جارج ميڪيش
سنڌيڪار: واشديو ”سنڌو“
هانگ ڪانگ ۾ پهريون ڏينهن
مان هانگ ڪانگ روانو ٿيس. هوائي اَڏي جي عمارت مان
ٻاهر نڪري مون ٽئڪسيءَ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نظر
ڊوڙائي. ڪابه ٽئڪسي نظر نه آئي. تڏهن مون هڪ وڏي
موٽرڪار کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو. اُها منهنجي ڀر ۾
اچي بيٺي. اُن مان هڪ چيني ماڻهو نڪري منهنجي
سامهون اچي بيٺو. کيس بهترين سوٽ پيل هو. اُن مون
کان پڇيو. ”اوهان ڪٿي رهندا؟“
”گلائو سيسٽر هوٽل.“ مون وراڻيو.
”ته پوءِ اوهان ٽئڪسي ڳولهڻ جي تڪليف نه ڪريو.
هيءَ ڪار اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي.“
مون اُن کان پڇيو، ”ڇا اوهان هوائي اڏي جا عملدار
آهيو؟“
اُن مٿو لوڏايو ۽ راز ڀري نوع ۾ مُشڪيو.
تڏهن مون پڇيو، ”ڇا اِها ڪار گلائو سيسٽر هوٽل جي
آهي؟“
هو ٻيهر اُنهيءَ طرح مشڪيو، ”نه، اها منهنجي
پنهنجي ڪار آهي.“ اُن چيو، ”اها اوهان جي خدمت ۾
حاضر آهي.“
اُن وقت مون کي هڪ پراڻي چيني چوڻي ياد آئي،
”ماڻهو بنا آزمودي جي ڄاڻ حاصل نٿو ڪري سگهي.“ سو
مان ڪار ۾ ويهي رهيس. جيئن ڪار هلي، چيني ماڻهوءَ
مون کان پڇيو، ”ڇا اوهان پهريون دفعو هانگ ڪانگ
آيا آهيو؟“
”ها، پهريون دفعو آيو آهيان.“ مون چيو.
ڪجهه اڳتي هلڻ تي مون چيني ماڻهوءَ کي چيو ته مان
پنهنجن رپين جي بدلي ۾ هانگ ڪانگ جا ڊالر وٺڻ
چاهيان ٿو. اُن پنهنجي ڊرائيور کي هڪ هنڌ هلڻ لاءِ
چيو ۽ اتي مون کي هن سٺي اگهه ۾ هانگ ڪانگ جا ڊالر
ڏيارايا. اسين پوءِ واپس ڪار ۾ اچي ويٺاسين.
مون کي اڃا تائين خبر ڪانه هئي ته اهو شخص ڪير
آهي، ۽ مون کي پنهنجي ڪار ۾ ڇو وٺي وڃي رهيو آهي.
ڳالهه ٻولهه جي دوران اُن مون کان پڇيو، ”ڇا اوهان
به ڪجهه سوٽ سبائڻ چاهيندا، جيئن هانگ ڪانگ اچڻ
وارو هرڪو شخص سبائيندو آهي؟“ ۽ پوءِ اُن ٻڌايو ته
هو خود درزي آهي.
مون کي ڄاڻ هئي ته هانگ ڪانگ ۾ بهترين انگريزي
لباس تمام سستن اگهن ۾ ملندا آهن. شنگهائيءَ مان
آيل آزموديگار درزي سوٽ اهڙا بهترين سبندا آهن
جنهن جو ڪو جواب نه آهي. سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها
آهي ته هو تمام ٿوري وقت ۾ سوٽ تيار ڪري ڏيندا
آهن. صبح جو اَٺين بجي گراهڪ جي ناپ وٺي ويندا آهن
تو يارهين بجي سوٽ گراهڪ جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.
مان اهو به ڄاڻندو هوس ته هانگ ڪانگ اچڻ وارو هرڪو
شخص هتان سوٽ ٺهرائي ويندو آهي.
پر مان اُنهن ماڻهن مان نه آهيان. ان ڪري مان اُن
چينيءَ جي ڳالهين ۾ وڌيڪ دلچسپي ڪانه ڏيکاري،
حآلانڪ هينئر هو صاف اکرن ۾ چئي رهيو هو، ”مون
اوهان کي ان اُميد سان پنهنجي ڪار ۾ وهاريو هو ته
اوهان مون کان ڪجهه سوٽ سبائڻ پسند ڪندا؛ ڇو ته
اوهان کي جنهن قسم جو سوٽ پيل آهي، اُن کان گهڻو
بهتر سوٽ مان سبي سگهان ٿو.“
ان جي جواب ۾ مون هڪ چيني پهاڪو دهرايو، ”اوهان
ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪپڙا بدلي سگهو ٿا، پر اُن
ماڻهوءَ کي نٿا بدلي سگهو.۾ آخر ۾ مون کيس چيو،
”مان ان باري ۾ اوهان کي سوچي ٻڌائيندس.“
اهو سڀ محذ اچرج ۾ ٿيو.
اُتان مون کي ٻيڙيءَ ۾ ويهي هانگ ڪانگ جي ٻيٽ ۾
پهچڻو هو. اُن چينيءَ جيڪو پنج سال اڳ شنگهائيءَ
مان پناهگير بڻجي اُتي آيو هو، مون کي ٻيڙيءَ ۾
وهاريو ۽ پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏيئي، الوداع چئي
هليو ويو.
اُن جي وڃڻ بعد ٻيڙيءَ ۾ ويٺل هڪ ٻئي چينيءَ مون
کان پڇيو، ”ڇا اوهان کي ڪنهن درزيءَ جي تلاش آهي؟
اگر هجيوَ ته مان اوهان کي هڪ بهترين درزيءَ جو
پتو ٻڌائي سگهان ٿو.“
جڏهن مان هانگ ڪانگ جي راڄڌاني وڪٽوريا ۾ پهتس ته
منهنجو سامان کڻڻ واري ڪُوليءَ مون کي هڪ سٺي
درزيءَ جو ڏس ٻُڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. پوءِ هوٽل
۾ لفٽ هلائڻ واري ۽ اُن بعد هوٽل جي بيري هڪ سڍي
درزيءَ جو پتو ٻڌائڻ چاهيو.
هوٽل جي ڪمري ۾ هڪ هنڌ ڪجهه هدايتون لکيل هيون.
اُنهن مان هڪ هئي، ”هوسٽس کي گهرائڻ لاءِ هڪ دفعو
گهنٽي وڄايو، بيري کي سڏڻ لاءِ ٻه دفعا ۽ درزيءَ
کي ڪوٺائڻ لاءِ ٽي دفعا.“
پر مون گهنٽي وڄائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، بيرو
بنا سڏڻ جي ئي اچي ويو ۽ اُن پڇيو، ”ڇا اوهان کي
ڪنهن درزيءَ جي ضرورت آهي؟“
مون نرمائيءَ سان پر اٽل ارادي سان ”نه“ چيو، ته
هو سر جهڪائي هليو ويو.
پنجن منٽن کان پوءِ دروازي تي ٺَڪ ٺَڪ ٿي. مون
دروازو کوليو ته سامهون بيٺل ماڻهوءَ چيو، ”مان
درزي آهيان. اوهان مون کان سوٽ سبائڻ چاهيندا؟“
جواب ۾ مون هڪ چيني پهاڪو دهرايو، ”ماڻهو بيماريءَ
جو علاج ته ڪري سگهي ٿو، پر قسمت جو نه“ پوءِ مون
چيو، ”ها، مون کي درزي جي سخت ضرورت آهي.“ ۽ مون
انهي وقت ٽي سوٽ سبڻ جو آرڊر ڏيئي ڇڏيو.
هوٽل کان ٻاهر نڪري مان شهر جو سير ڪرڻ نڪتس ۽
ڪافي دير تائين ڪيترين ئي علائقن ۾ گهمندو رهيس.
آخر ۾ جڏهن هوٽل ڏانهن موٽس ته اڌ رات کان وڌيڪ
وقت گذري چڪو هو.
مان هڪ اونداهي ۽ سوڙهي گهٽيءَ مان لنگهي رهيو هوس
ته منهنجو پير ڪنهن شيءِ سان وڃي ٽڪريو ۽ مان
ڪرندي ڪرندي بچي ويس.
مون غور سان ڏٺو ته اُتي هڪ پوڙهو ماڻهو رستي تي
سُمهيو پيو هو. مون ان کان معافي ورتي. تڏهن ننڊ
مان اُٿندي اُن چيو، ”ڇا، اوهان کي ڪنهن بهترين
درزيءَ جي ضرورت آهي؟“
اُهو ٻڌي منهنجا تاڪ لڳي ويا، پر مان ڪُڇيس ڪونه.
عيبن بجاءِ ڳڻ ڳول
ماڻهو ۾ ڳڻ آهن هاي ڳول ۽ کيس ٻڌاءِ. ان ڳالهه جي
اسان سڀني کي ضرورت آهي. اءٌ پاڻ به واکاڻ تي وڌي
وڏو ٿيو آهيان. واکاڻ مون کي نهٺائي ۽ عاجزي
سيکاري ساراهه هميشہ ماڻهو ۾ خواهش پيدا ڪندي آهي
ته هو ان لائق ۽ قابل بنجي سگهي.
تعريف مان مراد آهي، ماڻهو جي سمجهه ۽ ڄاڻ هئڻ، ۽
نه خوشامند. ماڻحن ۾ سونهن سوڀيا ۽ چڱائي ڏسڻ جو
فن پرايو ۽ اوهان کي جڏهن اهڙا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ته
کين ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪريو.
(خليل جبران)
محمد مطيع الله ڪونڌر
صفائي اڌ ايمان
سليم ۽ سهيل پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا. گڏ ڪلاس ۾
پڙهندا هئا گرمين جي موڪلن ۾ سليم پنهنجي پيءُ سان
آمريڪا ويو هو. اڄ انهن جي فلائيٽ اچڻي هئي، سهيل
به پنهنجي دوست سان ملڻ لاءِ ائيرپورٽ آيو هو. اهو
ڏينهن ته سليم پنهنجي گهر آرام ڪيو ٻئي ڏينهن سليم
پنهنجي دوست سهيل جي گهر ويو، اتي سهيل سليم کي
ٻڌايو ته يار واه جو ٽائيم تي آيو آهين، سڀاڻي ته
ڪشتي آهي تازو اخبار ۾ اهو مون پڙهيو هو. انهيءَ
ڏينهن اتي گهر ۾ ڪچهري ڪيائون، ٻئي ڏينهن ٻئي هلڻ
لاءِ تيار ٿيا.
ٻئي ڏينهن گهران تيار ٿي ٻئي نڪتا ۽ بس اسٽاپ
ڏانهن رخ ڪيائون. سليم، سهيل کان حال احوال
پڇيو.....؟
سليم: ”يار سهيل! مون ٻڌو ته تنهنجو ڀاءُ تاريخ ۾
فيل ٿي پيو آهي؟“
سهيل: ”ها يار! دراصل هن جو به ته ڏوهه ڪونه هو،
هن کان سوال ئي ان وقت جا پڇيائون، جڏهن ته هي
ڄائو ئي ڪونه هو.“
واٽ تي هنن کي هڪڙو فقير مليو. فقير: الله جي نالي
هڪ رپيو خيرات ڏيندا....
سهيل: ”فقير! ڪيترو ٿلهو، متارو آهين! وڃي ڪمائي
کاءُ.“
فقير: ”نه سائين دراصل مان پنان ڪونه ٿو. پر ڏسان
ٿو ته ڪنجوس ڪيترا آهن.“
سليم: ”ڇڏ فقير کي، تڪڙو ٿيءُ بس به بيٺي آهي.“
ٻئي دوست تڪڙا تڪڙا وڃي بس ۾ چڙهيا.
بس هلي، ڊرائيور بس تمام تيز هلائي رهيو هو.
سليم ڪاوڙ مان بس ڊرائيور کي: ايتري بس تيز ڇو پيو
هلائين!؟
بس ڊرائيور: ”جناب انهيءَ لاءِ ته تيل ختم ٿيڻ کان
اڳ منزل تي پهچان.“
بس بيٺي، ”هي ٻئي بس مان لٿا.“
سهيل: ”سليم....، بيهه ته سمبوسا کائيندا هلون.“
سليم: ”چڱو وٺ.“
سهيل دڪاندار کي: هي سمبوسا ڪيئن ٿا ڏيو؟“
دڪاندار: ”جناب پنجاهه پيسه في سمبوسو.“
سهيل: ”۽ چٽڻي؟“
دڪاندار: ”مفت.“
سهيل: ”پوءِ اسان کي رڳو چٽڻي ڏئي ڇڏ!“
دڪاندار: ”هل وٺ رستو، رڳو وتو مفت جا مال
تاڙيندا...!“
سليم: ”لهرايئي نه پڳ....!“
سهيل: ”پوءِ به ٽوپي ته بچي اٿئي ته...!“
سليم: ”بيوقوف!“
ڪشتي پئي هلي، هي ٻئي وڃي پهتا. هنن جي ڀر ۾ هڪڙو
ماڻهون ويٺو هو، ۽ زور زور سان پئي چيائين ته، ”هڻ
مڪ، ڀڃينس ڏند، نه ڇڏ هڪڙو به...“
سليم همراهه کي: سائين اوهان به پهلوان آهيو ڇا؟
همراهه: ”نه سائين دراصل آءٌ ڏندن جو ڊاڪٽر
آهيان.“
سهيل: ”سليم ڇڏ... سائين راند به پيو ڏسي ۽ ڌنڌي
جي به... راند پوري ٿي، هي به ٻئي اٿيا.
سليم: يار! آءُ ته ٿڌو پيئندا هلون.
سهيل: پر آرڊر تنهنجو ٿيندو.
ٻئي هوٽل ۾ اچي ويٺا. اتي هڪڙو ماڻهو بيري کي چئي
رهيو هو.
گراهڪ: هئي ڪهڙي گرم شيءِ ملندي؟
بيرو: سمبوسا، پيٽيز وغيره.
گراهڪ: ان کان وڌيڪ گرم؟
بيرو: سائين! چانهه، ڪافي وغيره.
گراهڪ: ان کان به وڌيڪ جيڪا گرم شي هجي کڻي اچ....
بيرو ڪاوڙ ۾ بورچي خاني مان هڪ ڳاڙهو ٽانڊو کينو
آيو ۽ چيائين ته ”سائين ان کان وڌيڪ گرم شيءِ هيءَ
آهي...!“
گراهڪ کيسي مان سگريٽ ڪڍندي مهرباني! مون کي پڻ
انهيءَ جي ضرورت هئي. ۽ مزي سان سگريٽ دکايو هليو
ويو ۽ بيرو ان کي تعجب وچان ڏسندو رهيو!
سهيل: ته انهيءَ کي چئبو آهي بچت!؟
سليم: ها! اهائي آهي بچت!
هي به ٿڌو پيو آيا بس اسٽاب تي ۽ اچي بس ۾ چڙهيا.
بس اڃان ٿورو ئي پنڌ ڪيو هو ته بس ۾ گوڙ مچي ويو.
سهيل: ڪيترو مزيدار سفر پئي گذريو، وري هنن کي
الاءِ جي ڇا ٿي ويو!
سليم: ٻڌ ته آهي ڇا؟... هون! ته اها ڳالهه آهي،
ويچارو کيسي ڪپڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو آهي.
مسافر: توکي شرم نه ٿو اچي جو ماڻهن جا وتين ٿو
کيسا ڪتريندو!
کيسي ڪترو: شرم ته توکي به ڪين ٿو اچي، جو ٻاهران
ته ڪيڏو سوٽ بوٽ پايو بيٺو آهين... کيسا ته اهي ئي
خالي اٿئي!
مسافر: بڪواس نه ڪر هل ته وڏي در جو ٿو منهن
ڏيکاريانءِ.
اسٽاپ آيو. سليم ۽ سهيل به بس مان لٿا.
سهيل: آءُ ته اسپتال واري روڊ سان هلون.
سليم: هل.
سهيل: يار سليم! ڀلا تون جو آمريڪا گهمئين، اتي ڪا
خاص ڳالهه جنهن توکي حيرت ۾ وڌو هجي؟
سليم: ها! ٻيو ته سڀ ڪجهه ساڳيو، باقي انهن جا
ننڍا ٻار ڏاڍا ذهين هئا.
سهيل: اهو ڪيئن؟
سليم: تون اسان ڪيترو پڙهيا آهيون، ڪيڏي محنت ڪئي
اٿئون تڏهن به انگريزي پوري ڪونه ٿا ڳالهائي
سگهون! اتي جيڪي به ٻار هئا سي به انگريزي
ڳالهائيندا پيا وتن! پر هٻڪن ئي ڪونه پيا!
سهيل: تڏهن ته چنڊ تي ٿا وڃن! واقعي صحيح آهي، اهي
هوشيار ماڻهو آهن.
انهيءَ ئي رستي تي هڪڙو ماڻهو ۽ سندس ننڍڙو پٽ
بيٺا هئا.
سليم: السلام عليڪم.
ماڻهو: وعليڪم السلام.
ايتري ۾ ننڍي ٻار پنهنجي پيءُ کان پڇيو.
پٽ: بابا! هي رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي؟
پيءُ: پٽ! هي رستو اسپتال ڏي وڃي ٿو.
پٽ: بابا! هيءُ به بيمار آهي ڇا؟
پيءُ: کلي ڏنو.
سهيل: ٻڌ هتان جي ٻارن جون ڳالهيون...! اڃا چنڊ تي
ڪيئن پهچندا ٻئي کلندا اڳتي وڌي ويا
سهيل ايڏنهن ڪاڏي... طبيعت ته ٺيڪ آهي نه!؟
سليم: ها! پر اچ ته اسپتال مان به ٿيندا هلون.
سهيل: سليم... هيڏي ڏس، هي پاڙي وارو واپاري شايد
ائڪسيڊنٽ ۾ زخمي ٿي پيو اهي. شايد بيهوشيءَ جي
حالت ۾ آهي!
نرس ڊاڪٽر کي ٽيمپريچر چيڪ ڪندي چيو، سائين
ٽيمپريچر 100 ڊگري. ڪجهه مهل کان پوءِ وري، سائين
101 ڊگري، گهڙي کن کان پوءِ وري سائين 102 ڊگري.
ايتري ۾ واپاريءَ رڙ ڪئي، 105 تي اچي ته هالائي
ڇڏيندس.
سليم: ٻڌ!... انهيءَ اگهه ۾ ته پاڻ به هليو ويندو!
ٻئي اڳتي هليا.
سليم: هيڏانهن به ڏس، مريض ڪيئن ٿو ڊاڪٽر جي واچ
چورايو اچي!
مريض ٻاهر نڪتو ته سهيل چيس.
سهيل: مريض کي، عجيب ڳالهه آهي، ڊاڪٽر توکي مفت
دوائون ڏنيون ۽ تون اُلٽو ان جي گهڙي به کنيو
اچين!....
مريض: سائين دراصل ڊاڪٽر مون کي اڌ، اڌ ڪلاڪ تي
دوا کائڻ لاءِ چيو هو ۽ مون کي گهڙي ڪانه هئي، آخر
دوا به ته کائڻي آهي يا نه!
سليم: آهي نه انڌير نگري.
اتان پوءِ ٻئي پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويا.
سهيل جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو ته ماءُ پڇيس.
ماءُ: پٽ ڪيڏانهن ويو هئين؟
سهيل: امان ائين سليم سان ٻاهر ويا هئاسين.
ماءُ: سهيل اڄ طاهر به اسڪول ڪونه ويو هيئي.
طاهر: ادا! دراصل استاد ئي چيو هو ته ساڳيءَ جاءِ
تي گهڻو اچڻ سان ان جو مان گهٽجي ٿو.
سهيل: ٻُڌ امان! تنهنجي پٽ جا احوال.
ماءُ: طاهر ايڏانهن گرم مصالح نه کڻي اچ.
طاهر: بورچيخاني مان، امان هتي ته ڪوبه گرم مصالح
ڪونه آهي، سڀئي ٿڌا ٿي ويا آهن، ترس گرم ڪري ٿو
وڍان.
سهيل پنهنجي ڪمري مان، طاهر!.... او طاهر!!
طاهر: جي ادا.
سهيل: هتان منهنجي الماڙيءَ مان مٺائي ڪاڏي وئي!؟
طاهر: ادا، اها ته مون کائي صفائي ڪري ڇڏي!
سهيل: ڪاوڙ مان ڇو؟
طاهر: دراصل بابا صفائي گهڻي پسند ڪندو آهي، ۽ اها
ته توکي به خبر آهي ته صفائي اڌ ايمان آهي!....
سهيل کلي ويٺو |