ماستر_مون کي خبر ڪانه هئي ته هاڻي تون ڌوڪو ڏيڻ
به سکيو آهين. توکي خبر آهي ته ڪيتريون حرڪتون
ڪيون آهن. هڪ ته تو ڪلاس ۾ گوڙ ڪيو، ٻيو امپوزيشن
پاڻ لکڻ جي بدران ٻين کان لکائي يعني اهو سارو اڌ
ڏينهن تو ڪٿي ٻئي هنڌ رُلڻ ۾ وڃايو. وري شام جو
مون سان ڪوڙ ڳالهائي نوٽبوڪ مون کي آڻي ڏنو ته هڪ
هزار جملا مون لکيا آهن. هينئر منشيءَ کي به
لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي.
منشي_ سائين ٻار آهي. ويچاري کي معاف ڪريو.
ماستر_ڇا، ٻار! تون صبر ڪري ويهه.
منشي_چڱو سائين جيڪا اوهان جي مرضي.
ماستر_(صالح کي) توکي شرم کان ٻڏڻ گهرجي. هيتريون
حرڪتون ڪرڻ کان پوءِ چاڪليٽن جو پئڪيٽ به مون کي
وٺي هضم ڪري وئين. پٽيوالا! نيٽ کڻي اچ.
پٽيوالو_سائين، اوهان جي همشيره صاحبه آئي آهي.
ماستر_ ادي!چڱو کيس ڀر واري ڪمري ۾ وهار ۽ لڪڻ کڻي
اچ.
منشي_ چڱو سائين مان ته وڃان ٿو.
(ايتري ۾ ماستر صاحب جي ڀيڻ اندر اچي ٿي).
ماستر_هان اوهين اچي ويا؟ اچو اچو.
ڀيڻ_هيءُ ڇوڪرو ته…
ماستر_(صالح کي) اڙي، وري هن کي به سڃاڻين ٿو؟ هن
سان به تو ڪا نئين شرارت ڪئي آهي ڇا؟
ڀيڻ_شرارت؟ نه نه، ادا، هن ڇوڪري ويچاري ته پاڻ
منهنجو وڃايل ٻٽون، مون کي آڻي ڏنو آهي.
ماستر_ وڃايل ٻٽون؟ جيڪو پوسٽ آفيس وٽان گم ٿي ويو
هو؟
ڀيڻ_ها ها اهو. هيءُ ڇوڪرو ته ڏاڍو هوشيار ۽ بهادر
آهي.
پٽيوالو_سائين،هيءُ نيٽ حاضر آهي.
ڀيڻ_نيٽ ڇاجي لاءِ؟
ماستر_انهيءَ نيٽ سان هن بهادر جي مرمت ڪرڻي هئي.
ڀيڻ_ نه نه، ائين هرگز نه ڪجو.
ماستر_توهان هن کي ڪونه ٿا سڃاڻو. اڄ هن کي ڪيترن
ئي ڏوهن جي سزا ملڻي آهي.
ڀيڻ_منهنجي خاطر اڄ هن کي معاف ڪريو، فقط اڄ.
آئينده هو ڪڏهن به ڪا حرڪت نه ڪندو. (صالح کي) نه
ڪندي نه؟
صالح_مان نهايت شرمسار آهيان، سائين، مون کي هيءُ
دفعو معاف ڪريو. مان ٻين جي چوڻ تي لڳس نه ته ڪڏهن
به ائين نه ڪريان ها. مان وعدو ٿو ڪريان ته وري
ڪڏهن به ائين ڪين ٿيندو.
ڀيڻ_هلوهلو. هاڻي جلدي تيار ٿيو پارٽيءَ جو وقت ٿي
ويو آهي.
صالح کي به ڇو نه پاڻ سان وٺي هلون!
ماستر_ اوهان جي مرضي هجي ته ڀل وٺي هلوس.
منشي_چڱو مون کي ته اجازت ڏيو. السلام عليڪم.
(پردو ڪري ٿو)
• وزيرعلي ايم سومرو، چڪ
زنده رهڻ جي لاءِ هوا نهايت ضروري آهي
زنده رهڻ جي لاءِ هوا جي وڏي ضرورت آهي. هوا نه
هجي ته جيڪر ڪو به ساهوارو زنده رهي نه سگهي. تمام
جاندار هوا ۾ ساهه کڻندا آهن. مگر انهن جو جدا جدا
طريقو هوندو آهي. انسان جي سيني ۾ ٻه ڦڦڙ هوندا
آهن. جن جي ذريعي هو هوا کي اندر ۽ ٻاهر ڪري
سگهندو آهي. مڇين کي وري هوا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪليون
ٿينديون آهن جن جي وسيلي اهي پاڻيءَ اندر هوا حاصل
ڪري وٺنديون آهن. جيتن جڙين کي وري پٺيءَ تي سنها
سنها سوراخ ٿيندا آهن. جن کي خوردبين سان ڏسي
سگهبو آهي. اهي ئي سوراخ آهن، جن جي آڌار تي ننڍڙا
جاندار جياپي لاءِ هوا حاصل ڪندا آهن. جڏهن هو هوا
کي اندر ٻاهر ڪندا آهن ته پوءِ سندن جسم چرندو
پرندو محسوس ٿيندو آهي. ڪن ننڍڙن جيتن، مثلااً پٽ
ڪينئون، مُنگهڻ، ڪِئِلُي وغيره جي جي جسم پورن
(جسم جي اهي سوراخ جن مان پگهر نڪرندو آهي) جي
ذريعي هوا داخل ٿيندي آهي. وڻ ۽ ٻوٽا به جاندار
آهن. انهن جي پنن ۾ وري ننڍا پورَ ٿيندا آهن، جن
کي رڳو خوردبين سان ئي ڏسي سگهبو آهي. اهي ئي اُهي
سوراخ آهن جن جي آڌار تي وڻ ٽڻ به هوا حاصل ڪندا
آهن. باهه جاندار نه آهي. بلڪه ٻارڻ جي لاءِ
انهيءَ کي به هوا جي ضرورت آهي. هوا نه هجي ته
جيڪر باهه به نه ٻري ها. انڪري اتفاق سان جيڪڏهن
ڪنهن جي ڪپڙن کي باهه لڳي پئي ته پوءِ ان حالت ۾
ڀڄڻ ۽ ڊڪڻ نه گهرجي. ڇا ڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان ويتر
باهه ڀڙڪندي، تنهنڪري انهن موقعن تي ترت ڪمبل يا
ٿلهي چادر ويڙهڻ گهرجي ته پوءِ باهه هڪدم وسامي
ويندي ۽ وري ٻيءَ صورت ۾ مٽيءَ ۾ ليٿڙڻ سان به
باهه وسامي سگهي ٿي.
ٻارن جا ليک
• منور عالم انصاري پاٽائي
هيءَ ماني ڪير کائيندو
هڪ دفعي جي ڳالهه ته ڪنهن زميندار وٽ هڪ ڪڪڙ ۽
سندس ٻچا هوندا هئا. هڪ ڏينهن ڪڪڙ ۽ ٻچا گهر مان
نڪري هلندا هلندا اچي ٻنيءَ تي پهتا. اتي هنن کي
هڪ ڪڻڪ جو سنگ ڏسڻ ۾ آيو. هن سوچيو ته ڇو نه ڪڻڪ
جا داڻا ڪڍي، پيهي ۽ انهن جي ماني پچائجي. هنن ڪڻڪ
جي سنگ کي گهلڻ شروع ڪيو. ٿوري مفاصلي گهلڻ کان
پوءِ سندس گهر اچي ويو. اتي ئي سندس گهر جي ڀرسان
هڪ ڪتو، هڪ ٻلي ۽ هڪ مور رهندا هئا. ڪڪڙ هنن سڀني
کي چيو ته ”دوستو، اسين محنت ڪري هڪ سنگ ڳولي کڻي
آيا آهيون. هاڻي هن مان داڻن ڪڍرائڻ ۾ اسان جي مدد
ڪير ڪندو؟“ سڀني ناڪار ڪئي. آخر هنن پاڻ
(ڪڪڙ ۽ ٻچن) محنت ڪري داڻا ڪڍيا. نيٺ انهن کي پيهڻ
جو وارو آيو. پر پيهڻ ۾ به هنن جي ڪنهن به مدد نه
ڪئي. اٽي ڳوهڻ ۽ ماني پچائڻ ۾ ڪنهن به مدد ڪانه
ڪئي. هنن اهو سڀ ڪم پاڻ ڪيو. آخر جڏهن ماني پچي
تيار ٿي ته ڪڪڙ سڀني کان پڇيو ته ”هاڻي هيءَ ماني
ڪير کائيندو؟“
مور، ڪتي ۽ ٻليءَ چيو ته”اسان کائينداسين.“ ڪڪڙ
جواب ڏنن ته ”هاڻي توهان سِڪو ۽ اسان کائون. جيڪو
محنت ڪري اهوئي کائي.“
سو ٻارو توهان ڏٺو ته محنت جو ڦل ڪيترو نه مٺو
آهي. انسان کي هردم محنت ڪرڻ گهرجي.
•حاجي سومرو
اخبار پڙهڻ مان
فائدا
پيارا ادڙا، اخبار خبرن جو جمع آهي. هيءَ نه رڳو
خبرون ڇپي ٿي زندگيءَ جي هر شعبي سان تعلق رکندڙن
جي دلچسپيءَ جو ذريعو آهي. اخبار جي پڙهڻ سان
انسان جي معلومات ۾ اضافو اچي ٿو.
پيارا ٻارو، اوهان ڏٺو هوندو ته اخبار جي پڙهڻ
وارا انسان نهايت چالاڪ ۽ ڳالهائڻ ۾ تيز هوندا
آهن. ائين ڇو ٿو ٿئي؟ ان جو سبب هيءَ آهي ته گَهرو
مطالع رکندڙ انسان دنيا جي هر خبر نهايت غور سان
پڙهندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ خبر تي بحث به
ڇيڙيندا آهن. اخبارن پڙهڻ وارا ٻار ڪڏهن به مشڪل
تقرير، آساني ۽ رواني سان پڙهي ويندو ۽ وڏي هجوم
۾ به شعر پڙهي يا تقرير ڪري سگهي ٿو. اخبارون فقط
وڏن لاءِ مخصوص نه آهن پر انهن ۾ ٻارن، عورتن،
شاگردن، مزورن، هارين جي ڪم جون ڳالهيون پڻ لکيل
هونديون آهن. پيارا ٻارو، اخبارون پڙهو ۽ ٻين
دوستن کي به اخبارن پڙهن تي همٿايو. اخبار ٻار جي
معلومات ۾ وسيع اضافو ڪري ٿي.
• عبدالرسول حاجي رحيم بخش ميمڻ.
اسڪول بابت نظم
هر جاءِ هاڪ وارو، اسڪول آهِه هِي،
نروار ناميارو، اسڪول آهِه هِي.
هِت نونهال ٻچڙا، گڏجي اِئين گهمن ٿا،
جيئن باغ منجهه گلڙا، ٽهڪن ٽِلن ٽڙن ٿا،
ڄڻ ڪو گلن جو ٻارو، اِسڪول آهِه هِي.
نروار ناميارو، اسڪول آهِه هِي.
ڪي ٿا اچن سڪوٽر، سائيڪل مٿان چڙهي،
ڪي جيپ ڪار ٽانگي تي ٿا وڃن پڙهي،
قدرت سندو نظارو، اسڪول آهِه هِي،
نروار ناميارو، اِسڪول آهِه هِي.
نياڻيون پڙهن ٿيون جي ڀائرن جون ڀينرون سڀ،
گويا سڀن جون آهن ساڳيون ته مائرون سڀ،
قربن ڀريو ڪردار اسڪول آهي هي،
نروار ناميارو اسڪول آهي هي.
• سبحان خاتون گاد
نيڪ ڇوڪر
پيارا ٻارو! هڪ ڇوڪر کي پنهنجي ماءُ هميشه اها
هدايت ڪندي هئي ته”ابا، ڪنهن به ٻار سان نه وڙهج،
سڀني سان دوستي وارو رويو رکج“. ان کان پوءِ اسڪول
۾ به کيس استاد جي نصيحت ڪئي ته ” ٻارو، ڪنهن سان
به نه وڙهو پاڻ ۾ ڀائرن وانگر ٿي هلو.“ هي ڇوڪر
نهايت نيڪ هو. جيڪي پڙهندو هو ان تي عمل ڪندو هو.
۽ وڏن جو چيو مڃيندو هو. هڪ دفعي هو اسڪول کان گهر
اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪن ٻارن وڙهڻ لاءِ کيس پٿر
هنيا ۽ کيس چيڙائڻ لڳا، پر هن انهن کي ڪو به جواب
نه ڏنو ۽ سڌو گهر وڃي ماءُ سان ڳالهه ڪيائين جنهن
وري به کيس ساڳي هدايت ڪئي ۽ بدلي وٺڻ کان روڪيو.
ٻه-ٽي ڏينهن ڇوڪرا شرارتون ڪندا رهيا پر کين ڪجهه
نه وريو پوءِ شرمندا ٿي کانئس معافي ورتائون ۽
چيائونس ته ”ادا، اسان وري توسان نه وڙهنداسين.“
اهڙيءَ طرح ٻارو، ڪو به جهيڙو جهٽو نه ٿيو. جيڪڏهن
هو استاد جي نصيحت ۽ ماءُ جي هدايت تي عمل نه ڪري
ها ته جهيڙو وڌي وڃي ها.
پيارا ٻارو، اوهان به جيڪي پڙهو ان تي عمل ڪريو ۽
وڏن جو چيو مڃَو ۽ پاڻ ۾ ٻَڌي ڪريو ته جيئن دشمنن
کي به شرمندو ڪري ڇڏيو.
•اڪرم سومرو
سُستيءَ جو نتيجو
فهميده کي صبح جو دير سان اُٿڻ جي عادت هئي. سڏي
سڏي بيهي رهندا هئس، ته به اُٿڻ جي ڪين ڪندي هئي.
پيئي چوندي هئي ته ”اُٿان ٿي، اجها اُٿان ٿي.“ پر
سُستي ڪري اُٿندي ڪين هئي. آخر ماڻس ڪاوڙ وچان هنڌ
مان گهلي ڪڍندي هئس.
هڪڙي ڀيري هن جي ماءُ ڪن ٿورن ڏينهن واسطي پنهنجي
ڀيڻ نجمه وٽ ڪنهن ٻئي شهر ۾ رهڻ لاءِ ويئي ۽
فهميده کي به پاڻ سان وٺي ويئي. ٿورا ڏينهن اُتي
رهي پوءِ انهيءَ ڀيڻ سميت وري پنهنجي گهر اچڻي
هئي. جنهن ريل گاڏيءَ ۾ هو اچڻيون هيون. سا فجر جو
سوير اُتان نڪرڻي هئي، تنهنڪري هن پنهنجي ڌيءَ کي
تاڪيد ڪيو هو ته ”سنجهي مان سويل سمهي رهه، ته صبح
جو سوير اٿين، متان گاڏي هلي وڃي“. اڳ به هنن وقت
بوقت سوير اُٿڻ جي عادت ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيس، پر هن
آخر پنهنجي عادت ڪين ڇڏي. آخر هنن سڀني پاڻ ۾
ٺهراءُ ڪيو ته جيسين هن کي ڪا سيکت نه ايندي يا
تڪليف نه پهچندي تيسين هوءَ پنهنجي عادت ڪين
ڇڏيندي.
صبح ٿيو ته هو ٻئي ڀينرون، فهميده جي ماءُ ۽ سندس
ماسي اُٿي، سنبت ڪرڻ لڳيون. ۽ فهميده کي به اُٿڻ
لاءِ چيائون، هوءَ هميشه وانگر اُٿان ٿي اُٿان ٿي
ڪندي رهي، پر اُٿي ڪين. هنن کي ته دير ٿي ٿي، گهڻا
ئي فهميده کي سڏ ڪيائون پر فهيمده هڪ سڏ به نه
ٻڌو. آخر هو ٻيئي ڄڻيون گاڏيءَ تي چڙهي اسٽيشن
ڏانهن وييون.
جڏهن فهميده گاڏيءَ جو آواز ٻڌو، تڏهن اک پٽيس،
گهڻيون ئي رڙيون ڪيائين، پر سندس ماءُ ۽ ماسي نجمه
سندس لاءِ ترسيون ئي ڪين، ۽ هو هليون وييون.
انهيءَ کان پوءِ فهميده ڪيترائي ڏينهن اڪيلي
پنهنجي ماسيءَ جي گهر رهي. پئي رنائين ۽ رڙيون پئي
ڪيائين. پوءِ فهميده کي پنهنجو ڀاءُ افضل وٺڻ
آيو، هن کي پنهنجي گهر وٺي ويو. انهيءَ سبق کان
پوءِ هوءَ ازخود سمجهي ويئي، ته سستي ڪرڻ نه
گهرجي.
پوءِ فهميده پنهنجي سستيءَ جي عادت ختم ڪئي ۽
روزانو سوير اٿندي هئي.
پيارا ٻارو! اوهان به ڪنهن ڪم ۾ سستي ڪڏهن نه ڪندا
ڪريو.
•الطاف حسين جوکيو، محرابپور
پلاسٽڪ
اسان پلاسٽڪ مان ٺهيل ڪيتريون ئي شيون ڏسون ٿا ۽
ڪتب آڻيون ٿا، پر اسان ڪڏهن به اهو خيال ڪونه ڪيو
آهي ته پلاسٽڪ ڇا آهي ۽ ان مان شيون ڪيئن ٺهن
ٿيون. ڪيميا وارا ڪيتريون ئي شيون ملائي انهن مان
پلاسٽڪ ٺاهين ٿا، خاص طور ڪوئلو ۽ پيٽروليم ۽ ڪپهه
جي تاندورن ملائڻ سان پلاسٽڪ ٺهي ٿي. هن جا ٻه قسم
آهن هڪڙو ريزن، ان کي جڏهن گرم ڪبو آهي ته سخت ٿي
ويندو آهي، ۽ ٻئي قسم کي جنهن جو نالو آهي نائلون.
ان کي گرم ڪبو ته نرم ٿي ويندي.
پلاسٽڪ ٺاهڻ جو طريقو ڏاڍو منجهيل آهي ۽ ان جي
ٺاهڻ جا خاص ڪارخانا آهن. جيئن سائنس ترقي ڪندي
وڃي ٿي تيئن پلاسٽڪ جا ڪيترائي قسم ٺاهيا وڃن ٿا،
جو انهن جون ڌار ڌار خاصيتون ٿين ٿيون. هن کي ٺاهڻ
جا خاص طريقا هي آهن:
1.
پائوڊر جي شڪل ۾، 2. پاڻيٺ جي شڪل ۾، 3. ڊگهين
چادرن جي شڪل ۾، 4. نلين جي شڪل ۾، 5. لٺين جي
شڪل، 6 تاندورن جي شڪل ۾ پائوڊر واري پلاسٽڪ کي
ڪنهن لوهه جي سانچي ۾ وجهي باهه ڏجي ته گهربل شڪل
جي شيءَ ٺهي پوندي.
ڪوپن، درن جي هٿين ۽ شيشن ٺاهڻ لاءِ ٻه سانچا ڪم
ايندا آهن. هڪڙو اندريون ٻيو ٻاهريون.
ڦڻين، برشن ۽ رانديڪن ٺاهڻ لاءِ گهڻو ڪري ريزن ڪم
ايندي آهي. هن حالت ۾ پهريائين پائوڊر کي گرم ڪبو
آهي ۽ پوءِ سانچي ۾ وجهبو آهي.
•شاهد حسين ميمڻ
شهزادو شينهن
ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڇوڪري رهندي هئي. هن جو نالو
جميله هو. دنيا ۾ هن جو ڪوئي ڪونه هو. ماءُ ۽ پيءُ
ننڍي هوندي ئي مري ويا هئس. هن جي ماسيءَ هُن کي
نپايو. جڏهن هوءَ وڏي ٿي تڏهن هن جي ماسي به مري
وئي ۽ هوءِ ويچاري دنيا ۾ اڪيلي رهجي ويئي هڪ
جهوپڙي ۾ رهندي هئي. ان ڇوڪريءَ ماڻهن کان ڪم
گهريو پر ڪنهن ڪم نه ڏنس. آخر ۾ پاسي واري ڳوٺ جي
هڪ ريڍار کي هن تي رحم آيو. ان جميله کي چيو:”تون
جهنگ ۾ وڃي منهنجون ٻڪريون چاريندي ڪر. ان جي عيوض
مان توکي کاڌو ۽ ڪپڙو ڏيندس.“ جميله ويچاري راضي
ٿي وئي. رڍن ۽ ٻڪرين کي وٺي جهنگ ڏانهن رواني ٿي.
سڄو ڏينهن هوءَ رڍون ۽ ٻڪريون چاري شام جو انهن کي
ڳڻي گهر واپس ايندي هئي.
هڪ ڏينهن هوءُ ٻڪريون چاريندي جهنگ ۾ ڪافي پري
نڪري ويئي. اُس ڏاڍي تيز هئي. هوءَ ٻڪرين کي ڇڏي
وڻ جي ڇانو ۾ اچي ويٺي، ليڪن ٿوري دير کان پوءِ
ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌي ڇرڪي هن هيڏانهن هوڏانهن
ڏٺو پر ڪو نظر نه آيس. ٿورو پري وڃي هن ڏٺو ته هڪ
شينهن ٻوڙن ۾ روئي رهيو آهي. جميله کي شينهن تي
رحم آيو. ليڪن هن کي ڀؤ به پئي ٿيو. ڀلا شينهن
کان ڪنهن کي ڀؤ نه ٿيندو؟ پر شينهن ان وقت ڏاڍو
ڏکويل ۽ اداس هو. هن جي پير ۾ تير لڳو هو جنهن سبب
کان هو ڦٿڪي رهيو هو. هوءَ ڊڄندي شينهن وٽ پهتي ۽
هٿ وڌائي آهستي تير ڪڍي ورتائين. شينهن جي تڪليف
گهٽ ٿي ۽ روئڻ بند ڪيائين. پوءِ جميله جهنگ مان
ڪجهه ٻوٽيون پٽي هن جي زخم تي پهه ڪري رکيون ۽ رئي
جو ٽڪر ڦاڙي پٽي ٻڌي ڇڏيائينس. شينهن ڏاڍو خوش
ٿيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ پڇ لوڏيندو هليو ويو.
شام ٿي وئي هئي جميله کي پنهنجون ٻڪريون ياد آيون
۽ هوءَ جلدي جلدي ان جاءِ تي پهتي جتي هن جو
ٻڪريون چري رهيون هيون، پر هي ڇا؟ اتي هڪ ٻڪري به
نه هئي! جميله جي دل دهلجي وئي ته آخر ٻڪريون ويون
ڪيڏانهن. |