سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1976ع

باب: --

صفحو :3

هن واقعي کانپوءِ شاهه شهيد ۽ سندس فقيرن هيڪاري زور ورتو. هنن کي خدا کانسواءِ ٻي ڪنهن جو ڊپ ڪونه هو. هنن جو اصول هو ته ڌرتي خدا جي آهي، جيڪو پوکي سو کڻي. اُها ڳالهه زميندارن ۽ جاگيردارن کي نه وڻي. جڏهن هتي جو گورنر نواب اعظم خان ٿيو ته هن جا ڪَن اهڙيءَ ريت ڀريا ويا جو هن ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي مدد سان ۽ دهليءَ جي شهنشاهه فرخ سير جي اجازت سان هڪ وڏو لشڪر وٺي اچي ميرانپور تي گهيرو ڪيو، جو ڇهه مهينا هليو پر ڪجهه ڪين وريو. نيٺ ميان محمد خان ولد يار محمد ڪلهوڙي ۽ مير شهداد خان ٽالپر (جيڪو شاهه شهيد جو سنڊو به هو) قرآن پاڪ وچ ۾ آڻي صوفي صاحب کي ڳالهين ٻولهين لاءِ ٺٽي آندو . درٻار ۾ شاهه شهيد ۽ نواب جي وچ ۾ گهڻو ئي بحث مباحثو هليو پر نواب کيس دوکي سان مارائڻ ٿي چاهيو ان ڪري مولوين ۽ ملن کان شاهه شهيد جي خلاف فتويٰ وٺي قتل جو حڪم جاري ڪيائين. هن سلسلي ۾ معتبر روايت آهي ته، غوث الحق مخدوم نوح سرور رحه جي سجاده نشين، ان فتويٰ تي دستخط نه ڪيو ۽ چيو ته ”فقير فقير جي قتل واري فتويٰ تي دستخط نه ٿو ڪري سگهي.“ هي واقعو 9 صفر 1130 هجري جو آهي. عزرائيل جلاد جي صورت ۾ اچي شاهه شهيد جي اڳيان بيٺو ۽ هن صاف دل صوفيءَ ان کي الله جو امر ڄاڻي پنهنجو ڪنڌ جهڪايو ۽ پنهنجي ڀاءُ، ڀائٽي سلام الله سميت شهادت حاصل ڪئي.

شاهه عنايت رحه جي شهادت جهوڪ جي ڌرتيءَ کي دنيا ۾ امر بنائي ڇڏيو. چون ٿا ته جڏهن جلاد جي ترارمٿن اثر نه ڪيو تڏهن پاڻ پنهنجي مرشد واري ترار گهرائي جلاد کي ڏنائون ته هن سان اسان کي شهيد ڪر ۽ ان جي اجرت ۾ ڪجهه اشرفيون ڪڍي جلاد کي ڏنائون. شهادت وقت سندن واتان حافظ شيرازيءَ جو هي بيت نڪتو:

رهانيدي مرا از قيد هستي

جزاک الله في الدارين خيرا

(يعني مون کي هستيءَ جي قيد کان آجو ڪيئه. شل خدا تعاليٰ تنهنجا ٻئي جهان موچارا ڪري.)

شاهه شهيد جي شهادت کانپوءِ، دهلي سلطنت جي ٻن سادات وزيرن، جي خود شاهه شهيد جا مريد هئا، تن سخت قدم کڻي اول اعظم خان کي ٺٽي جي گورنريءَ تان هٽائي، دهليءَ گهرايو ۽ کيس قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ خود فرخ سير مغل شهنشاهه کي به تخت تان لاٿو ويو. ان طرح شاهه شهيد جي شهادت ظالمن جون پاڙون پٽي ڇڏيون.

ان قيامت جهڙي حادثي کانپوءِ ستت ئي سنڌ جو عظيم شاعر شاهه لطيف، شاهه شهيد جي زيارت لاءِ آيو. روايت آهي ته لطيف سائينءَ، شاهه شهيد جي زيارت ڪندي سائين سلام الله جي سيرانديءَ وٽ بيهي هي بيت چيو:

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين

آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين

جي جيءَ کي جيارين، سي آديسي اٿي ويا.

جهوڪ شريف ۾ شاهه شهيد جي درگاهه تي سال به سال 17 صفر جي ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ هزارين هندو ۽ مسلمان زيارتي، فقير ۽ درويش اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ مستي ۽ قلندريءَ جو هڪ سمنڊ ڇوليون پيو هڻندو آهي.

سٺو کاڄ

تون سٺي ۾ سٺو کاڄ کائڻ جي تمنا ڪرين ته ياد رک ان ڏينهن کي به، جنهن ڏينهن تون پاڻ مٽيءَ ۾ جيتن جڙن جو کاڄ ٿيندين.

موڪليندڙ: ايم اقبال ڪنول- پيرون مل.



 

بيبي ثمينا شيخ

انٽرويو وٺندڙ: طارق نفيس ابڙو

سنڌ هر دور ۾ اسان کي نون آوازن کان سڃاڻو ڪرائيندي پئي اچي. هر سج ڪني ڪڍي، چوٽ چڙهي، ڪائنات کي پنهنجن ڪرڻن سان روشن ڪري آهستي آهستي شام جي لالاڻ ۾ گم ٿي ويندو آهي. هر صبح جي سج جي شام به ٿيندي آهي، پر هر سج اڀرڻ کان لهڻ تائين، هزارين يادون پنهنجي پٺيان ڇڏي ويندو آهي. فن جو مثال به ڪجهه اهڙوئي آهي. فن لازوال آهي. فن اَمر آهي. فنڪار ڪڏهن به مري نٿو سگهي. اُن جا زندهه مثال: ڪنور ڀڳت، ڀيرومل، جيوڻي ٻائي وغيره آهن. هر دور ۾ اسان کي نوان آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن، رس ڀريا سُريلا آواز، اُهي آواز مشهور به ٿيندا آهن، پر جڏهن ڪجهه عرصو گذرندو آهي ۽ اسان جا ڪَن

انٽرويو ڏيندڙ : بيبي ثمينا شيخ

ڪنهن ٻي مٺڙي سُريلي آواز کي ٻڌندا آهن ته اسان کي ان آواز ۾ ڪجهه عرصو اڳ ٻُڌل آواز کان وڌيڪ مٺاس ۽ مڌرتا محسوس ٿيندي آهي. اڄ مان اوهان کي هڪ اهڙي ئي مڌر آواز ۽ معصوم شخصيت سان واقف ڪرايان ٿو. هن پتڪڙي ٻالڪڙي کي، مون پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ۾ 28-10-1975ع تي ملهايل (سنڌي شام) ۾ ٻڌو ۽ ڏٺو انائونسر پنهنجي مخصوص آواز ۾ چيو: خواتين و حضرات، هاڻي اوهان کي هڪ ننڍڙي گلوڪاره حضرت طالب الموليٰ جو ڪلام ٻڌائيندي. ۽ پوءِ هزارين ڏسندڙن جون نگاهون اسٽيج ڏانهن کڄي ويون. اسٽيج جي پٺئين دروازي مان هڪ ننڍڙي نينگر نڪتي. اجرڪ مٿي تي، گهنگهرو وار ۽ معصوم مُک، هوءَ وڏي اعتماد سان آئي. مائيڪ جي سامهون بيهي ٿورو مُرڪي ۽ پوءِ سندس رسيلو آواز ڪئمپس جي فضائن ۾ پکڙجي ويو:

”اڱڻ ٻهاريان....“

ايڏو ميٺاج ايتري ننڍڙي عمر ۾! سندس زبان مان نڪتل هر لفظ ڄڻ مکڙي مان ٽڙي گل بنجي ٻاهر ٿي  نڪتو. مون ايڏي هڪ ڪرائي ايتري پختگي، اڄ تائين ڪنهن ايڏي ننڍڙي ٻار ۾ نه ڏٺي هئي ۽ نه ڪڏهن ايڏي ٻارڙي جو اهڙو مڌر ۽ سريلو آواز ٻڌو هو. هن جڏهن ڳايو پئي ته سڄي هال مٿان ماٺ ڇائنجي  ويئي هئي. هر چهرو عجب جو نشان بڻيل هو. ننڍڙي گلوڪاره جڏهن ڪلام ختم ڪيو ته هر طرف (هڪ دفعو ٻيهر) جا نعرا پنڊال ۾ گونجڻ لڳا ۽ اسان جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن اُن نينگرڙي فنڪاره زرينا بلوچ جي ڳاتل ڳيچ ”مور ٿو ٽلي“ ڳائڻ سان رقص به ڪيو. ننڍڙي پتڪڙي گڏيءَ جهڙي ائين ٿي نچي، ڄڻ سندس پير زمين تي کُتائي نٿي، هوءَ واقعي مور جيان ٽِلي رهي هئي، جڏهن ڳيچ ختم ٿيو ته، مان غير شعوري طور ڊوڙ پائي اسٽيج پٺيان هليو ويم، ڏٺم ته هوءَ ڏاڍي معصوميت سان هڪ بلب کي ڦيراٽيون پائيندڙ جيتن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پڇڻ تي ٻڌايائين: منهنجو نالو ثمينا آهي. پڇيومانس: تون اڪيلي آئي آهين؟ ڪنڌ ڌوڻيندي چيائين: نه، مون سان منهنجي ڀيڻ به آهي. هن هٿ سان اشارو ڪندي چيو: او.... اِها.... ڏٺم ٻين فنڪارن سان گڏ سامهون ويٺل زيب النساءِ ويٺي هئي. تڪڙو تڪڙو ساڻس وڃي مليم ۽ چيومانس: ادي مون کي ننڍڙي ثمينا جو انٽرويو، گل ڦل لاءِ وٺڻو آهي. زرينا بلوچ به ڀر ۾ ويٺل هئي، تنهن چيو پٽ، سڀاڻي تائين هي هتي آهن، تون شام جو پنجين بجي ريڊيو اسٽيشن تي اچي ثمينا جو انٽرويو وٺي وڃج. ٻئي ڏينهن ريڊيو تي ويم، جيجي زرينا بلوچ، پير اسحاق سرهندي جي آفيس ۾ منهنجو انتظار ڪري رهي هئي. حال احوال کانپوءِ چيائين: بابلا ثمينا اتي آهي، مان وٺي ٿي اچانس. جيجي زرينا ويئي، ڪجهه دير کان پوءِ موٽي اچي ٻڌايائين: پٽ، آهي ته اتي هينئر الائي ڪيڏانهن ويئي آهي. نيٺ ٻيهر سندس ننڍڙو اياز لطيف ويو ۽ ثمينا کي وٺي آيو.

مون کيس چيو: بيبي، مان توهان کان انٽرويو وٺڻ آيو آهيان ڏينديون نه؟

ثمينا منهنجي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويهندي، ڪنڌ لوڏي ٿورڙو کِلي چيو: ها!.... ۽ پوءِ مون وڌيڪ دير مناسب نه سمجهي، مون کيس چيو ته پهرين پنهنجو تعارف ڪرايو.

ثمينا چيو: منهنجو سڄو نالو ثمينا شيخ آهي. مان چوٿين جماعت ۾ پڙهندي آهيان. اسان جو اصل گهر نواب شاهه آهي، مان رهندي به اُتي ئي آهيان.

مون پڇيومانس: اوهان جي عمر ڪيتري ٿيندي؟ هن وراڻيو: يارنهن سال. ان کان اڳ جو مان کانئس ٻيو ڪو سوال پڇان، جيجي زرينه بلوچ چيو: ثمينا کان سندس راندين بابت پڇجانءِ. سو پڇيومانس: بيبي اوهان ڪهڙيون رانديون ڪنديون آهيو؟

ثمينا: مان سائيڪل هلائيندي آهيان، جڏهن پڙهي ٿڪجي پوندي آهيان ته لغڙ به اُڏائيندي آهيان، مون کي گهوڙي سواري ۽ اسڪوٽر هلائڻ جو به ڏاڍو شوق آهي.“ سندس راندين جو ٻڌي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. پنهنجي حيرت کي لڪائيندي پڇيم ”ڀلا اوهان گهرو ڪم به ڪنديون هونديون؟“

انٽرويو وٺندڙ:

طارق نفيص ابڙو

ثمينا: ”ها، مان ماني پچائيندي آهيان. ٿانو ڌوئيندي آهيان. باقي ٻوڙ رڌڻ اڃا نٿو اچي.

مان: ڀلا اوهان ڪڏهن ريڊيو يا ٽي وي تي ڳايو آهي.

ثمينا: نه، مان ريڊيو تي ڪڏهن نه ڳايو آهي. باقي ٽي وي تي هڪ ڀيرو ”سنڌ سينگار“ ۾ رقص ڪيو اٿم. ريڊيو تي جلد ئي اوهان مون کي ٻڌي سگهندا.

مان: ڀلا، اوهان يونيورسٽي کانسواءِ ٻي شهر جي ڪنهن اسٽيج تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي.

ثمينا: ها، مان ان کانسواءِ روهڙي، سانگهڙ ۽ قلندر شهباز جي ثقافتي شو ۾ ڳائي چڪي آهيان.

مان: اوهان رقص به تمام سٺو ٿيون ڪريو. ڇا اوهان رقص جي باقاعدي سکيا وٺنديون آهيو؟

ثمينا: نه، مان رقص جي سکيا نه ورتي آهي، پر اهو منهنجو شوق آهي؟

مان: اهو ٻڌايو ته اوهان کي ڳائڻ جو شوق ڪيئن پيدا ٿيو؟ ڇا ڳائڻ ۾ اوهان جو ڪو استاد نه آهي؟

ثمينا: مون کي ڳائڻ جو شوق ننڍڙي لاڪون آهي، اڳ ۾ ته منهنجو ڪو به استاد نه هو پر يونيورسٽي ۾ ڳائڻ کانپوءِ مون کي استاد محمد جمن پنهنجو شاگرد بڻائيندو.

مون کي سندس مٿين جملن تي کل اچي ويئي. چيم ”هينئر به تون ننڍڙي آهين.“ سندس وڏي ڀيڻ ادي زيب النساءِ سندس جواب جي وضاحت ڪندي ٻڌايو ته:

ثمينا جڏهن ٻن ورهين جي هئي ته مان کيس سُرَ ۾ سڏ ڪندي هيم، جنهن جو جواب هيءَ به سُرَ ۾ ڏيندي هئي.

مان: بيبي، اوهان کي ڳائڻا ڪهڙا پسند آهن.

ثمينا: محمد جمن ۽ زيب النساءِ. سندس جواب ٻڌي ادي زيب النساءِ کلي پيئي (شايد پنهنجو نالو ٻڌي.)

مان: ٻڌايو ته اوهان وڏيون ٿي ڇا بنجنديون. اوهان جي تمنا؟

ثمينا: منهنجي تمنا آهي ته مان وڏي ٿي سنڌ جي مشهور گلوڪاره بڻجان.

مان: ثمينا، اوهان ڪورس جي ڪتابن کانسواءِ ٻيا ڪي ڪتاب پڙهنديون آهيو؟

ثمينا: پنهنجين اکين جي اشاري سان ٽيبل تي پيل ڪهاڻين جي ڪتابن ڏانهن منهنجو ڌيان ڇڪايو. (جيڪي پاڻي ۾ ڪري پوڻ ڪري آلا ٿي پيا هئا ۽ ٽيبل تي سڪي رهيا هئا.) ۽ چيو: مان هر مهيني نڪرندڙ رسالا به خريد ڪندي آهيان، جن مان گل ڦل به هڪ آهي.

مان: چڱو بيبي ان کان پهرين جو مان توهان کان آخري سوال پڇان ته بهتر ٿيندو ته اوهان پنهنجي شرارت جو ڪو واقعو ٻڌايو، جنهن کي اسان جا پڙهندڙ ٻارڙا پڙهي محفوظ ٿين. بيبي ثمينا خاموش ٿي سوچڻ لڳي ته سندس ادي زيب النساءِ، جا اسان جون ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، تنهن چيو: ادا، هيءَ پنهنجن شرارتن جا قصا نه ٻڌائيندي. مان ٿي سندس شرارتن مان هڪڙي شرارت جو واقعو ٻڌايان: مان ۽ ثمينا اڪثر حيدرآباد ايندا آهيون ته ڇوٽڪي گهٽي ۾ مائٽن وٽ رهندا آهيون. هڪ ڀيري مان ثمينا کي گهر ڇڏي، ريڊيو  پروگرام ڪرڻ لاءِ ويم، ته پٺيان ثمينا سائيڪل ڪرائي تي کنئي ۽ پيرين اُگهاڙي سڄي شهر جا سير سپاٽا ڪري رهي هئي. مان پروگرام ڪري جڏهن موٽي رهي هيس ته ثمينا، سائيڪل جو هئنڊل هٿ ۾ جهليو پيرن اگهاڙي سوسائٽي وٽ لڳل ٽرئفڪ جي رنگين سنگنل جي بلبن کي وسامندو ٻرندو ڏسي رهي هئي. مان ته اصل ڊڄي ويس. هيڏي ساري رش ۾ ننڍڙي ڇوڪري، سائيڪل هٿ ۾، خدا نه ڪري ڪجهه ٿي پوي ته؟ پوءِ ته کيس سائيڪل پيرين پنڌ کڻائي اچي گهر رسيم. اها خبرته پوءِ ته لاڏليءَ ان سائيڪل تي ٽنڊو ولي محمد، اسٽيشن روڊ، ٽنڊو آغا ۽ گاڏي کاڌو، الاجي ڪٿان ڪٿان جا چڪر هنيا هئائين. سو ادا، ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي شرارت ٿي سگهي ٿي، يا ٿيندي. مون سندس شرارت جو قصو ٻڌي ثمينا ڏانهن ڏٺو، جا وڏي آرام سان ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي مشڪي رهي هئي. مون سندس ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائيندي چيو: هاڻي آخري سوال اهو آهي ته اوهان پنهنجي پڙهندڙ ساٿين کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿيون؟ ثمينا لفظ پيغام سمجهي نه سگهي، ۽ مون کي ڏسڻ لڳي. مون پنهنجي سوال کي آسان بڻائيندي چيو: منهنجو مطلب آهي ته ڪا صلاح يا نصيحت ڏيون.

ثمينا: ها، مان پنهنجن ساٿين کي صلاح ٿي ڏيان ته هو جو به ڪم ڪن اُن کي توڙ رسائين، جيڪڏهن ائين ڪندا ته هميشھ ڪامياب رهندا.

مان پوپٽ جهڙي ڪونپل، پتڪڙي ۽ نرتڪي راڻيءَ جو آخري خواب لکي کانئس موڪلائي جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي گيٽ کان ٻاهر نڪتس. ڏٺم ته اڄ جو سج ٿڪل ٿڪل ٿاٻا کائيندي وڻن ۾ گم ٿي رهيو هو. مون سوچيو، سڀاڻي جي ڄاول سج جا ڪرڻا جڏهن ڪائنات جي هر ذري تي پوندا ۽ هر شيءِ جاڳي پوندي تڏهن ثمينا جي رسيلي ۽ ماکي جهڙي مٺڙي آواز سان ان ذري ذري ۾ اهو احساس جاڳندو ته فن، ڪنهن ذات يا شخص جي ملڪيت نه آهي پر فن هڪ ڏات آهي ۽ اها ڏات خدا جنهن کي چاهي ان کي ڏي. ٿي سگهي ٿو ته ننڍڙي ثمينا شيخ جو هي معصومانه آواز، آئيندي لاءِ هڪ لازوال ۽ ابدي بنجي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪلا ۽ فن امر آهن. ان لاءِ ته هو پاڻ به جيئندا ته ٻين کي به جياريندا.

نيڪي ۽ بدي

جي سکيا ڏينهن ڪاٽڻ ٿو چاهين ته زبان کي برائيءَ کان، ۽ چپن کي کوٽ، ڪپت ٻولڻ کان بچاءِ، بڇڙائيءَ کان باز اچ ۽ نيڪي اختيار ڪر.

موڪليندڙ: اين ايم سومرو ڪنڌڪوٽ

 

 

سالنامي ۾ اعلان ڪيل عنوان ”سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي“ تي جن ٻارن ڪهاڻيون لکي موڪليون آهن انهن جا نالا هن ريت آهن:

1- خليل الرحمان شيخ، لاڙڪاڻو. 2- يوسف حيدر شيخ، ڪنڌڪوٽ. 3- الهه بخش سومرو، ڳڙهي ياسين. 4- مقبول احمد عباسي، ٺٽو. 5- محب الله علياڻي، ڳوٺ سائينداد علياڻي. 6- ڪشور ڪمار ناز، گمبٽ. 7-واحد بخش جوکيو، گجو. 8- شيخ ذوالفقار علي، قمبر. 9- سروج ڪماري، لاڙڪاڻو. 10- سنتوش ڪمار، خانپور مهر. 11- رميش ڪمار، لاڙڪاڻو. 12- وصي احمد نظاماڻي، ٽنڊوقيصر. 13- رياض حسين سومرو، حيدرآباد. 14- نياز احمد ناز، ٺٽو. 15- ڀڳوانداس، وارهه. 16- امتياز حسين لغاري، ڳوٺ لهڻو لغاري. 17- عبدالوحيد رند، ڳڙهي، خيرو جمالي. 18- ايم اي سومرو، ڪنڌڪوٽ. 19- جيرام مهراج، سامارو. 20- جئپالداس، ڇاٻڙيا، ڪنڌڪوٽ. 21- غلام مجتبيٰ ڪولاچي، ميرپورماٿيلو. 22- ذوالفقار علي ميراڻي، ڳڙهي ياسين. 23- راز سنڌي، شڪارپور. 24- اعجاز حسين سومرو، حيدرآباد.

ججن جي فيصلي مطابق پهريون نمبر راز سنڌي، صديق ماڙي شڪارپور. ٻيو نمبر سروجڪماري، معرفت ڪي- جي گرناڻي وڪيل نزديڪ شيوا منڊلي لاڙڪاڻو. ۽ ٽيون نمبر ڀڳوانداس، وارهه  (اوهان پنهنجي پوري ائڊريس موڪليو) حاصل ڪيو آهي. پهرئين نمبر کي هڪ سال لاءِ، ٻئي نمبر کي ڇهن مهينن لاءِ ۽ ٽئين نمبر کي ٽن مهينن لاءِ گل ڦل جولاءِ 1976ع کان مفت موڪليو ويندو. انعام کٽندڙ ٻارن جون ڪهاڻيون ايندڙ پرچن ۾ واري سان شايع ڪيون وينديون. هن مقابلي ۾ ٻن ٻارن ڪشمور ڪمار (گمبٽ) ۽ جئپالداس (ڪنڌڪوٽ) ڪهاڻين بدران مضمون لکيا آهن، جيڪي سٺا آهن، ان ڪري اسين کين مبارڪون ڏيون ٿا. جيئن ته هي مقابلو ڪهاڻين جو هو. ان ڪري مضمونن کي اسين ان ۾ شريڪ نه ڪري سگهيا آهيون پر هنن ليکڪن جي همت افزائي لاءِ اسين سندن لکيل مضمون گل ڦل جي ايندڙ پرچن ۾  شايع ڪرڻ جو وعدو ڪريون ٿا.

مقابلو-4

گل ڦل جي ايندڙ انعامي مقابلي لاءِ عنوان آهي ”گلا، بُري بلا آهي.“ هن عنوان تي هڪ مضمون لکي موڪليو جو اڳ ڇپيل يا ڪنهن به ڪتاب يا رسالي تان نقل نه ڪيل هجي. ڪوبه مضمون گل ڦل جي چئن صفحن کان وڏو نه هجي. ٻيا سڀ شرط ساڳيا آهن، جيڪي گذريل مقابلن ڀيري ڏنا ويا هئا.

مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ 31 آگسٽ 1976ع آهي ۽ انعامن جو اعلان نومبر 1976ع جي پرچي ۾ شايع ڪيو ويندو.

گل ڦل انعامي مقالو، اوهان جي ذهني اوسر ۾ گهڻي مدد ڪري ٿو. گل ڦل جي انعامي مقابلن ۾ حصو وٺي پنهنجي لکڻين جو معيار وڌايو.

ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد.

 

 

اپريل واري پرچي ۾ ڏنل امتحان جو جواب آهي: 24 منٽ. جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، اهي هيٺ ڏجن ٿا:

دڙي کان: مس نظير ناز ميمڻ  ۽ گلزار علي ميمڻ. ڳوٺ عبدالله کوسي کان: زرينا بلوچ. ميرپورخاص کان: محمد مراد پنهور ۽ گل محمد عمراڻي ”گل“. ميرپورماٿيلي کان: ستياوان، سٿيون لعل پياسي، پريم چند آزاد، راجا ڪرشنداس، سريش ڪمار، جيون لعل رامناڻي، حبيب الرحمان لغاري ۽ سريش ڪمار شرما. ڏيپلي کان: فضل الرحمان صديقي، سريش ڪمار، ررهل هريجن، فضل قادر، غلام قادر، نديم قادر، منظور قادر، ميوارام هريجن، جلال الدين مٺواڻي، عبدالقادر ميمڻ، محمود گل مٺواڻي، زيڊ عمران مٺواڻي، عابد حسين ميمڻ، ياسر عبدالله مٺواڻي، غلام الله مٺواڻي، عرفان احمد مٺواڻي، شريف الدين مٺواڻي ۽ انورالدين کتري. شهدادڪوٽ کان: منير احمد چنو، اقبال احمد چنو، محمد يوسف شيخ ۽ عبدالواحد. ڳوٺ سٺ ميل نصرت ضلعو نواب شاهه کان: گلزار احمد. نصرپور کان: خليل الله ابڙو. سڪرنڊ کان: محمد بچل سومرو. عمرڪوٽ کان: موهن لعل راٺوڙ. ڳوٺ قبي سعيد خان کان: عطاءُ الله سولنگي. پني عاقل کان: نعيم احمد ناز. موري کان: مسعود احمد سيهڙ، عرفان علي عباسي، فضل الرحمان قاضي، عبدالله عباسي ۽ بهادر خان. ڳوٺ ڀليڏنه ڪاڪا کان: مولا بخش ڪاڪا. خيرپورميرس کان: عبدالحميد شيخ، ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري کان: محمد صالح مٺواڻي. لاڙڪاڻي کان: عبدالفتاح سومرو، ميمڻ عبدالوحيد سنڌي ۽ عطا محمد صديقي. ڳوٺ جتوئي کان: مقبول احمد ميمڻ. ڳوٺ جروار کان: هريداس، هيرو جي سونارو ۽ قسمت رام تلريجا. قمبر کان: برج لعل جيسراڻي ۽ پريتم داس جيسراڻي. ميرپور کان: مير احمد دايو. مٺياڻي کان: رياض احمد ڳوراهو ۽ انور حسين. هالا کان: سيما شاهين، فوزيه قمر، پروين فيروز، علي اڪبر ابڙو ۽ جاويد اسحاق ابڙو. ڳوٺ حيات پتافيءَ کان: جئه پرڪاش، اشوڪ ڪمار- جي ڪڪريجا، نرنجن لعل- بي ماکيجا، رشيد احمد سنڌي، اشوڪ ڪمار- ڪي ڌاريجا ۽ مهتاب احمد کوکر. ٺل کان: اختر حسين دايو. ڳوٺ حاجي محمد جعفر هڪڙي کان: عبدالواحد هڪڙو. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان: فيض بانو مهر. ڳوٺ اڳڙا تعلقو گمبٽ کان: احمد سيد سنڌي، نجم الدين سيد ۽ اشفاق احمد سومرو. جيڪب آباد کان: اشوڪ ڪمار بچارام. شڪارپور کان: خوبچند، راجڪمار- ايڇ گوريجا ۽ جواد حسين شاهه بخاري. ڳوٺ ڪلوئيءَ کان: ڪرمچند-ايڇ ٽاڀاڻي. ڪنڌڪوٽ کان: سنتوش ڪمار. ڳوٺ تنيي کان: سيد محمد شاهه بخاري. ٺٽي کان: ربڏنو ميمڻ. ڳوٺ ڪنڊي کان: طفيل احمد قريشي. ڳوٺ داد لغاري کان: محمد خان لغاري. سلطان ڪوٽ کان: خدا بخش سومرو. ڳوٺ ٽنڊي سومري کان: غلام محمد نظاماڻي. نئين ڪوٽ کان: رامچند آسناڻي. گهوٽڪيءَ کان: دلدار حسين ڀٽو ۽ سيد اسد الله شاهه بخاري. ڳوٺ نوان جتوئيءَ کان: رفيق احمد ميمڻ. خانپور کان: عبدالحق عبد دايو. ماتليءَ کان: محمد ياسين سومرو. ٽنڊي ڄام کان: سروپاني سوائي. حيدرآباد کان: شفيق الرحمان ميمڻ. (ڳوٺ جو نالو ڪونهي). غلام قادر کتري. ڏهرڪيءَ کان: غلام نبي لغاري. ڳوٺ حاجي رمضان ڪالروءَ کان: عبدالغني ڪنڀر.خيرپور ميرس کان: عبدالوحيد شيخ، امتياز احمد شيخ ۽ نصير احمد بوزدار. باڊهه کان: شام ڪمار. ڳوٺ عبدالله کوسي جهڏي کان: مس غلام فاطمھ. کپري کان: رضوان سعيد قاضي ۽ فرحان سعيد قاضي.

اوهان جو امتحان نمبر 14

انبن جا چار ٽوڪرا آهن. مون پهرئين ٽوڪري جا سڀئي انب کڻي پنهنجي جهوليءَ ۾ وڌا. وري ٻي ٽوڪري وٽ آيس ۽ جهوليءَ وارن انبن جي ٽين پتي ان ۾ ڇڏي پوءِ ٻارهن انب ان مان کڻي جهوليءَ ۾ وڌم. ٽين ٽوڪري ۾ به جهوليءَ وارن انبن جي ٽين پتي ڇڏي پوءِ اُن مان چار انب کڻي جهوليءَ ۾ وڌم. چوٿين ٽوڪري ۾ جهوليءَ وارن انبن جو اڌ ڇڏي پوءِ ان مان اٺ انب کڻي جهوليءَ ۾ وڌم. نيٺ جهوليءَ ۾ ايترا انب ٿيا جيترا پهرئين ٽوڪري ۾ هئا. ٻڌايو ته پهرئين ٽوڪري ۾ ڪيترا انب هئا؟

جواب موڪلڻ جي آخري تاريخ 21 جولاءِ 1976ع آهي. صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا آگسٽ جي پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا. پنهنجي جواب سان گڏ ڪوپن نمبر 14 موڪلڻ ضروري آهي، جيڪو هن پرچي ۾ جدا ڏنو ويو آهي. اهو ضروري آهي ته پنهنجا جواب ڪوپن تي لکي موڪليو. ڪوپن تي هڪ کان وڌيڪ نالا قبول نه ڪيا ويندا.

هيءَ ڪهاڻي ڪنهن جي آهي

گل ڦل پڙهندڙ ٻارن کي اها شڪايت آهي ته سندن ڪهاڻيون ماڳهين نٿيون ڇپجن يا تمام دير سان ڇپجن ٿيون. ان جو سبب جيتوڻيڪ کين به معلوم آهي  ان هوندي به هو اداري کي ذميدار بڻائيندا رهن ٿا. پيارا ٻارو!، اسان وٽ هڪ ڪهاڻي پهتل آهي، جنهن جو نالو آهي. ”انسانيت جو واسو.“ اها ڪهاڻي ڪنڌڪوٽ، ٽنڊي قيصر ۽ ٺٽي مان ٽن ٻارن جدا جدا نالن سان لکي موڪلي آهي ۽ هر ڪنهن جي دعويٰ آهي ته ڏاڍي محنت سان لکي اٿن پر شايع نٿي ٿئي. اسين انهن ٻارن جا نالا ڪونه ٿا شايع ڪريون پر مهرباني ڪري هو اسان کي ضرور ٻڌائين ته هيءَ ڪهاڻي ڪنهن جي آهي؟ جيڪو ان جو سچو ڌڻي هجي، ان جي نالي اسين شايع ڪري ڇڏيون. گل ڦل جي پڙهندڙن کي پڻ کپي ته هن ڪهاڻيءَ جي اصل مالڪ جي ڳولا ۾ مدد ڪن.

-ايڊيٽر

*ابڙو نجم طارق

 

پينسل جو ٽڪر

 

ويڪرا ڪلها، سينو نڪتل، سانورو رنگ پائنچا پَنين تائين کنجيل، ڪوڏر ڪلهي تي، مٺ ڪوڏر جي ڳن تي ڀڪوڙيل. هي آهي محنت ۽ جفاڪشي جو مجسمو غلام نبي. جنهن کي ڳوٺ وارا پيار مان گامڻ به سڏيندا آهن.

گامڻ ڏيڍ ٻن ورهين جو مس هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو ته سندس ماءُ کيس اسڪول موڪلڻ لڳي. گامڻ محنت ڪري پڙهڻ لڳو، پر غريبي سبب پنجن درجن کان مٿي پڙهي نه سگهيو. وقت جي وير سندس ماءُ کي ڪمزور ۽ نٻل بڻائي ڇڏيو ۽ آخر ٻي ڪا واهه نه ڏسي ننڍڙي عمر ۾ ئي ڪمائڻ لڳو. هو روزانو وانگيان اڄ به جاين تي هلندڙ ڪم تي وڃي رهيو هو. (سندس ڪم چيڪي مٽيءَ جا کڙا ڀوري گارو ٺاهڻ هو). صبح جو سوني سج جي ٿال جي ڪرڻن ۾ سندس جسم پتل جي بت جيان جرڪي رهيو هو. هو ٺهندڙ جڳهه تي پهچي چيڪي مٽيءَ جي کڙن کي گاري ٺاهڻ لاءِ پوري رهيو هو ته سندس نگاهون مٽيءَ ۾ لت پت ٿيل هڪ ننڍڙي پينسل جي ڳاڙهي ٽڪر تي پيون. گامڻ جيئن ته پڙهيل هو تنهن ڪري پينسل جي اُن ٽڪر کي ڌوئي ڪن ۾ هڻي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ جنبي ويو. اُن جڳهه جي نگراني ٺيڪيدار پاڻ ڪندو هو، جو ڪراڙو هئڻ سان گڏ نهايت ايماندار ۽ شريف هو. گامڻ جيئن ته پنهنجو ڪم محنت ۽ سچائي سان ڪندو هو. تنهن ڪري ٺيڪيدار به سندس عزت ٻين مزدورن کان مڙيو ئي سرس ڪندو هو. اڄ به ٺيڪيدار جيئن ڪم جي چڪاس تي آيو ته سندس نگاهه گامڻ جي ڪن ۾ پيل پينسل جي اُن ٽڪر تي پئي. گامڻ شام جو جڏهن ڪم پورو ڪري وڃڻ لڳو ته ٺيڪيدار کيس پاڻ وٽ گهرايو، گامڻ ويچارو حيران پريشان ٺيڪيدار وٽ پيش ٿيو. ٺيڪيدار کيس موڙي تي ويهڻ لاءِ چيو. هو ويهي رهيو.

ٺيڪيدار گامڻ جي پريشاني پرکي مرڪي پيو ۽ شفقت منجهان گامڻ کان پڇيو. ”ڇا تون پڙهيل به آهين؟“

گامڻ پهريان ته سندس سوال تي حيران ٿيو. پوءِ ڪنڌ سان هاڪار ڪيائين. ”گهڻا درجا؟“ ”جي – پنج درجا سائين“ گامڻ جواب ڏنس.

”هون“ ٺيڪيدار هڪ ڊگهو ساهه کڻي سوچ جي سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو ۽ پوءِ ڪنڌ کڻي گامڻ ڏانهن ڏٺائين ۽ پڇيائينس ”حساب ڪتاب ڪري ويندو آهين.“ ”بلڪل سائين“ گامڻ بت بنجي جواب ڏنو.

ٺيڪيدار چيس: پوءِ ٺيڪ آهي. سڀاڻي کان تون مون وٽ منشي بڻجي ڪم تي اچج. گامڻ هاڻي ٺيڪيدار جو منشي بڻجي ويو. هو پگهار جو ڪجهه حصو بچائي محنت ۽ شوق سان پڙهڻ لڳو. نيٺ هن مئٽرڪ جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيو. ٺيڪيدار سندس بي انتها شوق ۽ محنت کي ڏسي گامڻ کي پنهنجي خرچ تي شهر تعليم پرائڻ لاءِ موڪليو. جتي هو وڌيڪ محنت سان پڙهڻ لڳو. وقت گذرندو رهيو، گامڻ هر سال سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو رهيو. آخر سندس شوق گامڻ کي ڪاليج مان يونيورسٽي پهچائي ڇڏيو. گامڻ چئن ورهين کانپوءِ يونيورسٽي مان انجنيئرنگ جو امتحان سٺي پوزيشن سان پاس ڪيو. اڄ گامڻ پنهنجي شهر جو ايماندار ۽ محنتي انجنيئر آهي، سندس هڪ ننڍڙو بنگلو آهي، ڪار به آهي. (۽ ها گامڻ وٽ اڄ به اهو پينسل جو ڳاڙهو ٽڪر قابو آهي، جنهن کيس فرش تان کڻي عرش تي پهچايو.)

 

ٽي شخص

 

ٽي شخص پنهنجي عادت کان مجبور آهن:

1- ظالم، ظلم کان.

2- سخي، سخاوت کان.

3- سچار، سچ چوڻ کان.

 ”اختر“ سمون لاڙڪاڻو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com