سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سگهڙن جي ڊائريڪٽري

باب: --

صفحو :1

سگهڙن جي ڊائريڪٽري

(حصو پهريون)

عبدالله ورياهه

ناشر جو نوٽ

سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي شروعاتي دور کان ”لوڪ ادب“ جي ڇپائي ۾ دلچسپي وٺي مختلف ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي. جنهن ۾ بورڊ جي چيئرمين جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب هميشه خاص دلچسپي ورتي آهي.

هن وقت سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي پاران ٽنڊو آدم ۾ ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ جي موقعي تي انتظامي ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر امداد علي رضا سيهڙ، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، جناب چيئرمين صاحب کي خط گذارش ڪيئ ته هن قومي اداري طرفان سگهڙن جي ڊائريڪٽري ڇپائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي. قبلا مخدوم صاحب جين ان گهر کي منظور ڪرڻ فرمايو ۽ هي ڪتاب بورڊ طرفان شايع ڪيو پيو وڃي. جيڪو نه صرف سگهڙن پر سمورن علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پسند ڪيو ويندو.

بورڊ جي ڇپائي جي پروگرام ۾ سنڌ جي مشاهيرن متعلق هڪ سلسلو جاري ڪرڻ جي تجويز موجود هئي. جنهن تحت مختلف قسم جي علم، ادب، ثقافت ۽ هنر سان تعلق رکندڙ ناميارن ماڻهن جي احوال ۽ ڪارنمان کي ان ۾ شامل ڪرڻو هو. بورڊ جي چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽي جناب مخدوم جميل الزمان صاحب سگهڙ ۽ ان جي ڄاڻ جي اهميت کي محسوس ڪندي هن ڪتاب کي ان پروگرام تحت ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ صو پهريون جي نالي سان شايع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ڪتاب جي ترتيب ۽ تصحيح عبدالله ورياهه صاحب ميمبر، سنڌي ادبي بورڊ جي ٿيل آهي. جيلو پاڻ ”لوڪ ادب“ سنڌ جي تاريخ ۾ ثقافت سان گهري دلچسپي رکي ٿو.

هن ڪتاب مان لوڪ ادب جي ڄاڻو سگهڙن ۽ سندن سگهڙائپ جي نمونن جي ڄاڻ ملي ٿي. جنهن سان نه صرف پڙهندڙن کي مفيد معلومات ملندي. پر پوئتي پيل ۽ نظرانداز ڪيل سگهڙن جي پڻ همت افزائي ٿيندي.

خميس، 21 نومبر 1991ع             محبوب سروري

سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ

 

مهاڳ

 

سنڌي ادب ۾ لوڪ ادب جي تمام وڏي اهميت آهي. جڏهن اڃا لکڻ جو رواج نه پيو هو . تڏهن به اسان جي ٻهراڙين ۾ لوڪ ادب پنهنجي عروج تي پهتل هو. ڳوٺن جي اوطاقن ۾ ڪچهريون ٿينديون هيون. جن ۾سگهڙ ۽ سڄاڻ ماڻهو ويهي پنهنجا ٻڌل ٻول ٻين کي ٻڌائيندا هئا. جن ۾ رب جي ساراهه، مولود، مناقبا، ڏور، هنر، ڳجهارت، آجيان، پهاڪا، مناظرا نصيحت جا نقطا ۽ ٻيون ڪيتريون صنفون هونديون هيون. انهن کانسواءِ لوڪ گيت، قصا، ڪهاڻيون ۽ نڙبيت  سنڌي سازن تي وڏي سوز، سر ۽ آلاپ سان ڳايا ويندا هئا. جن کي ٻڌندي ويٺلن جون راتيون وهامي وينديون هيون ۽ ڏينهن جي محنت، ڏک ۽ ڳڻتين جي ڳاري کان جند ڇڏائي مسڪين ماروئڙا ٿڪجي وڃي سک سان سمهندا هئا ۽ صبح سويل ڀنڀرڪي جو اٿي وڃي پنهنجي ٻني ٻاري يا ڌنڌي ڌاڙيءَ جي ڪندا هئا.

اها روزمره جي ڪرت انهن ۾ هڪ نئين جوت جاڳائي سندن زندگيءَ جي سفر کي ڪي قدر سولو ڪريو ڇڏي.

اهو عمل ڪڏهن جاري ٿيو، ان بابت ڪنهن کي به ڄاڻ نه آهي، صدين کان اهو سفر ائين جاري آهي ۽ ننڍڙا نينگر ڪن ڏئي اونائي، وڏن جا ٻڌايل ٻول پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪندا ويندا آهن ۽ وڏا ٿي ناميارا سگهڙ سڏبا آهن.

سگهڙ سنڌ جو اهم ۽ اڻ ميو خزانو محفوظ ڪندا رهن ٿا، جيڪو اسان جو قيمتي ذخيرو آهي، اڄ تائين به ان جو مرڪز ڳوٺ آهي، جتي هي بيش بها خزانو سرجي ۽ وڌي ويجهي ٿو.

هر دور ۾ نه صرف سگهڙ پيدا ٿيندا رهندا آهن، جيڪي وڏن کان ٻڌل ٻول پنهنجي ڪمپيوٽر کان به وڌ ذهن ۾ محفوظ ڪندا ويندا آهن،  پر پنهنجا  نوان نوان خيال پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ گهڙيندا رهندا آهن. باوجود ان جي جو سگهڙگهڻو ڪري لکي پڙهي نه ڄاڻن يا وڌ ۾ وڌ ٻه چار درجا سنڌيءَ جا پڙهيل هوندا آهن، پر کيس پنهنجا گهڙيل ۽ بڌل ٻول زباني ياد هوندا آهن. جڏهن به ڪچهريءَ ۾ سندس وارو ايندو ته ڪنهن ڀريل بادل جيان لفظن جا موتي وسڻ لڳندا آهن ۽ ايستائين اهي هيرا ۽ موتي سندس وات مان وسندا رهندا آهن، جيستائين ميڙڻ (ٻڌڻ) وارا ٿڪي نه پون.

اهڙي املهه ۽ اکٽ خزاني جا خالق ۽ ڌڻي اسان جي سنڌي ادب جو هڪ اهم ۽ وڏو حصو آهي، جن کي عام طرح سان نظرانداز ڪيو ويو آهي.

تنهن هوندي به ڪي تڏي جا تونگر ۽ سگهڙن جي مڻيا کي مان ڏيندڙ، موچارا ماڻهو اهڙا به ٿيندا رهيا آهن، جن سگهڙن سان سنگت رکي پنهنجين اوطاقن کي آباد ڪيو ۽ ورهين کان ان ڪرت کي قائم رکيو اچن. جنهن سان نه رڳو سگهڙائپ جي فن کي ترقي ملي، پر صدين کان روايتي مهمان نوازي ۽ آئي جو آڌرڀاءُ ڪرڻ واري سڌ به سلامت رهي آهي.

پر اهي سموريون ڪوششون اڃا به اڻ پوريون آهن، ان ڪري جو انهن جو انگ به گهٽ آهي ۽ اهي رڳو پنهنجي تر لاءِ ئي ڪارائتيون ٿين ٿيون.

وقت جي مٽجڻ سان جتي اسان جي تهذيب، ثقافت، ريتين ۽ رسمن تي اثر پيو آهي، اتي اسان جي ٻهراڙين جي ماحول ۾ به ڦيرو آيو آهي. معاشي مسئلن ۽ بدامني اسان جي ٻهراڙين کي ايڏو ته وڏو نقصان ڏنو آهي، جنهن جي پوراائي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اسان جي لوڪ ادب جي سکيا جا مرڪز آهي واهڻ ۽ وستيون اڄوڪي گهٽ ۾ ٻوسٽ واري ماحول ۾ به جيڪر ڪو مچ مچائي نٿا سگهن، تڏهن به ان لاٽ کي باريو اچن.

لوڪ ادب جي واڌاري ۽ ويجهه لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ڏاهن ذاتي طرح ڪوششون ڪيون آهن، پر اهي اوائلي هجڻ ڪري وڏي اهميت رکن ٿيون جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي.

اهڙين ڪوششن ۾ مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائين جن جو ڪتاب ”ڪافي“ جنهن ۾ ڪافي ٺاهڻ ۽ ڳائڻ بابت مڪمل سمجهاڻي ۽ سنڌي تهذيب ۽ لوڪ ادب بابت سٺي ڄاڻ ڏنل آهي. مشهور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ”ٻيلاين جا ٻول“ جنهن ۾ لسٻيلي جي تاريخ ۽ لوڪل  ادب کي سهيڙي پيش ڪيل آهي.

عطا حسين شاهه موسوي جو ڪتاب ”وينجهار“ جنهن ۾ سگهڙپائي جي مختلف صنفن جو مختصر ذڪر آهي.

عبدالڪريم سنديلي صاحب جو ڪتاب ”سنڌ جو سينگار“ سينگار شاعري جي نمونن ۽ لفظن جي سمجهاڻي تي ٻڌل آهي.ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ صاحب جو ننڍڙو ڪتاب ”ڏور“ جيڪو ادب جي هن مشهور صنف بابت مواد ڏئي ٿو، اهم ۽ ڳڻپ جهڙا آهن.

سنڌ جي قومي ادارن ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ واحد ادارو آهي، جنهن لوڪ ادب جي تجويز کي منظور ڪري لاڳيتو ڇٽيهن سالن جي محنت کان پوءِ رٿيل سيريز کي مڪمل ڪيو. هي ڪم جيتوڻيڪ سنڌ جي نامياري محقق ڊاڪر نبي بخش خان بلوچ صاحب ۽ سندس ساٿين جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ٿيو پر بورڊ جي ميمبرن خاص طرح بورڊ جي صدر/چيئرمين مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي ذاتي دلچسپي هن اهم ڪم کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. ٻي صورت ۾ هي ڪم اڌورو رهجي وڃي ها. جنهن جو اظهار خود ڊاڪٽر بلوچ صاحب لوڪ ادب سلسلي ۾ ڪيترن ڪتابن ۾ پڻ ڪيو آهي.

جتي محترم ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن سلسلي جي تڪميل ڪري مبارڪن جو حقدار ٿيو آهي، اتي سنڌ جا ماڻهو سنڌي لوڪ ادب لاءِ جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جي ڪيل ڪوششن کي ذاتي دلچسپي کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا.

سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن جي اهميت کي محسوس ڪندي به سندن فن ۽ ڄاڻ کي گڏ ڪري ڇپائڻ ۽ انهن سگهڙن جو نالو نيشان ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪابه اهم ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي، جنهن جي ڪري ڏينهون ڏينهن هيءُ فن وڌڻ ۽ ويجهڻ بدران پوئتي پوندو.

مختلف ضلعن ۾ مقامي سطح تي تنظيمون ڪچهريون ڪرائينديون رهن ٿيون. سانگهڙ ضلعي ۾ ”سانگهڙ هسٽاريڪل ائينڊ ڪلچرل سوسائٽي“ ڪجهه عرصي لاءِ باقاعدي ماهوار ڪچهري ڪرڻ جي روايت جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سنڌ جي وچولي سان واسطو رکندڙ سگهڙ وڏي تعداد۾ شريڪ ٿيندا هئا. ٽنڊي آدم ۾ ٿيندڙ اها ڪچهري ڪافي وقت تائين ٿيندي رهي، جنهن ۾ ڪچهرين جي ريڪارڊنگ ۽ قوٽوگرافي پڻ ڪئي ويندي هئي.

سنڌ ليول تي هڪ سگهڙن جي ڪچهري ٽنڊي آدم ۾ ”سنڌ هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽي“ طرفان پڻ رکي ويئي هئي جنهن ۾ لاڙ ۽ وچولي جي سگهڙن جي اڪثريت شرڪت ڪئي.

ضلعي سانگهڙ ۾ لوڪ ادب جون سرگرميون ڪجهه وقت کان جهڪيون پئجي ويون هيون. هينئر 1991ع ۾ جڏهن سانگهڙ جو ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر امداد علي ”رضا“ سيهڙ صاحب ٿي آيو ۽ ٽنڊي آدم سب ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪمشنر محمد بچل جانوري مقرر ٿيو ته هنن صاحبن عملي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي وڌائڻ طرف دلچسپي ڏيکاري، ضلعي جي گذريل ريڪارڊ کي ڏسڻ سان کين معلوم ٿيو ته ضلعي سانگهڙ ”سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي“ هڪ اهڙي تنظيم آهي، جيڪا سياست ۽ هل هنگامن کان پري رهي خالص ثقافتي سرگرميون ڪندي رهي آهي. جنهن ۾ منصوره/ برهمڻ آباد بين الاقوامي سيمينار 1983ع سانگهڙ ثقافتي ميلو 1984ع سهڻي ميهار ميلو (ڪيئي سال) ۽ ٻيون سرگرميون  شامل آهن. ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر امداد علي رِضا سيهڙ، سوسائٽي جي سرپرست جي حيثيت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سنڌ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي جو صدر ۽ ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ عبدالله ورياهه، سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي جو صدر محمد خان ٻرڙو، جنرل سيڪريٽري شاهنواز بابر سومرو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ محمد بچل جانوري صاحب اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو آدم پڻ شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ ڪرائڻ جو اعلان ڪجي، جنهن ۾ هيٺيان پروگرام رکيا وڃن.

لوڪ موسيقي جو پروگرام.

هن ۾ لوڪ گيت، نڙ بيت ۽ ان سان لاڳاپيل اسم شامل ڪجن ۽ نج سنڌي سازن جو پڻ تعارف ڪرائجي.

2. لوڪ ادب سيمينار

هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جا برک عالم، اديب ۽ محقق لوڪ ادب جي مختلف صنفن، سگهڙن جي فن ۽ لوڪ ادب جي تاريخ تي مقالا تيار ڪري اچي پڙهن.

3. سگهڙن جي ڪچهري

سنڌ جي ناميارن سگهڙن کي هن ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏجي، جنهن ۾ اهي پنهنجي ڄاڻ جو اچي مظاهرو ڪن عام ماڻهن کي سگهڙپائي جي ڄاڻ ملي ۽ سگهڙن جي پڻ همت افزائي ٿئي.

4. ڪتابن جي نمائش

ٽن ڏينهن جي پروگرام دوران مختلف ڪتاب ڇاپيندڙ ادارا پنهنجي ڪتابن جا اسٽال قائم ڪري دلچسپي رکندڙ ماڻهن کي گهر ويٺي سستا ۽ معياري ڪتاب مهيا ڪن ته جيئن سندن ادبي ذوق ۽ اتساهه اڃا به وڌيڪ وڌي.

5. ”بيڙو فقير ڪنڀار“ گولڊ ميڊل

۽ ٻين انعامن جي ورهائڻ جي تقريب

سگهڙن جي فن جي مڃتا ۽ گذاري ويل سڄاڻ ۽ ناميارن سگهڙن جي نالي کي جيارڻ لاءِ هڪ سونو بلو لوڪ ادب لاءِ خدمت ڪندڙ ”بيڙي فقير ڪنڀار“ جي نالي سان ٻيا ضلعي جي سڃاڻپ جا نشان سوسائٽي پاران مهمان سگهڙن ۽ عالمن کي ڏجن ۽ ڪارڪردگي جا سرٽيفڪيٽ ۽ نقد انعام ورهائي سگهڙن جي همت افزائي ڪجي. نه صرف اهو پر سندن مستقل ڀلائي بهتري ۽ بهبود لاءِ پڻ ويچار ڪجي

6. مختلف ڪتابن جي ڇپائي

هن موقعي کي يادگار بنائڻ ۽ هميشه جيئرو رکڻ لاءِ ڪجهه ڪتاب ڇاپيا وڃن.

سووينيئر/ سوغات

جنهن ۾ لوڪ ادب متعلق مختصر ڄاڻ، دلچسپي رکندڙ ۽ منتظمن جو تعارف ۽ ضلعي سانگهڙ متعلق مواد شامل هوندو، هن جي ڪابه قيمت نه هوندي، هن جي خرچ جو پورائو اشتهار شامل ڪري ڪيو ويندو.

(2) منصوره/ برهمڻ آباد سيمينار 1983ع ۾ پڙهيل تحقيقي مقالا

هن سيمينار ۾ پڙهيل مقالا، گذريل اٺن سالن کان شايع نه ٿي سگهيا هئا، جنهن ڪري سيمينار جو مقصد اڌورو رهيل هو، ڊاڪٽر امداد علي رضا سيهڙ صاحب جي ذاتي دلچسپي سبب هن اهم ڪم کي به پروگرام ۾ شامل ڪيو ويو ته هيءُ ڪتاب ڇاپي ڪانفرنس جي موقعي تي پڌرو ڪيو وڃي.

(3) سگهڙن جي ڊائريڪٽري

سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن بابت مڪمل تفصيل ۽ انهن جي سگهڙپائي جو نمونو ضلعي وار هٿ ڪري هڪ ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپيو ويندو ته جيئن سگهڙن جي نالن ۽ ڪلام کي محفوظ ڪري سگهجي هن سلسلي ۾ جيڪي به تفصيل هٿ اچي سگهن، انهن تي مشتمل ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ شايع ڪئي وڃي. رهجي ويل يا پوءِ فارم موڪليندڙ سگهڙن جو تفصيل ڊائريڪٽري جي ٻئي حصي طور هڪ  ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپيو ويندو.

سانگهڙ ضلعي ۾ 1984ع کان پوءِ جڏهن محمد شريف بلوچ صاحب هن ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو، ثقافتي سرگرميون نه هجڻ جي برابر ٿي ويون هيون، مگر موجوده ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر امدا علي رضا سيهڙ صاحب جنهن دلچسپي ۽ جذبي سان ”سنڌ سگهڙ ڪانفرنس“ ۽ ان سان لاڳاپيل پروگرام ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اهو قابل تحسين آهي، سانگهڙ ضلعي جو عوام ۽ خاص طرح سان علمي ۽ ادبي حلقا هن قسم جي ڪوشش کي سدائين ياد رکندا.

سنڌ سگهڙ ڪانفرنس جي موقعي تي ٻين ڪتابن ڇپائڻ جي پروگرام ۾ ”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ شايع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو هو ۽ سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي“ پاران جنرل سيڪريٽري شاهنواز بابر سومري، جيڪو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز آهي، سگهڙن لاءِ فارم ڇپرائي سڄي سنڌ ۾ روانا ڪيا، ڪجهه فارم ٽپال ذريعي ۽ ڪجهه مختلف سگهڙن جي هٿان موڪليا ويا ته جيئن گهٽ وقت ۾ وڌ ۾ وڌ سگهڙن جي معلومات هاصل ڪري هن ڪتاب ۾ شامل ڪجي. اهڙي قسم جو اعلان مختلف اخبارن وسيلي به بار بار ڪيو ويو جن سگهڙن شاهنواز بابر سومري سان هن ڪم ۾ مدد ڪئي انهن ۾ ٻيڙي فقير ڪنڀار مرحوم جي پٽ گل محمد ڪنڀار جو نالو سرفهرست آهي. ان کان سواءِ محمد شريف ڏاهري، محمد صادق ٿهيم، پير بخش چانڊيو ۽ يار محمد ٻگهيو قابل ذڪر آهن، انهي مواد هٿ ڪرڻ واري مهم دوران ڪئين مشڪل مرحلا آڏو آيا. ڪڏهن ڪنهن سگهڙ فارم ڀريو ٿي ته اڌورو، جيڪو پورو ڀريل هو ته فوٽو موڪليل ڪونه هو، اڪثر سگهڙن پنهنجي سگهڙائپ جي فن ۽ ڪلام جو نمونو گڏ ڪونه موڪليو هو، اهڙن سگهڙن کي ٻيهر خط لکي پورت ڪرڻ لاءِ چيو ويو. جن سگهڙن وقت سر اها گهرج پوري ڪئي انهن جي نالن کي هن ڊائريڪٽري ۾ شامل ڪيو ويو.

مواد مڪمل طرح گڏ ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿيو ته سنڌ جي صرف ڏهن ضلعن مان سگهڙ هن ۾ شامل ٿي سگهيا آهن، خاص طرح لاڙ جي ضلعن ٺٽي،، بدين، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي مان ڪنهن به سگهڙ مواد نه موڪليو پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته انهن علائقن ۾ سگهڙن جو تعداد تمام گهٽ آهي. حالانڪه لاڙ ۽ ٿر جو علائقو ثقافتي لحاظ سان سنڌ ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ آهي.

سڄو مواد پريس جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ به سگهڙن جا فارم ۽ مواد سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽي ۾ اچي رهيو آهي، جنهن کي شاهنواز بابر سومرو محفوظ ڪندو پيو وڃي ته جئين اڳتي هلي ڊائريڪٽري جي ٻئي حصي طور شايع ڪري سگهجي.

”سگهڙن جي ڊائريڪٽري“ جي عنوان هيٺ ڇپايل هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ۽ عزت مآب چيئرمين جناب مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ صاحب جو اهم ڪارنامون ليکيو ويندو ۽ لوڪ ادب سان دلچسپي رکندڙ ۽ سگهڙ هن کي  خاص اهميت ڏيندا، ڇاڪاڻ ته سندن فن جي ڄاڻ کي گڏ ڪري ڇپائڻ ۽ انهن جي نالي نشان کي ظاهر ڪرڻ جي هيءَ پهرين ڪوشش آهي. جنهن کي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ مدد ملندي.

عبدالله ورياهه

ورياهه هائوس ٽنڊو آدم

خميس 7 نومبر 1991ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org