سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :3

·  محمد صديق ميمڻ گجو

غلاميءَ کان موت بهتر

ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن جهنگ ۾ هڪ شينهن رهندو هو. بيمار هئڻ سبب هو ڪو به شڪار ڪري نه ٿي سگهيو ۽ ساڍا ٽي ڏينهن بک ڪاٽيائين. چوندا آهن ته”بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري“ سوشينهن به بک کان تنگ ٿي جهنگ ڇڏي اچي شهر ۾ نڪتو.

شهر ۾ هن هڪ ڪتو ڏٺو جو نهايت ٿلهو متارو هو. هن ڪتي کان پڇيو تون ايترو ٿلهو متارو ڇو آهين؟ ڇا شهر ۾ کائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي وڃي ٿو؟ جي ائين آهي ته مان به هتي رهان. ڪتي جواب ڏنو ته مان رات جو هڪ گهر جي چوڪيداري ڪندو آهيان. منهنجو مالڪ سڄو ڏينهن مون کي ٻڌي ڇڏيندو آهي ۽ رات ٿيندي آهي ته کوليندو آهي. اُ نجي عيوض مون کي مالي پيٽ ڀري کارائيندو آهي. ڪتي جي اها ڳالهه ٻڌي شينهن پٺ ورائي جهنگ جو منهن ڪيو. ”ڪتي پڇيس“ جانورن جا بادشاهه ڇا ڳالهه آهي. توکي به سٺي ماني ملندي. شينهن چيو: اهڙي غلاميءَ واري مانيءَ کان بک مرڻ وڌيڪ بهتر ٿو سمجهان.

·  مقبول ميمڻ ماتلي

 

علم پرايو

 

اچو اي ٻارو علم پرايو

علم پرايو علم پرايو

 

علم ۾ ئي عزت آهي،

شوق رکو ڪتابن سان،

ڇڏيو هاڻي رلڻ ڦرڻ،

ياد رکو اسڪول جو ڪم،

اسڪول وڃو روز سويري ،

علم سان رکو چاهه اي ٻارو،

علم سان ئي سوچ وڌايو.

پاڻ پڙهو ۽ ٻين کي پڙهايو.

ڪري نه رانديون وقت وڃايو.

سبق نه پنهنجو يار ڀلايو.

اسڪول کان ڪين نٽايو.

نصيحت منهنجي هينئين هنڊايو.

 

·  خالد حسين لغاري ڳوٺ ٿوهي

 

ڀلائي جو بدلو

 

هڪ ڇوڪرو راند ڪندي وڃي ڪنهن جهنگ ۾ پهتو. ڇا ڏسي ته هڪ ٻار ڪنهن وڻ تي ويٺو دانهون ڪري. ڇوڪرو تکو تکو هن جي مدد لاءِ وڌيو. ڇا ڏسي ته هڪ بگهڙ وڻ هيٺ ٻار کي تاڻيو ويٺو آهي ته هيٺ لهي ته کيس لقمو بنائي. ڇوڪرو هوشيار هو تنهن وٽ ڪوڙي ٺڪائن واري بندوقڙي هٿ ۾ هئي. تنهن سان ٻه ٽي لڳاتار ٺڪاءُ ڪڍي ويو. جنهن کان ڊڄي بگهڙ جان بچائي وٺي ڀڳو ۽ گم ٿي ويو. هاڻي ننڍو ٻار يڪدم هيٺ لهي آيو. پر ڇوڪري جي عجب جي حد نه رهي جڏهن پنهنجي اڳيان هڪ ٻار جي بجاءِ هڪ وڏي عمر جي ڀوري رنگ جي ماڻهوءَ کي بيٺل ڏٺائين. ڀوري ماڻهوءَ ڇوڪري کي مرڪندي چيو ته” اي منهنجا محسن ڇوڪرا، عجب نه ڪر. آءُ هڪ جن آهيان. مون کي بگهڙ گهيرو ڪيو هو. جيڪڏهن تون ڪجهه وقت نه اچين ها ته بگهڙ مون کي کائي وڃي ها. ڇو ته هو به هڪ جن آهي پر مون کان زور آهي.

ائين چئي ڇوڪري کي هڪ وڻ مان پن پٽي جهولي ڀري ڏنائين ۽ هو گم ٿي ويو. ڇوڪرو جڏهن گهر پهتو ته سندس جهولي گينين سان ڀريل هئي. جڏهن سندس مائٽن کي اها خبر پيئي ته انهن چيس ته پٽ، اهو ڀلائي جو بدلو اٿيئي.

 

·   غلام حسين زرداري، سرهاڙي

 

ڪوڙ جي سزا

 

هڪ غريب ڳوٺاڻو هوندو هو. جنهن کي ٻه ٽي ٻڪريون هونديون هيون. جن جو کير وڪڻي پنهنجو گذر سفر ڪندو.

هڪڙي ڏينهن جيئن ڳوٺاڻو پنهنجيون ٻڪريون چارڻ ويو ته هڪ فقير آيو. جنهن اچي ان ڳوٺاڻي کي صدا هنئين ته مون کي هڪ ٻڪري ڏي، ڳوٺاڻي چيو ته سائين مان غريب آهيان. منهنجو گذر سفر انهن ٻڪرين تي آهي. جيڪڏهن توهان کي ڏيندس ته مان گذر سفر ڇا تي ڪندس.

جيڪڏهن توهان هڪڙي ٻڪريءَ جي عيوض ڪجهه ڏيو ته پوءِ ٻڪري توهان جي حوالي ڪندس. ان فقير ڳوٺاڻي کي ٻڪري جي عيوض، هڪ لٺ ڏني جنهن ۾ هيءَ خاصيت هئي ته جنهن به شئي کي لٺ لڳندي اها شيءَ سون ٿي پوندي. ڳوٺاڻو اها لٺ کڻي ڳوٺ آيو ۽ اچڻ شرط اها لٺ هڪ سر کي هنيائين جيڪا سون ٿي پئي. اهڙي طرح ڳوٺاڻي ان سر کي وڪڻي محل ماڙيون ٺهرايون. ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ هي سکيو شاهوڪار سڏجڻ لڳو. ان ساڳئي ڳوٺ ۾ انور نالي هڪ شخص رهندو هو. جيڪو ڏاڍو حاسدي هو، جڏهن انور ڳوٺاڻي کي سکيو ستابو ڏٺو ته هو ان ڳوٺاڻي تي حسد ڪرڻ لڳو ۽ ان جي خلاف پهه پچائڻ لڳو. مڄاڻ جو ملڪ جي بادشاهه جي چوري ٿي وئي هئي. بادشاهه پڙهو گهمايو هو ته جيڪو چور هٿ ڪندو ان کي هڪ لک رپيا انعام ڏيندس. انور ان پئسن جي لالچ ۾ اچي بادشاهه جي درٻار ۾ وڃي نڪتو ۽ بادشاهه کي چيائين ته اهو ڳوٺاڻو تنهنجو چور آهي. جيڪو غريب هو ۽ هاڻي توهان جي چوري ڪري سکيو ستابو ٿي ويو آهي. بادشاهه ان ڳوٺاڻي کي درٻار ۾ گهرايو ۽ کائنس حقيقت پڇيائين. غريب پنهنجي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. پر بادشاهه چيو ته تون ڪوڙو آهين، جيئن ئي بادشاهه ان کي جيل ۾ وجهرائي رهيو هو. ته سندس ٻانهي ڊوڙندي آئي ۽ بادشاهه کي چيائين ته توهان جي پياري ڌيءُ سخت بيمار آهي. بادشاهه جلد ئي گهر ويو. ڪيترا ڊاڪٽر پهچي ويا پر ڊاڪٽرن جي ڪوشش مان ڪو به کڙ تيل نه نڪتو. شهزادي مرڻ ۾ هئي ته ان ڳوٺاڻي بادشاهه کي چيو ته مون کي ڇڏيو ته آئون شهزادي کي ٺيڪ ڪندس. بادشاهه ان کي اجازت ڏني. غريب ڳوٺاڻو جلدي ۾ گهران لٺ کڻي آيو. جيڪا شهزادي جي مٿان گهمايائين ته شهزادي ٺيڪ ٿي وئي. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان ڳوٺاڻي کي آزاد ڪري ڇڏيائين، ۽ انور کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ڪري سخت سزا ڏنائين.

پيارا ٻارو ڏٺو، انور کي ڪيئن حسد جي سزا ملي. انور ڪوڙ ۽ پئسن جي لالچ ۾ اچي پنهنجي حياتي وڃائي.

پيارا ٻارو، توهان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ لالچ جهڙي بري بلا کان پاسو ڪندا.

·  اخلاق انصاري، لاڙڪاڻو

اخلاقي سبق

مٺي ڳالهائڻ ۾ جادو آهي

 

”اها شئي ڪهڙي آهي، جيڪا آهي ته ننڍڙي پر اَٿو وههِ جي ڳنڍڙي.“

مان سمجهان ٿو ته يقينن توهان سڀني جو جواب اهوئي هوندو، زبان. واقعي آهي ته ننڍڙي، پر ڪم پاڻ کان وڏا ڪندي آهي.

انهيءَ زبان لاءِ هڪ ڳالهه مشهور آهي ته”لقمان حڪيم پنهنجي هڪ شاگرد کي چيو ته ”اڄ مون کي اهڙي شئي کاراءِ جيڪا دنيا جي مڙني شين کان مزيدار هجي.“ شاگرد ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڍاڪون آڻي لقمان حڪيم جي اڳيان رکيائين. لقمان جڏهن ڍڪ لاٿو ته هن کي”زبان“ نظر آئي. پڇيائين، ڇا دنيا جي سٺي ۾ سٺي شئي زبان آهي؟ شاگرد جواب ڏنس”ها سائين.“

لقمان حڪيم وري چيس دنيا جي ڪني ۾ ڪني شئي کاراءِ. شاگرد وري به ”زبان“ پيش ڪيس. لقمان اهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو چيائين ته واقعي خراب ۾ خراب شئي به”زبان“ ۽ سٺي ۾ سٺي شئي به زبان ئي ٿي سگهي ٿي. اهائي زبان ڪڏهن عزت بخشي ته ڪڏهن وري ذلت. پوءِ ڇو نه اهڙي شئي کي قبضي ۾ ڪجي جيڪا ذلت ڏي. زبان تي قبضو ڪيئن ڪجي؟ بس رڳو هر ڪنهن سان مٺو ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪجي. پوءِ توهان ڏسندو ته هر هنڌ توهان کي عزت ملندي. پر جي توهان مٺو نه پر ڪڙو ڳالهائيندا ته پوءِ ذلت ڏسبي. جهڙي آرسي تهڙو پاڇو. توهان تجربو ڪيو. جڏهن اسڪولن کان موٽي گهر ۾ پير پايو، ان وقت جڏهن توهان جو ننڍو ڀاءُ توهان ڏي ڊوڙندو اچي ته توهان ان سان ڪڙو ڳالهايو ته ڏسندو ته ان جي گل جهڙي ٽڙيل منهن تان مُرڪ ئي موڪلائي ويندي. جي وري کيس مٺي آواز ۾ سڏيندو ته هو اوهان ڏي خوشيءَ مان ڊوڙندو ۽ اچي ڀاڪر پائيندو ۽ سندس مکڙو ٽڙي گُل ٿي پوندو. توهان اهو ساڳيو تجربو ڪنهن جانور تي به ڪري سگهون ٿا. توهان ڪنهن ڪُتي کي ڪاوڙ مان دڙڪو ڏيئي ڪڍو هو اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. پر جيڪڏهن وري کيس پيار مان سڏڻ جي ڪوشش ڪندو ته هو پُڇ لوڏيندو اچي پيرن ۾ ڪرندو. مطلب ته مٺي ڳالهائڻ ۾ جادو آهي.   سٺا ٻار هميشه سچ ڳالهائيندا آهن ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪندا آهن .  هونئن به چوڻي آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“ سچ ڳالهائيندڙ کي هر هنڌ مان ملندو ۽ ڪوڙي لاءِ ساڳي ڌڪار. سچ ۽ ڪوڙ ٻئي ڇا سان ٿا ڳالهائجن؟ زبان سان! پوءِ ڇو نه اهو ڳالهائجي. جنهن ۾ عزت هجي مرتبو وڌي ۽ ماڻهو مانائتو ٿئي يعني مٺو ڳالهائجي پوءِ اچو ته سڀئي اڄ گڏجي عهد ڪيون ته ڪڏهن به زبان مان گارگند ۽ ڪوڙ نه ڳالهائينداسين، نڪي زبان مان گُٿا لفظ ڳالهائينداسون ۽ سدائين مٺو ڳالهائينداسين.

 

عمدو ڪتاب

جهڙيءَ طرح دوستن جي چونڊ مکيه مسئلو آهي، تيئن ڪتابن

جي چونڊ ڪرڻ به ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. هڪڙي لکندڙ

جو املهه رت آهي سندس عمدو ڪتاب، جنهن کي

هن انهيءَ مقصد لاءِ لکيو آهي  ته ان وقت

ماڻهن کي ڪم اچي، جڏهن اهو مصنف

پاڻ دنيا ۾ موجود نه هجي. (ملٽن)

چونڊيندڙ: ممتاز علي  پنهور، سنڌيونيورسٽي، ڄامشورو.

عبدالقادر چانگ نبي بخش چانگ

س:بجلي ڪنهن ايجاد ڪئي؟

ج: ٿامس ايڊيسن.

شفيق الرحمان ميمڻ حيدرآباد

س: موٽرسائيڪل ڪنهن ايجاد ڪئي ۽ ڪهڙي سن ۾؟

ج: ايڊورڊ بٽلر 1840ع ۾

مير مظهر علي ڊومڪي ڪنڌڪوٽ

س: سڀ کان آسان عبادت ڪهڙي آهي.

ج : سچائي.

سنتوش ڪمار منڌاڻ ڪنڌڪوٽ

س: آمريڪا ۾ گهڻيون رياستون آهن؟

ج : ايڪونجاهه.

نثار احمد شيخ قمبر

س: غلام محمد بئراج ڪهڙي سن ۾ تعمير ٿيو. ۽ ڪنهن ٺهرايو هو؟

ج : سال 1954ع ۾ حڪومت پاڪستان  ٺهرايو.

ميولداس ٽي ڪڪريجا حيات پتافي

س: عوامي چين جو پهريون  وزيراعظم ڪير هو؟

ج : چواين لائي.

ديوانداس، وارهه

س: توهان وڏن شهرن ۾ گل ڦل وي پي ڪندا آهيو يا ريل رستي موڪليندا آهيو کولي سمجهائيندا؟

ج: ٻنهي طريقن سان گهڻا رسالا هوندا آهن ته ريل يا ٽرڪ ٽرانسپورٽ رستي، جي ٿورا هوندا آهن ته پوسٽ رستي وي پي ڪندا آهيون. اوهان کي ڪهڙو رستو پسند آهي؟

عبدالڪريم خاڪي پنو عاقل

س:ٽيلويزن ڪهڙي سن ۾ ايجاد ٿي؟ ڪنهن ايجاد ڪئي.

ج: 1926ع ۾ ،جان لوئي بيئرڊ. 

ذوالفقار علي راهوجه قمبر

س: انسان خواب ڇو لهندو آهي؟

ج : ان لاءِ ته کيس اهو احساس ٿئي ته هو جيئرو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com