سيڪشن: رسالا

ڪتاب: گل ڦل آڪٽوبر 2019ع

باب:

صفحو:1

 

ايڊيٽر: نجمه پنهور

لطيفي لات

جو مون پڙهيو پاڻ لَيء، سبقُ سابِقُ جو،

پهرِين سُڃاتم پانهنجي، نَفسَ جو نهِو،

جِت عَرفانُ اَصلَ ۾، ٿي روُحَن روز ڪَيو،

وري وَرَقُ پيو، گَڏيُم وَڍُ وصال جو.

(پيارا ٻارؤ! هيءُ بيت ”شاهه جو رسالو“ جي ڪهڙي سُر مان کنيل آهي؟ شاهه سائينءَ جي اِنَ بيت جي ڪهڙي معنيٰ آهي؟ ڏکين لفظن جي معنيٰ لکو) صحيح جواب موڪليندڙن مان ڪُڻو ڪڍي ڪنهن هڪ ٻار کي سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ گُل ڦُل رسالي جي ڪاپي موڪلي ويندي.

 

 

 

پيارا ٻارؤ!

السلام عليڪم! اوهان جا ڪهڙا حال آهن؟

آڪٽوبر جي گُل ڦُل سان حاضر آهيون. ٻارؤ بينظير ڀٽو گيلئري ۾ ڪتابن جو ميلو لڳل هو. اُن ميلي ۾ وڃڻ ٿيو. مختلف پبليڪيشن جا ڪتاب رکيل هئا ۽ ڪتاب پڙهندڙن جي تمام گهڻي رش هئي.

ميڊيا ۽ انٽرنيٽ دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آهي. ڪير ڪتاب خريد ڪري ۽ ڪير پڙهي! پر ٻارؤ مون ڏٺو ته اڃا به ڪي آهن جن جي دلچسپيءَ جو محور ڪتاب ۽ رسالا آهن. ڪتاب ته اسان جي اڪيلائي جا ساٿي آهن. جڏهن انسان جو ڪو دوست نه هجي ته ڪتاب بهترين دوست آهي. ڪتابن سان پيار ڪريو. ڪتاب توهان جي معلومات ۾ اضافو ڪن ٿا. ڪتاب هڪ بي بها خزانو آهن. ڪتاب دوست آهن. ڪتاب پڙهڻ وقت جو سٺو ۽ درست استعمال آهي ۽ روح رهاڻ آهي. ڪتابن ۾ گهڻي معلومات آهي. ڪتاب ٻارن لاءِ رهنمائي ۽ بزرگن لاءِ وندر آهن. ڪتاب قوم جي لاءِ فخر ۽ شان آهن.

اسان جو هيءَ پرچو اوهان کي ڪيئن لڳو؟ پنهنجي راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

توهان جي مواد، خطن ۽ راءِ جو اوسيئڙو رهندو.

ساٿ سلامت

توهان جي ڀيڻ

نجمه پنهور

 

سڀ جو مالڪ آهي خدا،

سڀ جو خالق آهي خدا.

 

پيدا ڪيا جنهن هي گل ڦل گلڙا،

سهڻا رنگ انهن ۾ ڀريا.

 

رزق سڀن کي ڏيندو آهي،

بک تي ڪونه ڇڏيندو آهي.

 

ڌرتي ۽ آڪاش سمورا،

مالڪ سائينءَ آهن ٺاهيا.

 

رب جي در تي آءٌ جهڪان ٿو،

صبح شام ساراهه ڪيان ٿو.

 

 

نماز مؤمن جو معراج آهي،

هر هڪ بُرائي جو علاج آهي.

 

جيڪو روز نماز پڙهي ٿو،

ڏوهه گناهه کان پاڪ رهي ٿو.

 

نماز جنت جي آهي ڪُنجي،

ڇڏجي نه ان کي ڪڏهن ڀُلجي.

 

جيڪو نماز سان شوق رکي ٿو،

رب وٽ ان جو مان وڌي ٿو.

 

نينهن نماز سان رکجان يار،

”نارائي“ جي اٿئي نصيحت.

 

 

 

دم مست قلندر عليؑ عليؑ، 

شهباز قلندر عليؑ عليؑ.

 

منهنجو مرشد ٻولي عليؑ عليؑ،

سڀ اولياءِ ٻولن عليؑ عليؑ.

 

مستن جو مرشد عليؑ عليؑ،

علي لال قلندر عليؑ عليؑ.

 

آهي شير خدا جو عليؑ عليؑ،

اسان جو مشڪلڪشا ڀي عليؑ عليؑ.

 

اسلام جو حامي عليؑ عليؑ،

قرآن جو ڪاتب عليؑ عليؑ.

 

سانئڻ زهريٰؑ جو صاحب عليؑ عليؑ،

حسنينؑ جو بابو عليؑ عليؑ.

 

آهي مصطفيٰﷺ کان پوءِ عليؑ عليؑ،

مڙني کان مٿانهون عليؑ عليؑ.

 

آهي صوفين جو آقا عليؑ عليؑ،

مؤمنن جو مولا عليؑ عليؑ.

 

چئي مست علي شاههؒ عليؑ عليؑ،

پڻ حُسين شاههؒ ٻولي عليؑ عليؑ.

پنجتن ۾ شامل عليؑ عليؑ،

اصحابن﷦ سان پڻ عليؑ عليؑ.

 

منهنجي نس نس ٻولي نبيﷺ نبيﷺ،

منهنجو هر ساهه ٻولي عليؑ عليؑ.

 

ضعيفن جو ضامن عليؑ عليؑ،

جنت جو وارث عليؑ عليؑ.

 

اسان خادم حاضر عليؑ عليؑ،

”فقير ڪرم علي“ گُل عليؑ عليؑ.

 

ڪَري اَلله هُو اَلله هُو ذِڪر عليؑ عليؑ، 

چَوَن اِنس و مَلائڪ عليؑ عليؑ.

 

هَڻو نعرو حيدرؑ عليؑ عليؑ،

دم مست قلندر عليؑ عليؑ.

 

 

سڀ ڪجهه تنهنجو آهي ٻالڪ،

سوچ سواءِ ڪجهه ناهي ٻالڪ.

 

ڌرتي تنهنجي پنهنجي آهي،

هل تون سينو ساهي ٻالڪ.

 

خوشين سان ڪر آباد دليون،

من جي پيڙا چاهي ٻالڪ.

 

ڪوڙ ڪچايون ڌوڪا داٻا،

ڇڏ تون سڀئي ڊاهي ٻالڪ.

 

زنگ گهٽائي قرب وڌائي،

هل تون لاهي پاهي ٻالڪ.

 

منزل تنهنجي سوکي آهي،

همت سان هل ڪاهي ٻالڪ.

 

هل تون سڀ سان ناتو جوڙي،

پيار جا درياءَ واهي ٻالڪ.

 

پيار سندي تون دنيا پنهنجي،

هل تون اڳتي ٺاهي ٻالڪ.

 

 

رڪشي وارا چاچا!

منهنجا آلا ٿي ويا پاچا،

مون کي وڃڻو آ ڪشمور،

مون کي پهچائج ڪنهن طور.

 

رڪشي وارا ڀائي!

مون کي ڪونه مليو آ نائي،

ڪون هِن پنهنجا وار ڪٽايا،

مون کي وڃڻو آ هيلايا.

 

رڪشي وارا ڏاڏا!

منهنجا چوري ٿي ويا پاڏا،

مون کي ٿيندي پوءِ دلجاءِ،

مون کي هوري تون پهچاءِ!

 

رڪشي وارا ڪاڪا!

ڇو ٿو کارائين تون جهاڪا،

ٿورو هوريان رڪشو چور!

مون کي پهچائج تون ڇور.

 

رڪشي وارا ماما!

سامهون خوب کڏا ۽ کامان،

گاڏي هوريان هوريان ڪاهه،

مون کي مٽياري پهچاءِ!

 

مون کان ڀاڙو وٺجان ٿورو،

آهيان ٻالڪ آءٌ سدورو.

 

 

ڏس جوت جلي، پسجي پيو  گس،

جنهن جوت جلائي، تنهن کي جس.

 

آهه هيتري جڳ ۾ اونداهي،

سا جوت جلي، جا مون چاهي.

 

خوشين جا بادل وس ڙي وس،

واٽن تي هلڻ جا سيکاري.

 

منزل جا رستا ڏيکاري،

سا جوت ٿي هر دم پسي.

 

وهه واهه وريو پنهنجو وارو،

اڄ چمڪيو قسمت جو تارو.

 

سڀني کي ملي ويو سک جو گس،

جا جر جر جرڪي ٿي جوتي.

 

سا ”منگهاڻي“ من ۾ اوتي،

اڄ ملندا حق سڀني کي اوس.

 

 

موڪل وارو ڏينهن،

پڪا ۽ پيرون پٽيا،

ٻارن سارو ڏينهن!

روئڻ کلن ٿا،

ٽانگي ۾ اسڪول ڏي،

ٻار وڃن ٿا،

ڳچيءَ لوٽي،

پيرون چونڊيندي پاروٽي،

کٻڙ جي چوٽي،

ٽٽي پيون سيخون،

تيز ڦري ٿو چيڪلو،

ٻارن ۾ چيخون!

مڙي ڪانوَ ويا،

کڻي ڪارا کنڀ هٿن ۾،

ٻارن هل ڪيا!

پئي پينگهه ڇڄي،

ڪري پيو ڪو ٻارڙو،

ويا ٻار ڀڄي!

بهانو بخار،

گهنڊ وڳو اسڪول جو،

پر ڪو سُتل ٻار.

پهڻ لڳا ميڙڻ،

ٻالڪ چڙيا گهر ۾،

ڀولن کي ڇيڙڻ!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org