محمد
صالح کهڙو
قاضيءَ جو انصاف
پيارا ٻارو! اڄ کان ڪافي سال اڳ
ڪورٽن جا چڪر ڪونه هوندا هئا، نه وري فيصلي کي
ڊگھو ڪيو ويندو هو. بس هڪ قاضي هوندو هو، جيڪو
فيصلي کي جلد مڪمل ڪري فتوى ڏيندو هو.
اسلامي تاريخ ۾ قاضي عياض جو نالو
مشهور آهي،
جنهن جا فيصلا تواريخ جي سنهري اکرن ۾
ڄاڻايل آهن.
هڪ دفعي ڇا ٿيو؟ جو هڪ شخص ڪنهن جھنگ ۾ پنهنجو
ڪافي سون پوري ڇڏيو ۽ پوءِ وڃڻ لڳو. انهيءَ شخص کي
زمين ۾ سون پوريندي، هڪ ٻئي شخص ڏسي ورتو.
اهو ڏسي سون
جي مالڪ انهيءَ ڏسندڙ شخص کي چيو ته،
”جيڪڏهن
هي سون غائب ٿيو ته پوءِ توکي واپس ڪرڻو آهي،
ڇاڪاڻ ته هيءُ سون، پورڻ واري جڳهه، تو کان سواءِ
ڪنهن نه ڏٺي آهي.“
اها ڳالهه ٻڌي سون ڏسڻ واري شخص به
مڃي ورتي.
ڪجھه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ سون
جي مالڪ اتي
وڃي ڏٺو، جتي سون پوريو
هئائين،
ته سون ته
غائب آهي، ڪاريءَ وارا ڪک پيا
آهن. سون جي مالڪ جون هيٺيون هيٺ ويون ۽ مٿيون مٿي
ويون. سندس سڀ ڪجھه هليو ويو.
اهو ڏسي هي انهيءَ، وقت جي قاضي
عياض ڏانهن سون جي چوري ٿيڻ جي دانهن کڻي ويو ۽
کيس سموري ڳالهه ٻڌايائينس.
انهيءَ ماجرا ٻڌڻ کان پوءِ قاضي صاحب انهيءَ سون
جي پورڻ واري هنڌ جي ڏسڻ واري کي پاڻ وٽ گھرايو ۽
کيس چيائين ته
”فلاڻي
جھنگ ۾ هن شخص پنهنجو سون پوريو هو، اُتان تو
چورايو آهي؟“
انهيءَ شخص وراڻيو ته،
”اهو
جھنگ الائي ڪٿي آهي؟ مون اهو جھنگ نه ڏٺو آهي ۽ نه
وري ٻڌو آهي، ته پوءِ مون اهو سون ڪيئن چوري ڪيو
آهي؟“
اهو ٻڌي قاضي صاحب سون جي مالڪ کي چيو ته،
”هن
شخص کي ته انهيءَ جھنگ جي ئي خبر نه آهي، جنهن ۾
تو سون پوريو آهي، ته پوءِ هن وري اهو سون ڪيئن
چورايو آهي؟ هاڻي هيئن ٿيندو، ته تون انهيءَ جھنگ
۾ وري وڃ ۽ سون کي تلاش ڪر. شايد ائين هجي، جو سون
ئي ٻئي ڪنهن هنڌ پوريو هجي، توکان سون جي پورڻ
واري جڳهه وسري وئي آهي“.
قاضي صاحب جو حڪم ٻڌي سون جو مالڪ جھنگ ڏانهن
روانو ٿيو، ته شايد مون کان ڀُل چُڪ ٿي وئي آهي.
مون سون شايد ٻئي ڪنهن هنڌ پوريو آهي.
هيڏانهن سون جو مالڪ جھنگ جي
طرف
روانو ٿيو ۽ ٻئي شخص کي، جنهن سون
پوريندي ڏٺو هو، ان کي قاضي صاحب پاڻ وٽ ويهاريو.
ڪجھه وقت کان پوءِ اوچتو قاضي صاحب انهيءَ ويٺل
شخص کان پڇا ڪئي ته،
”ڇا
اهو سون جو مالڪ انهيءَ جھنگ تائين پهچي ويو
هوندو؟“
انهيءَ شخص جلديءَ ۾ جواب ڏنو ته،
”نه
سائين.“
اهو جواب ٻڌي قاضي صاحب انهيءَ شخص کي چيو ته،
”هڪ
طرف تون چوين ٿو ته توکي انهيءَ جھنگ جي خبر ئي نه
آهي، ته پوءِ مفاصلي جي معلومات توکي ڪيئن ٿي، ته
سون جو مالڪ اڃا تائين پورڻ واري جڳهه تي ڪونه
پهتو آهي. هاڻي شرافت انهيءَ ۾ آهي ته سون، انهيءَ
سون جي مالڪ کي واپس ڪر، تو ئي انهيءَ جو سون
چورايو آهي.“
تنهن کان پوءِ انهيءَ شخص سون واپس ڪري ڇڏيو.
***
ناظمين
خاصخيلي
گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول قاسم آباد، حيدرآباد
]ڪتاب[
گُل هجي گلاب جهڙو،
دوست هُجي ڪتاب جهڙو.
هن شاعريءَ جو مطلب هيءُ آهي ته: گل هجي گلاب جهڙو
مطلب ته گلاب جي گل جهڙو ڪو به گل نه آهي ۽ ان گل
جي خوشبوءِ تمام گهڻي پياري هوندي آهي ۽ تمام گهڻن
ماڻهن کي وڻندي آهي. تڏهن ماڻهو گلاب جي گل سان
گهڻي محبت ڪندا آهن.
دوست هجي ڪتاب جهڙو. ان جو مطلب ته ڪتاب جي تمام
گهڻي اهميت هوندي آهي ۽ ڪتاب مان مختلف قسم جي
معلومات ملي سگهي ٿي. انسان جي زندگيءَ کي سنواري
۽ سُڌاري سگهي ٿي. ان مان اخلاق، ادب ۽ احترام ڪرڻ
جي ڄاڻ ملندي آهي. ڪتاب پڙهڻ سان انسان ۾ شعور،
صحيح ۽ غلط جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي.ڪتاب پڙهڻ سان
انسان تمام بهتر انسان ٿي، پنهنجي قوم يا ملڪ کي
سُڌاري سگهي ٿو. ڪتاب جهڙو دوست دنيا ۾ ڪٿي به نه
آهي.
|