علي محمد پلهه
(قسط ٻي)
ڳوٺ پلهه: ضلع سانگهڙ
هڪ ڏينهن جو بادشاهه
خليفي چيس ته ادا! اهو ڪهڙو ڪم آهي؟ آءٌ به ته
ٻُڌان. ابوالحسن چيس ته بغداد شهر ۾ ڪيترائي پاڙا
آهن ۽ هرهڪ پاڙي ۾ مسجد آهي، جنهن ۾ هڪ هڪ مُلو
رهندو آهي. اسان جي پاڙي ۾ به هڪ مسجد آهي، ان ۾
اڪبر نالي هڪ پوڙهو ۽ چيڙاڪ مُلان رهي ٿو. ان جا
چار سنگتي آهن. اهي به ان جهڙا دل آزاريندڙ آهن.
اهي پنج ئي پاڻ ۾ گڏجي پاڙي وارن کي تڪليف ڏيڻ جون
صلاحون ڪندا آهن. اسان پاڙي وارن کي انهن مان
تڪليف آهي. رات ڏينهن ڊيڄارين ٿا! خليفي پڇيس ته
انهن لاءِ تو ڪهڙي سزا مقرر ڪئي آهي؟ ابوالحسن چيو
ته آءٌ روز ربّ پاڪ کان دعا گهرندو آهيان ته يا
ربّ! مون کي هڪ ڏينهن لاءِ بغداد جو بادشاهه ڪر ته
انهن کي سيکت ڏيان. خليفي چيس ته جيڪڏهن تون خليفي
جي جاءِ تي حاڪم مقرر ٿي پوين ته انهن کي ڪهڙي سزا
ڏيندين؟ هن چيو ته مان حاڪم ٿي پوان ته مُلان کي
پنج سئو چهبڪ ۽ ٻين کي هڪ هڪ سئو چهبڪ هڻايان ته
منهنجي به دل خوش ٿئي ۽ پاڙا وارا به تڪليف کان
بچن. خليفو سندس اها خواهش ٻڌي گهڻو خوش ٿيو. پاڻ
به خوش طبع هو، سو خيال ڪيائين ته هن جي اها خواهش
پوري ڪجي. هن کي چيائين، آءٌ ته مسافر آهيان، باقي
اها ڳالهه خدا کي مشڪل نه آهي. خليفو تنهنجي لياقت
ٻڌي هڪ ڏينهن لاءِ توکي بادشاهي کڻي ڏي ته ان ۾
عجب نه آهي. ابوالحسن چيس ته اي دوست! مون بيوقوف
جي ڳالهين تي متان کِلين. خليفو صاحب منهنجيون اهي
ڳالهيون ٻڌي ته مون کي چريو سمجهي کِلي. خليفي
چيس: ادا! آءٌ ته تنهنجي خواهش تي ڪونه ٿو کِلان.
خلق تي کِلڻ خدا جي منع آهي. هاڻي اڌ رات گذري وئي
آهي ۽ آرام ڪرڻ گهرجي. ان وقت ابوالحسن انگوري
شربت جو شيشو آندو ۽ پيالي ۾ ڪجهه وجهي مهمان کي
پيش ڪيو. خليفي به پيالو ڀري ان ۾ نشي دار دوا
(جيڪا گڏ هئس) سا ملائي ابوالحسن کي ڏنائين. اڃان
هن پيتوئي مس ته نشي اچي ورايس ۽ اتي ئي ڍيري ٿي
ڪِري پيو. خليفي غلام کي حڪم ڏنو ته هن کي انهيءَ
حال ۾ کڻي هل، پر هيءَ جاءِ سڃاڻي ڇڏج، وري صبحاڻي
هت ڇڏي وڃجانس. غلام آهستگيءَ سان ابوالحسن کي
پُٺن تي کڻي خليفي سان گڏ محلات ۾ آيو. خليفي
نوڪرن کي حڪم ڏنو ته هن جا سڀ ڪپڙا لاهي، منهنجا
شاهي ڪپڙا کڻي پارايوس ۽ منهنجي پلنگ تي سُمهاري
ڇڏيوس. اوهان سڀني کي خبر ٿو ڏيان ته جيڪا خدمت
منهنجي ڪندا آهيو، سا هن شخص جي ڪجو. صبح جو جڏهن
سجاڳ ٿئي ته منهنجي جاءِ تي هن کي خليفو سمجهي
سندس سڀ حڪم مڃجو. مطلب ته مون ۾ ۽ هن ۾ ڪوبه فرق
نه سمجهجو. نوڪرن کي اهڙي طرح سمجهائي وڏي وزير
جعفر کي گهرائي سمجهايو ته صبحاڻي هڪڙو شخص جيڪو
منهنجي پلنگ تي سُتل آهي، سو منهنجي پوشاڪ ڍڪي تخت
تي ويهندو. ان کي منهنجو قائم مقام ڄاڻي بادشاهي
ادب بجا آڻي، جيڪي به حڪم احڪام يا انعام اڪرام
ڏئي، سو بجا آڻجو. امير وزير صبح جو سندس سلام ڪن
۽ خدمت ۾ رهن. مسرور ڪوٽوال کي چيائين ته جيئن مون
کي نماز لاءِ اُٿاريندو آهين، تيئن صبحاڻي هن شخص
کي نماز لاءِ اُٿارجانءِ. مطلب ته سڀني کي سمجهائي
پاڻ اهڙي جاءِ تي وڃي ويٺو جو پاڻ ته سڀني کي
ڏٺائين ٿي، پر خليفي کي ٻئي ڪنهن ڪونه ٿي ڏٺو. صبح
ٿيو، نماز لاءِ مسرور ڪوٽوال ابوالحسن جي
سيرانديءَ کان بيهي، اسفنج جو ٽڪرو سرڪي مان ٻوڙي
نڪ وٽ جهليس ته ڇِڪون آيس ۽ اکيون کوليائين. ٿُڪ
اُڇلائڻ لاءِ جيئن اُٿيو ته نوڪرن سوني چلمچي آڻي
اڳيان جهليس ته متان غاليچو خراب ڪري. ابوالحسن
هنڌ تي ليٽي پيو. ڏٺائين ته هڪ عجيب دالان
سينگاريل آهي. روشنيءَ جا چمڪاٽ پيا پون ته محلات
به ڄڻ ته ٻري پئي. محلات سينگاريل هو ۽ وري نظر
کڻي ڦيرائي ڏسي ته مار! ڪيتريون ٻانهيون هٿ ادب جا
ٻڌيو بيٺيون آهن. ڪي خواجه ادب سان هٿ ٻڌيو بيٺا
آهن. وري هنڌ تي نظر پيس ته ڪيمخاب جي گدي، موتين
جي جهالر، اهڙي طرح وهاڻا، چادرون ۽ مٿان وري
بادشاهي ڇٽ. سڀ سامان، نوڪر چاڪر ڏسي ابوالحسن
اچرج ۾ پئجي ويو.! دل ۾ چيائين ته هي سڀ ڪجهه خواب
۾ ڏسي رهيو آهيان يا سُجاڳ آهيان؟! جيڪڏهن جاڳان
پيو ته ضرور خليفو آهيان! رات مون پنهنجي جاءِ ۾
مهمان سان کِلون ۽ چرچا پئي ڪيا ۽ خليفي ٿيڻ جي سڌ
ڪئي هئي، شايد اهو خيال اڃا تائين منهنجي مغز ۾
آهي. هي سڀ خواب ٿو ڏسان، آءٌ مسڪين ماڻهو بادشاهه
ڪيئن ٿي سگهندس.؟ انهيءَ خيال ۾ اکيون ٻوٽي سُمهڻ
جو ارادو ڪيائين ته ايتري ۾ غلام ويجهو اچي هٿ ٻڌي
عرض ڪيس ته اي اميرالمؤمنين! هيءُ وقت آرام جو نه
آهي. نماز جو وقت ڀرجي آيو آهي. ابوالحسن اهو ٻڌي
ويتر حيران ٿي ويو!
(هلندڙ......)
علي
اصغر اوٺو
گُل پري ۽ چاندني
مومل وارن جي گهر ۾ هڪ وڏو اڱڻ ۽ هڪ وڏو گهاٽو ۽
خوبصورت نِم جو وڻ به هو، مومل جڏهن حَمل سان هئي
۽ چاندني ان جي پيٽ ۾ هئي، ته مومل چانڊوڪين جي
رات ۾ هر روز رات جو اڱڻ تي ويهي چمڪندڙ چنڊ کي
گهوري گهوري ڏسندي هئي، جڏهن چنڊ پنهنجي چانڊاڻ
سان مٿي اُڀرندو هو ته، چنڊ جي روشني جي ڪري ان
نِم جا ساوا پن به جرڪي پوندا هئا. مومل ائين هر
روز چنڊ کي پئي ڏسندي هئي ۽ دل ۾ پئي چوندي هئي ته
مون کي به اهڙو چنڊ جهڙو ٻار ڄمي، اهو نِم جو وڻ
پَرين جو آستان هو، انهن پَرين ۾ پَرين جي سردار
’گُل
پري‘
هئي، گُل پري کي مومل جو گهر پسند اچي ويو هو،
جنهن جي ڪري گُل پَريءَ ان نِم جي وڻ ۾ پنهنجو
آستان ٺاهيو هو، اهي پَريون مومل کي روز پيون
ڏسنديون هيون ته مومل کي ڪڏهن ٿو ٻار ڄمي، ڇاڪاڻ
ته گُل پَريءَ کي ننڍا ٻار ڏاڍا پسند هوندا هئا.
آخر هڪ ڏينهن مومل کي سدا ملوڪ ڇوڪرِي ڄائي، جيڪا
چنڊ جي چانڊاڻ جيان جرڪي رهي هئي ۽ خوبصورت به
هئي، مومل جي گهر وارا تمام گهڻو خوش ٿيا ۽ مومل
جي ماءُ پنهنجي ننڍڙيءَ جو نالو پيار مان
’چاندني‘
رکيو، ڇو ته چنڊ جي
چانڊاڻ جيان چاندني
به ٻهڪي رهي هئي، جڏهن پَرين به چاندني کي ڏٺو، ته
ڏاڍيون خوش ٿيون، خاص ڪري گُل پَري ته گهڻي خوش
ٿي. ڇو، ته گُل پَريءَ کي ننڍڙا ٻار ڏاڍا وڻندا
هئا. چاندني جي پرورش مومل سان گڏوگڏ پَري به ڪندي
هئي گُل پَري چانڊوڪين جي رات ۾ چاندني کي مٿي
اُڏامي سير ڪرائڻ لاءِ کڻي ويندي هئي ۽ ان کي پئي
کيڏائيندي هئي.
اچانڪ هڪ ڏينهن ڪنهن ديو گُل پَريءَ جي هنج ۾ ٻار
کي ڏٺو، ديو جڏهن چاندني کي ڏٺو، ته ديو به سوچيو
ته گُل پَري کان اهو ٻار کَسي مان پنهنجي
گهرواريءَ کي ڏيان، ڇو ته سندس زال بي اولاد هئي،
گُل پَري به سمجهي وئي، ته ديو منهنجي هنج ۾ ٻار
کي ڏسي ورتو آهي ۽ مون کان ٻار کسي وٺندو، پوءِ ته
گُل پَري جلدي جلدي ۾ مومل جي گهر جي اڱڻ تي لهي
چاندني کي پنهنجي پينگهي ۾ سُمهاري ڇڏيو، ديو به
مومل جو گهر ڏسي ڇڏيو هو، سو هر وقت پيو موقعو
تلاش ڪندو هو، اچانڪ هڪڙي رات مومل کي گهري ننڊ جو
جهٽڪو اچي ويو ۽ ديو موقعو ڏسي چاندني کي کڻي
پنهنجي گهرواريءَ جي گود ۾ اچي ڏنو، ديو جي زال
جڏهن چاندني کي ڏٺو، ته حيران ٿي وئي ۽ پنهنجي مڙس
ديو کان پڇڻ لڳي ته، هيءَ خوبصورت ٻارڙي ڪٿان آندي
اٿئي، ديو چيس ته ان ڳالهه کي ڇڏي ڏي، هوڏانهن
جڏهن مومل ننڊ مان سُجاڳ ٿي، ڏسي کڻي ته چاندني
پنهنجي پينگهي ۾ آهي ئي ڪونه، پوءِ مومل وٺي رڙيون
ڪيون، رڙين تي گهر جا ڀاتي به سجاڳ ٿي پيا، سڀئي
پريشان ٿي ويا ته اچانڪ اسان جي ننڍڙي ڪيڏانهن
غائب ٿي وئي. سڀ پَريون به پريشان ٿي ويون، گُل
پَري سمجهي وئي ته چاندني کي ديوَ کڻي ويو آهي،
پوءِ ته سڀ پَريون ديون جي سردار وٽ حاضر ٿيون ۽
ان کي چور ديوَ جي باري ۾ ٻڌايائون، ته اهو پرائي
ڇوڪري کڻي ويو آهي، جنهن جي ڪري چاندني جي ماءُ
زارو زار روئي رهي آهي، ديون جي سردار گُل پَري کي
دلجاءِ ڏياري ته توهان فڪر نه ڪريو، مان هاڻي جو
هاڻي ان چور ديوَ کي گهرايان ٿو، ٿوري دير کانپوءِ
اهو چور ديوُ آيو، جنهن کان ديون جي سردار چاندني
کي غائب ڪرڻ جو پڇيو، چور ديوُ سموري ڳالهه پنهنجي
سردار کي ٻڌائي ۽ چوڻ لڳو ته، جيئندا قبلا، منهنجي
گهرواريءَ کي اولاد نٿو ٿئي جنهن جي ڪري مون کي هر
وقت ايلاز ڪندي رهندي هئي، ته مون کي ڪٿان به ٻار
هٿ ڪري ڏي، سو هڪ رات مان به سير ڪري رهيو هئس ته
گُل پَريءَ جي هنج ۾ هڪ ٻار کي ڏٺم ۽ گُل پَري جو
پيڇو ڪندي ان گهر کي ڏسي ورتو، پوءِ ارادو ڪيم ته
ان ٻار کي ضرور کڻندس. آخر هڪ ڏينهن مون کي موقعو
ملي ويو ۽ مان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويس ۽ مان
ٻار کي کڻي پنهنجي گهرواريءَ جي هنج ۾ ڏنو، ديوَن
جي سردار اها ڳالهه ٻُڌي تمام گهڻو ڪاوڙجي پيو ۽
چور ديوَ کي چيائين ته، هينئر جو هينئر ٻارڙيءَ کي
کڻي گُل پَريءَ جي حوالي ڪر نه ته، منهنجي ديوَ
برادريءَ مان نڪري وڃ، چور ديوَ جلدي ۾ اُڏاڻو ٿيو
۽ وڃي چاندني کي کڻي آيو، جيڪا گُل پَريءَ جي
حوالي ڪيائين، گُل پَري ۽ ٻيون سڀ پَريون ديوَن جي
سردار جو شڪريو ادا ڪري اُتان اُڏاڻيون ۽ سڌو اچي
گُل پَري چاندنيءَ کي پنهنجي پينگهي ۾ سُمهاريو،
جيئن ئي صبح ٿيو ته، چاندنيءَ جي ماءُ اُٿي ۽ ڏٺو
ته پينگهي ۾ چاندني لُڏي رهي آهي، پوءِ ته مومل
چاندني کي کڻي ڇاتيءَ سان لاتو، گُل پَري اهو
سمورو لقاءُ ڏسي ڏاڍي خوش پئي ٿي ۽ پوءِ هر رات
گُل پَري چاندنيءَ وارن جي گهر جي مٿان لامارا
ڏيئي چوڪسي پئي ڪندي هئي، ته جيئن چاندنيءَ کي وري
ڪو نقصان نه پهچائي.
***
تاج
محمد شيخ
مائِي ٻُڙِيءَ جي ڪهاڻي
آڳاٽي وقت جي ڳالهه آهي، ته هڪڙي بادشاهه وٽ
پنهنجي ملڪ جي انتظام هلائڻ لاءِ نَوَ وزير مقرر
ٿيل هئا ۽ مَحل جي ڪم ڪار لاءِ
”ٻُڙيءَ“
نالي هڪ مائِي مقرر ٿيل هئي، جنهن کي محل اندر
توڙي ٻاهر ڪيترائي ڪم سونپيل هئا. محل اندر مائي
ٻُڙيءَ کي اڪثر ماسِي ٻُڙيءَ جي نالي سان سڏيو
ويندو هو، ڇاڪاڻ ته هُوءَ عُمر ۾ سڀني کان وڏي
هئي. بادشاهه جي وزيرَن جا ترتيب وار نالا هئا:
هڪ، ٻه، ٽي، چار. پَنج، ڇهه، سَتَ، اَٺَ ۽ نَوَ.
هر وزير کي رياست جا مختلف ڪم ڪار حوالي ٿيل هئا.
اُنهن وزيرن مان نائين نمبر وزير کي
”خان“
جو لقب مليل هو، ڇو ته بادشاهه کيس رياست جو وڏو
وزير مقرر ڪيو هو، جنهن تي ٻين اَٺن وزيرن کان
وڌيڪ ذميداريون هونديون هيون.
مائِي ٻُڙي قدڪاٺ ۾ ننڍي هئڻ سبب، وَزن ۾ به گهڻي
ڪمزور نظر ايندي هئي. پيدائش جي شروعاتي ڏينهن ۾
جسم جي کاٻي پاسي پوليو جو اثر ٿي پيو هيس، ڇو ته
اُن زماني ۾ ننڍڙن ٻارڙن کي پوليو جي بيماريءَ کان
بچاءَ لاءِ ڦُڙا يا قطرا ايجاد ڪونه ٿيا هئا، جيئن
اڄڪلهه ننڍن ٻارڙن کي ان خطرناڪ بيماريءَ جا ڦڙا
پياري، کين پوليو ٿيڻ کان بچايو وڃي ٿو، ڇو ته ٻار
مستقبل جا معمار هوندا آهن. جي اڄ سندن حفاظت ڪبي،
ته سُڀاڻ هُو وڏا ٿي، ملڪ ۽ قوم جا محافظ بڻجي
خدمت ڪندا. سو ڳالهه پئي هَلِي ٻُڙيءَ کي پوليو
هئڻ جي، کيس کاٻي پاسي بلڪل سَگههَ ڪا نه هوندي
هئي ۽ سندس اُهو پاسو سدائين نِسَتو ۽ بيڪار رهندو
هيس، پر کاٻي جي ڀيٽ ۾ ساڄي پاسي ۾ قدرت کيس
ڏَهوڻي قوت بخشي هئي. هوءَ جڏهن به پنهنجو ساڄو
پاسو ڪَتب آڻيندي هئي، ائين کڻي سمجهو، ته جي
رياست جي نَون ئي وزيرن مان ڪنهن جي ساڄي پاسي ٿي
بيٺي ته مَنجهن ڏهوڻي طاقت ٿي ويندي هئي ۽ سندن
عقل به وڌيڪ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيندو هو.
محل جو اندريون وهنوار هٿ هيٺ هئڻ ڪري، بادشاهه
سلامت جي راڻيءَ وٽ به گهڻي هلندي پڄندي هيس.
رياست جا نَوَ ئي وزير سگهارا هوندي به، مائي
ٻُڙيءَ جا ڄڻ ته محتاج هوندا هئا، ڇو ته کين پگهار
۽ کاڌ خوراڪ به مائي ٻُڙيءَ جي هَٿان ئي ملندي
هُئي. راڻيءَ جي خاص خدمتگار هئڻ ڪري بادشاهه به
عزت ۽ احترام ڪندو هو. محل اندر بادشاهه جا شهزادا
۽ شهزاديون اهڙو احساس ڪڏهن به نه ڏياريندا هئا،
جو سندس کاٻو پاسو بيڪار آهي ۽ هُوءَ ڪمزور ۽
اَپاهج آهي.
بادشاهه جنهن ڏهاڙي مائي ٻُڙيءَ کي نه ڏسندو هو،
ته ڏاڍو فڪرمند نظر ايندو هو، ڇو ته کيس مائي
ٻُڙيءَ جي طاقت ۽ سگهه جي ڀَليءَ ڀَتِ ڄاڻ هوندي
هئي، ته سموري رياست جي وهنوار جو مَدار ان تي ئي
آهي. بادشاهه کي فڪرمند ڏسي، وزير کيس آٿت پيا
ڏيندا هئا، ته جيئندا قِبلا! ڳڻتي نه ڪيو، اسين
رياست جي وَهنوار ۽ ڪاروبار کي سنڀاليو ويٺا آهيون
۽ ملڪ خوب ترقي ڪري رهيو آهي. وزيرن جا اِهي گُفتا
ٻڌي، بادشاهه کين چوندو هو، ته اوهان کي مائي
ٻُڙيءَ جي اهميت ۽ طاقت جي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي.
هُوءَ رياست جي وڏي قوت آهي. اوهان سڀني جي سدائين
خدمت چاڪري ڪندي رهي ٿي ۽ هر اوکيءَ ويل مدد لاءِ
تيار رهي ٿي، جي هُوءَ نه هجي ته رياست توڙي محل
جو وَهنوار ۽ ڪاروبار، هُوند نه هلي سگهي، تنهن تي
وڏي وزير سميت، اَٺ ئي وزير وائڙا ٿي ويندا هئا ۽
چوندا هئا. ته بادشاهه سلامت! اهو وري ڪيئن؟
نَوَ ئِي وزير پاڻ ۾ هڪٻئي سان سُس پُس ڪندا رهندا
هئا، ته مائي ٻُڙي قد جي هلڪي، کاٻي پاسي کان
ڪمزور! تنهن سان رياست ۽ محل جي وهنوار ۽ ڪاروبار
سان ڪهڙو واسطو! بادشاهه وزيرن کي گهڻو ئي
سمجهائيندو هو، ته بابا! اوهان کي خبر ناهي، ته
هُوءَ ڪيتري
سَگهارِي آهي. اسان کي سندس هر وقت ضرورت
پوي ٿي. بادشاهه جي واتان مائي ٻُڙيءَ جي ايتري
ساراهه ٻُڌي، نَوَ ئي وزير ماٺ ٿي ويندا
هئا، پر اندر ۾ ساڙ ۽ ڪِيني جي باهه پئي ٻرندي
هئي.
پيارو ٻارؤ! ڇا ٿيو جو هڪ رات نَوَ ئي وزير
صَلاحُو ٿي، مائي ٻُڙيءَ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ
تيار ٿيا. اُنهن مان وڏي وزير کين چيو، ته دوستو!
مون کي پنهنجي طاقت ۽ وڏي وزير ناتي بيحد اَرمان
آهي، ته بادشاهه سلامت، مائي ٻُڙيءَ کي مون کان
وڌيڪ عزت ڏئي ٿو ۽ اسان سڀني کي اُن جو گهُرجائُو
۽ محتاج ڪوٺي ٿو، تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو. ته ڪهڙي
به ريت، مائي ٻُڙيءَ جو خاتمو ٿيڻ کپي، نه ته ٻي
صورت ۾ هوءَ اسان کي بادشاهه هٿان مارائي ڇڏيندي.
مائي ٻُڙيءَ جي وهم گمان ۾ به ائين ڪو نه هو، ته
کانئس ڪنهن کي جوکو رَسندو. هوءَ ته ٻين کي سدائين
نفعو رسائڻ جو پئي سوچيندي هئي. هُوءَ ويچاري ته
سڄو ڏهاڙو ٻين جي خدمت چاڪري ڪندي سومهڻيءَ مهل
وڃي ڪوس سُک جو ساهه کڻندي هئي. رات جي گهُگهه
اُوندهه ۾ به محل اندر توڙي ٻاهر جي پَرگهور پئي
لهندي هئي، پر جي راڻيءَ کي رات جي آڌيءَ ويل سندس
ضرورت پوندي هئي، ته هڪدم کيس اَگهور ننڊ مان
جاڳڻو پوندو هو. مائي ٻُڙيءَ سان بادشاهه ۽ سندس
راڻيءَ جي وڏي همدردي هوندي هئي، ڇو ته انهن چڱيءَ
پَر ڄاتو پئي، ته قدرت هر جِيوَ کي، چاهي وڏو هجي
يا ننڍو، سَگهو هجي يا اگهو، ڪنهن سبب ته خلقيو
آهي، جيڪو ڪائنات جا اسرار ڄاڻي ٿو. چوندا آهن. ته
’لَک
جو ڪم ڪَکَ‘
۾ به پئجيو وڃي. طوفان هلندي ڪَک کان به بچي رهجي،
متان هوا ۾ اُڏندڙ ڪَک، اچي اک ۾ پوي ۽ ويرم اندر
انسان کي انڌو ڪري وجهي، پر پَرمتڙين وزيرن جي حسد
۾ مَت مري چڪي هئي. سندن مَن ۾ هو، ته ڪيئن به ڪري
مائي ٻُڙيءَ کي رستي تان هٽائجي. کيس رات جي
اُوندهه ۾ جهنگ جي حوالي ڪجي، جتي جانور چيري ڦاڙي
کائي ڇڏيندا. اهڙي ريت سدائين لاءِ جِند آجي ٿي
پوندي.پوءِ اسان تي بادشاهه سلامت جون مهربانيون
هونديون. وڏي وزير کين چيو، ته پوءِ آءٌ سڄي محل
جو مالڪ بڻبس ۽ توهان کي سُٺا سُٺا کاڌا کارائي،
مِٺا مِٺا شربت پياريندس. اهڙا مٺڙا ٻول ٻُڌي،
سڀني وزيرن نعره هڻڻ شروع ڪيا.
”نَوَ
خان زنده آباد، وڏو وزير نَوَ خان زنده آباد.“
نعرا ٻڌي نَوَ خان سيٽجي ويو. پيارا ٻارؤ! چوڻي
آهي، ته
”جيڪو
سِيٽبو، سو سَٽبو.“
نَوَن ئي ڄڻن هڪ ڳوڻ کنئي، جنهن ۾ مائي ٻُڙيءَ کي
کڻي اُن ۾ بند ڪيائون. هُن ويچاريءَ گهڻيون ئي
دانهُون ڪِيهون ڪيون، پر رات جي وَڳڙي ۾ سندس آواز
ڪُتن جي ڪُوڪاٽ ۾ دٻجي ويو.
نَون ئي ڄڻن هڪ گهاٽي جهنگ ۾ ٻوري کڻي وڃي اُڇلائي
۽ راتو رات واپس اچي، اَسُر ويل، محل جي ڀر ۾ ٺهيل
ڪوٺين ۾ اچي سُتا، جيئن ڪو به بَنِي آدم نه شَڪجي؛
ته اِهو ڪُڌو ڪم سندن هٿان ٿيو آهي. فجر ٿيڻ تي
سموري محل ۾ هُل هُلاچو مَچي ويو، ته مائي ٻُڙي
محل مان غائب آهي. ٻنپهرن جو بادشاهه سلامت پَڙهو
گهُمايو، ته محل ۾ رهندڙ ٻانهيون توڙي ٻاهريان
ڪَمي ڪاسبي اچي حاضر ٿين، جن کان مائي ٻُڙيءَ جي
گم ٿيڻ بابت هر عام ۽ خاص پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ
خاطر، بادشاهي درٻار ۾ اچي حاضر ٿيا، پر نَوَ ئي
وزير جيڪي ڊَپَ ۾ ڊِنَل هئا،سي محل جي چوڌاري هرو
ڀرو هيڏانهن هوڏانهن پئي ڦِريا. نيڪدل بادشاهه
نهايت ذهين ۽ هوشيار هو ۽ سمجهيائين پئي، ته دال ۾
ڪارو ضرور آهي، جو نَوَ ئي وزير سامهون ڪو نه پيا
اچن ۽ ڪَن ٽار ڪندا پيا وتن.
”چور
جي ڏاڙهيءَ
۾ ڪَکَ“
جي مثل، اُهي بادشاهه سلامت جي آڏو اچڻ
کان لنوائن پيا، ته بادشاهه سَچي نه ڪرائي وجهي.
بادشاهه ڏاهو هو، جنهن سندن سمورن حرڪتن کي نظر ۾
پئي رکيو. سندس شَڪ پَڪ ۾ بدلجي ويو. هُن هڪ ٽلَ
سوچي. پهريائين هڪڙي وزير کي پاڻ وٽ گهرايائين،
جنهن جو نالو
’هِڪ‘
هو. چيائينس، ته تون اِهو بارُ کڻ، جيڪو سندس آڏو
رکيل هو. بادشاهه جو حُڪم ٻڌندي ئي هُو ڳڻتيءَ ۾
پئجي ويو ۽ سوچڻ لڳو، ته اڳ بادشاهه سلامت اسان
کان اهڙا بار کڻائيندو هو، ته مُنهنجي مدد لاءِ
مائي ٻُڙي هڪدم ڊوڙي اچي ٻانهن ٻيلي ٿيندي هئي.
جڏهن هُوءَ منهنجي ساڄي پاسي اچي بيهندي هئي، ته
منهنجي طاقت ڏهوڻي ٿي پوندي هئي ۽ بادشاهه اڳيان
منهنجو مانُ مٿانهون ٿي پوندو هو، پر اڄ ته لاچار
۽ بيوس بڻيو بيٺو آهيان.
اهڙيءَ طرح بادشاهه سلامت ٻين وزيرن کي به سندن
مانَ مَرتبي ۽ سَگههَ موجب بار کڻڻ لاءِ حڪم ڏيندو
رهيو، پر ڪنهن به وزير اُن بار کي کڻڻ لاءِ پاڻ ۾
سگهه نه پئي سمجهي ۽ شَرمساريءَ وچان، بادشاهه
اڳيان پنهنجا ڪنڌ جهُڪايو بيٺا رهيا. نيٺ بادشاهه
کين حڪم ڏنو، ته توهان کي اَڄوڪِي رات مُهلت ڏجي
ٿي، جي صبح ساجهُر تائين پنهنجي حصي جو بار نه
کنيو، ته ٻِي صورت ۾ توهان جو سِرُ قلم ڪيو ويندو.
موت جي ڊپ کان نَوَن ئي وزيرن رات وچ ۾ صلاح ڪري
ورتي، ته جي راتوڪي رات ۾ مائي ٻُڙيءَ کي ڳولي نه
وٺي آياسين، ته صبح ساجهر ئي سِسِيُون ڌَڙ کان ڌار
هونديون. ان رِٿَ تي هڪڙي وزير چيو، ته اُن کي
جهنگ جا جانور چيري ڦاڙي کائي هضم ڪري چڪا هوندا،
پر چوڻي آهي.
”جنهن
کي رَبّ رکي، تنهن کي ڪير چَکي.“
هُنن نَون ئي وزيرن رات جي اُوندهه ۾ اوڏانهن رُخ
ڪيو، جتي مائي ٻُڙيءَ کي اُڇلائي آيا هئا، جڏهن هڪ
جهُوپڙيءَ جي ڀرسان پهتا، جتي باهه پئي ٽِمڪي.
سوچڻ لڳا ته ڪو نه ڪو ماڻهو هِن جهُوپڙيءَ ۾ ضرور
هوندو، جنهن وٽان مائي ٻُڙيءَ بابت ڪو پتو پئجي
سگهي، جڏهن جهوپڙيءَ ۾ اندر داخل ٿيا، ته اُتي
مائي ٻُڙي ئي ويٺل نظر آئي، جيڪا هٿ ۾ تسبيع کنيو
ويٺي
”الله
الله“
ڪري، ربّ کي ٻاڏائي رهي هئي. نَوَ ئي ڄَڻا سندس
اڳيان اچي بيٺا! ۽ چيائونس، ته اڄ کان وٺي تون
اسان جي ڀيڻ آهين. هاڻ اسان کي پنهنجا ڀائُر سمجهي
معاف ڪر. مائي ٻُڙي جڏهن اِهو آواز ٻڌو، ته اُهو
پَڙاڏو بڻجي، وَر وَر ڪنن تي پئي پيو،
”تون
اسان جي ڀيڻ آهين“
ته هڪدم ٻئي هٿ ڌڻيءَ دَر، دُعا لاءِ کنيا ۽ کين
پنهنجا ڀائر سمجهي معاف ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن تي
بادشاهه وٽ حاضر ٿي، کانئس معافي ورتائون. پوءِ ته
مائي ٻُڙيءَ سميت نَوَ ئي ڄڻا
’کير
کنڊ‘
ٿي گڏجي رهڻ لڳا، پر مائي ٻُڙيءَ به ڪِينَ گهٽايو،
جڏهن به سندس ڀائرن تي اوکيءَ ويل ايندي هئي، ته
هُوءَ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندي هئي ۽ زندگيءَ ۾
ڪڏهن به ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏنائين.
پيارا ٻارو! اوهان ڏٺو، ته ٻُڙي هِيڻِي هوندي به
سگهارن جي سَگهه بڻجي، مدد ڪندي رهي. ان ڪري ڪڏهن
به ڪنهن کي گهٽ ۽ ڪَمتَر نه سمجهڻ گهرجي ۽ پنهنجي
طاقت تي وڏائي ۽ غرور نه ڪرڻ گهرجي.
***
ٻار، اسان جو آئيندو ۽ قوم جو سرمايو ھوندا آھن.
انھيءَ لاءِ ضروري آھي ته ننڍڙي عمر ۾ ئي سندن
ذھني، جسماني، اخلاقي ۽ سماجي نشو نما ڪئي وڃي.
ٻار جي ذھني ۽ جسماني اوسر جو ڪم، والدين ۽ اُستاد
ته چڱيءَ طرح سان ڪري سگهن ٿا پر سرڪار جي علمي ۽
ادبي ادارن کي به انھيءَ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ
گهرجي. ھڪ محنتي اُستاد پنھنجي شاگردن کي درسي
ڪتابن جي ذريعي، اکرن جو علم ته ڏئي ٿو پر ڪائنات
کي سمجهڻ لاءِ ٻارڙن وٽ جيڪي انيڪ سوال آھن، انھن
جا جواب ھڪ شاعر ۽ اديب ئي پنھنجي تخليقن ذريعي
ڏيئي سگهي ٿو .
استاد گل دايو ، ھڪ استاد ھئڻ سان گڏ ھڪ پڪو ۽
پختو شاعر ۽ اديب به آھي. سندس ٻارڙن لاءِ لکيل
ھي نئون ڪتاب،
”ڪنگ
جي ناني“
ٻارن جي ذھني اوسر ۾ ڏاڍو اثرائتو ثابت ٿيندو. ھن
ڪتاب ۾ ڪل
17
ڪھاڻيون آھن، جن مان ٽائيٽل ڪھاڻي
”ڪنگ
جي ناني“
ھڪ بھترين ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻيءَ ذريعي ٻارن کي
پيغام ڏنو ويو آھي ته، جيڪڏھن ڪنھن ٻار کي ڪنھن به
ڪم سانگي موڪلجي ته اھو ٻار ڪم ٿيڻ يا نه جي
صورت ۾، جلدي گهر موٽ اچي، ٻي صورت ۾
ڪنگ
جيان نقصان ۾ ھليو ويندو. ھن ڪھاڻيءَ ذريعي ٻارن
کي اھا به ڄاڻ ڏني ويئي آھي ته، ٺڪر جي پيالي ڪير
ٿو ٺاھي، مِٽي ڪٿان حاصل ڪري سگهجي ٿي، پاڻي ڪٿان
ملي ٿو ۽ ڏاٽو ڪھڙي ڪم اچي ٿو، اھي سموريون شيون
جيڪي ڪاريگر ٺاھين ٿا، انھن کي ڇا ٿو سڏجي. ان
کانسواءِ ھيءَ ڪھاڻي نظماڻي صورت ۾ لکيل آھي، جنھن
کي پڪ سان ترنم ۾ جهونگاري به سگهجي ٿو.
ھن ڪتاب جي ڪھاڻي
”اسڪائوٽ
سڀ جو دوست“
ھڪ سبق آموز ڪھاڻي آھي. ھيءَ ڪھاڻي رضاڪاراڻا
سماجي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ
”اسڪائوٽ“
تي لکيل آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ،
اسڪائوٽ ٻار کِل مک، فرمانبردار، خوش اخلاق،
ايماندار، چست ۽ ڏاڍو چالاڪ به ٿئي ٿو. جيئن ته
استاد گل دايو ٻاراڻي عمر کان اڄ تائين ھڪ بھترين
اسڪائوٽ رھيو آھي، انھيءَ ڪري ھن ھڪ سٺي اسڪائوٽ ۾
جيڪي خوبيون ڏٺيون آھن، انھن کي ڪاميابيءَ سان
بيان ڪيو آھي. ھن ڪھاڻيءَ ذريعي ٻارن ڏانھن به
پيغام ٿو وڃي ته، ھو به اسڪائوٽ بڻجي سماجي
ڀلائيءَ جا ڪم ڪن.
ھن ڪتاب جي ڪھاڻي
”ھجي“
ھڪ مزيدار ۽ ٽھڪن جا ٽوڪرا آڇيندڙ ڪھاڻي آھي. ھن
ڪھاڻيءَ جا سڀئي ڪردار ھڪ اُستاد ۽ ٻيا شاگرد آھن،
جن مان جهوني اُستاد جي سُستيءَ جو نتيجو ۽ ٻارڙن
جون شرارتون ۽ فرمانبرداري ٽھڪ ڪڍي ٿي ڇڏي.
ھن ئي ڪتاب جي ھڪ مزاحيا انداز ۾لکيل ڪھاڻي
”وڏائيءَ
جو انجام“
۾ ، پٽاٽي ۽ ڀينڊي ءَ کي ڪردار بڻائي لکي ويئي
آھي. ھن ڪھاڻيءَ ذريعي ٻارن کي درس ڏنو ويو آھي
ته، جيڪڏھن اوھان وڏائي ڪندئو ته، زندگيءَ ۾ اڪيلا
رھجي ويندئو. ھن ڪتاب جي ڪھاڻي،
”پاڻيءَ
۾ باهه“
ھڪ سائنسي ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ جعلي فقير
سائنسي عمل کي ڪرامت ڪرار ڏيئي، ماڻهن کي ڦُري ۽
لٽي ٿو ۽ سچ ظاھر ٿيڻ تي کيس نتيجو ڀوڳڻو پويس ٿو.
ڪھاڻي
”رونشي
جي سزا“
به سائنسي تجربي ۽ مشاھدي تي لکيل ڪھاڻي آھي. ھن
ڪھاڻيءَ ۾ ھڪ اسڪول جو شاگرد، اسڪول جي تجربيگاھ
۾ ڪيل تجربي کي رونشي خاطر ماڻهن جي ميڙ اڳيان پيش
ڪري ، مزو وٺڻ ٿو چاھي، جنھن جي نتيجي ۾ ھو، ٿاڻي
جو منھن ڏسي ٿو. انھيءَ کانسواءِ ڪتاب
”ڪنگ
جي ناني“
ڪتاب جي آخري ڪھاڻي،
”چالاڪ
چٻرو“
به ھڪ بھترين ۽ سبق آموز ڪھاڻي آھي. ھن ڪھاڻيءَ
ذريعي ٻارن کي پيغام ڏنو ويو آھي ته، بنا سوچڻ ۽
سمجهڻ جي، ڪنھن کي ھروڀرو بيوقوف نه سمجهڻ گهرجي.
انھن کانسواءِ ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون: پنھنجو ڪمرو،
لالچ جو انجام، اُستاد جو احترام، امڙ جي ٻولي،
محنت جو ڦل، شمون شرارتي ۽ ٻيون سڀئي ڪھاڻيون
ڏاڍيون دلچسپ ۽ سبق آموز آھن.
انھن ڪھاڻين بابت ناميارو اديب ۽ ڪتاب جو مھاڳ
لکندڙ ممتاز لوھار لکي ٿو ته،
”ھن
ڪتاب ۾ شامل سترھن ئي ڪھاڻيون دل ۾ سانڍڻ ۽ ياد
ڪري، ٻين ٻارن کي ٻڌائڻ جهڙيون آھن.“
۽ ڪتاب جو
”امھاڳ“
لکندڙ
اديب ۽ مترجم جھانگير عباسي لکي ٿو ته،
”ڪتاب ۾ شامل سمورين ڪھاڻين جو مرڪزي ڪردار
”ٻار“
آھي. ڪتاب جون سموريون ڪھاڻيون تعليمي حوالن سان
اصلاحي طور لکيون ويون آھن. تنھنڪري آءٌ ھنن
ڪھاڻين کي مڪمل طور تي، تعليمي (Acadmic)
ڪھاڻيون سمجھان ٿو.
منھنجي راءِ به اھائي آھي ته، اُستاد گل دايو جو
ٻارن لاءِ ھي ڪيل پورھيو تعليمي پسمنظر ۾ سرجيل
آھي. پڪ اٿم ته اُستاد جو ھي پورھيو ٻارن سان گڏ،
وڏن وٽ به، ضرور قبول پوندو.
.
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم
اميد آهي ته اوهان ۽ اوهان جي پوري ٽيم خيريت سان
هوندا، دعا آهي ته اسان جو هيءُ گُل ڦُل رسالو
ترقي ڪندو رهي.
اسان ڪافي وقت کان هيءُ رسالو پڙهندڙ آهيون (سائين
محمد عثمان عباسي، عثمانيه لائبريري جي ٿورن سان)
پنهنجي گهر وارن مدرسي ۽ اسڪول جي طالبن کي به
پڙهڻ لاءِ ڏيندا آهيون، پر هن رسالي ۾ مواد موڪلڻ
لاءِ پهريون دفعو همٿ ڪري رهيا آهيون. گل ڦل رسالو
آهي ئي اهڙو جو اسان کي قلم کڻڻ تي مجبور ڪري ٿو.
جڏهن ته اسان نَون نَون ماڻهن کي پنهنجي هن رسالي
۾ شامل ٿيندي ڏسون ٿا، ته پنهنجي به دل چاهي ٿي ته
ٻيا ليکڪ لکي رهيا آهن، اسان پاڻ به ڇو نه لکون،
ٻين دوستن ۽ ڀائرن جا مضمون، ڪهاڻيون پڙهي دل ڏاڍي
خوش ٿيندي آهي. ماشاءَالله هن رسالي ۾ لکندڙ سڀ
بهترين آهن، لکڻ جو فن به ڄاڻن ٿا.
اميد آهي ته اسان جو پهريون دفعو موڪليل
مواد
’اصل
ڪمال ماءُ جو آهي‘،
’مهراڻ
جا موتي‘،
’سهڻا
سخن‘،
شيطان چوندو آهي، رسالي ۾ شايع ڪنديون.
ڀيڻ صاحبه! اميد آهي ته اوهان اسان ساٿين، (زين
العابدين، افسار عامر، بسمه) جو موڪليل مواد گُل
ڦُل رسالي ۾ شايع ڪري حوصله افزائي ڪنديون.
الله سائين اوهان ۽ اوهان جي پوري ٽيم جو مددگار
رهندو. آمين
مقبول احمد بن منظور علي عباسي
چنهياڻي ڪنڊيارو
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه
السلام عليڪم
اُميد ته اوهان ۽ اوهان جي پوري ٽيم خيريت سان
هوندا. اسان گل ڦل رسالو ڏاڍي شوق سان پڙهندا
آهيون. اسان جي اسڪول ۾ اڪثر گل ڦل ايندو آهي جيڪو
ادا رفيق جمالي اسان ٻارڙن کي ڏيندو آهي .
سنڌي ادبي بورڊ جو هيءُ نهايت ڄاڻ ڀريو ٻارڙن جو
رسالو آهي. هن ۾ ٻاراڻي شاعري، ڄاڻ سان ڀرپور
مضمون اصلاحي ڪهاڻيون ۽ ٻيا سلسلا به بهترين آهن.
اُميد ته اوهان جو رسالو اڃا وڌيڪ ترقي ڪندو.
هر ٻار کي هيءُ رسالو باقائدگيءَ سان خريد ڪري
پڙهڻ گهرجي. اسان ڪجهه تصويرون ۽ مواد موڪليون ٿا.
اُميد ته شايع ڪنديون.
دعاگُو.
ڪلاس پنجون جا شاگرد
گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ پاهڙ خان جمالي تعلقه
نيو سعيد آباد ضلع مٽياري
***
جنوري
2024ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي
سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
سري راڳ“
جي داستان
ٽئين
جو
اوڻيهون
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
اي منهنجا مالڪ، مون کي ان سودي جو نفعو عنايت
ٿئي، جيڪو سٺو ۽ صحيح آهي. مون ويچاريءَ جي وس ۾
ڪجهه ناهي. او سائين، تون منهنجو اهو عرض قبول ڪر،
رهبر جي رهنمائي ۽ مدد کان سواءِ هرگز مقرره منزل
تي پهچي نه ٿو سگهجي. تون پنهنجو خاص ڪرم ڪر ۽ هن
بار سان ڀريل ٻيڙيءَ کي موجن ۽ ڇولين مان لنگهائي
پار پهچاءِ.!
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*لطيف جمالي: ڳوٺ بکر جمالي.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*محمد عالم ڏاهري: ڪلاس ٽيون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
ارم ناز: ڪلاس ڇهون، حيدرآباد
*مهراڻ ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو
*قادر بخش: ڪلاس ڇهون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*محمد رمضان جمالي: ڪلاس چوٿون،
گورنمينٽ
پرائمري اسڪول پاهڙ جمالي ضلعو مٽياري.
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*مدثر جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*نياز علي خاصخيلي: گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڦل
ڪاڪا.
* ابوبڪر جمالي: ڪلاس يارهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.
*محمد سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم
پرائمري اسڪول هالا نوان.
*رفيق جمالي: ڪلاس اٺون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*ثوبيه علي:
ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين فهيم پرائمري اسڪول
هالا نوان.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*وفا ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو.
*شازينه بلوچ: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ خورشيده بيگم
گرلس ڪاليج حيدرآباد
جاويد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ نورمحمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان لطيف جمالي
جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران گُل
ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |