حاصل مطلب
تنقيد جي باري ۾ مئنزوني جي هن ڏاهه ڀري چوڻ سان هن باب جي
شروعات ڪريون ٿا ته هر فن پارو پنهنجي جاءِ هڪ خاص
حيثيت رکي ٿو. تنهنڪري ان جي پرک لهڻ وقت اها
ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته ان جي خوبين مطابق ئي
ڪو فيصلو ڪرڻ گهرجي. اها چوڻي ايتري آسان ڪونهي
جيتري بظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڀلا اسان کي خبر ڪئن
پوي ته هڪ مصنف جون ڪهڙيون خواهشون آهن؟ مصنف ورلي
ئي انهن جو ذڪر ڪندو آهي، پر جڏهن به هو اهڙو ذڪر
ڪري، ته اهو ڀروسي جوڳو ڪونه سمجهبو. ڇاڪاڻ ته
ڪنهن فن پاري جي بقا جو سبب ئي اهو وسيلو آهي،
جنهن کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪو اديب پنهنجي
خواهش جو اظهار ڪري سگهندو. ان باري ۾ ٻئي هنڌ
جيڪي به چوندو، اهو يقيناً سچ کان پري هوندو. پر
جيڪڏهن ڪنهن فن پاري جي مجموعي اثر کي قبول ڪرڻ
لاءِ اسين تيار آهيون، ته ان حالت ۾ اديب جي ارادن
جي ڄاڻ سندس تصنيف جي مجموعي تاثير جي ايڪائيءَ ۾
ملندي. فن بابت ان حقيقت جي صداقت آفاقي آهي؛ ۽
اها صداقت تنقيد جي نه بلڪ فن جي نظريي جي قائم
ڪيل اهي. تنهن ڪري مئنزوني جو پهريون تنقيدي اصول
خود ته بلڪل بي اثر آهي، پر جڏهن ان اصول جو
بيناد نظرياتي اصولن تي رکيو وڃي، ته پوءِ هر
خيال کان اهو مفيد ثابت ٿئي ٿو.
مئنزوني جي به اها ئي مرضي آهي، سندس چوڻي جي ٽيئن حصي جو اهو
ئي حال آهي. مٿي ڏنل تشريح جي ڪري ان چوڻي جو مطلب
۾ البت سڌارو اچي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته اسين مصنف جي
ارادن جي ڄاڻ فقط ان وقت ٿا حاصل ڪري سگهون، جڏهن
هو خود انهن کي ڪنهن نموني ظاهر ڪندو. صحيح سوال
هي آهي ته هن انهن کي ڪهڙي طرح ظاهر ڪيو آهي. پر
ٽيڪنڪ جي مقصد ۽ ان جي عام نوعيت کي سمجهڻ کان
سواءِ، ٽيڪنڪ، جي تنقيد مان ڪجهه به پلئه نه
پوندو. البت فن جو نظريو ان سوال جو جواب ڏئي سگهي
ٿو.
اهو سڀ ڪجهه تنقيد جي تاريخ سان لاڳو ٿئي ٿو. تنقيد جا قاعدا
جيتري قدر اهي درست ۽ معقول آهن، ڪن خاص حالتن ۾
آفاقي نظريي جي استعمال جي طريقن کان وڌيڪ ڪجهه
به ڪونهن. تنهنڪري اهي خارجي قاعدا آهن ۽ انهن جي
ڪري ضروري ڪونهي، ته تنقيد جو دارومدار نقاد جي
ذاتي خوبين تي هجي، بلڪ ان ۾ داخلي عنصر جو شامل
هجڻ به لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته تنقيد پنهنجي مطلب
خاطر ئي نظريي کي استعمال ڪري ٿي. پر سچ پڇو ته
نظريو ان مقصد (خوبين کي پرکڻ) جي ڪابه امداد ڪري
ڪونه ٿو سگهي. ظاهر آهي ته خوبين بابت ڪابه شئي
خالص داخلي پرک جي حقن کي محدود ڪونه ٿي ڪري سگهي.
پر ٽيڪنڪ جي باري ۾ جيڪڏهن تنقيد ويچار جوڳي آهي،
ته پوءِ داخلي پرک کي ان پرک سان شامل ڪيو ويندو،
جيڪا يقيناً خارجي آهي. ان جو سبب هي آهي ته اهڙي
تنقيد کي انهن قاعدن مطابق هلڻو پوندو، جيڪي ڪنهن
سند وٽان نه بلڪ فن جي خالص نوعيت مان ورتا ويا
آهن؛ جيڪي جمالياتي نظريي جي مدد سان مليا آهن.
مئنزوني جي ٽيئي چوڻي جو باقي ٻيو اصول رهي ٿو:
يعني شاعر جي تخليقي تحرڪ جو قدر ۽ قيمت. هتي پرک
پوريءَ طرح داخلي ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي آزادي مطلق
آهي. بهرحال ان حالت ۾ نقاد جي پرک جو قدر ان جي
آزاديءَ تي منحصر ڪونهي. ان جو دارومدار نقاد جي
قابليت تي آهي. ٽيڪنڪ جي پرک لهڻ وقت هن جون ذهني
صلاحيتون ئي سندس فيصلي کي وزن وٺائي سگهنديون. پر
جڏهن هو ڪنهن تخليقي تحرڪ کي پرکي ٿو، تڏهن سندس
فيصلي جي قدر جو انحصار سندس پوري شخصيت، اخلاقي ۽
طبعي ۽ ذهني ڪردار تي هوندو آهي.
ڪتاب جن مان مدد ورتي ويئي:
G. Saintsbury: History of Criticism, 3 Vols
(1902)
J. E Spingam: History of Literary Criticism in
the Renaissance (1912)
H. B. Charlton: Castelvetro’s Theory of Poetry
(1913)
E. A. Greening Lamborn: Rudiments of Criticism
(1916)
G. Gregory Smith: Elizabethan Critical Essays.
(1904)
R.A. Scott-james; The Making of Literature
(1930)
J.E Spingarn: Seventeenth Century Critical
Essays (1908), Creative Criticism (1917, 1926)
J. Shaweross: Coleridge’s Biegraphia Literaria 2
Vols (1907)
A.C Bradley: Oxford Lectures On Peotry (1922)
J.Middleton murry : The problem of style(1922)
John Livingstone Loves: Convention and Revolt in
Poetry (1919, 1930)
George Edward Woodberry: Inspiration of Poetry
(1910)
Walter Pater: Appreciations (‘Style’) (1889)
Mathew Arnold: Essays in Criticism (“Function of
Criticism”), first Series (1865)
فرهنگ
E
Elementعنصر
Emotion امنگ، جذبو
Emotionalجذباتي
Energyطاقت
Epicرزميه(
شاعري)
Experience تجربو
F
Form هيئت
Function مقصد
H
Hero سورهيه، سورمو
Historyتاريخ
I
Idealعيني،
خيالي
Imaginationتخيل
Imaginativeپر
تخيل
Imitation تقليد
Invocation ماتمي سانگ مناجات،
L
Literary ادبي
Literatureادب
Lyric غنائيه
Realism حقيقت پسندي
Rhymeقافيو
Rhythmical موزون
Romanticرومانوي
Romanticism رومانويت
Ruleقاعدو
S
Species نوع
Styleاسلوب
Subjectiveداخلي
Sublimeبلند،
رفيع
Sublimityرفعت
Substance جوهر
Syllabic رڪني
Symbolعلامت،
اشارو،
Symbolism اشاريت
Syntaxعلم
نحو
T
Tasteذوق
Technique ٽيڪنڪ
Theoryنظريو
Thoughtفڪر
Tradition روايت
Tragedyالميه
(ناٽڪ)
Villain
رقيب
Vowelحرف
علت
W
Whole ڪُل
Work تصنيف
|
A
Action
عمل
Allegory تمثيل
Alliteration تجنيس حرفي
Art فن
B
Biological حياتياتي
Biology علم حياتيات
C
Character ڪردار
Classic ڪلاسيڪي
Classicism ڪلاسڪيت
Conceptionخيال
Conservatismقدامت
پرستي
Critic نقاد
Criticismتنقيد
D
Diction اسلوب، طرز تحرير
Doctrine اصول
Drama ناٽڪ
Dramatist ناٽڪ نويس
M
Medium وسيلو ،ذريعو
Metaphoricalتشبيهي
Metrical موزون
Mimicry نقالي
N
Nature فطرت، نوعيت
Notation علامت نويسي
O
Objective خارجي
Organism بناوت، ترتيب
P
Phonetics علم صوتيات
Phraseمحاورو
Physiologyعلم
بدن
Poet شاعر
Poetryشاعري
Powerقوت
Prefaceمهاڳ
Q
Qualityگڻ،
خاصيت
R
Rationalعقلي
Rationalism عقليت
U
Unityايڪائي
Universalآفاقي
Universalism آفاقيت V
Valueقدر
|
|