو، نه ٻڌائيندوَ ته اسان
ڪپڙا لاهي ڇڏينداسون. صمد ضدي انداز ۾ چيو.
”پٽڙا،“ ماءُ، صمد جي کاڌيءَ تي پيار مان هٿ رکندي
چيو: ”وڏڙا هميشه ان جستجو ۾ هوندا آهن، ته سندن
اولاد جو مستقبل روشن رهي ۽ جاکوڙ ۾ ئي هو ڪڏهن
ڪڏهن وقت جي تقاضائن هٿان مجبور ٿي ملول ٿي ويندا
آهن. توهان کي ڪهڙي خبر. ته هن ڀيري واري عيد اسان
اوهان کي ڪيئن ڪرائي آهي؟ پڻهين جيڪي پئسا آندا،
سي سڀ پورا ٿي ويا. هاڻي فڪر اهو لڳو آهي، ته سڄو
مهينو ڪيئن گذرندو، جڏهن ته هينئر پئسو به ڪونهي،
جو چڱو چوکو گهر ۾ رڌجي.“ ماءُ، صمد کي حال حقيقت
کان آگاهه ڪندي ٻڌايو.
”بس امڙ، ايتري ڳالهه آهي.“ ائين هڪ آواز چئي،
ٻنهي ڀائرن کيسن مان نوٽن جا ڍير ڪڍي، ماءُ جي
اڳيان رکيا. نوٽن کي ڏسي، سندن ماءُ حيرانيءَ مان
ٻنهي ڀائرن کي تڪيندي رهي ۽ حيرانيءَ جي عالم ۾ ئي
اٻهري ٿي پڇي ويٺي ته، ”هيءَ پئسا ڪٿان آندا
اٿوَ؟“
”امڙ، حيران نه ٿي؛ اسان چوري ڪانه ڪئي آهي، پر اڄ
بابي سان گڏ عيد گاهه ۾ عيد نما زپڙهڻ جي ڪري،
بابي جي دوستن اسان کي عيد خرچي ڏني آهي، ۽ نماز
پڙهڻ واري صلاح سرمد ڏني هئي، جيڪا هن ڀيري آئينده
لاءِ به فائدي واري ڳالهه آهي.“ صمد، ماءُ جي
حيرانيءَ کي دور ڪندي چيو. |