هي حساب بلڪل سولو هو، ان هوندي به ڪيترن ٻارن جا
جواب غلط آيا آهن. جن ٻارن جا جواب غلط آيا آهن،
انهن جا نالا هن
ريت آهن: خيرپورميرس کان: احسان الله حداد ۽ نريش
ڪمار.ڪلوئي ڏيپلو کان: چنديرام، جيرامداس. جيمس
آباد کان: مير محمد ٿيٻو، الهدين شاد، دکي ايم،
سليم آرزو ۽ مختيار حسن قريشي. شڪارپور کان: افسر
حسين شاهه، سومرو نور الدين شاد، سومرو جمشيد رضا
عاصي، احمد علي جوکيو، لطف الله ابڙو، مظهر علي
جوکيو ۽ عبدالرحيم عبد ميمڻ. مٽياريءَ کان: يونس
قمر شيخ، رشيد احمد شيخ، نياز احمد شيخ ۽ ظهير
الدين شيخ. ٽنڊوالهيار کان: علي محمد ميمڻ ۽
عبدالعليم ميمڻ. نصرپور کان: عبدالسلام دائود
پوٽو. ڪنڌڪوٽ کان: موتي لعل منڌاڻ، راجا هريشچند،
درو ڪمار بجاج، شمن لعل ڌرمپال، ڪرتار لعل، راجا
اندر ڪنگراڻي، سنتوش ڪمار، اورم پرڪاش، شمس الدين
سيف اعوان، اندر لعل، ديوان لعل، آر. ڪي پروانو،
جئپال ٽي ڇاپڙيا. لاڙڪاڻي کان: مشتاق علي شيخ،
عبدالخالق شيخ، (هڪ ادڙي هيٺان نالو نه لکيو آهي)
جڳديش آهوجا، ميمڻ عبدالوحيد سنڌي، خليل الرحمان
شيخ، عبدالحميد شيخ، سهراب علي کوکر، نثار ڪورائي
۽ سندر داس خوبچاڻي. ڳوٺ حاجي ابوبڪر بلوچ کان:
راجا نبي بخش بلوچ. ڳوٺ سومار خاصخيلي ملير ڪراچي
کان: رسول بخش خاصخيلي. ڳوٺ عبدالقادر چانگ کان:
عبدالقادر چانگ. نواب شاهه کان: منور لعل تنواڻي ۽
ساجن علي ميمڻ. بدين کان: عبدالعليم زرگر ۽
عبدالمجيد ميمڻ. سکر کان: عبدالمجيب، مرلي ڌر
مٽلاڻي ۽ رميش ڪمار. ڀٽ ڀائٽي کپرو کان: عبدالغني
سمون. ٺارو شاهه کان: محمد سليمان ميمڻ. مورو کان:
عبدالقادر ايس، شمشاد احمد سومرو، محمد مسعود
سومرو، ممتاز علي ميمڻ ۽ حضور بخش سومرو. ڳوٺ موهن
جي دڙي کان: عبدالجبار ککراڻي. ڳوٺ گل محمد چانڊئي
کان: جان محمد چانڊيو، نعمت الله چانڊيو ۽ سڪندر
علي بلوچ. بوبڪ کان: سليم رضا پروانو. ڳوٺ حاجي
رمضان ڪالرو کان: عبدالحفيظ ڪنڀر. عبداللطيف ڪنڀر
۽ عبدالغني ڪنڀر. درٻيلي پراڻي کان: اعجاز حسين
ميمڻ. ڳوٺ سمي شريف کان: بشير احمد کوکر، نواز علي
کوکر. ڳوٺ گهنور خان زرداري کان: غلام حسين مشتاق.
قمبر کان: بخت جمال، سومرو اعجاز سنڌي، عزيز الله
شيخ عزيز، برج لعل جيسراڻي، پريتم داس جيسراڻي ۽
محمد ايوب شيخ. جهڏي کان: رياض حسين مٺواڻي ۽ محمد
هاشم مٺواڻي. شهدادڪوٽ کان: شيل ڪمار روحيله ناز،
نياز احمد شيخ، شير محمد شيخ، ڳوٺ ڳيريلي ڏوڪري
کان: عبدالستار ابڙو.ڳوٺ راڌڻ کان: شام ڪمار
سونارو. سرهاڙيءَ کان: غلام حسين مشتاق زرداري،
غلام رسول مشوري، عبدالله مشوري، ڳوٺ محمد بخش
کان: اي غني سنڌي. وارهه کان: فياض الرحمان ڀٽو.
گمبٽ کان: ڪشور ڪمار ڀڳت، ممتاز، قمر، محمود
الرحمان، عبدالهادي، عبدالغفار ۽ لعل چند کتري.
ميرپوربٺورو کان: لالچند لعل. ڳوٺ ڀليڏني ڪاڪي
هالا کان: مولابخش ڳاهو. ڪشمور کان: محمد شعبان
سميجو. ٽنڊوڄام کان. ظهير الدين خاصخيلي.ڳوٺ عرض
محمد بلوچ کان: شرف الدين بلوچ، غلام حسين مجاهد،
لياقت علي بلوچ ۽ ناظم الدين بلوچ،ڳوٺ خدا بخش شر
کان: علي محمد شر، محمد ابراهيم شر ۽ ڌڻي بخش شر.
ڳوٺ ڪنڊي ڦلجي اسٽيشن کان: ضياءَ الرب قريشي ۽
عبدالرب قريشي. باڊهه کان: بشير احمد لوهار، نظر
علي ڀٽي، منظور حسين کوکر ۽ ارشاد علي کوکر. روهڙي
کان: تيرٿ مل، عبدالرزاق ميمڻ ۽ ذونقي مل. گجي
کان: عبدالعليم جوکيو. شادي پلي کان: علي اڪبر
پنهور ۽ محمد ياسين پنهور. دڙي کان: نياز احمد
ميمڻ لاکائي، شبانه پروين، ارشاد بيگم، ارشاد علي
ميمڻ، قادر بخش، گلزار علي ميمڻ، عبدالغفور ميمڻ،
رفيق احمد ميمڻ، لاکائي، آفتاب احمد ناز، محمد
سچل، شمس الدين ميمڻ لاکائي، پروانو سليم رضا ڀٽي،
گلزار بيگم، الهه بخش آزاد سولنگي، الطاف احمد
ميمڻ لاکائي، مس سلميٰ رضوي، ڪنيز فاطمھ، ناٿو
نماڻو ميربحر، رحمت الله فاضلاڻي، محمد اسحاق
ميمڻ، حسن محمود ڀٽي، محمد خان ميمڻ، نجيب احمد
ميمڻ، اعجاز احمد ميمڻ لاکائي ۽ اشفاق احمد ميمڻ
لاکائي. ميرپورخاص کان: قاضي مشتاق احمد ۽ محمد
حنيف غوري. ڳوٺ حيات پتافيءَ کان: مهتاب سنڌي. ڳوٺ
چارڻ ميمڻ کان: غلام مصطفيٰ ميمڻ. ٺٽي کان: شوڪت
علي ناز ۽ خليل احمد ميمڻ. ٽنڊي باگي کان:
گورڌنداس، دولت رام پياسي، اعجاز حسين وسطڙو، اورش
ڊي لهاڻو، سترام لهاڻو ۽ ڀيشم ڪمار. چاڪر آباد
کان: صلاح الدين سهراڻي. ڳڙهي ياسين کان: ذوالفقار
علي ميراڻي. محمد پناهه سومرو، الهه بخش سومرو.
ميرپور پراڻي کان: پنهور عبدالغني ”امر“.ڳوٺ علي
بخش جروار کان: مولا بخش جروار. محراب پور کان:
جرار حسين خاصخيلي، ميمڻ حفيظ الرحمان ناز ۽ الطاف
حسين جوکيو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان: پنهور
ذوالفقار علي نياز ۽ محمود الحسن مغل، (ڳوٺ جو
نالو ڪونهي) ثمينه پروين. ڳوٺ ٻير شريف کان: الطاف
حسين تنيه. شاهپورچاڪر کان: عنايت الله سومرو، نظر
محمد سومرو، رضا محمد ۽ محمد بچل سومرو. ڳوٺ دولت
لغاري کان: محمد ملوڪ سراز ۽ محمد خان سراز. نيو
سعيد آباد کان: امتياز حسين ميمڻ، ولي الله دل ۽
يوسف گل ميمڻ. ڳوٺ کهڙا خيرپورميرس کان: عصمت الله
خواجه، زاهد حسين ملاح، غلام رسول شيخ، غلام حسين
عباسي، امير احمد شيخ، محمد ابراهيم خواجه ۽ الهه
بخش خواجه. هالا نوان کان: نثار احمد ميمڻ، سيما
شاهين ۽ پروين فيروز ميمڻ.ڳوٺ حاجي شاهه محمد شر
کان: اليومل، خان محمد درس. پاٽ کان: منور عالم
انصاري. مٺيءَ کان لڇمڻداس ٻڌو مل. ڏيپلي کان:
غلام الله مٺواڻي. محمود گل مٺواڻي، محمد صالح
مٺواڻي، فضل الرحمان ميمڻ، انور الدين کٽي، نندلعل
لهاڻو، رياض احمد ميمڻ ۽ محمد عثمان کٽي. حيدرآباد
کان: شاهد حسين ڪي ميمڻ، شاهد پرويز ميمڻ، عنبرين
آخوند، سميرا آخوند ۽ شاهد اسلام جوڻيجو.
ميرپورماٿيلي کان: مجتبيٰ ڪولاچي، جڳديس لعل ڪي
بجاج، نظير احمد ميراڻي، محمد اسحاق سومرو ۽
ٺاڪرداس بجاج.
امتحان نمبر 6
هن ڀيري پنج خال ڏجن ٿا. جن به ٻارن جا پنج ئي
صحيح هوندا، انهن جا نالا نومبر جي پرچي ۾ شايع
ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 10 آڪٽوبر
آهي. اهو ضروري آهي ته پنهنجي جواب سان گڏ هيٺيون
ڪوپن پڻ ڀري موڪليو. جن به ٻارن جي جواب سان ڪوپن
ڀريل نه هوندو، انهن جا جواب رد ڪيا ويندا. جواب ۾
فقط نمبر ڄاڻائي، ان جي سامهون جواب لکڻ گهرجي.
هيٺيان
خال ڀريو:
1.
اصلوڪي سنڌ جي تهذيب جو يادگار ..............آهي.
2.
گهڻو عرصو اڳي سنڌو دريا عربي سمنڊ بدران اڄوڪي
............ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
3.
حيدرآباد جو اصلوڪو نالو.....................آهي.
4.
سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ.......................آهي.
5.
مينهن جي موسم ۾ پٽن جي پوٺن تي پيدا
ٿيندڙ.................. جو ٻوڙ ڏاڍو سوادي ٿيندو
آهي.
ڪوپن- اوهان جو امتحان- 6
نالو
پورو پتو:
نوٽ: هي ڪوپن رسالي مان ڪٽي، جوابن سان گڏ
موڪليو. هٿرادو لکيل ڪوپن قبول نه ڪيو
ويندو. (ادارو) |
·
ناز سنائي پهريون
انعامي مضمون
وڌي
جڏهن وڏو ٿيندس
اڄ آءٌ
ننڍو آهيان، سڀان آءٌ
هن سون ورنيءَ ڌرتيءَ تي جوان ٿيندس. منهنجا لڱ
لوهه بنجي ويندا ۽ آءٌ
ڪيهر جيئن ڪر کڻي پنهنجي ڌرتيءَ تي گهمندس ڦرندس.
پنهنجي پياري ڌرتيءَ جي مٽي، لڱن کي لائي، جيجل
ڌريءَ جي ٿڃ ملهائڻ لاءِ هڪ عزم کڻي اٿندس. مان
ڄاڻان ٿو ته منهنجي راهه ۾ ڪئين رڪاوٽون آڏو
اينديون ، ميدان ملهائڻ کان اڳ مون کي ڏک ۽ ڏنڀ
ملندا ۽ مون کي پنهنجي مقصد کان هٽائڻ لاءِ،
منهنجي عزم کي ڌوڙ ڪرڻ لاءِ الائي ڪيتريون سازشون
ٿينديون؟ الائي ڪيترا دشمن ٿيندا؟ مان ڄاڻان ٿو ته
اهي منهنجي عزم کي مات ڪري نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته آءٌ
هن ڌرتيءَ جي عظيم قوم جو ارڏو ۽ سڄاڻ پٽ آهيان.
منهنجو مقصد عظيم آهي. آءٌ
پنهنجي منزل ۽ ماڳ تي پهچڻ لاءِ جتن پيو ڪندس ۽
پنهنجي مقصد ڏانهن تيزيءَ سان وکون کڻي ويندس!
منزل مقصود ڏانهن ويندي، جيڪڏهن ويرين ونگ وجهڻ
شروع ڪيا ته مان انهن اڳيان شيهي جي ديوار بنجي
پوندس ۽ آءٌ کين ماري مات ڪندس. مان پنهنجن دشمنن کي اهڙو سبق سيکاريندس ۽
ساڻن
اهڙي بهادريءَ سان لڙندس جو هو منهنجا لوهي لڱ ڏسي
شايد مجبور ٿي منهنجي عزم همت ۽ جوانمردي کي سلام
ڪري هو منهنجي ڌرتيءَ تان پنهنجا ناپاڪ قدم هٽائي
ڇڏيندا. منهنجي دل ۾ ڪئين آسون ۽ اميدون انگوريون
آهن ۽ انهيءَ ڏينهن جو شدت سان انتظار ڪري رهيو
آهيان. جڏهن منهنجي ڦوهه جواني ايندي ۽ آءٌ
پنهنجي ڌرتيءَ تي جوان ٿيندس، جوان ٿيندي وطن ۽
دنيا جي ماڻهن لاءِ سک ۽ سلامتي، پيار ۽ محبت جو
پيغام کڻي اٿندس. پنهنجي وطن جو پيغام کڻي اٿندس.
پنهنجي وطن جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر، واهڻ واهڻ
۾
هڪ مشعل کڻي ويندس. سچائيءَ ۽ سونهن، امن ۽ آزادي،
جو سنيهو ڏيندس. واٽ ويندي مشعل مان جيڪر تيل کٽي
ويو ته ان جي جڳهه تي پنهنجو ريٽو رت ڪتب آڻيندس.
۽ پنهنجي ريٽي رت سان ٻاريل مشعل کڻي پنهنجي ساٿين
کي چوندس:
”سوريءَ سڏياسيڻ، ساٿي سڀ سنبرو“، آءُ وڌي جڏهن
وڏو ٿيندس ته هڪ وڏو شاعر ٿيندس. منهنجي شاعريءَ ۾
سانگين جا سور هوندا ۽ مان پنهنجي ڌرتيءَ جا گيت
ڳائيندس. آءٌ
هڪ وڏو اديب ٿيندس ۽ پنهنجي ادب وسيلي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي امن ۽ آزاديءَ جو پيغام
ڏيندس ۽ کين سجاڳ ڪندس. آءُ وڏو ٿي هڪ وڏو مفڪر
ٿيندس. ۽ دنيا وارن کي هڪ نئين فڪر کان روشناس
ڪرائيندس. آءٌ هڪ وڏو فلاسفر ٿيندس ۽ جڳ، کي ”سچ“ جي سڃاڻپ ڪرائيندس. مان
دنيا ۽ ديس وارن کي اهو ڪجهه ڏيندس، جيڪو منهنجو
مقصد آهي. ڄاڻان ٿو ته منهنجيون اهي آسون اميدون
پوريون ٿينديون ضرور ٿينديون.
شال وڌي جلدي وڏو ٿيان ۽ پنهنجو مقصد ماڻيان.
منهنجي جيجل ماءُ کي منهنجي انهيءَ نيڪ مقصد جي
پوريءَ ريت پروڙ آهي ۽ هن جون مون ۾ ڪافي آسون
اُميدون آهن، هوءَ مون کي پينگهه لوڏي اها لولي
ڏيندي رهي آهي:
تو ۾ منهنجيون آسون،
باسيم ڪيئي باسون،
تنهنجي سوڀ پسان مان،
لولي لال ڏيان مان!
ٻارڙا
سک ادب اي ٻارڙا پنهنجي اچي استاد کان،
علم حاصل ڪر تون پنهنجي ڀلي استاد کان.
پڙهڻ کان اڳ تون ادب جو ڪر سبق پنهنجو پڪو،
هي نصيحت سک اچي استاد کان.
اين. ايم. سومرو.
·
اشوڪ ڪمار آزاد ٽنڊوباگو ٻيو انعامي
مضمون
آءٌ
هڪ ليڊر ٿيندس،
تقريرون ڪندس، ميٽنگن ۾ ويندس، اخباري نمائندن کي
بيان ڏيندس، وڏو ماڻهو ليکبس. هر ماڻهو مون کي
جهڪي سلام ڪندو ۽ منهنجو ملڪ اندر مان ٿيندو پر
اوچتو اهو خيال تبديل ٿي ويو، جڏهن خيال آيو ته
ليڊر هميشھ ڪرسيءَ جي چڪر ۾ هوندو آهي. لقب ۽ عهدو
ماڻي عوام کان پاڻ کي پاسيرو ڪري ڇڏيندو آهي. وري
دل ۾ خيال اچڻ لڳا ته آءٌ
ڊاڪٽر ٿيندس، عوام ۽ غريبن کي سيون هڻندس ۽ انهن
کان پئسا نه وٺندس ته هر ماڻهو مون کي ٻاجهارو ۽
رحمدل ڪري سڏيندو ۽ ماڻهو مون کي دعائون ڪندا پر
نه، ائين سوچي ڪيترائي خيال دل ۾ آيا. آءٌ
انجنيئر ٿيندس، ماهر قانوندان ٿيندس، شاعر ٿيندس،
اديب ٿيندس، زميندار ٿيندس، وڏيرو ٿيندس ۽ هارين
تي حڪم هلائيندس ۽ جام پئسا ملندم. پر نه، ائين
خيال بدلبا
رهيا ۽ انهن جي زندگيءَ تي به سوچيم، پر وري سوچيم
ته ائين بڻجڻ سان به قوم ۽ ملڪ کي ڪهڙو فائدو
پوندو؟ ها اگر پوندو ته به ايترو نه........
وري سوچيم ته آءٌ
فوجي ٿيندس، پوءِ مون کي هٿيار ملندا، ۽ پوءِ
هٿيارن سان سينگارجي پکارجي، دشمنن کي ماري مات
ڪندس ۽ پوءِ آءٌ
وڏو ٿي قوم سان گڏ پنهنجي ملڪ جي حفاظت ڪندس
۽.....۽ جڏهن آءٌ
دشمنن تي فتح پائيندس ته ماڻهو مون کي شابس ڏيندا.
آءٌ هڪ فوجي ٿيندس..... پر آءٌ
پڙهي ته وٺان! نه ته آءٌ
پهه ٿو ڪريان ته آءٌ
وڏو ٿي فوجي بنبس.....هوشو به ته فوجي هو. ميجر
عزيز ڀٽي به ته فوجي هو. جن کي اسين اڄ به ياد
ڪريون ٿا پر بابا موڪل ڏيندو؟ آءٌ
ته فوجي ٿيندس. پوءِ مون کي به ماڻهو ياد ڪندي
چوندا ته ”اشوڪ آزاد“ به هڪ فوجي هو ۽ پنهنجي وطن
جي حفاظت ڪندي شهيد ٿي ويو. اهو منهنجو عهد آهي ته
آءٌ
فوجي ٿيندس. پوءِ پنهنجي قوم جي خدمت سان گڏ
پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي ديس وارن جي
عزت، جان ۽ مال جي سنڀال خاطر ديس جي سرحدن تي
دشمنن سان وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويندس ته شهيد
ليکبس ۽ جي انهن تي غالب پوندس ته غازي ليکبس. حق
لاءِ پنهنجي تلوار کي هميشھ سنئون جهليندس ۽
انهيءَ تلوار کي دشمنن جو رت پياريندس، ڇو ته آءٌ
جنهن ڌرتيءَ تي ڄائو آهيان، انهيءَ تي پنهنجو سر
ڏيندس ۽ فوجي ٿي انهيءَ ڌرتيءَ جي دشمنن کي
ڀڄائيندس ۽ انهن ويرين کي ان وقت تائين پير نه رکڻ
ڏيندس، جيسين هن سسيءَ ۾ ساهه هوندو.... ها پوءِ آءٌ ڪمال پاشا وانگر هميشھ دشمنن سان مقابلي ڪرڻ وقت سڀني کان
اڳيان هوندس. اهو منهنجو انجام آهي، اقرار آهي،
عهد آهي ته:
”وڌي جڏهن وڏو ٿيندس،
تڏهن
آءٌ فوجي بنبس!“
·
راز سنڌي-
شڪارپور ٽيون انعامي مضمون
رات ڪافي گذري چڪي آهي پر منهنجي نيڻن کي اڃا ڪو
ننڊ جو جهوٽو نٿو اچي. منهنجا خيال مون کي تمام
گهرين سوچن ۾ وٺي ويا آهن. جيئن جيئن بتيءَ جي ڍَڪ
مان روشني جا ڪِرڻا منهنجي دماغ، اکين ۽ بدن تي
پون ٿا، تيئن تيئن منهنجن خيالن ۾ واڌارو ٿيندو
وڃي ٿو. ڪڏهن ته منهنجا خيال مون کي هڪ اهڙي شاگرد
جي زندگيءَ تي سوچڻ لاءِ وٺي ٿا وڃن جيڪو شاگرد
ذهين ۽ هوشيار ته آهي پر مفلسيءَ ۽ غربت کي پيرن ۾
اهڙا ته زنجير وجهي ڇڏيا آهن جو هو اڳتي پڙهڻ جي
ڪا اُميد ئي نٿو رکي. هو يتيم آهي کيس پيءُ جهڙي
شفقت حاصل نه آهي. هو واجهائي رهيو آهي ته من ڪو
کيس مٿي تي شفقت جو هٿ گهمائي. هو واجهائي رهيو
آهي ته من ڪو سندس هڏڏوکي بنجي. هو واجهائي رهيو
آهي ته من ڪو کيس مالي امداد ڏئي، پر کيس مِٽ مائٽ
۽ پاڙي اوڙي مدد کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هو هن
وقت مايوس ۽ نااميد آهي. هو سوچي رهيو آهي، هو بُت
بنيو بيٺو آهي. بيٺو آهي.......
اچانڪ منهنجا خيال ان شاگرد تان ڦِري وڃي، هڪ اهڙي
بيوه عورت تي پون ٿا، جيڪا عورت پنهنجي مڙس جهڙي
عظيم همسفر کان جدا ٿي چڪي آهي. هن جي بيوه هئڻ جي
ڪري زماني پنهنجون نظرون ڦيرائي ڇڏيون آهن. هوءَ پڻ
مدد جي طلبگار آهي. هو سوچي ٿي ته ڇا ڪريان؟ ڇا
ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، ڪنهن سان حال اوريان.....
منهنجي خيالن جي دنيا ۾ اڃا به واڌارو ٿيندو وڃي
ٿو. وري هڪ اهڙي تصوير سامهون اچي ٿي جنهن کي ڏسي
منهنجون اکيون ڳوڙها ڳاڙين ٿيون. اکين مان ڄڻ
ڳوڙهن جي برسات وسي رهي آهي. ڏسان ٿو ته هڪ ڀيڻ
پنهنجي مريض ڀاءُ لاءِ ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ ويئي
آهي. پئسن نه هئڻ جي
ڪري ڊاڪٽر دوا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ هوءَ
نااُميد ٿي ڀاءُ جي کٽ جي پيرن وٽ هڪ بت بنجي بيهي
رهي آهي. هن جو ڀاءُ مرض ۾ ڦٿڪي رهيو آهي ۽
نماڻيون اکيون کڻي ڀيڻ کي پڪاري رهيو آهي. مجبور
ڀيڻ پنهنجي اکين مان نير وهائي رهي آهي.
اوچتو منهنجي وات مان هڪ رڙ نڪري ويئي ۽ منهنجي
خيالن جا زنجير ٽٽي پون ٿا ۽ آءٌ عزم ڪريان ٿو ته وڌي جڏهن وڏو ٿيندس ته
هڪ ڊاڪٽر بنجي، غريبن ۽ بيواهن جي درن تي ويندس ۽
هنن جو علاج ڪندس. انهن جي زخمن تي مرهم رکندس.
آءُ پاڻ وٽ هڪ فنڊ قائم ڪندس، جنهن مان انهن ذهين
شاگردن جي مدد ڪندس، جيڪي مدد لاءِ راهون نهاري
رهيا آهن. واندڪائي جي وقت ۾ غريباڻو لباس پهري
ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ وڃي، بيوهه
عورتن سان ملندس. انهن جي وس آهر مدد ڪندس. ماڻهو
مون کي ان لباس ۾ ڏسي ٽوڪون هڻندا، مون کي پاڳل ۽
ديوانو چوندا، انهن ٽوڪن تي خوش ٿيندس پر آءٌ
ڪنهن جي به پرواهه ڪونه ڪندس. آءٌ
غريبن جي درن تي ضرور ويندس ضرور ويندس. وڌي جڏهن
وڏو ٿيندس، وڌي جڏهن وڏو ٿيندس.
سهڻا سخن
·
پروانه سليم رضا ڀٽي دڙو.
1- پاڙيسري کي ستائڻ وارو دوزخي آهي، ڀلي اهو سڄي
رات عبادت ڪري ۽ ڏينهن جو روزو رکي.
(حضرت محمد ڪريم صلعم)
2- معافي نهايت سٺو بدلو آهي.
(حضرت علي رضه)
3- جيڪو الله جي ڪمن ۾ لڳي ويندو ته الله وري ان
جي ڪمن ۾ لڳي وڃي ٿو.
(حضرت ابوبڪر رضه)
4- عقلمند اهو ماڻهو آهي، جنهن سان سڄي دنيا دشمني
رکي، ليڪن اهو ڪنهن سان به دشمني نه رکي.
(نظام الملڪ)
·
ميمڻ حفيظ الرحمان ”ناز“ محرابپور.
1- جيڪو مالدار ٿيڻ چاهي ٿو، اهو درويش نه لالچي
آهي.
2-جيڪو توهان کان دڄي ٿو توهان ان کان وڌيڪ ڊڄو.
·
عبدالعزيز رنگريز ميرپوربٺورو.
1-افسوس آهي ان شخص تي جيڪو صرف ماڻهن کي کلائڻ
لاءِ ڪوڙ ٿو ڳالهائي.
2-هميشھ سچ ڳالهايو ڇو ته سچائي نيڪي جي راهه ٿي
ڏيکاري ۽ نيڪي جنت ڏانهن وٺيو ٿي وڃي.
3-جيڪو ماڻهو هي سوچي ٿو ته هو هارائيندو، ته ضرور
هارائيندو.
4-صداقت، انسان کي عظيم نٿي بنائي پر انسان صداقت
کي عظيم بنائي ٿو.
5-نفرت نفرت سان ڪين
گهٽجندي آهي. محبت ان کي ختم ڪندي آهي.
6-دولت خرچ ڪرڻ سان گهٽبي آهي پر علم خرچ ڪرڻ سان
وڌندو آهي.
·
غلام نبي جمالي، ٽنڊوڄام.
1-ٽي شيون محبت وڌائڻ جو ذريعو آهن:سلام ڪرڻ، ٻين
لاءِ مجلس ۾ جاءِ خالي ڪرڻ، سامهون ماڻهن کي تمام
سهڻي نموني سڏڻ.
ڇا اوهان کي خبر آهي ته
·
شرف الدين بلوچ، ڳوٺ عرض محمد بلوچ.
1-دنيا ۾ اٽڪل 1866 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا.
2- دنيا ۾ اٽڪل چار هزار ٻوليون ڳالهايون وڃن
ٿيون.
3- هوا جي چرڻ يا تحريڪ کي واءُ ٿو چئجي.
4- دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي کاري پاڻيءَ جي ڍنڍ ڪئسپين
سمنڊ آهي.
·
خالد حسين ميمڻ، بدين.
1- ايٽم بم ”اوپن هيم“ آمريڪا ۾ 1945ع ۾ ايجاد
ڪيو.
2- بندوق ”ٿارلٽن“
آمريڪا ۾ 1811ع ۾ ايجاد ڪئي.
3-ٽرئڪٽر ”جان فرولڪ“ آمريڪا ۾ 1892ع
۾ ايجاد ڪيو.
4- ٽيليويزن ”جان بيئرڊ“ اسڪاٽلينڊ ۾ 1926ع ۾
ايجاد ڪئي.
5- خوردبين ”جينسن“ هالينڊ ۾ 1590ع ۾ ايجاد ٿئي.
6- سلائي مشين ”ٽيمانير بار تميلمي“ فرانس ۾ 1850ع
۾ ايجاد ڪئي.
7- ريلوي انجڻ ”اسٽيفن سن“ برطانيا ۾ 1829ع ۾ ايجاد ڪئي.
8- گرام فون ”ايڊيسن“ آمريڪا ۾ 1878ع ۾ ايجاد ڪيو.
9- مائيڪروفون ”برنر“ آمريڪا ۾ 1877ع ۾ ايجاد ڪيو.
10- اسڪوٽر ”براڊ شا“ برطانيا ۾ 1919ع ۾ ايجاد
ڪيو.
·
علي اڪبر سومرو، ٽنڊوالهيار.
1- لفظ ”وٽامن“ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي (حياتي)
2- لفظ ”ايٽم“ يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي، (جنهن کي ورهائي نه سگهجي).
3- لفظ ”پوسٽ مارٽم“ لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي
جنهن جي معنيٰ آهي (مرڻ کانپوءِ).
4- لفظ ”آلجبرا“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي
معنيٰ آهي، (ڏکئي کان ڏُکيو).
پرولي ته ڀڃ
·
ميمڻ عبدالوحيد سنڌي لاڙڪاڻو.
1. گهر ۾ويٺو ته خوش، ٻاهرنڪتو وري نه موٽيو.
·
جيئل داس وارهه.
2. جنهن ورتو تنهن پاتو ڪين، جنهن پاتو تنهن ڏٺو
ڪين.
·
محمد سليمان قريشي، بوبڪ.
3. ننڍڙو گندڙو خرار ٿو کپائي.
·
غلام نبي جمالي، ٽنڊوڄام.
4. نه کيڙيان نه پوکيان نه پر کانوان ٿو شوق سان.
·
مير فياض احمد ميرپورخاص.
5. هلي ٿو جانور وانگر، اُڏامي ٿو پکي وانگر.
·
محمد سراز ڳوٺ دولت لغاري.
6. وڻ جي پاڙ پر هٿ ۾ آيو ته قسمت ڦيرائي.
·
رتن ڪمار دادو.
7. ڪاري جبل تي اڇي چادر.
·
غلام رسول مشوري سرهاڙي.
8. هلي ٿي ته هٻڪي، بيهي ٿي ته سهڪي.
·
رفيق احمد سومرو دڙو.
9. پئي پاڻي ڏي کير.
·
محمد ارشد شيخ شهدادڪوٽ.
10. ڪاغذ جو ڪڪر، ڌاڳي جو لغام.
·
نواب علي کوکر لاڙڪاڻو.
11. ٻاهران سائو، اندران مائو.
ڀڃڻي
1.
ساهه. 2. ڪفن. 3. پيٽ. 4. کنڀي. 5. هوائي
جهاز. 6. قلم. 7. تئي تي ماني. 8. ريل گاڏي. 9.
اڪ. 10. لغڙ. 11. ڪيلو.
کل ته سهي
*اعجاز علي ٽالپر، ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر.
فقير: خدا ڪارڻ هڪ پئسو ڏيو؟
سيٺ: توکي هڪ پئسو گهرندي شرم نٿو اچئي.
فقير:ته سائين پوءِ هڪ رپيو ڏيئي ڇڏيو.
*گلزار علي ميمڻ، دڙو،
مريض (ڊاڪٽر کي): آءٌ
توهان جو نهايت احسامند آهيان جو توهان منهنجي جان
بچائي.
ڊاڪٽر: سڀ خدا جي مهرباني سان ٿيو، منهنجي وس ۾ ته
ڪجه به نه آهي.
مريض:
ته پوءِ آءٌ
في به پاڻهي خدا کي موڪليندس.
* محمد سليم ٺيڪري، ٺٽو.
استاد: (شاگرد کي) هن جملي جي انگريزي ڪر.
”هو ويو- اهڙو ويو جو هليو ئي ويو.“
شاگرد: هي وينٽ، اهڙو وينٽ جو وينٽ ئي وينٽ.
* الطاف حسين بلوچ، لاڙڪاڻو.
هڪ ڇوڪر ماءُ کان پاڻي گهريو، ماءُ چيس بس ڪر ته
ڏنڊو نه هڻانءِ پٽ چيس جنهن مهل ڏنڊو کڻڻ وڃين
تنهن مهل گلاس پاڻي جو ڀريو اچجانءِ.
* حنيفه رحيم قاضي، حيدرآباد.
هڪ ماڻهو کوهه مان پنهنجي گوڏ ڌوئي اتي ئي کوهه جي
ڀرسان هڪ وڻ تي وجهي ڇڏي. ٿوري دير کانپوءِ گهمي
ڦري آيو ته ڇا ٿو ڏسي ته گوڏ کوهه ۾ پئي آهي. اهو
ڏسي هن خدا جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته چڱو
ٿيو جو گوڏ مون کي پيل ڪونه هئي نه ته آءٌ
به کوهه ۾ ڪِري پوان ها.
هنن سان ملو
473- نالو: منظور احمد عقيلي. عمر: 11 سال. ڪلاس
ستون، وندر: رسالا پڙهڻ، ٽي وي ڏسڻ ۽ قلمي دوستي.
ائڊريس: بنگلو نمبر 30، ايل ايم سي ڪالوني ڄامشورو
سنڌ.
474- نالو: رضيه بيگم ميمڻ. پڙهندڙ درجو چوٿون.
عمر: 8 سال، وندر: گهمڻ ڦرڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول دڙو.
475- نالو: جئپال داس ولد ٽيڪومل، ڪلاس ستون. عمر:
12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي
مڊل اسڪول، ڪنڌڪوٽ.
476- نالو: پرتابراءِ ارجن داس پڙهندڙ درجو ستون.
عمر: 14 سال، وندر: فوٽ بال راند کيڏڻ، شهرن جو
سفر ڪرڻ ۽ لکڻ پڙهڻ. ائڊريس: ڀٽائي مڊل اسڪول،
ڪنڌڪوٽ.
477- نالو: گرڌاري لعل مرچو مل. عمر: 12 سال،
وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گرڌاري لعل، ٽنڊو
محمد خان.
478- نالو: ديوان لعل ايل ٺڪر. عمر: 14 سال (ڪلاس
نائون ب). وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ ۽
قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول،
ڪنڌڪوٽ.
479- نالو: گل حسن چوهاڻ. عمر: 9 سال. وندر: قلمي
دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول، دڙو.
480- نالو: ڀڄن لعل ولد شول داس (پڙهندڙ ڪلاس اٺون
اي) عمر: 13 سال، وندر قلمي دوستي رکڻ، حرڪتي
آهيان ۽ پڙهائي سان چاهه رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ
هاءِ اسڪول غوثپور، تعلقه ڪنڌڪوٽ.
481- نالو: سنمک لعل پي منڌاڻ (ڪلاس اٺون بي).
عمر: 15 سال وندر: گل ڦل پڙهڻ، قلمي دوستي ۽ خطن
جو جواب جلد ڏيڻ. ائڊريس: گورنمينٽ ڀٽائي مڊل
اسڪول ڪنڌڪوٽ.
482- نالو: راڻو مل، وندر: علمي معلومات ۽ راند
ڪرڻ. عمر: 13 سال. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل ڀٽائي
اسڪول ڪنڌڪوٽ.
483- نالو :گهنشام داس. ٿاراڻي“ عمر: 12 سال.
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ پڙهڻ. ائڊريس: ڪلاس ڇهون
(اي) گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.
484- نالو: سريش ڪمار ٿهراڻي ”ڪلاس اٺون اي“. وندر
گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ. عمر: 14 سال.
ائڊريس: گورنمينٽ نيشنلائيز ڀٽائي مڊل اسڪول
ڪنڌڪوٽ.
485-راجا جئپال داس (ڪلاس ستون اي). عمر: 16 سال.
وندر: ”گل ڦل“ پڙهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ. ائڊريس:
گورنمينٽ ڀٽائي مڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.
486- نالو: محمد اسماعيل ولد علي محمد سومرو
پڙهندڙ ڪلاس پنجون،. عمر: 14 سال. وندر: قلمي
دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ، ائڊريس: سومرا پان
هائوس نزد مدينه مسجد دڙو ضلع ٺٽو.
487- نالو: ديوان لعل (ڪلاس ستون). عمر: 12 سال،
وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ عام معلومات حاصل ڪرڻ.
ائڊريس: معرفت انصاف ٽريڊنگ ڪمپني، اناج منڊي
ڪنڌڪوٽ.
488- نالو: ڀڳوانداس راءِ ڪس (پڙهندڙ درجو
پنجون)عمر 12 سال، وندر: گل ڦل پڙهڻ، مطالع جو شوق
۽ رانديون کيڏڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول
وارهه.
489- نالو: مينگهراج واراهي، (پڙهندڙ ڪلاس اٺون).
عمر: 14 سال، وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي
رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول وارهه.
490- رخسانه ميمڻ، پڙهندڙ نائون. عمر: 16 سال.
ائڊريس: معرفت شمس الدين شيخ خانپوري دروازو، ميمڻ
محلا، شڪارپور سنڌ.
491- نالو: مشتاق احمد پنهور پڙهندڙ ڪلاس
نائون(اي). عمر: 15 سال. وندر: پنهنجي تعليم ڏي
ڌيان ڏيڻ ۽ سنڌي رسالا پڙهڻ. ائڊريس: پوسٽ آفيس ڀينڊو شريف ضلع حيدرآباد. سنڌ.
492- نالو: ذوالفقار علي ولد عبدالقادر راجپر. عمر
12 سال، وندر: خطن جا جواب ڏيڻ. ائڊريس: گهر نمبر
4-913 دڙي محلو لاڙڪاڻو سنڌ.
493- نالو: غلام رسول مشوري ولد محمد صديق مشوري
(پڙهندڙ ڪلاس نائون اي). عمر: 15 سال. وندر: قلمي
دوستي رکڻ ۽ دلي محبت رکڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ
اسڪول سرهاڙي (ڳوٺ محمد صالح مشوري).
494- نالو: امبرت راءِ ولد جگتراءِ هرجاڻي، پڙهندڙ
ڪلاس اٺون. عمر : 13 سال،. وندر” گل ڦل رسالو
پڙهڻ. ائڊريس: امبرت راءِ ولد جڳت راءِ دڙي اسڪول
جي ڀرسان دڙي محله لاڙڪاڻو.
495- نالو: عبدالسبحان دايو پڙهندڙ ڪلاس ڏهون. عمر
14 سال. وندر: رسالن ۾ ليک ڏيڻ ۽ قلمي دوستي.
ائڊريس: معرفت ولي محمد رنگساز ڪنڌڪوٽ.
496- نالو: علي اصغر ولد عبدالستار ميمڻ. عمر: 8
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: عبدالستار ميمڻ
ريزڪي دڪاندار دڙو.
497-نالو: رتن ڪمار پڙهندڙ ڪلاس (ستون بي) عمر: 12
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ ۽ قلمي دوستي. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول دادو سنڌ.
498- نالو: احمد علي ميمڻ. پڙهندڙ ڪلاس ڏهون. عمر:
13 سال. وندر: والي بال راند. ائڊريس: معرفت
شيرازي هوٽل محمد صالح ريڊيو سروس دڙو.
499- نالو: غلام الله پروانه ڪلاس ڏهون(اي). عمر
15 سال. وندر: فوٽو گڏ ڪرڻ ۽ خط لکڻ. ائڊريس:
معرفت المرتضيٰ ميڊيڪل اسٽور ٽنڊوباگو.
500- نالو: رحمت الله پڙهندڙ ڪلاس پنجون. عمر: 10
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ. ائڊريس: عنايت الله
فاضلاڻي ڪلاٿ مرچنٽ دڙو.
501- نالو: محمد فاروق ولد محمد اسماعيل. عمر: 8
سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري
اسڪول چوهڙ جمالي، تعلقو شاهبندر.
502- نالو: سريش لعل گوئنداڻي ڀون داس گوئنداڻي.
عمر: 12 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ گل ڦل پڙهڻ.
پڙهندڙ درجو ڇهون (اي). ائڊريس: سريش لعل آوتراءِ
گرين مرچنٽ اناج منڊي ڏهرڪي.
503- ڌنيش ڪمار
گوئنداڻي
ولد ڀون داس گوئنداڻي. پڙهندڙ چوٿون (اي). عمر: 9
سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ، گل ڦل پڙهڻ. ائڊريس:
سريش لعل آاوتراءِ گرين مرچنٽ اناج منڊي ڏهرڪي.
504- نالو: محمد امين ولد حاجي محمد صديق سومرو
(پڙهندڙ ڪلاس اٺون). عمر: 13 سال. وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ، قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب جلد
ڏيڻ. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
505- نالو: عزيز الله سورهيه پڙهندڙ ڪلاس اٺون،
عمر: 12 سال. وندر: گل ڦل پڙهڻ: ائڊريس: نظير جنرل
اسٽور شاهي بازار دڙو.
506- نالو: محمد ايوب سومرو. ڪلاس فرسٽ ايئر
سائنس. عمر: 16 سال. وندر: چترڪاري. ائڊريس: عمر
جمعو ڪريانه مرچنٽ امام جو پڙ دڙو سنڌ.
507- نالو: غلام مجتبيٰ قاضي عرف جاڙا خان، پڙهندڙ
ڪلاس ڏهون. عمر: 13 سال. وندر: دوستن کي ملاقات جو
شرف بخشڻ. ائڊريس: غلام مجتبيٰ قاضي معرفت
المرتضيٰ ميڊيڪل اسٽور ٽنڊوباگو.
508-نالو: جميل اياز ميمڻ، پڙهندڙ ڏهون ڪلاس بي.
عمر: 15 سال. وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ. ائڊريس: معرفت
بدر الدين شيخ دادواڻي روڊ، ميمڻ محلا شڪارپور.
509- نالو: عابد حسين ولد غلام حيدر ٽالپر، پڙهندڙ
ڪلاس پنجون سنڌي. عمر: 10 سال. وندر: رسالا پڙهڻ.
ائڊريس: پرائمري اسڪول ڳوٺ مير يار محمد ٽالپر.
510-نالو: محمد خان ”اداسي“ ڪڇي ميمڻ، پڙهندڙ ڪلاس
ڏهون. عمر: 14 سال. وندر: قلمي دوستي رکڻ.
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙو.
سلام ۽ سنيها
*وارهه کان ممتاز سنڌي لکي ٿي:
ادا! گل ڦل جو جولاءِ وارو پرچو پڙهيم. توهان کي
هيتري محنت ڪرڻ لاءِ جس هجي پر اوهان جي بار بار
تنبيھ ڪرڻ جي باوجود هن ڀيري به ٻارن نقل ڪيو آهي،
گل ڦل جي سونهن ۾ ڪمي ٿي پئي آهي. ٻارن کي منهنجي
صلاح آهي ته هو محنت ڪري پنهنجي دماغ کان ڪم وٺي
ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪن ۽ ٻين رسالن تان آکاڻيون لکي
نه موڪلين. هن ڀيري ڀاءُ ديپڪ لال جيسراڻي جي
ڪهاڻي رسالي ڳوٺ سڌار تان نقل ڪيل آهي.
انعامي مقابلي نمبر 2 لاءِ هڪ ڪهاڻي موڪلي رهي
آهيان.
هن پرچي ۾ ادا امداد حسينيءَ جي
اِلوليءَ
رسالي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. سنڌي ادب ۾
هونئن ئي ٻارن جو ادب تمام گهٽ آهي ۽ رساله ته نه
هئڻ جي برابر آهن، ان ڪري گل ڦل ٻارن لاءِ نعمت
کان گهٽ نه آهي. اسان جي دعا آهي،شال هي رسالو
هميشھ وڏي آب ۽ تاب سان شايع ٿيندو رهي آمين.
ادا! اسين توهان سان هر ممڪن مدد ڪرڻ لاءِ تيار
آهيون. آخر ۾ وري به دعا ٿي ڪريان ته شال توهان
جون ڪوششون ثابت پون ۽ ”گل ڦل“ زنده باد هجي.
آمين.
(ادي، اوهان کي جس هجي جو ايتري غور سان گل ڦل کي
پڙهو ٿا. اوهان جهڙين ڀينرن ۽ ڀائرن جي ساٿ سان،
اسين رسالي کي سينگارڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏينداسون.)
*هالا کان سيما شاهين لکي ٿي:
آگسٽ جي پرچي ۾ آکاڻي عقل ۽ بخت، لوڪ ادب ڪتاب تان
نقل ڪيل آهي. ڀيڻ شبانه پروين کي ائين ڪرڻ نه
کپندو هو. اوهان هيتريون اپيلون ڪيو ٿا ته به ٻار
نٿا رهن.ر سالو تمام سٺو آهي پر جڏهين ڪا نقل ٿيل
آکاڻي پڙهندي آهيان ته پوءِ رسالو پراڻو نظر ايندو
آهي. رسالي کي دير سان شايع ڪرڻ کان بچايو. (ڀيڻ،
اوهان جي شڪايت، ڀيڻ شبانه پروين تائين هن رسالي
ذريعي پهچائي اٿئون. اميد آهي ته هاڻي هوءَ نقل
کان پاسو ڪندي. ڪوشش ڪريون پيا ته رسالو دير سان
شايع نه ٿئي.)
*کپرو کان نجما سهڻي لکي ٿي:
ڀاءُ انور، پهريون دفعو خط لکي رهي آهيان ضرور
شايع ڪندا. گذريل پرچو نظر مان گذريو، جنهن ۾
ڪهاڻي ”چائنٺ تي چيتو“ ۽ ”گڏهه جي آتم ڪهاڻي“
سٺيون هيون. عقل ۽ بخت نقل ٿيل هئي. رسالي جا صفحا
وڌايا وڃن. رسالو رنگين ڪيو وڃي ته بهتر پوءِ ڀلي
رسالي جي قيمت وڌايو. (ادي؛ اوهان جي پهرئين ئي خط
جو جواب حاضر آهي. اوهان جي صلاحن ۽ تجويزن تي في
الحال ممڪن ڪونهي. باقي سالنامون رنگين ڪرڻ جو
واعدو آهي.)
*ڳوٺ ربنواز ماڪا کان محمد اسماعيل ماڪو لکي ٿو:
گل ڦل جي واکاڻ ڇا ڪجي، جو هو پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
گل ڦل ۾ علم و ادب جا بيشمار گل آهن. گل ڦل ٻارن
جي رهبريءَ لاءِ جيڪو قدم کنيو آهي. ان جي تعريف
جيتري ڪجي، اها گهٽ آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو
اوهان ٻارن جون گهڻيون تجويزون قبول ڪيون آهن. خاص
ڪري، اوهان جو امتحان ۽ انعامي مقابلا بهترين آهن.
ڀاءُ اڳي آءٌ گل ڦل کي ننڍڙو سمجهي ان تي ڪوبه ڌيان ڪونه ڏيندو هوس. پر
جڏهين هڪ دوست ان جي سرهاڻ مون تائين پهچائي ته
محسوس ڪيم ته رابيل ننڍڙو آهي پر خوشبو ۾ گلاب به
نه پڄيس. ادا، گل ڦل سان هميشھ ساٿ ڏيڻ جو وعدو
آهي، بلڪل پڪو وعدو. (ادا، گل ڦل جي ساراهه، اوهان
جي پنهنجي ساراهه آهي، اسان دل و جان سان هن رسالي
کي ٻارن جو رهنما رسالو بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه
ڇڏينداسون، اوهان جو مواد اچڻ کانپوءِ ئي ڪا راءِ
ڏيئي سگهبي.)
*لاڙڪاڻي کان روبينا جبين اعوان لکي ٿي؛
مان ڪيترا خط لکي چڪي آهيان پر اوهان انهن کي شايع
نه ڪيو آهي. هينئر آءٌ
معلومات موڪليان ٿي جا شايع ڪندا. گل ڦل اسان جو
بهترين ساٿي آهي. اسان ان کي شوق سان پڙهندا
آهيون. نوان سلسلا وڻيا.
(ادي؛ اوهان جو هي پهريون خط آهي، معلومات ضرور
شايع ڪنداسون. گل ڦل اوهان جو پنهنجو رسالو آهي،
ان لاءِ سٺيون صلاحون، دل سان قبول ڪيون وينديون.)
*حيدرآباد کان حنيفه رحيم قاضي لکي ٿي:
مون کي گل ڦل پڙهي بيحد خوشي ٿيندي آهي. پر تاريخي
ڳالهين جي ڪمي شدت سان محسوس ٿيندي آهي. ادا
چترڪاريءَ لاءِ هڪ يا ٻه صفحا مخصوص ڪيا وڃن ۽
ننڍڙن مشهور گلڙن جا انٽريو پڻ ڏيو. ادا، هيءَ
ڪهاڻي اماڻي رهي آهيان، اميد آهي ته انعامي مقابلي ۾ شريڪ ڪندائوس.
(ادي، گل ڦل پڙهي اوهان نه خوش ٿيندوء ته ٻيو ڪير
ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هي پرچو اوهان جي لاءِ ته آهي.
تاريخي ڳالهيون ڏجن ته پيون پر جي اوهان جي خيال
۾ ڪا نئين تجويز هجي ته صاف طور لکي موڪليو. ضرور
عمل ڪبو. چترڪاريءَ لاءِ به اگر سٺا چتر اچن ته
شايع ڪنداسون. ننڍڙن گلڙن جي انٽرويو جو سلسلو وري
شروع ڪنداسون، اوهان جي ڪهاڻي ججن جي حوالي ڪئي
ويئي آهي.)
*هنن ادڙن، پنهنجن، خطن ۾ نه رڳو اسان جي همت
افزائي ڪئي آهي، بلڪه اسان کي سهڻين صلاحن سان به
نوازيو آهي. عبدالرزاق ڏاهري شاهپورچاڪر، حسين
ميمڻ ڏيپلو، الهه بچايو، عاجز ڪنڀر بدين، الاهي
بخش ڀٽي نواب شاهه، ڀڳوانداس مينگهراج وارهه، اين
ايم سومرو، عبدالسلام دائودپوٽو نصرپور، بيبي
عندليب لاڙڪاڻو، مختار علي سومرو ڪنڌڪوٽ، محمد
انور ڪوٽائي ميرپوربٺورو، امتياز حسين ميمڻ، نيو
سعيد آباد، غلام الله شيخ شهدادڪوٽ، الهه بخش
سولنگي دڙو، سريش لعل ۽ راڻو مل ٿهراڻي ڪنڌڪوٽ،
غلام رسول مشوري سرهاڙي، محمد هاشم نوناري، ڳوٺ
موسيٰ نوناري ڪنڌڪوٽ، محمد عارب بلاولي دڙو، غلام
حسين مشتاق ڳوٺ گهنور خان زرداري، خورشيد اختر
صديقي سعيدآباد، اقبال احمد پٺاڻ ڳڙهي ياسين ۽
ناٿو نماڻو دڙو. |