سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل جولاءِ  2024ع

باب:

صفحو:3 

Text Box: مضمون

  ماحوليات ڇا آهي؟ :

اسان سڀ فطرت جا ماتحت آھيون. ڪائنات جي سموري وايو منڊل ۾ رونما ٿيندڙ فطري تبديلين جو ٻيو نالوماحوليات آهي ۽ اسان جي آس پاس واري ماحول ۾ فطرت سان ھٿ چُراند جو نالو ماحولياتي آلودگي آهي ۽ ماحولياتي آلودگيءَ سبب سموري دنيا ھن وقت موسمي تبديلين جي اثر ھيٺ آيل آهي. ھن وقت جيڪي عالمي ماحولياتي تبديليون اچي رھيون آهن ان ۾ ڪائنات جو ايڪو سسٽم متاثر ٿي چڪو آهي.

ماحوليات جو عالمي ڏينهن :

اڄ  5- جون تي سموري دنيا ۾ ماحوليات جوعالمي ڏينهن ملھايو پيو وڃي 1974ع کان ھر سال ملھائجندڙ ھن ڏھاڙي جو بنيادي مقصد عالمي سطح تي اُڀرندڙ ماحولياتي مسئلن کي سمجهڻ، انهيَ تي قابو پائڻ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ، سرڪاري سطح تي مربوط پاليسيون مرتب ڪرڻ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ معاشري ۾ ماحول دوست پاليسين  جي آگاھي  ڏيڻ آهي. ھن سال ماحوليات جو عالمي ڏينهن صرف (ھڪ ڌرتي only one earth) جي ٿيم تحت ملھايو پيو وڃي. انھي ٿيم تحت ماحوليات کي بچائڻ جي حوالي سان مختلف خطن ۾ سمورو سال سرگرميون جاري ھونديون آهن.   ھن وقت گڏيل قومن جي اداري سميت دنيا جون مختلف عالمي تنظيمون ماحوليات کي بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيون آھن.

ماحولياتي تبديلين جا اثرات :

 ھن وقت سموري دنيا ماحولياتي تبديلين جي اثر ھيٺ آيل آهي ۽ ماحولياتي تبديلين سبب دنيا جا مختلف خطا تباھي ڏانهن وڌي رھيا آهن. سال2021ع ۾ ماحولياتي تبديلين سبب دنيا جي مختلف خطن ۾ تباهه ڪارين جا جيڪي انگ اکر سامهون آيا ھئا، انھن انگ اکرن سموري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي! ھن سال پڻ مئي مھيني ۾ ايشيا جا مختلف ملڪ شديد گرمين جي لپيٽ ۾ آيل ھئا. دنيا جي مختلف خطن ۾ جيڪي ماحولياتي تبديليون آيون آهن يا مستقبل ۾ جيڪي تباھ ڪاريون اچڻيون آهن، انھي متعلق اقوام متحده ۽ عالمي تنظيمن پارانماحوليات جي حوالي سان دنيا جي مختلف ملڪن ۽ خطن کي خبردار ڪيو آهي، ته جيڪڏهن گرين ھائوس گئسز (زھريلين گئسن) جي اخراج کي نه روڪيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا جي مختلف خطن کي اڃان به وڌيڪ تباهي جو منهن ڏسڻو پوندو! سال 2040ع تائين دنيا جا مختلف خطا شديد قدرتي آفتن ۽ تباهه ڪارين جي ور چڙھيل ھوندا.!

عالمي گرمي پد ۾ واڌ:

عالمي وايو منڊل ۾موسمي تبديلين جي حوالي سان جيڪر جائزو وٺجي، ته گرين ھائوس گئسن جي اخراج سبب ھن سال عالمي گرمي پد ۾ 1.5 سينٽي گريڊ واڌارو آيو آهي.عالمي گرمي پد وڌڻ سبب ھلندڙ سال اپريل ۽ مئي مھينن ۾دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪٿي ٻيلن ۾ باھ لڳڻ جا واقعا رونما ٿيا آهن، ته ڪٿي ھِيٽ اسٽوڪ سبب انساني جانيون ضايع ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي آيون آهن. ھلندڙ سال وڌندڙ گرمي پد سبب ايشيا جا ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. ھن سال مئي مھيني ۾ سنڌ جو خطو شديد گرميءَ جي لپيٽ ۾ رھيو. ھن سال انڊيا جي مختلف رياستن ۾ تيز برساتن ۽ ٻوڏن پڻ تباهي آندي آهي. ماحوليات جي تباهي جي اثرن جي ڪري جتي ڌرتيءَ جا وڻ ٽِڻ ۽ ٻيلا ختم ٿي رھيا آهن، اتي سموري دنيا جي مختلف خطن ۾ سامونڊي واڌ سبب زمينون بنجر بنجي رھيون آهن ۽ مِٺي پاڻيءَ جا ذخيرا ختم ٿي رھيا آهن (انھي ۾ سنڌ جو مثال واضع طور اسان جي سامهون آهي ۽ سنڌ ھن وقت پاڻي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي) ھن وقت ھڪ ارب کان وڌيڪ انساني آباديءَ کي پيئڻ جو پاڻي مُيسر ئي ناهي. يعني انھي آباديءَ کي پيئڻ جي پاڻي تائين گھربل رسائي ئي ناهي. ماحوليات ۾ جيڪا اُٿل پُٿل آئي آهي يا جيڪا تباهي آئي آهي، اھو سڀ ڪجهه سائنس ۾ صنعتي انقلاب ۽ فطرت جي توازن جي ٽٽڻ ۽ ان جي تضاد جو نتيجو آهي. صنعتي انقلاب جي ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس ۽ نائٽروجن گئس (گرين ھائوس گئسز ) جو فضا ۾ خارج ٿيڻ، سبب اوزون تهه کي جيڪو نقصان پھتو آهي، انھيءَ جي ڪري ڌرتيءَ جو عالمي گرمي پد ھر سال وڌندو رھي ٿو. دنيا جي مختلف ملڪن ۾توهان ڏسو، ته اتي ھر روز ٻيلا ڪٽجي رھيا آهن. وڻ وڍجي رھيا آهن، صنعتون دونهون اوڳاڇي رھيون آهن. گئسن جي اخراج سبب ماحولياتي آبي گدلاڻ ۽ فضائي گدلاڻ جنم  ورتو آهي. دريائي پاڻيءَ ۾ زھريلي ڪيميائي مادي جي ڇوڙ سبب نديون ۽ ڍنڍون گند ڪچري سان ڀرجي ويون آهن. ان ڪري اسان جيماحوليات خطري ھيٺ آهي اھڙيءَ ريت آبي فضائي موسمي گدلاڻ سبب دنيا جا مختلف ملڪ ۽ خطا خطري ھيٺ آهن.

ماحولياتي تبديلين سبب دنيا ۾ آيل تباهه ڪاريون

عالمي گرمي پد ۾ واڌاري سبب ھن سال آمريڪا ۽ ڪئنيڊا جون رياستون شديد گرميءَ جي لپيٽ ۾ آيل آھن. ھن سال گرمي پد سبب آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ ٻيلن ۾ باهه لڳڻ جا مختلف واقعا رونما ٿيا آهن. جڏهن ته ماحولياتي تبديلين جي اثرات سبب گذريل سال رڳو جون - جولاءِ مھينن ۾ ترڪيءَ جي مختلف صوبن ۾ باهه لڳڻ جا 270 واقعا رپورٽ ٿيا آهن. جڏهن ته ترڪي ۾ لڳندڙ باھ جي واقعن يونان، اسپين ۽ اِٽليءَ کي پڻ متاثر ڪيو ھو. باهه لڳڻ جي واقعن سبب ترڪيءَ جي55 ھزار ايڪڙن تي بيٺل ٻيلا  مڪمل طور تي تباھ ٿي ويا ھئا. ترڪي، يونان، اسپين ۽ اِٽلي جي ٻيلن ۾ باھ لڳڻ جي واقعن سبب اُتان جا ناياب جانور ۽ پکي، جن ۾ سھا، لومڙ، چيتا ۽ مرغيون وغيره ختم ٿي ويا. موسمي تبدلين جي اثر جي ڪري گذريل سال يونان پڻ شديد قدرتي آفتن جي لپيٽ ۾ ھو. گذريل سال جون - جولاءِ مھينن ۾ جرمني، بيلجئيم، لنڊن، نيوزيلينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ تيز ترين برساتن وڏي تباهي آندي ھئي. انھن ملڪن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪاروھنوار ۽ سمورو نظام متاثر ٿي ويو ھو. لنڊن جي ڪجهه شھري آبادي کي پڻ اتان لڏڻو پيو. تيز برساتن سبب جرمني ۽ بيلجيئم ۾ 150ماڻهن جي مرڻ جون خبرون پڻ ميڊيا تي رپورٽ ٿيون ھيون. اھڙي ريت ماحولياتي تبديلين سبب مختلف ملڪن ۽ خطن ۾ تباهه ڪارين جو سلسلو ھلندڙ آهي.

موسمي تبدلين جا سنڌ تي اثرات:

سنڌ پڻ موسمي تبديلين جي اثر کان بچيل ناهي. موسمي تبديلين سبب سنڌ جي انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي چڪي آهي. گذريل سال سنڌ ۾ تمام گھٽ برساتون پيون جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻيءَ جي سنگيـن کوٽ پيدا ٿي ويئي. ھن وقت پاڻيءَ جي کوٽ سبب سنڌ سوڪھڙي جو شڪار بڻيل آهي. سنڌ جي زراعت تباهه ٿي چڪي آهي. سمنڊ ۾ مِٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جي سطح ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رھي آهي ۽  سمنڊ سنڌ جون زمينون کائي رھيو آهي. سامونڊي پٽي جي علائقن جو پاڻي ھاڻي پيئڻ جي لائق به ناهي رھيو. اھو پاڻي زھريلو تصور ڪيو وڃي ٿو. گذريل سال موسمي تبديلين جي اثر جي ڪري ٿر ۾ چوماسي جون برساتون آگسٽ جي آخر ۽ سيپٽمبر مھيني ۾ پيون. ماحولياتي اثرن سبب ٿر جي جھنگلي جيوت پڻ متاثر ٿي آهي. ٿر جي کوھن ۾ جر جو پاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي. مجموعي طور تي موسمي تبديلين جي اثر سبب  سنڌ جو زرعي توڙي معاشي سسٽم تباهه ٿي ويو آهي. عالمي ماحولياتي تبديلين سبب وڌ ۾ وڌ ڌرتيءَ جو ايڪو سسٽم تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ پوري بايو ڊائيورسٽي تباھ ٿي رھي آهي.  بھرحال قطع نظر climate change جي اثرن جي حوالي سان 2015ع اقوام متحده سميت دنيا جي عالمي ادارن دنيا جي سمورن ملڪن کي خبردار ڪيو ھو، ته موسمي تبديلين سبب 2040ع تائين دنيا ۾ وڏيون تبديليون ۽ وڏيون تباهه ڪاريون اينديون. گرمي پد ۾ مسلسل واڌ سبب گليشئر تيزيءَ سان ڳرڻ شروع ڪندا. جنهن سبب ڌرتيءَ جا مختلف خطا دريائي ٻوڏن جو شڪار ٿيندا. پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي. مُندائتا مِينهن نه پوندا. دنيا جا مختلف خطا پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيندا ۽ ڌرتي سوڪھڙي جو شڪار ٿيندي.

تباهه ڪارين جا اھي منظر ھاڻي اسان پنهنجي اکين سان ڏسي رھيا آھيون. گذريل سال موسمي تبديلين ۽ وڌندڙ گرمي پد جا ڀيانڪ اثرات  مختلف خطن ۾  نظر آيا. ٻوڏن سميت قدرتي آفتون آيون. تيز برساتن، سيلاب طوفانن ۽ ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه جي واقعن مختلف قدرتي آفتن جي ڪري ھن ڌرتي (دنيا) جا لکين ماڻهو دربدر ۽ بي گهر ٿي رھيا آهن. ھاڻي ته دنيا جي مختلف خطن ۾ پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙن اجگر مسئلن جنم ورتو آهي. ھن وقت زھريلي گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ ماحول دوست پاليسيون اپنائڻ لاءِ دنيا جا 196 ملڪ اڳڀرا آھن. ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان پڻ ماحوليات کي بچائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.

بنيادي سوال اھو آهي، ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين سبب جيڪي تباهه  ڪاريون آيون آهن، ته گلوبل ڪلائميٽ ايڪشن ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل آهي؟ انهيءَ سوال تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. جتي دنيا جا ٻيا خطا تباھ ڪارين کي مُنهن ڏيئي رھيا آهن.

ھيءُ ھڪ اھم ۽ غور طلب سوال آهي ته سنڌ جي اختيار ڌڻين پاران موسمي تبديلين جي اثرن کان بچڻ ۽ ڌرتيءَ تي ايندڙ امڪاني تباهه ڪارين کان بچڻ لاءِ ڪا رٿابندي ڪيئي ويئي آهي؟

نيٺ ڇا ڪجي ؟

جيڪڏهن دنيا جا مختلف ملڪ ۽ اسان موسمي تبديلين جي اثرن کان بچڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي گرين ھائوس گئسز جي اخراج کي روڪڻ لا۽ عملي قدم کڻڻا پوندا. وڻن جي واڍي کي روڪڻو پوندو، دنيا جي مختلف خطن جي شهرن ڳوٺن ۾ وڻ پوکڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع ڪرڻي پوندي، فطرت سان هٿ چُراند ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو،صنعتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ سگهاري رٿابندي ڪرڻي پوندي، سمنڊن ۾ مِٺو پاڻي ڇڏڻو پوندو. سنڌ جي شهرن ۾ وڻ پوکڻ لاءِ اتي جي مقامي انتظاميا کي تحرڪ وٺڻو پوندو. ماحوليات کي بچائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن کي ھڪ ٻئي  سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻو پوندو. موسمي تبديلين جي اثر کان بچڻ لاءِ فطرت کي سمجهڻو پوندو ۽ فطرت (Nature) سان دوستيءَ لاءِ ھٿ وڌائڻو پوندو. ماحوليات کي بچائڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

***


 

اڄ ان جو انٽرويو ھو، گھر کان نڪرندي  بس جي انتظار  ۾ بيھي سوچي رھيو ھو ته  اگر ھيءَ نوڪري ملِي ته پھرين فرصت ۾ ماءُ پيءُ کان جان ڇڏائيندس. ڪٿي مسواڙ   تي گهر  وٺي، اڪيلو زندگيءَ جو مزو وٺندس.

صبح ٿيڻ سان ماءُ پيءُ جي ڪِر ڪِر شروع ٿيو وڃي. اُٿڻ شرط ئي ھدايتون شروع. بسترو ويڙھي ڇڏ، الله ۽ رسول صلي الله عليھ وسلم جي يادگيري ڪر، قرآن جو ختمو پڙهه، هينئر ئي قرآن نٿو پڙھين. اسان جي مرڻ کان پوءِ ڪھڙا اسان کي ختما بخشيندين، موبائل ۾ سڄو ڏينهن اکيون وجهي  نظر ڪمزور ڪندين. وھنجڻ مھل پاڻي گھٽ کپاءِ، وھنجي نڪر ته نلڪو صحيح بند ڪر، يا پاڻي وھي پيو! ٽُوال کَٽ تي نه ڇڏِ. تار تي سُڪاءِ، ڪمري مان نڪر ته پنکو بند ڪئي يا نه، ڪا بتِي ته کولي نه آيو آھين، لائٽ جو بل وڌيڪ ايندو؟ فِرج کولڻ مھل گهڻي دير فرج کولي نه بيههُ، فِرج خراب ٿيندو، ڪُولر مان پاڻي کڻڻ وقت ڪولر جي ٻُنجي صحيح بند ڪر. پاڻي ٽِمي پيو، جلدي گهر واپس اچُ. دوستن وٽ وقت زيان ٿو ڪرين، مطلب ته صبح کان رات  تائين ڪِر ڪِر جاري آهي. ٻُڌي ٻُڌي انسان بيزار ٿيو پوي، اسان جي به ڪا زندگي آهي. ڪا مرضي آهي! مائٽ ڪيترو اسان کي ھلائيندا.

بس گھڻو ٿيو، ھاڻي رڳو نوڪري ملي مائٽن مان ۽ گھر مان ته جان ڇڏائيندس. اھي سڀ ڳالهيون سوچي نوڪريءَ جي انٽرويو لاءِ آفيس پهتس.!

 آفيس ۾ پير رکڻ مھل امان جو  ڪافي بار چيل جملو گُونجڻ لڳو، ته ڪنهن  ڪم لاءِ وڃو ته بسم الله  پڙھي، ساڄو پير اندر رکو. عادت پيل هئي، ته بسم الله  پڙھي اندر داخل ٿيس. آفيس جي ٻاھران روشني ھوندي بتِي پئي ٻري، امان جو چيل جملو گُونجڻ لڳو، فضُول بتِي پئي ٻري ملڪ جو نقصان ته  آهي! پر پنھنجو به! سو بٽڻُ ڳولي لائيٽ بند ڪيم. ھڪ ڪُولر ۾ پاڻي رکيل ھو،  شايد انٽرويو واري ڪنهن پاڻي پِي ڪولر جي ٽونٽِي صحيح بند نه ڪئي هئي، امان جي تربيت موجب سا بند ڪيم. گلاس پَٽَ تي اُڇليل ھو، سو کڻي پنهنجي جاءِ تي رکيم، ڪولر ھيٺ ڊسٽ بِن رکيم ته جيئن قالِين جو بچاءُ ٿئي. اھو سڀ ڪجهه  غير ارادي طور ڪيم ڇو، ته ننڍي ھوندي کان اھي ڳالهيون ٻُڌي ٻُڌي ھاڻي عادت بنجي وئي هئي. آفيس ۾   ڪيترا ئي اميدوار ھئا، انٽرويو لاءِ واري واري سان گهرايو پئي ويو. پر لاپرواھيءَ جي حد ھئي. جيڪو اميدوار وڃي ڪُرسي ريڙھي اُٿي پر ڪرسيءَ کي پنهنجي  جاءِ تي نه رکي، امان جي ڳالهه  ياد آئي ته، ھر شيءِ ترتيب سان پنهنجي  جاءِ تي ئي سُٺي لڳي ٿي. سو اميدوار ڪُرسيون پنهنجي  جاءِ تان ھٽائيندا ويا آئون ترتيب سان رکندو ويس. منھنجي واري آئي، اندر ويس سلام ڪري، بسم الله  پڙهي  فائيل باس جي اڳيان رکيم ، ان فائيل پاسي تي ڪري چيو، ڪڏهن  کان جوائن ڪندين؟ مون حيرت مان!  چيو سر انٽرويو؟

باس چيو: آئون صرف ڊگريون نه پر تربيت به ڏسندو آھيان. CCTV ڪئميرا ۾ مون ڏٺو پئي ته سڀ اميدوار آيا، نه ڪنهن لائيٽ   بند ڪرڻ جو سوچيو، نه ڪنهن پاڻيءَ جو زيان ڏٺو، نه ڪنهن آفيس جي ترتيب جو سوچيو، پر توهان نوڪري ملڻ کان اڳئي ٻين جي ڀلي جي سوچ ڪئي. مبارڪ باد جا حقدار آهن، تنھنجا والدين جن تنهنجي تربيت ڪئي آهي، توکي تميز ۽ تھذيب سيکاري آهي. جنھن ماڻهوءَ وٽ (Self Discipline) ڪونهي، اھو ڪيترو به پڙھيل لکيل چالاڪ ڇو نه ھجي، پر مينيجمينٽ ۽ زندگيءَ ۾ پوري طرح ڪامياب نه ٿيندو.

ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ مون رستي ۾ اھو سوچيو، ته گهر وڃي امان ۽ بابا کان معافي وٺندس ۽ ٻُڌائيندس، ته توهان جيڪا تربيت ڪئي، اڄ ان جي ڪري آئون ڪامياب ٿيس. ان جي اڳيان ڊگريون به ڪم ڪونه آيون. زندگيءَ جي  سفر ۾  تعليم سان گڏ، تربيت ۽ تهذيب به لازمي آهي. ان جو به الڳ مقام آهي.


 

سيد  اعجاز علي شاهه رضوي

حيدرآباد

سيد ثابت علي شاهه

سنڌ جو پهريون عظيم مرثيه نگار

 

دنيا جي دستور مطابق هر ماڻهوءَ جي شخصيت جو دائرو ۽ زاويو ٿيندو آهي ۽ سندس تشخص جو لاڀ ان دائري تائين محدود رهجي ويندو آهي، پر سيد ثابت علي شاهه جي وجود جو دائرو، لامحدود ۽ سندس سوچن جي سُرهاڻ هندِ و سنڌ تي حاوي آهي. سندس روح جي خوشبوءِ ٻن صدين کان وڌيڪ وقت گذرڻ کان پوءِ به اصل ڪيفيت ۾ برقرار آهي. شاهه صاحب جي ورد جو پڙلاءُ اڄ به جهنگ توڙي صحرا ۾ دهرائجي رهيو آهي.

اڄ کان ٻه سؤ  سال اڳ سيد ثابت علي شاهه هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي، عالم جاوداني ڏانهن انتقال فرمايو. انّا لِله وَ انّا اليھ راجعون. سندس ولادت 1740ع ۾ سيوهڻ شريف ۾ ٿي. جڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة  الله عليھ  اڃا حال حيات هو ۽ سندس همعصر بزرگ هو.  سنڌ ۾ ڪلهوڙن جي حڪومت قائم هئي ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت جو عرصو ادبي لحاظ کان سونهري دور تسليم ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هن دور ۾گهڻا نامور شعراءِ ڪرام پيدا ٿيا. سيد ثابت علي شاهه نه صرف سنڌيءَ ۾ مرثئي چوڻ جي ابتداع ڪئي، پر مرثئي کي عروج تائين پهچايو. ان جا سڀ لوازمات پيش ڪري رُڪ وهندي راند جو سمورو نظارو بهترين، مناسب ۽ موزون لفظن ۾ ڏنو. ان وقت سنڌي زبان کي لفظي ۽ معنوي موتين سان مالامال ڪيو. جڏهن سنڌي زبان اڃا درسي لسان جو درجو به حاصل نه ڪري سگهي هئي ۽ فارسي زبان ئي درسي، ادبي ۽ سرڪاري زبان هئي. سنڌ جي هاڪاري عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي بقول ته جديد سنڌي زبان جو باني اگر سيد ثابت علي شاهه کي چئجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي.

سيد ثابت علي شاهه سنڌ جو اُهو پهريون شاعر آهي، جنهن باقائده سنڌ ۾ موزون مرثيه نگاريءَ جو بنياد وڌو. سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام، علم عروض جي حدن اندر آهي ۽ ايراني شاعريءَ جا سڀئي نمونا ملن ٿا. جيڪي تغزل جي طرز تي سلام، قصائد، مربع، مخمس، مسدس ۽ مثنوي وغيره چيل آهن، جن کي ڏسي اها دعوى ڪري سگهجي ٿي، ته هو سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب پئدا ڪندڙ ۽ موزون شاعريءَ جو موجد آهي.

خدا جي قدرت، شعر جو اهو ڀاڱو سندس قسمت ۾ آيو، جنهن کي فن شاعريءَ ۾ بُلند ۽ اعلى مقام حاصل آهي. يعني مرثيو. مرثيو دراصل ان شعر کي چيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنهن شخص جي شهادت تي غم ۽ ڏک جو اظهار ڪيو وڃي ٿو. سيد ثابت علي شاهه جا مرثيا غم و درد و الم  سان ڀريل آهن. جنهن کي ٻُڌي ۽ پڙهي ظالم کان ظالم انسان به آهه و زاري کان رهي نه ٿو سگهي.

هاڻ مرثيو صرف ۽ صرف امام حسين عليھ السلام ۽ سندس شهيد ساٿين تي لکيو وڃي ٿو. مرثئي جي صنف امام حسين عليھ السلام ۽ شهيدن جي لاءِ مخصوص آهي. جيئن ته سيد ثابت علي شاهه کي ننڍپڻ کان ئي روضة الشهداءِ جي پڙهڻ جو شرف حاصل هو. تنهنڪري پنهنجي محسن عزيز سجاده نشين حضرت لعل شهباز قلندر رح جي چوڻ تي مرثئي جي ابتدا هنن لفظن سان ڪري ٿو.

مرثيه اهڙا چئي روئي روئاڙيندس جهان،

تون ٻُڌي عدل ڪندين تحسين ڪندي سيدا

پوءِ اي خدا جا لاڏلا سردار سرور ياحسين عليھ السلام چئي ميدان مرثيه گوئي ۾ ثابت قدم رهي، بي بها مرثيه چئي سنڌي ادب ۾ مرثيه جو باب سنواري، سُخنوريءَ جو تاج سر تي پاتائين ۽ خاص و عام کان خدائي سخن جو لقب حاصل ڪيائين.

سميع الله عباسي

ڪنڊيارو

ميڙيل موتي

* عالم اهو ئي آهي، جنهن جو پنهنجي علم تي عمل هجي.

* خاموشيءَ سان گهڻو وقار پيدا ٿيندو آهي.

* پنهنجي دوست سان سچا رهو. پر اُن کي هر راز نه ٻڌايو.

* ڪمزورين مان سڀ کان وڏي ڪمزوري مايوسي آهي.

* جانور پنهنجي مالڪ کي سُڃاڻي ٿو پر انسان پنهنجي ربّ کي نٿو سُڃاڻي.

*  ڪنهن کي سُٺي ۽ صحي ڳالهه ٻُڌائڻ به صدقو آهي.

* دلين تي تلوار سان نه پر محبت سان حڪومت ڪبي آهي.

* انسانيت جو ٻيو نالو محبت آهي.

* ڪوڙ ڳالهائيندي ڳالهائيندي آخرڪار انسان انسانيت کان ڪِري پوندو  آهي.

* اصل زندگيءَ جو حق به اهو آ ته خدا جي بندگي ۽ انسانذات جي خدمت ۾ گذري.

* هڪ مخلص دوست به الله تعالى جي بهترين نعمت آهي.

*تير تلوار جا زخم ته ڇُٽي ويندا آهن پر زبان جا زخم نه ڇُٽندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org