سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل نومبر 2023ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

 

[12]

مُورَکَ مامَ نه ٻُجهَڻا، آنڪا جِهَا اَڪَ

پَڪا جي نه سُپَڪَ، مَ ڪَرِ ميڙو تَنِ سِين.

سمجهاڻي: احمق ماڻهو راز واري ڳالهه کي نٿا سمجهن، اهي اڪ جي ٻوٽي جهڙا نرم ۽ ڪچڙا آهن، جيڪي چڱيءَ ريت پڪل ناهن (جيڪي ڪچا رهجي ويا) تون انهن سان ملاقات ۽ گڏجڻ کان پاسو ڪر.

[13]

چُوندَنِ ڪِيمَ چَئيجُ، ويڻَ ورائي سامُهان

ڪا مَتِ قِيمَتَ جِهَڙي، روزُ ڏَمَرَ کي ڏيجُ

ويڻَ مَ وَرَائيجِ، ته سَڀِ دَرِ سُهاڳِي ٿِئين.

سمجهاڻي: جيڪي توکي (گهٽ وڌ) چون ٿا، تون انهن کي به سامهون موٽائي جواب ۾ گفتا نه ڪڍ، بلڪ تون پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي کي هر روز ڪنهن قيمتي مشوري سان ٽاريندو اچ (خاموشي اختيار ڪر). تون طعني واري ٻول ۽ گفتي کان پرهيز ڪر ته تنهنجو هر هنڌ ۽ هر ڪنهن وٽ عزت ۽ آڌرڀاءُ ٿئي.

[14]

سُڻِي ويڻَ ڪَنَنِ سِين وارِجِ ڪِيم وَرِي

هادِيءَ جي هِدايَتَ جِي آهي اِيءَ ڳَرِي

جَنِي ساهَ سَرِي، تَنِ مارِيو نَفسُ ماٺِ سِين.

سمجهاڻي: جيڪڏهن تون پنهنجي ڪنن سان به پنهنجي باري ۾ طعنا يا مهڻا (گهٽ وڌ ڳالهه) ٻڌين ٿو تڏهن به انهن جو جواب نه ڏي. ڌڻيءَ طرفان هدايت جي اها ئي ڏسيل واٽ آهي، جيڪي پاڻ کي ان ڳالهه تي آماده ڪن ٿا، اهي ئي پنهنجي نفس کي خاموشيءَ سان مارڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.

[15]

 هُو چُونَئِي تون مَ چَئُه واتان وَرائي

اَڳِ اَڳرائِي جو ڪَري خطا سو ئي کائي

پَلئه ۾ پائي، وِيو ڪيني وارو ڪِينَڪِين.

سمجهاڻي: جيڪڏهن هو توکي ڪجهه چون ٿا (تنهنجي باري ۾ ڪا اهڙي اڻ وڻندڙ ڳالهه ڪن ٿا)، تڏهن به تون پنهنجي وات سان موٽائي کين نه چئو، جيڪو اڳرائي ڪري ٿو، اهو (اڳي پوءِ) ضرور نقصان ۾ ويندو، حسد ۾ ورتل انسان ڪڏهن به ڪجهه حاصل ڪري نه سگهيو آهي.

شاهه جو رسالو

]سُر آسا- داستان ستون. محقق: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سمجهاڻي ۽ مفهوم: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ[

 

 

مخدوم محمد زمان طالب المولى

حمد

هن جا حمّد هزار ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳايون

 

ڪک پن ۾ قادر جي قدرت، اکين وارن لءِ آهي عبرت،

گل ڦل ۽ گلزار، تن ۾ وحدت جون واڌايون.

 

ڪُن چئي ڪُل جنهن آ جوڙيو، نيزو نيهن جو تنهن آ کوڙيو،

عجب ڪري اسرار، پاڻ ويٺو  آهي لوڪان لڪايو.

 

جڳ جنسار سندس ئي آهي، ٻئي ڪنهن جو هي مظهر ناهي،

ٻيا سڀ نقش و نگار، صفتون انهيءَ جون سڀ ۾ سمايون.

 

منَ عرف ۾ طالبَ مولا ڄاڻو ٿي ڪج ڳولا ڦولا،

پارس جا هي پار جيءَ ۾ جنهن جون آهن جايون.


 

جوهر بروهي

فريدآباد ضلع دادو

نعت

حبيبن جي خدمتن تان صدقي زمانو،

ته ملڪن اچي اُت اڏيو آشيانو.

 

مبارڪ جي جهونگار جڳ ۾ هلي پئي،

هليو جڳ ۾ ختم ـ نبوت ترانو.

 

سگهارو هو سائين جو آڱر اشارو،

مليو ساري اُمت کي اَشهَدّ خزانو.

 

هي تاثير ڪلمي ۽ قرآن جو آ،

جُڙيل آهي دنيا سندو ڪارخانو.

 

ڪريم آ محمّدُ، ڪريم آهي مولى،

ته موليٰ جي رحمت گهري ٿي بهانو

 

آ اُميد جوهر شفاعت سڄڻ جي،

تڏهن دل ۾ آ عشق ڀي والهانو.

 

***


 

شيخ اياز

منهنجا مِٺڙا پُٽ!

ماڻهو مُورکَ، سڀ کان اڳ ۾، توکي چوندا  هيءُ،

تون انهيءَ کي مڃ، مڃي ويو جيڪي تنهنجو پيءُ.

 

پر مٺڙا، جو پيءُ مڃيو، سو ڀلي نه تون مڃجانءِ،

ڀڄي پري ٿج ان کان، جيڪي پوي نه توکي ڀانءِ.

 

ها، پر هيءَ نصيحت، منهنجي ياد ڪري ڇڏ لالَ!

ان ۾ تنهنجي عظمت آهي، هيئين هنڊائين شالَ!

 

سوچَ سوا ڪجهه لوچ نه آهي، سڀ ڪجهه سُونجهي سوچَ،

لوچَ بنا ڪجهه سوچ نه آهي، لعلُ لهي ٿِي لوچَ

***


 

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال

لاڙڪاڻو

امان مون کي کيڏڻ ڏي

امان مونکي کيڏڻ ڏي،

چنڊ ستارا جهول ۾ ڀريان.

 

هاڻ سجائي تن سان ڌرتي،

مُرڪان، مستي، ڳالهيون ڪريان.

 

روڊن تي جي هلن ٿيون ڪارون،

منهنجون آهن ويٺو ڳڻيان.

 

اکين تي مان چشمو پائي،

شهر سڄي ۾ بالم بڻيان.

 

آءُ ڏئي هٿ هٿ ۾ هلون،

ڇو بيٺو تون آهين پريان؟

 

هڪ ڏينهن پاڻ کي منزل ملندي،

ان لاءِ ويٺو ڏونگر ڏريان.

 

آئون اڃان ٿو کيڏڻ چاهيان،

امان مونکي کيڏڻ ڏي تون.

***


 

اعجاز علي شاهه رضوي اعجاز

حيدرآباد

ڪندي راند ٻارو علم ٿا پرايو

ڪندي راند ٻارو علم ٿا پرايو،

وطن جو مٿي مانُ جڳَ ۾ وڌايو.

 

اُٿِي اوّل ربّ کان گُهرون سڀ دعائون،

ترانا خوشي جا مِٺا گِيت ڳايون.

 

رکِي ادب اُستاد ۽ ماءُ پيءُ جو،

پڙهي سبق اڳتي اچو وِکَ وڌايو.

 

سچي ڳالهه سڀ سان سدا صاف ڪريو،

ڪڏهن ڪُوڙ هرگز نه ڪنهن کي ٻڌايو.

 

ڪدورت ۽ ڪِيني کي دِل مان وڃائي،

اعجاز محبت  جا ميلا مچايو.


 

محمد ياسين ڪُنڀر

سلطان پور / سکر

نظم

ٻارَ جو هر انداز نرالو هوندو آ،

ٻارُ ته هر هڪ گهر جو اُجالو هوندو آ.

ٻار ته کائڻ پيئڻ خرچڻ ڄاڻي ٿو،

ٻار کي ڪرڻو ڪونه ڪشالو هوندو آ.

کيڏ خوشيءَ ۾ خوش خوش رهندو آهي سدا،

ان جي جيون منجهه جمالو هوندو آ.

ٻار ته پيءُ ۽ ماءُ جي اک جو تارو آ،

ٻار ته گهرَ جِي سونهن مشالو هوندو آ.

صبح جو اُٿندو بسڪوٽن جي ڏيو ڦاري،

هٿ ۾ پاپو چانهه جو پيالو هوندو آ.

مِٽيءَ جو گهر ٺاهي ڊاهيندو آهي،

فلسفو فاني جڳ جو سلالو هوندو آ.

جي ڪنهن سان وڙهندو ته ٺهي پوندو پل ۾،

نفرت جو نه وٽس ڪو نالو هوندو آ.

ارقم منهنجي سپنن جو شهزادو آ،

ان  سان مهڪيل دل جو دالان هوندو آ.

ٻار ڪنڀر ياسين خدا جي نعمت ٿي،

گل ڦل ٻارن لاءِ رسالو هوندو آ.

***

ذوالفقار شيخ

ڪاپي

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي،

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي.

 

محنت جو مطلب مون سمجهيو،

مقصد پنهنجو مڃبو هاڻي.

 

پرچو پهريون آهي سنڌي،

ڏينداسون سو سِينو تاڻي.

 

محنت ڪئي آ مون هن ڀيري،

ڦَلُ انهيءَ جو ملندو سڀاڻي.

 

نمبر پهريون آيو منهنجو،

سَرهو ٿيو هان اهو ڄاڻي.

 

زلفي جن ڪئي ڪاپي جام،

تن جو مُنهن آ ڀيلو هاڻي.

 

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي،

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org