پيارا ٻارؤ! اڄ مان توهان کي اهو واضح طور ٻُڌائڻ
جي ڀرپور ڪوشش ڪنديس، ته ڪو اُستاد جو هڪ ڏينهن يا
ڪو
’عالمي
ڏينهن‘
نه آهي، بلڪه اُستاد جنهن جي لغوي معنى آهي،
”علم
ورهائيندڙ شخص،“
اهو ته مانائتو ۽ شانائتو انسان آهي. جنهن جو ڪو
به ثاني نه آهي ۽ نه ئي وري ٿي سگهي ٿو.
”اُستاد“
روز اول کان موجود آهي ۽ روز
آخر تائين کيس رهڻو آهي. ان ڪري ڪنهن به طرح ان
لفظ يا شخص ۽ شخصيت کي ڪنهن لمحي، وقت، زماني، اڄ
يا ڪلهه ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪو شخص
”علم“
سيکارڻ جو ذريعو هجي، اسان ان کي وقت جي قيد ۾
بلڪل بند نه ٿا ڪري سگهون. اُستاد هر وقت ۽ زماني
۾ محترم هستي رهندو آيو آهي. اُستاد علم جو اهو
روشن مينار آهي، جنهن جي روشني هر ڏينهن وڌندي رهي
ٿي. گهٽجي نٿي. علم حاصل ڪرڻ هر انسان مرد توڙي
عورت سڀني تي
’فرض‘
ٿيل آهي. علم حاصل ڪرڻ هڪ قِسم
جو”جهاد“
آهي ۽ فرمايو
ويو آهي، ته
”جيڪو
علم حاصل ڪرڻ دوران گذاري وڃي، ته اهو شهيدن ۾
شُمار آهي.“
حاصل مطلب هيءُ آهي، ته علم حاصل ڪرڻ لاءِ جيتري
به محنت ۽ جاکوڙ ڪرڻي پوي، ڪرڻ گهرجي. علم حاصل
ڪرڻ لاءِ نه ڪا عمر مقرر ٿيل آهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو
عمل. جيڪو به علم آسانيءَ سان توهان کي مُيسر اچي
ٿو، ته توهان کي علم حاصل ڪرڻ گهرجي.
جيڪو توهان کي علم جي روشنيءَ سان مالا مال ڪري
ٿو، تنهن شخص جو احترام ۽ عزت نهايت لازمي آهي.
اهو ئي سبب آهي، جو ان مبارڪ ۽ متبرڪ پيشي کي
”پيغمبري
پيشو“
سڏيو ويندو آهي. اهڙي شخص سان گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽
عزت نه ڪرڻ، نِهايت غلط حرڪت آهي. چيو ويندو آهي،
ته والدين ٻار کي عرش کان کڻي فرش تي آڻين ٿا. پر
اُستاد محترم اُهو انسان آهي، جيڪو فرش تان کڻي
عرش تي پهچائي ٿو. مانواري اُستاد جي شان ۾ گستاخي
ڪرڻ، والدين جي گستاخي ڪرڻ جي برابر ۽ بعض دفعا ان
کان به وڌيڪ خراب ڳالهه هوندي آهي. جيئن ته اُستاد
تمام اهم ذميدار شخص آهن ۽ انهن تي به اهو لازم
آهي، ته هو تعليم و تربيت تي جانفشانيءَ سان ڌيان
ڏين ۽ علم جي روشنيءَ سان ايندڙ نسلن جي آبياري
ڪن. جيڪو اُستاد محنت ۽ جفا ڪُشيءَ سان علم جو
نُور پکيڙيندو، يقيني طور تي اهو پنهنجو معراج
ماڻيندو. اڄ جي افراتفري واري دؤر کان اڳ اسان جي
وقتن جا اُستاد پابنديءَ سان وقت ۽ پڙهائڻ جو
اهتمام ڪندا هُئا. ڪنهن به لوڀ ۽ لالچ کان بغير
پنهنجي پيشي سان سچا ۽ وفادار ٿي رهندا هُئا. ذهين
توڙي ڪچي ٻار، ٻنهي تي توجهه ڏئي، سندن خيال رکندا
هئا. اڄ جي دؤر وانگر پيرڊ نه وٺڻ يا ٽائيم جي
ڪٽوتي ڪرڻ، پنهنجي پيغبري پيشي جي نفِي ڪرڻ جي
مترادف آهي.
حديث شريف ۾ آيل آهي، ته
”هڪ
جاهل کي ته ان جي جهالت، يعني اڻ ڄاڻائي جي بنياد
تي ڪجهه معافي تلافي ٿي وڃي، پر هڪ پڙهيل لکيل
عالم ۽ خاص يعني
”علم“
جي روشني جي غلطين کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.“
ڇو ته ربّ تعالى عالم الغيب آهي. هو ڄاڻي ٿو، ته
ڪير اڻ ڄاڻائي ۾ ڪوتاهي ڪري پيو. ڪير ڄاڻندي به اڻ
ڄاڻ بڻيل آهي.
وقت جي حڪمرانن کي به گهرجي، ته حالات جي مدِ نظر،
اسڪولن، درسگاهن ۽ انهن ۾ پڙهائيندڙ محترم و مڪرم
هستين يعني
”استاد
محترم“
جو خيال رکن ۽ ٻارڙن لاءِ سهولتون مُهيا ڪن. صرف
”اُستاد
جو عالمي ڏينهن“
ملهائڻ، بند ڪمرن اندر تقريرون ڪرڻ، ۽ بحث مباحثن
۾ وقت ۽ پئسا ضائع نه ڪرڻ کپن.
”علم“
عقل عطا ڪري ٿو، لالچ کان باز رکي ٿو ۽ محنت ۽
همدرديءَ جو سبق ڏئي ٿو.
5_
آڪٽوبر اُستادن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان
سرمد عباسي
(خانواهڻ)
استاد
]5
آڪٽوبر اُستادن جو عالمي ڏھاڙو[
ھڪ رھنما کان سواءِ، ھن دنيا ۾ اڳتي وڌڻ ناممڪن
آھي. ھڪ ٻار جڏھن پنھنجي پھرين درسگاهه يعني جيجل
ماءُ جي ھنجَ مان اُٿي، پنھنجي ٻِي درسگاهه يعني
گهر کان ٻاھر جي دنيا ۾، اسڪول ۾ پھچي ٿو، ته اُتي
کيس رھنما جي شڪل ۾ اُستاد ملي ٿو. پنھنجي پھرين
درسگاهه ۾ کيس ماءُ ۽ پيءُ جي شڪل ۾ سکيا ڏيڻ وارا
ٻه فرد ھوندا آھن. پر ٻِي درسگاهه ۾ کيس اُستاد
ملي ٿو. جيڪو ڏسڻَ ۾ ته ھڪ فرد آھي، پر حقيقت ۾ ھڪ
اُستاد، ماءُ ۽ پيءُ ٻنهي جو ڪردار نڀائي ٿو. ھو
نه رڳو ماءُ جيان پنھنجي شاگرد جي سڀني ڪيفيتن کي
پروڙيندي ورتاءُ ڪري ٿو، پر پيءُ جيان ھر ڏکي سُکي
ويل ۾ سندس ڀرجهلو به ٿئي ٿو. ايئن ھو ھڪ، مثالي
رھنما جو ڪردار نڀائي ٿو.
ڪنھن ڏاھي جو قول آھي، ته
”ھڪ
سُٺو اُستاد نه رڳو پنھنجي شاگرد، پر اُن سان
لاڳاپيل ھر شيءِ کي صحيح دڳَ تي لاھي، سنواري
ڇڏيندو آھي.“
ھُو پنھنجا سمورا ڳڻ، پنھنجي شاگرد ۾ ڏسڻ چاھيندو
آھي ۽ ان لاءِ ھو نه رڳو نصابي ڪتابن پر ڪتابن کان
ٻاھر غير نصابي سرگرمين وسيلي به ھر اھا جاکوڙ
ڪندو آھي، جنھن سان سندس شاگرد جو آئيندو جرڪي
سگهي. ان لاءِ ھو ادبي ڪتابن جي مطالعي کان وٺي
راندين کيڏڻ تائين، ھر اھا سرگرمي ڪرائيندو آھي،
جنھن سان سندس شاگردن جو نه رڳو ذھن پر بدن به
چُست ٿئي. ھڪ سُٺو اُستاد ئي ڄاڻي ٿو ته اھي سڀ
سرگرميون شاگردن جي علمي ڳُڻن کي وڌائينديون آھن ۽
علم ڏانھن ڌيان ڌرڻ لاءِ اُتساھينديون آھن. ھڪ
سُٺي اُستاد جي وصف کي بيان ڪندي، ھڪ ڏاھي لکيو
آھي، ته منھنجي نظر ۾ اھو اُستاد ھڪ مثالي ۽ ڪامل
اُستاد آھي، جيڪو ميڻ بتيءَ جيان پاڻ ڳاري، پنھنجي
شاگردن جا دڳَ روشن ڪري. حقيقت ۾ اھو ئي ھڪ اُستاد
جو فرض آھي، ته ھو پنھنجي شاگردن کي معاشري جو اھم
فرد بڻائي ۽ ان لاءِ پنھنجا سمورا گُڻ ڪتب آڻي.
اسان جي سنڌ ۾ اھڙا ڪيترا ئي مثالي اُستاد موجود
آھن، جن شعور جو سج اُڀارڻ لاءِ پنھنجي سموري
حياتي علم کي اَرپي ڇڏي آھي. جيئن
قنبر سان واسطو رکندڙ ڀيڻ،
’بيبي
باگڙياڻي‘
آھي. جنھن پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري تعليم جي پکيڙ
لاءِ جاکوڙ ڪئي ۽ ھڪ مثالي اُستاد طور پاڻ مڃايو
آھي. اڄ اسان کي بيبي باگڙياڻيءَ تي فخر آھي. سچ
پچ ته اسان کي بيبي باگڙياڻيءَ جھڙن اُستادن جي ئي
گهرج آھي. جيڪي مينھن واچ ۾ به علم جا ڏيئا ٻاري،
جھالت جي اونداھين کي مات ڏئي سگهن.
5
آڪٽوبر جي ڏھاڙي، اھڙن ئي اُستادن کي ڀيٽا ڏيندي،
ٻين اُستادن مان مثالي اُستاد ٿيڻ جي اُميد رکجي
ٿي.
هر معاشري ۾ اُستاد کي اهم مقام حاصل آهي ۽ اُستاد
معاشري جو عظيم ۽ عزت دار شهري آهي. علم کان سواءِ
ماڻهو اڌورو آهي ۽ ترقي ناممڪن آهي. علم کي
’انسان
جي ٽين اک‘
به چيو ويو آهي، اهو علم اُستاد کان سواءِ نه ٿو
ملي سگهي. نبي پاڪﷺ جو فرمان آهي، ته
”مون
کي به اُستاد بڻائي موڪليو ويو آهي.“
ٻي حديث شريف جو مفهوم آهي، ته
”توهان
۾ ڀلو شخص اهو آهي، جيڪو پاڻ پڙهي ۽ ٻين کي
پڙهائي.“
پاڪستان سميت پوري دنيا ۾
5
آڪٽوبر تي اُستادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو
آهي. جنهن ۾ اُستادن کي مانُ ڏئي انهن سان شامون
ملهائي، کين گفٽ پڻ ڏنا ويندا آهن. هن ڏينهن
ملهائڻ جو مقصد عوام ۾ سُجاڳي پيدا ڪرڻ آهي، ته
جيئن ان جي اهميت سڀ ڪو سمجهي سگهي. ان ڏينهن تي
ريليون، سيمينار، واڪ ۽ تقريري پروگرام پڻ ڪيا
ويندا آهن. ته جيئن عام ماڻهن کي ان ڏينهن کان
واقف ڪري سگهجي. خاص ڪري اسڪول، ڪاليج ۽
يونيورسٽين ۾ شاگردن کي ڄاڻ پڻ ڏني وڃي ٿي، ته هو
پڙهڻ کان پوءِ به پنهنجي اُستادن کي ياد ڪن يا
ڪڏهن ڪڏهن انهن سان رهاڻ ڪن، ڪچهري ڪن ۽ اها ڳالهه
ٻئي نسل تائين پهچائين ته ماضيءَ ۾ به اُستادن کي
تمام گهڻي عزت ۽ احترام ڏنو ويندو هو. هر ماڻهو
پنهنجي پنهنجي حصي آهر اُستادن لاءِ ڪم ڪري. مثال:
آرٽيڪل لکڻ، رُوبرو ملڻ، پمفليٽ ٺاهڻ، گُلدستا ڏيڻ
يا انهن جي مانَ ۾ جلسو ڪرڻ وغيره شامل آهي.
ٻاهرين ملڪن ۾ جج به اُستاد کي ڏسي اُٿي بيهندو
آهي، جپان ۾ اُستادن کي وڌيڪ پگهار ڏني ويندي آهي.
ڪجهه ملڪن ۾ اُستاد کي ڪورٽ يا پوليس وٽ پيش ڪرڻ
کان اڳ حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. اسان وٽ
به اُستاد رول ماڊل آهن. جن کي شاگرد ڏسي ڪاميابي
حاصل ڪن ٿا.
پيارا ٻارؤ! توهان به پنهنجي پنهنجي اُستادن جو
ادب ۽ احترام ڪريو. ڇاڪاڻ ته اُستاد ابي امان
وانگر آهي، جيڪڏهن توهان کي ڪامياب ٿيڻو آهي، ته
اُستادن جو احترام ڪريو. انهن جي خدمت ڪريو ۽ انهن
کان علم سکو ۽ دعا پڻ وٺو.
5
آڪٽوبر تي توهان پنهنجي اُستادن لاءِ اڳواٽ تياري
ڪريو ۽ اُستادن کي
’سرپرائيز‘
ڏيو. کين پيرين پئي دعا حاصل ڪريو.
***
اُستاد ظفر علي
آراضي سيوهڻ
مثالي اُستاد بڻجو
(القرآن) ترجمو: جنهن ڪنهن جي زندگي بچائي ته ان
ڄڻ سڀني انسانن کي بچايو. (سوره المائده، آيت
32)
اي پرائمري اُستاد هن قرآن جي حُڪم کي ياد رک،
جيڪا قيامت جي ڏينهن تنهنجي مٿان گواهه رهندي.
اُستاد کي گهرجي، ته ڪلاس ۾ پنجاهه سٺ ٻارن جي
زندگيءَ جوهڪ ڪلاڪ ته ڇا پر هڪ منٽ به ضايع نه
ڪري، ڇاڪاڻ ته اهو پرائمري اُستاد لاءِ گناهه
ڪبيرا ۾ شامل ٿئي ٿو. اُستادن کي گهرجي، ته فڪر
ڪري ته معاشري جي زندگيءَ سان ڇا پيا ڪن. اُستاد
کي گهرجي ته پنهنجي پيشي کي سُڃاڻن، اهميت کي ڏسن
پوءِ پنهنجي مَرتبي کي سڃاڻي، يعني هوشيار رهي،
پاڻ کي سستو نه وڪڻي ڇڏي.پنهنجي ذميواريءَ جو
احساس ڪر، ڇو جو مقام ۽ مرتبو جيترو مٿاهون هوندو،
ذميواري به ايتري وڌيڪ هوندي آهي. پروردگار جي
نگاهه ۾ اُستاد جو ڪم ربّ پاڪ جو حُڪم ۽ مُعاشري ۾
تنهنجو ڪردار پيغمبرن ۽ گهٽ ۾ گهٽ روحانيت
(علماء) وارو ڪردار آهي.
قرآن پاڪ ۾ سڀ کان اول جيڪا سورت نازل ٿي، اها
(علق) آهي. قرآن حُڪم ڪري ٿو، ته (پنهنجي پالڻهار
جي نالي سان پڙهه) جنهن هر شيءِ کي پيدا ڪيو آهي.
انسان کي ڄميل رت مان پيدا ڪيو آهي. جنهن جو ربّ
ڏاڍو ڪريم آهي. جنهن قلم جي ذريعي تعليم ڏني. ۽ ان
ئي انسان کي اهي ڳالهيون سيکاريون، جيڪي هُو نه
ڄاڻندو هو. وڌيڪ قرآن ۾ ربّ پاڪ فرمائي ٿو، ته
اُستاد (پرائمري) جو ڪم ۽ ان جو ڪردار هن جهان ۾
نئين ۽ آسماني ڪتابن وارو آهي. اي اُستاد!
(پرائمري) قرآن پاڪ جي اُن جملي کي هلڪو نه سمجهو.
تون بنيادي اُستاد آهين، آخرت جي سزا ۽ جزا جي
باري ۾ ڄاڻي ڇڏ، ته ڪا به عبادت سکيا ڏيڻ، سِکيا
حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ ڪانهي. ڪابه عبادت اُستاد جي
پيشي کان وڌيڪ نه آهي. اميرالمؤمنين حضرت علي عليھ
السلام جن فرمائين ٿا، ته
”پنهنجي
پاڻ کي سستو نه وڪڻ. تنهنجي قيمت جنت آهي.“
هميشه هوشيار رهُه، جيئن پاڻ کي جنت کان گهٽ قيمت
۾ نه ڏئي ڇڏين. پنهنجي ان درجي کي هٿان نه وڃائي،
تنهنجو مانُ انهن شين کان مٿاهون آهي. مطلب ته ربّ
پاڪ جي مخلوق جي خدمت نه ڪرڻ هڪ وڏو گناههِ ڪبيرا
آهي.
منهنجي هيءَ التِماس
’ڊيوٽي
چور‘
اُستادن لاءِ آهي. آئون هڪ
حقيقت قرآن جي ٻُڌايان ٿو، ته انهن اُستادن کي،
جيئن سندن کي خبر پوي، ته بي توجهي ڪيترو وڏو
گناهه آهي. جڏهن هڪ گنهگار شخص کي محشر جي صف ۾
آڻيندا، جيڪو تمام گهڻو ڊنل هوندو، اکيون اندر
گُهتيل، مُنهن ڪارو، توڪ ۽ زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندو.
سندس پيشانيءَ تي لکيل هوندو، ته هي شخص ربّ جي
رحمت کان مايوس آهي. هن کي جهنم ۾ وڃڻ گهرجي. ان
رسوائيءَ کان پوءِ خطاب ٿيندو، ته هيءُ شخص
(اُستاد) حق جي راهه جو خيانت ڪار آهي. ربّ پاڪ ۽
ان جي رسول
ڪريم حضرت محمدﷺ ۽ پنهنجي پيشي ۽ حق ۾
خيانت ڪئي اٿس. اهو
شخص (اُستاد) خيانت ڪار ڇو آهي؟ ڇاڪاڻ ته اهو شخص
(اُستاد) ماڻهن جي مشڪل حل ڪرڻ جي توانائي رکي
پيو، ليڪن پنهنجي امانت ۾ خيانت ڪيائين. پوءِ
پروردگار جو حُڪم ٿيندو، ته ان کي جهنم ۾ اڇلايو.
ربّ پاڪ جو حڪم آ، ته تون مون کي ايترو ته پيارو
آهين، جو توکي هن جهان ۾ مهمان ڪري معصوم ٻارڙن جو
’اُستاد‘
بنايم. پر افسوس جو تو پنهنجو
قدر نه ڪيو ۽ نه وري پنهنجو پاڻ کي سُڃاتو ۽ تو
وڏو ظلم ڪيو، اڄ ان جي سزا آهي توکي.
خُدارا ! اڄ جي معصوم ننڍڙن ٻارڙن جي زندگي تباهه
نه ڪريو پنهنجي پيشي سان سچا رهو.
پيارا
ٻارؤ! اڄ
5
آڪٽوبر تي هڪ عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ اُستادن جو
عالمي ڏينھن آهي. شاگرد پنھنجن پيارن اُستادن کي
اڄوڪي ڏينھن تي خراج تحسين پيش ڪندي سلام ڪندا، ڇو
ته اُستاد معاشري جو هڪ اهم فرد آهي. سندس سِکيا
سان انسان پنھنجي منزل ماڻي ٿو. اُستاد سماج کي
سيکاريندڙ ۽ سنواريندڙ آهي. اُستادن وٽ قوم جي
مستقبل جون تقديرون هونديون آهن. جنھن قوم ۽ ديس
جو اُستاد زندهه آهي، اها قوم ڪڏهن به مرڻي ناهي.
اُستاد کي پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ ڪم ڪرڻو آهي ۽
اها سوچ رکڻي آهي، ته مان جنھن مقصد لاءِ آيو
آهيان، ان سان ڪھڙو انصاف ڪري رهيو آهيان؟ اهو
اُستاد ئي ته آهي، جيڪو اسان کي علم سيکاري ٿو.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي، ته اُستاد جو شان ۽ مرتبو وڏو
آهي. اُستاد ئي ٻارن جا روحاني والدين آهن. اُستاد
پنھنجي قوم جا سفير هوندا آهن، جيڪي ڀٽڪيل قوم کي
سڌي راهه ڏيکاريندا آهن، انهيءَ ڪري اُستاد کي
گهرجي، ته ٻارن کي نصاب کان سواءِ ٻي اهڙي تعليم ۽
تربيت به ڏئي، جو ٻار کي غلامي ۽ آزاديءَ ۽ اخلاقي
قدرن جي خبر پوي، ته آزادي ڇا آهي؟ ۽ غلامي ڇا
آهي! اخلاقي قدر ڇا آهي؟ ٻارن کي تعليم جو قدر ۽
اهميت سيکارڻ گهرجي.
(ڪتاب: ايءُ عشق جو آواز تان کنيل)
***
اُستاد جي ئي دم سان روشن جهان آهي،
اُستاد جو خطاب وڏو شان آهي،
اُستاد ئي هدايت، اُستاد ئي آ محبت،
اُستاد جي اسم تان قربان جان آهي.
}غلام شبير ڪلهوڙو{
هر ڪنهن کي اها ڄاڻ آهي، ته اڄ
5
آڪٽوبر تي هڪ عظيم پيشي سان تعلق رکندڙ اُستادن جو
عالمي ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏهاڙي تي سڄي دنيا ۾
”اُستادن
جو عالمي ڏينهن“،
وڏي ادب ۽ احترام سان ملهايو ويندو ۽ شاگرد،
پنهنجي اُستادن کي هن ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش
ڪندي، سلام ڪندا ڇو ته اُستاد معاشري جو هڪ اهم
فرد آهي. سندس سِکيا سان انسان پنهنجي منزل ماڻي
ٿو. انهيءَ جي ڪري اڄوڪي حالت ۾ سنڌ جي ٻين
اُستادن وانگر سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ سنڌ جي معصوم،
مظلوم ۽ بي پهچ ٻارڙن کي سچائي، مخلصي،
ايمانداريءَ سان تعليم ڏيڻي پوندي. ڇو ته اُستاد
هڪ ٻيڙيءَ جو ملاح آهي، جنهن کي ٻيڙي اهڙي طرح
هلائڻ گهرجي، جيئن ٻيڙي ڪناري تي آساني سان پهچي
سگهي. جڏهن ته قومن جو قومن تي جبر، طاقتور طبقن
جو هيڻي تي ڏاڍ، انسانن طرفان انسان جو استحصال هڪ
ناسور آهي، جيڪو هر دؤر ۾ ٿيندو رهي ٿو. اهڙي حالت
۾ اُستاد جي ذميواري آهي، ته اهڙا ذهن تيار ڪري
جيڪي اڳتي هلي ڏاڍ، جبر، ناانصافين جي خلاف آواز
اُٿارين، انهن استادن جي حقن جو به خيال ڪرڻ
گهرجي. اُستاد ته معاشري جو سيکاريندڙ ۽ سنواريندڙ
هوندو آهي. اُستاد وٽ قوم جي مستقبل جون تقديرون
هونديون آهن. جنهن قوم يا ديس جو اُستاد زنده آهي
۽ اها سوچ رکڻي آهي ته مان جنهن مقصد لاءِ آيو
آهيان، ان سان ڪهڙو انصاف ڪري رهيو آهيان. اهو ئي
ته اُستاد آهي، جو انسان کي سيکاري ٿو. هو ٻين
انسانن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهي ٿو. اهو سڀ ڪجهه ان
وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن اُستاد ۾ ادب ۽ اخلاق هوندو،
منهنجي دعا آهي، ته سنڌ جا اُستاد هميشه ٻالڪن کي
پڙهائيندا رهن.
اسڪولن ۾ رنگ لائيندا رهن سنڌ جا اُستاد،
ديس وارن سان نڀائيندا رهن سنڌ جا اُستاد،
آهن سچا ايماندار، بخت ۽ ڀاڳ وارا،
علم جا ميلا رچائيندا رهن سنڌ جا اُستاد،
ٻالڪن کي علم ڏيندا ته سنڌ جا اُستاد.
}عبدالحئي ڀٽو{
علم هڪ وڏي نعمت آهي، تنهن ڪري جنهن ذريعي اسان کي
اها نعمت حاصل ٿئي ٿي، انهيءَ ذريعي تعظيم ۽ تڪريم
۽ شڪر گذاري قدرداني ڪرڻ به لازم آهي. جيڪڏهن ڪو
شخص ان نعمت جي ڏيندڙ جو قدر نٿو ڪري، ته ڄڻ هو ان
نعمت جي ناقدري ڪري ٿو. اُستاد علم جهڙي نعمت جو
عطا ڪندڙ آهي. تنهڪري سندس احسان شناسي ۽
احسانمندي لازمي آهي. جڏهن اسان تاريخ جي ورقن ۾
جن دانشورن، مفڪرن، سائنسدانن، اديبن، شاعرن،
ليکڪن ۽ نامور شخصيتن جا نالا ڏسنداسين، انهن کي
تاريخي ورقن ۾ آڻڻ وارو اُستاد ئي هوندو. ان جي
ڪري جيڪڏهن اسان سماج ۾ فقط اُستاد جو مقام بُلند
رکڻ گهرون ٿا، ته پهريان ان جي پس منظر ۾ وڃي سندس
ٻين مسئلن جي پورائي لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺون ۽ سندس
ذميوارين جو احساس اُڀاري، کانئس تعميري سوچ سان
گڏ چڱي ڪم جي اُميد رکون. ڇو ته نه پڙهائيندڙ
اُستادن جي سزا پڙهائيندڙ اُستادن کي نه ڏني وڃي.
اُستادن جو قدر ڪيو وڃي. جيئن اُستاد پنهنجي اولاد
جو خيال رکي ٿو، تيئن اُستاد به ٻين ٻارن تي رحم
ڪري انهن کي تعليم ڏي. جڏهن ته اڄ به سنڌ ۾ اهڙا
اُستاد موجود آهن، جنهن کي هميشه پنهنجي قوم جي
ٻارن جي تعليم جو فڪر رهي ٿو ۽ انهن اُستادن کي
قوم عزت سان ڏسي ٿي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي، ته اُستاد
هڪ ٻيڙيءَ جو ملاح آهي. جنهن کي ٻيڙي اهڙي طرح
هلائڻ گهرجي، جيئن ٻيڙي ڪناري تي آساني سان پهچي
سگهي.
اڄ
5
آڪٽوبر تي اُستادن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ جي سمورن
اُستادن کي پنهنجي قوم سان اهو واعدو ڪرڻو پوندو،
ته اسان پنهنجي عظيم اُستادن وانگر سنڌي قوم جي
ٻارڙن کي سُٺي نموني سان تعليم ڏينداسين. پنهنجي
اُستادي پيشي جو مان مٿانهون رکنداسين. جيئن آئنده
اسان جا شاگرد اسان جي عزت ۽ احترام ڪرڻ کان علاوه
اُستادن جي عالمي ڏينهن تي ٻين قومن جي اُستادن
وانگر اسان کي محبت وارو سلام پيش ڪن. جن عظيم
اُستادن اسان کي علم، ادب، ترقي، اصلاح، امن، محبت
۽ خوشحالي واريون چماٽون هنيون، اهي اڃا به ياد
آهن. انهن چماٽن ئي اسان کي پنهنجي منزل ڏانهن
پهچايو تڏهن ته اُستادن جي چماٽن لاءِ اُستاد
بخاري لکي ٿو ته:
هنن جون چماٽون اڃا ياد آهن،
اکيون کول او قوم اُستاد آهن،
هنن جي حقن جو حساب ئي نه آهي،
سڄي قوم سرهي جو هي شاد آهن.
اُستاد بخاري
|