سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر 1976ع

باب: --

صفحو :3

مان بنيادي طور تي هڪ شاعر آهيان. سدائين سوچ... مغز ۾ خلل، دل ۾ امنگ.. سوچيندو آهيان، ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ڇو ناهي؟ هو هڪ ٻئي کان بيزار ڇو آهن؟ اڄ هر ڪو پنهنجي مطلب جو ڇو ٿي بيٺو آهي؟ الفت، سڪ ۽ قرب جهڙا سهڻا اکر آخر ڪيڏانهن هليا ويا؟ انسان انسان جي خون جو پياسي ڇو بڻجي چڪو آهي؟ اهو سڀ ڪجهه ڇا آهي؟

۽ پوءِ مان پنهنجي زندگيءَ کان بيزار ٿي ويندو آهيان. ماڻهن مان خوف ٿيڻ لڳندو آهي. دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ لڳندي آهي. دماغ ڦرڻ لڳندو آهي. جسم ۾ رت ڄمڻ لڳندو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. ماضيءَ جي داستانن کي دهرائڻ لڳندوآهيان.

جڏهن سک هو، سانت هئي. امن هو. الفت هئي. ماڻهو ماڻهوءَ تان قربان هو. هر دل خوش هئي. سڀئي سڪ جي هڪ ئي سڳي ۾ پوئل هئا.

ها ته ڳالهه پئي ڪيم ته، منهنجي گهر ۾ منهنجن پاڙي وارن ٻارڙن جو وڏو  چهچٽو هوندو آهي.

هڪڙي ڏينهن ڏسان ته، انهن سڀني ٻارڙن پاڻ ۾ حصا پتيون ڪري کڻي ”ڪنڙي“ چاڙهي. ”ڪنڙي“ ٻارڙن جو اصطلاح آهي. يعني ڪو کاڌو تيار ڪري پاڻ ۾ گڏجي کائڻ.

ٻارن جو وٺ وٺاڙو لڳو پيو هو. ڪنهن باهه پئي ٻاري، ڪنهن بصر پئي وڍيا. ڪنهن ڇا پئي ڪيو، ڪنهن ڇا. ليلي جي گوشت جو سير کن ورتو هئائون. چانور به آندا هئائون. پلاءُ پچائڻ جو ارادو ڪيو هئائون. منهنجي گهرواري به انهن سان هٿ ونڊائڻ ۾ پوري هئي. ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ پلاءُ تيار هو. سڀ کان اڳ هنن هڪ پليٽ منهنجي لاءِ به وقف ڪئي ۽ پوءِ هو وڏي شوق سان پنهنجي محنت سان تيار ڪيل پلاءُ کائڻ ويٺا. عجيب منظر هو. شايد منهنجي آسائتين اکين لاءِ پهريون دفعو، مون کي پنهنجي سوچ ۽ فڪر جو جواب صاف ملي رهيو هو.

منهنجي اکين آڏو اتحاد هو. امن هو، قرب هو، پيار هو. هڪ ئي صف ۾ محمود اياز گڏ هئا. جتي رحمت الله ۽ الطاف جهڙن چنچل ٻارڙن ڦڪ پئي هنيا اتي ”چندر“ ۽ ”سندر“ به پوئتي ڪو نه هئا. ڏٺم ته مهاجرن جي ٻن ٻارڙن کي اهو احساس نه هو ته، هو ڪير آهن ۽ ڪٿي پهتا آهن. ڄڻ ته هتان جائي آهن. سندر ۽ چندر جهڙا، الطاف ۽ آفتاب جهڙا، ڄڻ ته پاڻ ۾ ڀائر آهن عزيز آهن. سوچيم هي معصوم ٻار ڪيئن نه گلاب جي گلن جهڙا پاڪ آهن. جڏهن ننڍڙا ئي ائين آهن ته، اسان وڏن کي ڪهڙي ڪاريهر کاڌو آهي.
 

·  محمد بخش ڪاتيار

 

ٻارن جي حقن جو عالمي پڌرنامو

 

] گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ 20 نومبر 1959ع تي، ٻارن جي هڪ پڌرنامي کي يڪراءِ منظور ڪيو ۽ ان جو اعلان ڪيو. اهو پڌرنامو هن موقعي تي ٻارن ۽ ٻارن جي مائٽن جي پڙهڻ لاءِ هيٺ پيش ڪري رهيا آهيون. –ادارو [

ديباچو: جيئن ته انسان ذات تي فرض آهي ته ٻار کي پنهنجي بهترين حاصلات سپرد ڪري:

هاڻي تنهنڪري،

هيءَ جنرل اسيمبلي،

”ٻارن جي حقن جي پڌرنامي“ جو ان مقصد لاءِ اعلان ڪري ٿي ته جيئن ٻار کي خوشيءَ ڀريو ننڍپڻ نصيب ٿئي. ۽ هو پنهنجي فائدي لاءِ، سماج جي فائدي لاءِ هن پڌرنامي ۾ ڄاڻايل آزاديون ۽ حق ماڻي؛ ۽ گُهَر ڪري ٿي ٻار جي والدين کان، مردن ۽ زالن کان، سندن انفرادي حالت ۾، ۽ رضاڪار تنظيمن، مڪاني اختياريءَ وارن، ۽ قومي حڪومتن مڪاني اختياريءَ وارن، ۽ قومي حڪومتن کان، ته هو ٻار جي هنن حقن کي تسليم ڪن، ۽ ڪوشش وٺن ته اهي (حق) هيٺين ڄاڻايل اصولن پٽاندر، ورتل تدريجي اپائن ۽ قانونن وسيلي، عمل هيٺ اچن.

1. ٻار هن پڌرنامي ۾ ڄاڻايل سمورا حق ماڻيندو. سڀني ٻارن کي، سواءِ ڪنهن به فرق جي، هنن حقن ماڻڻ جو پورو پورو اختيار هوندو. ان باري ۾ ڪو به فرق –نسل، رنگ، جنس، زبان، مذهب، سياسي يا ٻئي ڪنهن رايي، قومي يا سماجي نسب، ملڪيت ڄم يا ٻئي ڪنهن درجي جو (پوءِ اهو کيس حاصل هجي يا سندس ڪٽنب کي) روا نه رکيو ويندو.

2. ٻار جي خاص طرح سان حفاظت ڪئي ويندي، ۽ کيس قانوني طور، ۽ ٻيءَ طرح سهوليتون ۽ موقعا ملندا ته هو عزت ۽ آزاديءَ واري ماحول اندر، صحتمند ۽ فطري نموني ۾، جسماني، ذهني، اخلاقي، روحاني ۽ سماجي ترقي ڪري سگهي. هن مقصد لاءِ قاعدن قانونن جوڙن  ۾ ٻار جا بهترين مفاد پيش نظر رکبا.

3. ٻار، پنهنجي ڄمڻ سان نالي ۽ قوميت جو حقدار ٿيندو.

4. ٻار سماجي سلامتيءَ جا پورا پورا فائدا ماڻيندو. هو صحت جي نيمن پٽاندر وڌڻ ۽ ويجهڻ جو حقدار هوندو، ان مقصد لاءِ ٻار جي ۽ سندس ماءُ جي، ٻار جي ڄم کان اڳ ۽ ڄم کان پوءِ، خاص سنڀال ۽ حفاظت ڪئي ويندي. ٻار مناسب کاڌي، اجهي، وندر ۽ طبي سهوليتن جو حق رکندو.

5. جنهن ٻار ۾ جسماني، ذهني يا سماجي عيب هوندو، تنهن ڏانهن سندس خاص حالتن پٽاندر خاص توجهه ڏنو ويندو ۽ تنهن لاءِ خاص تعليم ۽ حفاظت جا بندوبست ڪيا ويندا.

6. ٻار کي پنهنجي شخصيت جي پوري ۽ واجبي واڌاري لاءِ سمجهه ۽ پيار گهرجي. هو جتي به ممڪن هوندو، پنهنجي والدين جي سنڀال ۽ جوابداريءَ هيٺ؛ ۽ هر حالت ۾ ٻاجهه ڀرئي ۽ اخلاقي ۽ مادي سلامتيءَ واري ماحول ۾ وڌندڙ ءٌ وڏو ٿيندو؛ ننڍڙيءَ عمر وارو ٻار، سواءِ ڪنهن غير معمولي صورتحال جي، پنهنجي ماءُ کان الڳ نه ڪيو ويندو. سماج ۽ پبلڪ اختياري وارن جو اهو فرض هوندو ته لاوارث ۽ بي پهچ ٻارن جي خاص سنڀال ڪن. وڏي ڪٽنب جي ٻارن لاءِ سرڪاري ۽ ٻي مدد دلپسند ۽ تحسين جوڳو ڪم سمجهيو ويندو.

7. تعليم پرائڻ جو حق آهي، اها تعليم لازمي هوندي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي درجن تائين مفت هوندي. هُن کي اهڙي تعليم ڏني ويندي، جا سندس تهذيب کي وڌائيندي ۽ کيس ان لائق بنائيندي، جو هو، هڪجهڙين سهوليتن جي بنياد تي، پنهنجي صلاحيتن ۽ پنهنجي انفرادي راءِ کي وڌائي سگهي ۽ سماج جو هڪ ڪارائتو فرد بڻجي سگهي.

جيڪي ٻار جي تعليم لاءِ جوابدار هوندا، تن جي اڳيان ٻار جا مفاد پيش پيش رهندا؛ ٻار جي تعليم جي جوابداري سڀ کان اول، سندس والدين تي آهي.

 ٻار کي راند ۽ وندر جو پورو پورو موقعو ملندو، ان جو مقصد اهو ئي ساڳيو تعليم وارو هوندو؛ سماج ۽ پبلڪ اختياريءَ وارا هن حق جي ماڻڻ واسطي ٻار لاءِ مناسب موقعن پيدا ڪرڻ جو اُدم ڪندا.

8. هر حالت ۾، ٻارکي سڀ کان اول سهوليت، سهنج ۽ سلامتي ملندي.

9. ٻار کي هر قسم جي لاپرواهيءَ واري روش، ظلم ۽ ايذاءُ واريءَ ڪارستانيءَ کان بچايو ويندو.

10. ٻار جو انهن سڀني رسمن رواجن جي اثر ۽ عملن کان بچاءُ ڪيو ويندو، جي نسلي، مذهبي يا ٻئي ڪنهن به قسم جو ڀيد ڀاؤ پيدا ڪندڙ يا روا رکندڙ هجن. ٻار کي سمجهه، سهپ، انسان دوستيءَ، امن ۽ عالمي ڀائپيءَ واري جذبي هيٺ، ۽ انهيءَ احساس سان پاليو ويندو ته سندس قوت ۽ صلاحيتون آخرڪار انسان ذات جي خذمت لاءِ وقف ٿين ۽ ان لاءِ مخصوص رهن.

 

علم

جو شخص علم حاصل ڪرڻ ۾ ننڍپڻ جا ٿورا ورهيه خرچ نٿو ڪري، ان کي عمر ڀر جهل جون سختيون ئي برداشت ڪرڻيون پونديون آهن.

                                        (ارسطاطاليس)

-موڪليندڙ: اعجاز علي پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

 

دوست جي پرک

سچو دوست انهيءَ کي سمجهڻ گهرجي، جو اڪيلائي ۾ تنهنجا عيب ظاهر ڪري، انهن تي تنبيهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪري؛ مگر پرپٺ تنهنجي واکاڻ ڪري ۽ جڏهن توکي ڪابه مشڪل پوي ته ان وقت همراهي ڪري.

                                        (مامون رشيد)

-موڪليندڙ سلما ”ناز“ پنهور سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو

·  الطاف حسين آگرو

جپان

ايشيا کنڊ جي اوڀر پاسي جپان جو ملڪ آهي. جنهن کي اڀرندڙ سج جو ملڪ سڏيو وڃي ٿو. اصل ۾ جپان چئن ٻيٽن جو نالو آهي. (1) هونشو (2) ڪيوشو (3) لشڪوڪو (4) هوڪيڊو. انهن سڀني ۾ هونشو ڊيگهه ۽ آبادي جي لحاظ کان وڏو آهي. جپان جي گادي جو هنڌ ٽوڪيو به انهي ٻيٽ ۾ آهي، جپان جي ڊيگهه هڪ لک 41 هزار چورس ميل يعني پاڪستان جي اڌ کان به گهٽ آهي. پر آدمشماري پاڪستان جيتري اٿس. هتي هارين کي زمين جا ٿورا ٿورا ٽڪرا آهن. ۽ سندن گهر انهن زمينن جي ٽڪرن جي ويجهو آهن. هن ملڪ ۾ زلزلا گهڻا اچن ٿا. انهي ڪري گهڻا گهر ڪاٺ جا ٺهيل آهن. هتي گهڻا ٻرندڙ جبل آهن. جن ۾ فيوجي يا ما سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي. تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن وقت چين جي تهذيب چڱي ترقي ڪئي ان وقت جپان جا ماڻهو اڃان وحشي هئا. ٿوري وقت کان پوءِ هو گهڻين ڳالهين ۾ چينين جو نقل ڪرڻ لڳا. هنن لکڻ پڙهڻ جو فن به چينين کان سکيو. مذهب جي سلسلي ۾ گهڻيون ڳالهيون چينين هنن کي سيکاريون ۽ ٻني ٻاري جي طريقي ۾ به هو چينين جا شاگرد آهن. گهڻي وقت تائين جپاني دنيا کان الڳ رهيا. هو پنهنجي ملڪ ۾ نه ٻئي کي اچڻ ڏيندا هئا، نه ڪنهن جپانيءَ کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت هوندي هئي. پر پوءِ هڪ اهڙو وقت به آيو جڏهن هو دنيا جي ٻين ملڪن سان واپار ڪرڻ لڳا. ۽ انهن کي شوق ٿيو ته ٻين ملڪن تي قبضو ڪري هڪ وڏي سلطنت قائم ڪريون. اهڙي طرح ٿورئي عرصي جي اندر هنن ٻين ٻيٽن ۽ وڏن وڏن علائقن جن ۾ ڪوريا به هو ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. پر ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ جپان شڪست کاڌي ۽ جن جن علائقن تي هن جو قبضو هو، اهي سڀ علائقا کانئس کسجي ويا. هاڻي پهرئين وانگر جپان جي حڪومت چئن ٻيٽن تي آهي.

جپان جي آمدني جو وسيلو کيتي آهي. پر جيئن ته ٻيٽن ۾ رڳي جبل آهن  ۽ انڪري پوک لائق ٿورو علائقو آهي. جيڪڏهن آسمان تي ڪڪر نه هجن ته جپان جي جنهن به حصي ۾ ويندو ته جبل نظر ايندا.

جپان جي سڀ کان وڏي زرعي پيداوار چانور آهن. ليڪن ايترو مينهن نه ٿو پئي، جو فصل چڱي طرح اسري سگهي. انهيءَ ڪري دريائن ۽ ندين مان زمينن کي پاڻي پهچايو ويندو آهي. هن ملڪ ۾ ٻيون به گهڻيون شيون پيدا ٿين ٿيون، پر انهن مان ڪا به چانورن جو مقابلو نٿي ڪري سگهي. انڪري جپان جا ماڻهو گهڻو ڪري چانور کائين ٿا. هو چانورن مان ڪيڪ ۽ مٺايون پڻ ٺاهيندا آهن. ان کان سواءِ هو چانور خوشيءَ جي موقعي تي هڪ ٻئي کي تحفا ڪري ڏيندا آهن.

جپان ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ سارين جي پوک جنهن طريقي سان ڪئي وڃي ٿي ان ۾ ڪو به فرق نه آهي. سارين جي پوک جڏهن پچي وڃي ٿي ته ان کي لڻي مشن ۾ ڳاهايو ويندو آهي. جپان جي هارين کي سارين جي پوک ڪرڻ ۾ وڏي مهارت حاصل آهي.

جپان جو ڏاکڻيون حصو ڪافي گرم آهي، انهي ڪري اتي سال ۾ سارين جا ٻه فصل ٿين ٿا. جپان جي وچولي ڀاڳي ۾ ڪڻڪ، جَو ۽ سرهه پوکيا وڃن ٿا. جپان جي اترئين حصي ۾ گهڻي سردي پئي ٿي. هتي سال ۾ رڳو هڪ فصل ٿئي ٿو ۽ اهو به گرميءَ جي موسم ۾ سياري ۾ ٻني ٻاري جو ڪم بلڪل نٿو ٿي سگهي.

جپان ۾ چانورن کان سواءِ سايون ڀاڄيون ۽ چانهه به پوکجن ٿا. جپان ۾ توت جو وڻ گهڻو ٿئي ٿو. انڪري گهڻا ڪٽنب ٻني ٻاري کان سواءِ ريشم جا ڪينئان پاليندا آهن. سڄيءَ دنيا ۾ سڀ کان گهڻو ريشم جپان ۾ ٿئي ٿو.

نيرن هجي يا منجهند يا رات جي ماني جپاني هر وقت مڇي کائيندا آهن. جپان ۾ چانورن کان پوءِ مڇي مکيه کاڌو آهي. جپان جي آباديءَ جو پنجون حصو يعني ڏيڍ ڪروڙ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي مڇي پڪڙڻ جو ڪم ڪن ٿا. جپان ۾ وڻ گهڻا آهن. ملڪ جو اڌ کان وڌيڪ حصو اهڙو آهي جتي وڻن جا ٻيلا آهن. شهر کان ٻاهر نڪري ڏسبو ته ڪا به جڳهه وڻن کان خالي ڏسڻ ۾ نه ايندي. جپان ۾ ٻيلن مان ڪيترائي ڪم ورتا وڃن ٿا. سڀ کان وڌيڪ وڻ اهي آهن جيڪي ڪاغذ ٺاهڻ جي ڪم اچن ٿا. ڪوئلو، سون، ٽامو ۽ گندرف جپان جي معدني پيداوار آهن. پر هن ملڪ ۾ کاڻيون گهڻيون نه آهن. جپان ۾ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪئي وڃي ٿي جا گهڻي حد تائين پيٽرول جي مجبوري ڪتب آندي ويندي آهي. جپان ۾ ڪپڙي جا ڪارخانا گهڻا آهن، انڪري ڪافي ماڻهو انهن ۾ ڪم ڪن ٿا. ڪيميائي شيون ٺاهڻ ۽ تيل صاف ڪرڻ جا ڪارخانا به موجود آهن. جپان ۾ ننڍا ننڍا ڪارخانا انداز کان گهڻا آهن.

اڄ کان هڪ سو سال پهريائين جپان ۾ ڪو به وڏو شهر ڪو نه هو. پر اڄ انهيءَ ملڪ ۾ وڏا وڏا شهر آهن. جپان جا ڪوبي ۽ اوساڪا وڏا شهر آهن. پر هن ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ٽوڪيو انهن سڀني کان وڏو آهي، انهيءَ جي آدمشماري ٽيهن لکن کان وڌيڪ آهي. ٽوڪيو بلڪل نئين طرز تي ٺهيل آهي. 1923ع ۾ جپان ۾ هڪ وڏو زلزلو آيو هو. انڪري سڄو شهر تباهه ٿي ويو هو. انهيءَ ڪري جپانين شهر کي ٻيهر ٺاهيو. ڪشادا رستا ۽ نئين طرز جون وڏيون وڏيون عمارتون تيار ڪيون.

جپان جي ٻين شهرن وانگي هتي به هزارين گهر رنگ ۽ روغن کان سواءِ آهن. گهٽيون، بازاريون ۽ پاڙا تمام سوڙها آهن.

جپان جا ٻيٽ ننڍا ننڍا آهن ۽ اهڙي زمين ٿوري آهي جتي ٻني ٿي سگهي انهيءَ ڪري جپانين جو رڳو پوکيءَ تي گذارو نه ٿي سگهيو اهوئي سبب آهي جو جپانين هنر ۽ واپار کي ترقي ڏني. اڄ ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا ۾ جيترا به ملڪ آهن انهن مان ڪو به ملڪ هنر ۽ واپار ۾ جپان سان مقابلو ڪو نه ڪري سگهندو.

عبدالغفور اوٺو

غلام مصطفيٰ مسڪين

گل ڦل جيئن ته سنڌڙيءَ جي نئين نسل جو ترجمان سلسليوار رسالو آهي. ان نئين نسل ۾ جتي هن ڌرتيءَ جا سوڍا ۽ دودا پنهنجي ننڍڙي وهيءَ ۾ به جيجل سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ رڌل آهن. ۽ سندس سونهن کي سينگارڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. اڄ هن صفحي ۾ آئيندي جي ذهين ۽ هوشيار ننڍڙي ادڙي غلام مصطفيٰ مسڪين اوٺو سان ٿيل ڳالهه ٻولهه پيش ڪريان ٿو. جو پنهنجي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌي رهيو آهي.

هن ادل جا ابا ڏاڏا اصل سيوهڻ جا رهاڪو آهن. سندس سڄو خاندان تعليم کاتي واسطو رکي ٿو. هن پرائمري تعليم پنهنجي تعلقي سيوهڻ جي مشهور ڳوٺ ڪرمپور ۾ ورتي. هن وقت هي ننڍو ڀاءُ شمس العلماء علامه دائود پوٽه گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيوهڻ ۾ نائون ڪلاس سائنس پڙهي رهيو آهي، هي ننڍڙو ڀاءُ پنهنجي ڪلاس جي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿئي ٿو. ۽ تازو سالياني امتحان ۾ سٺو نمبر کڻي انعام حاصل ڪيو اٿس.

هن ادل کان جڏهن مان پڇيو ته ادا اوهان وڏا ٿي ڇا ڪندئو؟ ته ٺهه ڦهه جواب ڏنائين ته (ڊاڪٽر) ڇو؟ان لاءِ ته مان قوم جي خدمت ڪندس.

س: خدمت ته هڪ استاد به سٺي ٿو ڪري.

ج: ها ادا ائين ته صحيح آهي پر سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي تندرستي قائم رکڻ لاءِ ڊاڪٽرن جي به ضرورت آهي. خاص ڪري اسان جي ٻهراڙين ۾ جتي غريب، سادا، جهانگيڙا ۽ مارو ماڻهو رهن ٿا. آئون چاهيان ٿو ته ڊاڪٽر ٿي پنهنجي سنڌڙي جي اٻوجهه ۽ اڻ ڄاڻ سانگين جي خدمت ڪريان.

س: پيارا ڀاءَ اڄ تائين توهان ڪيترن تقريبن ۾ شريڪ ٿيا آهيو ۽ ان مان اوهان ڇا حاصل ڪيو آهي؟

ج: ڀاءَ اڄ تائين مان ڪيترن ئي تقريبن ۾ شريڪ ٿي چڪو آهيان، تازو ٻارڙن جي محفل طرفان (يوم لطيف) ملهايو ويو. ان ۾ مون تقريري انعام حاصل ڪيو. جو ڊي ايس پي سيوهڻ مون کي ڏنو. مان چاهيان ٿو ته اهڙين گهڻين تقريبن ۾ حصو وٺان.

س: ڇا توهان وڏا ٿي به ان فن سان واسطو رکندئو ڇا؟

ج: نه ادا ان سان منهنجو مقصد ڄاڻ وڌائڻ آهي ۽ آئون ضرور ڊاڪٽر ٿيندس.

س: ڀلا پيارا ادل توهان جون گهر ۾ واندڪائي ۾ ڪهڙيون مشغوليون آهن؟

ج: پيارن ڀائرن ڏي خط لکي انهن سان دوستي جو هٿ وڌائڻ ٽڪليون، پراڻا سڪا ۽ ڪتاب گڏ ڪرڻ چترڪاري ڪرڻ ۽ پڙهڻ.

س: اوهين ڇا ڇا پڙهندا آهيو؟

ج: پنهنجي ڪورس جا ڪتاب ۽ سڀ سنڌي رسالا.

س: سنڌي ۾ اوهان ڪهڙو رسالو پسند ڪريو ٿا ۽ دلچسپي سان پڙهو ٿا؟

ج: گهڻو ڪري سڀ رسالا جيڪي اسان جي گهر ايندا آهن، پڙهندو آهيان پر ڀاءُ گلن جهڙا ٻارڙا ۽ گل ڦل وڌيڪ دلچسپي سان هاڻي ته ٻارن جا ڪتاب اچي ويا آهن، تنهن ڪري اهي به آئون پڙهندو آهيان.

س: ڀلا پيارا ادل، توهان ڪهڙي سنڌي فنڪار جي فن کي پسند ڪريو ٿا؟

ج: شاعري ۾ شيخ اياز کي، خاص طرح ”سنڌڙي کي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار“ڳائڻ ۾ زينت صديقي ۽ ان کان سواءِ ناز سنائي، ادل سومرو، نياز همايوني کي وڏي دلچسپي سان پسند ڪريان ٿو، چترڪارن ۾ ارشاد راهي، طارق عالم ابڙي ۽ خدا بخش ابڙي کي پسند ڪريان ٿو.

س: ڇا ڀلا پيارا ادل، توهان چترڪاري ڪنداآهيو؟

ج: ها پيارا ڀاءَ، مان چترڪاري پڻ ڪندو آهيان.

س: پيارا ادل ماهوار رسالي گل ڦل باري ۾ توهان جو ڇا تاثر آهي؟

ج: پيارا ادل، مان گل ڦل آگسٽ 1975ع کان پڙهندو ٿو اچان، هن سنڌي رسالي سنڌي ٻارن ۾ همٿ ۽ جذبي ۽ ٻڌي جو ايڪو پيدا ڪيو آهي. ۽ ٻارن ۾ لکڻ جو چاهه پيدا ڪيو آهي.

س: ڀلا اوهان گل ڦل جي پڙهندڙ پيارن ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا؟

ج: ها، منهنجو سنڌ جي نئين نسل ۽ خاص ڪري منهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ اهو خاص سنيهو آهي ته محنت ڪريو، پڙهو ۽ پنهنجي جيجل سنڌڙي جي سينڌ کي سنواريو ته جيئن مر مرڪي ماءُ... لطيف جي سنڌڙي جا گل ڦل ساٿيو! اوهان ئي سنڌڙي جا سچا وارث آهيو، اوهان ئي سنڌڙي جي جندڙي ۽ سهاڳ آهيو! پڙهو، پرايو ۽ اڳتي وڌو! جيئن وقت جون واڳون پوري ريت توهان جي هٿن ۾ اچي وڃن.

 

 

مقابلو نمبر 5

سامهون واري صفحي تي اٺ تصويرون آهن، اها چترڪاري ڀيڻ شميم اختر کوهارو لاڙڪاڻي کان ڏياري موڪلي آهي. انهن تصويرن کي انعامي مقابلي نمبر 5 لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. تصويرن کي اوهين غور سان ڏسو ۽ انهن جي باري ۾ ڪهاڻي لکي موڪليو. مقابلي لاءِ آيل ڪهاڻين سان پهرين ٽن چونڊ ڪهاڻين کي انعام ڏنو ويندو. ۽ ڪهاڻيون سندن ليکڪن جي فوٽن سان شايع ڪيون وينديون. پهريون انعام 15 رپين جا ڪتاب. ٻيو انعام ڏهن رپين جا ڪتاب، ٽيون انعام 5 روپين جا ڪتاب.

مقابلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ٻارڙن کي هيٺين هدايتن تي عمل ڪرڻ لازمي آهي:

1- ڪهاڻي پني جي هڪ پاسي، صاف اکرن  ۾ ۽ مس سان لکيل هجي.

2- ڪهاڻي ڪٿان به نقل ٿيل يا ڪنهن وڏي اديب کان لکيل نه هجي.

3- ڪهاڻي گهٽ ۾ گهٽ گل ڦل جي ٻن صفحن جيتري هجي. ڪهاڻي موڪلڻ جي آخري تاريخ 5 ڊسمبر 1976ع آهي. ان کان پوءِ پهچندڙ ڪهاڻيون مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيو وينديون، نتيجي جو اعلان سالنامي ۾ شايع ڪيو ويندو.

 گل ڦل انعامي مقابلي ۾ حصو وٺي، انعام حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ، پنهنجي لکڻين جو معيار وڌايو.


 

·  اميد علي سرائي هوسڙي

 

اٺ ۽ ٻلي

 

هڪڙي عرب وٽ هڪ اٺ هوندوهو، جيڪو هن 5 هزار درمن ۾ ورتو هو. ان جي اٺ سان ڏاڍي دل هوندي هئي. هو سڄو ڏينهن اٺ تي بار ڍوئي شام جو اٺ جي ڏاڍي خدمت ڪندو هو. هڪ ڀيري اُٺ کي چارڻ ويو جتي سخت گرمي سبب اُٺ کي ڇڏي پاڻ کجي جي ڇانءَ ۾ سمهي پيو. جڏهن ننڊ ڪري اٿيو ته ڏسي ته اٺ ٺهي ئي ڪو نه اٺ کي ڳولي ڳولي ڏاڍو پريشان ٿيو. نيٺ ايڏو تنگ ٿيو جو خدا جو قسم کڻي چيائين ته اٺ ملي ته ان کي ٻن درمن ۾ وڪڻندوسانس، ڳچ دير ڳولي ڳولي ڏٺائين ته کجين جي هڪ باغ ۾ ويٺو آهي، اٺ کي ڪاهي گهر جو رستو ورتائين رستي تي سوچيندو آيو ته خدا جو قسم به کنيو اٿم ته اٺ کي سستي اگهه ۾ وڪڻندس ۽ اٺ کي وڪڻندي دل به نه ٿي چوي، سوچيندي سوچيندي خدا جو قسم پورو ڪرڻ لاءِ اٺ کي وڪڻڻ جو پڪو ارادو ڪيائين.

گهر اچي هڪ ٻلي ڪڇ ۾ کڻي اٺ ڪاهي بزار ۾ آيو ۽ هو ڪو ڏيڻ لڳو ته اچو ٻن درمن ۾ اٺ وٺو. هوڪي تي ڪيترائي واپاري اچي گڏ ٿيا ته ٻن درمن ۾ ٿا اٺ وٺون هڪ واپاري مالڪ کي ٻه درم ڏيئي جڏهن اٺ جي گهر ڪئي ته مالڪ جواب ڏنو ته ان جي قيمت ٻه درم آهي، پر ان سان گڏ هي ٻلي به خريد ڪرڻي پوندي. جنهن جي قيمت 5 هزار درم آهي، خريدار حيران ٿيا ته اٺ جي قيمت سان گڏ ٻلي به وٺڻي ٿي پوي. تنهنڪري ڪو به اٺ وٺڻ لاءِ تيار نه هو اهڙي طرح عرب جو قسم به سچو ٿيو. ۽ اٺ به نه وڪاڻو ۽ اٺ ڪاهي گهر ڏانهن راهي ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com