سيڪشن؛  فلسفو

ڪتاب: ڪيميائي سعادت

عنوان چوٿون

صفحو :8

فصل اٺون

قبر جي عذاب جي حقيقت ۽ ان جا درجا

 

جڏهن تو قبر جي عذاب جو اصل معلوم ڪري ورتو، ته اهو دنيا جي دوستيءَ سبب آهي، ته هاڻي تون هن ڳالهه کي به سمجهي ڇڏ ته ان عذاب جا به درجا آهن، ڪن کي عذاب ٿورو ته ڪن کي گهڻو ٿئي ٿو، ۽ ان جو سارو دارومدار دنيا سان گهٽ وڌ پيار تي آهي. تنهنڪري ان شخص جو عذاب، جو دنيا ۾ فقط هڪ شيءِ سان صحبت رکي ٿو، اهڙو نه هوندو جهڙو انهيءَ شخص جو، جنهن کي دنيا جو مال ۽ جاه، جاگيرون ۽ اسباب، ٻانها ٻيلي ۽ سڀ نعمتون موجود هجن، ۽ سڀني سان لنئون لايون ويٺو هجي. مطلب ته هرڪنهن جو عذاب ۽ راحت هُن جي دنيا سان الفت ۽ نفرت جي قدر آهر هوندا. رسول الله صلعم جن فرمايو آهي ته ”ڪافر کي قبر ۾ نوانوي نانگ پڇندا، جن مان هرهڪ نانگ کي نَو مٿا هوندا ۽ اهي کيس ڏنگيندا ۽ چوسيندا رهندا، جيستائين قيامت ڏينهن هو اُٿي.“ جيڪي بصيرت جا صاحب آهن. تن انهن نانگن کي پنهنجي اندر جي اکين سان ڏٺو آهي. ٻي بصيرت بيوقوف چوندا آهن ته ”اسان کي ته قبر ۾ ڪي نانگ نظر نٿا اچن، جيڪڏهن سچ پچ هجن ها ته اسان جون اکيون، جي بلڪل سلامت آهن، سي انهن کي ضرور ڏسن ها.“ انهن بيوقوفن کي ڄاڻ هئڻ گهرجي ته هي نانگ مردي جي روح جي ذات اندر آهن، ان جي جسم جي ٻاهران نه آهن، جو ٻين کي نظر اچن. بلڪ هي نانگ ته ان جي مرڻ کان اڳ به ان جي اندر ۾ موجود هئا، اگرچ اُن کي خبر ڪانه هئي. هي نانگ ان ڪافر جي صفتن مان ئي جڙيل آهن، ۽ انهن جا مٿا سندس مذموم اخلاقن جي تعداد برابر آهن، جهڙوڪ ڪينو، حسد، هٺ، طمع، مڪر، ڊوهه، دشمني، جاه ۽ حشمت جي دوستي وغِره. انهن نانگن جي اصل سرشت دنيا جي دوستي آهي، جنهن مان اهي برا اخلاق ڦٽي نڪرن ٿا، انهن نانگن جي اصليت، ۽ انهن جي مٿن جي گهڻائي يا ٿورائي، بصيرت جي نُور سان سڃاڻي سگهجي ٿي، ۽ انهن جي تعداد جي حقيقت نبوت جي نُور سان پرکي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اهي نانگ ان ڪافر جي جند کان ٻاهر هجن ها، جيئن جو عام ماڻهن ڀانيو آهي، ته ان ۾ پاڻ انهي ڪار کي آرام هجي ها، ڇا لاءِ جو آخر ته اهي نانگ گهڙي ساعت ان کي ڏنگڻ کان باز رهن ها. پر ڇاڪاڻ ته هو سندس جان جي اندر ديرو دمايون ويٺا آهن، ۽ اهي خود ان جون عين صفتون آهن، تنهنڪري انهن کان ڀڄي نٿو سگهجي.

جهڙيءَ طرح ڪو شخص ٻانهِي وڪرو ڪري ۽ پوءِ ان تي عاشق ٿي پوي، ته اهو نانگ جو کيس اندران ئي اندر ڏنگيندو رهي ٿو، سو انهيءَ ٻانهيءَ جو عشق آهي، جو ان دل ۾ لڪل هو- جنهن جي کيس انهيءَ وڪري جي واقعي کان اڳ خبر ڪانه هئي، تهڙيءَ طرح اهي نوانوي نانگ به مرڻ کان اڳ، ان جي اندر ۾ هئا، پر تيستائين ان کي خبر نه هئي، جيستائين انهن جي ڏنگ جو اثر ظاهر نه ٿيو. ۽ جهڙيءَ طرح عشق خود انهيءَ وقت تائين سندس راحت جو سبب هو، جنهن وقت تائين هو پنهنجي معشوق سان همڪنار هو، تهڙيءَ طرح، اهو ساڳيو عشق فراق ۾ ان جي تڪليف جو باعث بڻيو. جيڪڏهن عشق نه هجي ها ته هو ڪڏهن به فراق جي رنج ۽ غم ۾ نه ٿي ها. اهڙيءَ طرح سان دنيا جي دوستي۽ عشق، جي زندگيءَ ۾ راحت جو سبب هئا، سي موت کان پوءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻيا. جاه ۽ جلال جو عشق، دل کي ازدها وانگي ڏنگي ٿو، مال جو عشق نانگ مثل، ۽ گهر ٻار جو عشق وڇونءَ وانگر و عليٰ هذالقياس.

جهڙيءَ  طرح انهيءَ ٻانهيءَ جو عاشق گهري ٿو ته فراق ۾ هو جيڪر پاڻ کي دريا ۾ اڇلائي ڇڏي، يا باهه ۾ ساڙي ڇڏي، يا هو گهري ٿو ته ڪوئي وڇون کيس ڏنگي ته فراق جي درد کان ڇوٽڪارو حاصل ٿيس، تهڙيءَ طرح سان جنهن کي قبر جو عذاب ٿئي ٿو، ته هو چاهي ٿو ته انهيءَ رنج ۽ غم جي بدران ظاهري نانگ ۽ وڇون هجن ته چڱو، ڇاڪاڻ ته اهي رڳو جسم تي ٻاهران زخم هڻن ٿا، مگر هي قبر جا نانگ ۽ وڇون ته اندران ئي اندر جان کي ڏنگ هڻن ٿا، جن کي ظاهري اک ڏسي به نٿي سگهي.

تنهنڪري حقيقت ۾ هر آدمي پنهنجي عذاب جو سامان هتان ئي پاڻ سان کڻي هلي ٿو، ۽ سڀڪجهه سندس اندر ۾ پوشيده آهي. انهيءَ ڪري ئي حضرت نبي صلعم فرمايو آهي ته ”اهي توهان جا ئي عمل آهن، جي وري اوهان ڏي موٽايا ويندا.[1]“ ۽ انهيءَ ڪري ئي الله تعاليٰ، قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته ”تحقيق دوزخ ڪافرن کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي[2]،“ ۽ ائين نه فرمايو اٿن ته ”گهيرو ڪندو.“

 

فصل نائون

قبر جي نانگن کي ظاهري اکين سان ڏسي نٿو سگهجي

 

شايد تون هيءَ سوال ڪرين، ته ظاهر شرع کان معلوم ٿئي ٿو ته اهي نانگ ظاهري اکين سان ڏسي سگهبا، اُهي نانگ جي جان جي اندر ٿين ٿا، سي ڏسي ڪين سگهبا. ان جو جواب هي آهي ته اهي نانگ به نظر اچي سگهن ٿا، ليڪن مئل شخص ئي انهن کي ڏسي سگهي ٿو. هن جهان ۾ رهڻ وارا انهن کي ڏسي نٿا سگهن، ڇاڪاڻ ته هُن جهان جون شيون هِن جهان جي اکين سان نٿيون ڏسي سگهجن. اهي نانگ انهيءَ شخص (مردي) کي اهڙيءَ طرح نظر اچن ٿا، جهڙيءَ طرح هو انهن کي هِن دنيا ۾ ڏسندو هو، ليڪن تون انهن کي نه ڏسي سگهندين،- جيئن ڪو شخص ننڊ ۾ گهڻو ڪري ڏسندو آهي ته کيس نانگ ڏنگي رهيو آهي، پر اهو ماڻهو جو سندس ڀر ۾ ويٺو آهي، سو ڏسي نٿو سگهي، حالانڪ ننڊ واري جي لاءِ نانگ موجود هوندو آهي، ۽ هو ان کان ايذاءُ پيو سهندو آهي، اگرچ سجاڳ لاءِ نانگ آهي ئي ڪونه. سجاڳ آدمي انهيءَ نانگ کي نٿو ڏسي، تنهنڪري ائين نه چئبو ته ڪو ننڊ واري کي گهٽ درد آهي. مثلا: هڪ ماڻهو خواب ۾ ڏسي ٿو ته کيس نانگ ڏنگي رهيو آهي. حقيقت ۾ اهو ڪنهن دشمن جو ڌڪ آهي، جو مٿس سوڀ پائڻ وارو آهي، ۽ اهو روحاني درد آهي جو دل کي رسي ٿو. پر جيڪڏهن ان جو مثال هن دنيا مان وٺبو ته اهو نانگ جو مثال آهي. ممڪن آهي ته جڏهن اهو دشمن خواب واري تي فتح پائيندو آهي، تڏهن خواب وارو چوندو آهي ته ”مون پنهنجي خواب جو تعبير ڏٺو،“ ۽ هينئن چوندو آهي ته ”شل مون کي نانگ ڏنگي ها! ۽ هي دشمن مون مان مراد نه پائي ها.“

ڇاڪاڻ ته هي دل جو عذاب ظاهري نانگ جي ڏنگ کان وڏو آهي. پر جيڪڏهن تون چوين ته هي نانگ معدوم آهي، اصل ۾ آهي ئي ڪونه، ۽ جو ڪجهه ننڊ واري کي ڏنگي رهيو آهي، سو محض هڪ خيال آهي، ته پوءِ اهڙو خيال ڪرڻ وڏي غلطي آهي، بلڪ اهو نانگ واقعي موجود آهي.

موجود جي معنيٰ آهي ”لڌل“ ۽ ”معدوم“ جي معنيٰ آهي ”اڻ لڌل“. جو ڪجهه تون خواب ۾ ڏسين ٿو اهو تنهنجي حق ۾ موجود آهي، پوءِ کڻي ٻيا ماڻهو ان کي نه ڏسي سگهن. ۽ جو ڪجهه تون نٿو ڏسين، اگرچه ٻيا سڀ ماڻهو کڻي ڏسن. سو گويا تو لاءِ ”اڻ لڌل“ يا معدوم آهي. جنهن صورت ۾ عذاب ۽ ان جو سبب ٻيئي مئل يا ستل لاءِ موجود آهن، تنهن صورت ۾ جيڪڏهن ٻيا ڏسي نه سگهن ته ڪهڙو حرج. فرق صرف ايترو آهي، جو ستل جلدي جاڳي پوي ٿو ۽ عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ٿو، جنهنڪري ماڻهو ان کي خيالي چون ٿا، پر مئل انهيءَ حالت ۾ مبتلا رهي ٿو، ڇا لاءِ جو موت جي ڪا پڇاڙي ئي ڪانهي. انهيءَ ڪري اهو رنج ۽ عذاب ان سان گڏ دائمي گڏ رهي ٿو. ازر وي ثبات يا نا پايداريءَ جي هن دنيا جي محسوسات جو به ساڳيو حال آهي.

قرآن توڙي شريعت ۾ ائين ڪٿي ڪونه آيو آهي ته اهي نانگ ۽ وڇون جي قبر ۾ ٿين ٿا، تن کي عام ماڻهو هن ظاهري اکين سان ڏسي سگهندا. ها! جيڪڏهن ڪو شخص ننڊ ۾ هن دنيا کان بي حواس ٿي پري نڪري وڃي، ۽ ان تي ان مردي جو حال ڪشف ڪيو وڃي، ته پوءِ انهيءَ مردي کي نانگن ۽ وڇن جي وچ ۾ ڏسي سگهندو. ليڪن نبي سڳورا ۽ اولياء الله انهن (نانگن ۽ وڇن) کي جاڳندي به ڏسي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته جو ڪجهه ٻيا ماڻهو خواب ۾ ڏسن ٿا، اهو سڀ هنن کي بيداريءَ ۾ نظر اچي ٿو، ۽ هي محسوساتي جهان سندن واسطي هُن جهان جي شين ڏسڻ کان حجاب (پردو، رنڊڪ) نه آهي.

 

 

فصل ڏهون

قبر جو عذاب سڀني لاءِ ناهي

 

تون شايد چوين ته جيڪڏهن قبر جو عذاب هن دنيا سان دل جي لڳاءُ ڪري آهي، ته پوءِ اهڙو ماڻهو ڪونه لڀندو جو زال، اولاد، مال ۽ مرتبي جي محبت کان خالي هجي. ان ڪري هر شخص کي قبر جو عذاب ٿيندو، ۽ ڪوبه اُن کان چٽي نه سگهندو. ان جو جواب هي آهي ته اِهو ائين نه آهي، ڇا لاءِ جو دنيا ۾ ڪيترا اهڙا شخص به آهن، جي دنيا کان سير ٿي چڪا آهن، ۽ انهن لاءِ دنيا ۾ ڪابه آرام ۽ آسائش جي جاءِ نه رهي آهي، ۽ هميشه موت جي آرزو رکن ٿا. مسلمانن ۾ ڪيترائي درويش هن قسم جا آهن.

مالدار لوڪ به ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا اهڙا آهن، جي دنيا جي مال اسباب سان پيار رکن ٿا، پر هو الله تعاليٰ کي دنيوي مال ۽ دولت کان زياده پيارو سمجهن ٿا، ته پوءِ انهن لاءِ قبر جو عذاب نه هوندو. انهن جو مثال ان شخص وانگر آهي، جنهن کي ڪنهن شهر ۾ هڪ جاءِ آهي جنهن سان هن کي محبت هجي، پر رياست ۽ سلطنت، محلات ۽ باغ کي ان کان زياده پيارو سمجهندو هجي، ۽ جڏهن کيس بادشاهي حڪم ملي ته هو ٻئي شهر ۾ هليو وڃي ته ان کي پنهنجي وطن کان جدا ٿيڻ تي ڪو رنج نه ٿيندو، ڇا لاءِ جو گهر ٻار ۽ شهر جي دوستيءَ تي سلطنت جي محبت زياده غالب اٿس. اهڙيءَ طرح سان نبين سڳورن ۽ پرهيزگار مسلمانن کي جيتوڻيڪ زال، اولاد، شهر ۽ وطن سان دلي لاڙو هوندو آهي، ته به جڏهن الله تعاليٰ جي دوستي ۽ محبت منجهن پيدا ٿيندي آهي ۽ الاهي اُنس جو مزو ايندو اٿن، تڏهن هي سڀ شيون انهن جي نظر ۾ تڇ ٿيو پون. هي مزو موت سان پيدا ٿيندو آهي، جنهنڪري اهڙا ماڻهو قبر جي عذاب کان محفوظ رهندا آهن. ٻئي قسم جا ماڻهو وري اُهي آهن، جي دنيا ئي خواهشن کي زياده چاهين ٿا. اهي ان عذاب کان بچي نه سگهندا. ۽ اهي آهن به گهڻا. هي ماڻهو ڪنهن مدت تائين عذاب سهندا رهندا ۽ جڏهن انهن کي دنيا ڏٺي گهڻو عرصو گذري ويندو، الله تعاليٰ جي دوستي، جا سندن دلين ۾ لڪل هئي، سا وري ظاهر ٿيندي، جنهن ڪري هو ڇوٽڪاري جا مستحق ٿيندا. انهن جو مثال ان شخص جيان آهي جو هڪ گهر کي ٻئي گهر کان زياده گهري ٿو، يا هڪ شهر کي ٻئي شهر کان زياده پسند ڪري ٿو، يا هڪ عورت کي ٻيءَ عورت کان وڌيڪ پيار ڪري ٿو، ۽ پوءِ ان کي سندس زياده پيار واري شيءِ کان جدا ڪيو وڃي ۽ کيس ٻيءَ وٽ وڃڻو پوي، جنهن کي گهٽ گهري ٿو، ته ڪنهن زماني تائين هو وڌيڪ پياري شيءِ جي وڇوڙي جي غم ۽ ڏک ۾ رهندو، پر پوءِ اُن کي وساري ويهندو ۽ ٻيءَ سان هِري ويندو، ۽ اصل دوستي، جا هن جي دل ۾ پهرئين محبوب لاءِ هئي، سا گهڻي عرصي گذرڻ بعد، وري ٻئي محبوب لاءِ ظاهر ٿيندي.

ليڪن اهو آدمي جو خدا تعاليٰ کي اصلا دوست نٿو رکي، سو هميشه عذاب ۾ رهندو، ڇا لاءِ جو ان جي دوستي فقط انهيءَ شيءِ لاءِ هئي جا کانئس کسي ويئي (يعني دنيا لاءِ). اهڙو آدمي ڀلا ڪيئن ڇوٽڪارو لهندو؟ ڪافر کي جو هميشه لاءِ عذاب رهندو، ان جو هڪ سبب اهو به آهي. جيڪڏهن ڪو شخص دعويٰ ڪري ته مان خدا تعاليٰ کي دوست رکان ٿو، يا ان کي دنيا کان گهڻو گهران ٿو، ته اهو ته ساري جهان جو زباني مذهب آهي. اهڙي دعويٰ پرکڻ لاءِ هڪ ترازو ۽ ڪسوٽي آهي اهو هيئن آهي ته: جڏهن به نفس ۽ خواهش ان کي ڪنهن شيءَ جو حڪم ڏين ۽ الله تعاليٰ جي شريعت ان جي خلاف هجي، ته ان وقت جيڪڏهن هو پنهنجي دل کي الله تعاليٰ جي حڪم جي طرف مائل ڏسي، ته پوءِ چئبو ته هو الله تعاليٰ کي زياده ڀانئي ٿو. ٻيءَ حالت ۾ سندس دعويٰ ڪوڙي آهي.

بهرحال، هن بيان مان تو سمجهيو ته اهل حسرت پنهنجي باطن سان ڏسي سگهن ٿا ته ڪير قبر جي عذاب کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندو، ۽ هو خوب ڄاڻن ٿا ته گهڻا ماڻهو ڇٽي نه سگهندا، پر عذاب جي عرصي ۽ سختيءَ ۾ گهڻو فرق هوندو، جيئن دنيا سان لڳ لاڳاپن ۾ به گهڻو فرق آهي.

 

 

فصل يارهون

قبر جي عذاب کان ڇوٽڪاري جي واٽ

 

شايد ڪي احمق ۽ مت موڙهيل هيءَ دعويٰ ڪن ته جيڪڏهن قبر جو عذاب هيءَ آهي، ته پوءِ اسين سلامت آهيون، ڇا لاءِ جو اسان جو هن دنيا سان ڪو تعلق ڪونهي، ۽ دنيا جو هجڻ نه هجڻ اسان لاءِ برابر آهي. پر جيستائين هو پاڻ کي نه آزمائين، ايستائين انهن جي هيءَ دعويٰ اجائي آهي. جيڪڏهن واقعي اهڙو شخص آهي جنهن جو سڀ مال چوري ٿي وڃي ۽ جا مقبوليت ۽ شهرت حاصل اٿس، سا ڪنهن ٻئي جي نصيت ۾ هلي وڃي، ۽ ان جي مڙئي پوئلڳ کانئس منهن ڦيري وڃن ۽ سندس گلا ڪن، ۽ باوجود انهن سڀني ڳالهين جي سندس دل ۾ ڪجهه به رنج ۽ غم جو اثر نه ٿئي، ۽ هن جي لاءِ هي واقعو اهڙو هجي، جيئن ڪنهن ٻئي جو مال چوري ٿي ويو آهي ۽ ڪنهن ٻئي جي عزت لُٽجي ويئي آهي، ته پوءِ هو پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي، پر جيستائين سندس مال چوري نه ٿيو آهي، ۽ سندس مريد کانئس بگڙي نه ويا آهن، تيستائين ته هو رولي ۾ آهي. لهذا آدميءَ کي جڳائي ته مال کي پاڻ کان جدا ڪري، ناموس کان پري ڀڄي ۽ پاڻ  کي آزمائي، ۽ پوءِ اهڙو ڀروسو رکي. گهڻا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو سمجهندا آهن ته انهن کي زال يا ٻانهيءَ سان ڪو واسطو ئي ڪونهي، پر جڏهن زال کي طلاق ڏيندا آهن يا ٻانهيءَ کي وڪڻندا آهن، تڏهن اها عشق جي باهه سندين دلين ۾ لڪل هوندي آهي، سا ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرندي آهي، ۽ هو چريا ٿي ان ۾ جلندا آهن.

تنهنڪري جيڪڏهن ڪو چاهي ته قبر جي عذاب کان ڇوٽڪارو پائي، ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان ضرورت کان وڌيڪ ناتو نه رکي. پر جيڪڏهن دل کي انهن لاڳاپن کان خالي ڪري نٿو سگهي، ته کيس جڳائي ته دائما خدا جي بندگيءَ ۽ ذڪر ۾ مشغول رهي ۽ ذڪر جي آنس کي پنهنجيءَ دل تي غالب ڪري، تان جو الله تعاليٰ جي دوستي دنيا جي دوستيءَ تي غالب پئجي وڃي. شريعت جي پوري تابعداري ڪري ۽ الله تعاليٰ جي حڪم کي مقدم رکي. جيڪڏهن نفس سندس اطاعت مڃي، ته پوءِ ڀلي ڀروسو ڪري، ته کيس قبر جي عذاب کان نجات ملندي. پر جيڪڏهن ائين نه ٿيو ۽ نفس سرڪش رهيو، ته پوءِ قبر جي عذاب لاءِ تيار رهي، اِلاّ مَاشاءَ الله.

 

فصل ٻارهون

روحاني دوزخ ۾ ٽن قسمن جي باهه

 

هاڻ وقت آيو آهي ته اسين ”روحاني دوزخ“ جي حقيقت کي سمجهايون. ”روحانيءَ“ مان مراد هي آهي ته اهو جنهن جو تعلق خاص روح سان هجي، ۽ نه جسم سان. ”الله تعاليٰ جي ڀڙڪايل باهه، جا دلين تي ظاهر ٿيندي[3]، تنهن مان مراد اهو روحاني دوزخ آهي، جنهن جي باهه جو غلبو دل تي هوندو. اُها باهه جا بدن کي چهٽي پوي ٿي، تنهن کي ”جسماني دوزخ“ چوندا آهن.

ڄاڻڻ گهرجي ته ”روحاني دوزخ“ ۾ به ٽن قسمن جي باهه ٿيندي: هڪڙي دنيوي خواهشات کان وڇوڙي جي باهه، ٻي رسواين ۽ شرمندگين جي باهه، ۽ ٽين حضرت اِلاهيءَ جي جمال کان محروميءَ ۽ نااُميديءَ جي باهه. انهن ٽنهي باهين جو تعلق دل ۽ جان سان آهي ۽ نه جسم ساڻ. انهن باهين جي سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آهي ته هو انهن باهين مان ڪهڙي کي هتان (هن دنيا مان) پاڻ سان کڻي هلن ٿا. هرهڪ جي معنيٰ هڪ دنيوي مثال جي ذريعي پيش ڪنداسين، ته جيئن حقيقت تان پردو کڄي وڃي.

پهرينءَ باهه جي صفت جا دنيا جي خواهشن کان جدائيءَ جي باهه آهي، ان جو سبب قبر جي عذاب واري باب ۾ بيان ڪيو ويو. آدمي جيستائين پنهنجي معشوق سان گڏ آهي تيستائين ڄڻڪ بهشت ۾ آهي، ۽ جڏهن ان (معشوق) کان جدا ٿئي ٿو ته گويا دوزخ ۾ آهي، تنهنڪري دنيا جو عاشق دنيا سان گڏ بهشت آهي (الدنيا جنته الڪافر)، ۽ آخرت ۾ هو دوزخ ۾ آهي، ڇا لاءِ جو ان جو معشوق (يعني دنيا) کانئس کسيو وڃي ٿو. هاڻي هڪڙي ئي شيءِ لذت جو سبب به آهي ته وري رنج جو باعث به، ليڪن ان جون ٻه مختلف حالتون آهن:

دنيا ۾ ان باهه جو مثال هن طرح کڻي سمجهو ته هڪڙو بادشاهه روءِ زمين جو مالڪ آهي ۽ سندس ماتحت خوبصورت زالون، ٻانهيون، باغ، محلات، مطلب ته هر شيءِ آهي. اوچتو هڪ غنيم اچي کيس قيد ڪري پنهنجو غلام بنائي ٿو ۽ سندس رعيت جي اکين آڏو کيس ڪنن جي سنڀال جو ڪم سپرد ڪري ٿو. هاڻي تون خيال ڪري ڏس ته انهيءَ بادشاه کي ان ڪري ڪيترو نه رنج هوندو، ۽ پنهنجي هر قسم جي نعمتن جي باهه کيس ڪيتريقدر نه جلائيندي هوندي! هو ضرور چاهيندو ته کيس هڪدم ختم ڪيو وڃي يا سندس جسم تي ايتريقدر عذاب سٿيو وڃي جو انهيءَ رنج کان ڇٽي پوي. جيتري نعمت وڌيڪ هونديس، ۽ ولايت وڌيڪ صاف ۽ دلپذير، اوتري هيءَ باهه هن لاءِ زياده تيز هوندي. پوءِ جيتريقدر ڪنهن جي مزن جي حد دنيا ۾ ڪشادي هوندي، ۽ جيتريقدر دنيا اُن سان وڌيڪ نباهيو هوندو، اوتريقدر ان جو عشق ڏاڍو هوندو، ۽ اوتريقدر فراق جي باهه ان جي دل اندر وڌيڪ ساڙيندي هوندي.

هيءُ مثال آهي هڪ باهه جو. ممڪن ناهي جو ان باهه جو مثال هن جهان ۾ ملي سگهي، ڇا لاءِ ته هن جهان ۾ جيڪو رنج دل کي رسي ٿو، سو جلدئي زائل ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو حواس ۽ هن جهان جا ڌنڌا، جي دل لاءِ هڪ حجاب آهن، کيس مشغول رکن ٿا ۽ انهيءَ ڪري هي عذاب منجهس ممڪن نٿو ٿئي. انهيءَ سبب ڪري جڏهن ڪو مصيبت زده ننڊ ڪري اٿندو آهي، ۽ سنديس طبيعت صاف هوندي آهي، تڏهن مصيبت جو زخم دل کي وڌيڪ ڏکوئيندو اٿس، ۽ محسوسات ڏي موٽڻ کان اڳ مٿس زياده اثر ڪندو آهي. مثلا ننڊ مان اُٿڻ وقت جيڪڏهن ڪو مٺو آواز ٻڌندو ته وڌيڪ متاثر ٿيندو ان جو سبب دل جي محسوسات کان صفائي آهي، جا هن جهان ۾ پوريءَ  طور حاصل نه ٿيندي آهي. مگر آدمي جڏهن مري ٿو، تڏهن محسوسات جي اثر کان صاف ۽ مجرد ٿيو پوي ٿو، ۽ رنج ۽ راحت سندس دل تي وڏو اثر پيدا ڪن ٿا. متان ائين سمجهين ته اها باهه هن دنيا جي باهه وانگر هوندي آهي، بلڪ ان باهه کي ستر دفعا پاڻيءَ سان ڌوئي پوءِ هن جهان ڏانهن موڪليو ويو آهي.

ٻيءَ باهه جي صفت: اها بڇڙاين سبب شرم ۽ پڇتاءُ جي باهه آهي، ان جو مثال ائين آهي ته جيئن ڪو بادشاهه ڪنهن حقير ۽ خسيس شخص کي عزت ڏئي، ۽ پنهنجي ملڪ جي نائبي ان جي حوالي ڪري ٿو، ۽ پڻ پنهنجي حرامسراءِ سان واقفي ڪرائي ٿو، جيئن ڪوبه، کانئس پردو نه ڪري، ۽ پنهنجا مال خزانا ان جي حوالي ڪري، اُن تي سڀني ڪمن ۾ ڀروسو رکي ٿو. اهو ڪميڻو جڏهن انهن نعمتن کي حاصل ڪري وٺي ٿو، تڏهن پنهنجي اندر ۾ بادشاهه کان باغي ۽ سرڪش ٿي پوي ٿو- خزاني ۾ بيجا تصرف ڪري ٿو ۽ سندس حرمسراءِ ۾ خيانت ۽ بدمعاشي ڪري ٿو، مگر ظاهري طرح پاڻ کي بادشاه جو امانتدار ثابت ڪري ٿو. هڪڙي ڏينهن خيانت ۽ بدمعاشي ڪندي ڏسي ٿو ته بادشاهه بيٺو دريءَ کان ڏانهس نهاري، ۽ هي به سمجهي وڃي ٿو ته شايد بادشاه هر روز کيس اهڙيءَ طرح تاڙي رهيو آهي: ۽ دير انهيءَ لاءِ ڪئي اٿس ته ڀلي سندس خيانت اڃا به وڌي ته کيس عبرت جهڙي سزا ڏيئي ماري برباد ڪري. هاڻي، تون قياس ڪر ته ان حالت ۾ رسوائيءَ کان جا شرم جي باهه ان جي دل ۽ جان ۾ ڀڙڪندي سا ڪهڙي هوندي! ڇا هو هيءُ نه چاهيندو ته جيئري ئي زمين کيس جاءِ ڏئي، ته ان ۾ پيهي، وڃي، ته جيئن هن لڄ ۽ خواريءَ جي باهه کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري؟

اهڙيءَ طرح، تون جو به ڪم هن جهان ۾ پنهنجي عادت کان ڪرين ٿو، جو ظاهريءَ طرح تي توکي چڱو نظر اچي ٿو، پر ان جي حقيقت ۽ اصليت بُري ۽ رسوا ڪندڙ آهي، قيامت ڏينهن جڏهن ان جي حقيقت تنهنجي اڳيان کلندي، تڏهن تنهنجي رسوائي پڌري ٿيندي ۽ تون ندامت جي باهه ۾ جلي مرندين.

ٽينءَ باهه جي صفت: اها حضرت الاهيءَ جي ديدار کان محروم رهڻ ۽ سعادت حاصل ڪرڻ کان نا اُميديءَ جي باهه آهي. ان جو ڪارڻ نابينائيءَ ۽ جهالت آهي جنهن کي آدمي پاڻ سان هن جهان مان کنيو ٿو هلي، ڇا لاءِ جو هن الله تعاليٰ جي معرفت حاصل نه ڪئي هئي، ۽ مجاهدي سان پنهنجي دل کي صاف نه ڪيو هو ته جيئن مرڻ بعد حضرت الاهيءَ جو جمال ان ۾ بکي، جيئن صاف آئني ۾ بکندو آهي- بلڪ پنهنجي دل جي آئيني کي گناهن ۽ دنياوي خواهشن جي ڪٽ سان ڪارو ڪري ڇڏيو هئائين، جنهنڪري سندس دل انڌائيءَ ۾ رهجي ويئي.

ان باهه جو مثال ائين آهي، جيئن تون ڪجهه ماڻهن سان انڌيري رات ۾ هڪ جڳهه تي پهچين، جتي اڪيچار پٿر هجن، جن جو رنگ تون ڏسي نه سگهين، تنهنجا ساٿي توکي چون ته ”جيترا ٿي سگهن اوترا پٿر کڻي هل، ڇو جو اسان ٻڌو آهي ته هي نهايت قيمتي آهن، ۽ انهن ۾ گهڻو فائدو آهي.“ پوءِ انهن مان هرهڪ جيترا کڻي سگهي ٿو اوترا کڻي ٿو، ۽ تون انهن مان هڪ به نٿو کڻين ۽ چوين ٿو ته ”هيءَ وڏي بيوقوفي آهي جو ايتري مصيبت برداشت ڪريان ۽ هيترو سارو ڳرو بار پاڻ تي کڻي هلان، ۽ خود اها خبر نه آهي ته سڀاڻي هي ڪم ايندا يا نه.“ تنهنجا ساٿي ته پوءِ بار کڻي روانا ٿين ٿا ۽ تون انهن سان گڏ خالي هٿين موٽين ٿو، ۽ مٿن کل ۽ ٺٺولي ڪندو ٿو اچين، ۽ چوين ٿو ته ”افسوس، جنهن کي عقل ۽ سمجهه آهي اهو مون وانگر آرام سان سولو هلي ٿو، ۽ جو نادان آهي، سو پاڻ کي اجائي طمع ۾ گڏهه ڪري بوجو کڻي ٿو. جڏهن روشنيءَ ۾ پهچن ٿا تڏهن کين معلوم ٿئي ٿو ته اِهي پٿر جواهر ۽ ڳاڙها يا قوت آهن، جن مان هرهڪ جي قيمت هڪ لک دينار آهي. اتي اهي ماڻهو حشرت کائين ٿا ته اڃا ڇو نه پاڻ سان زياده پٿر کڻي آياسون، ۽ پوءِ تون پنهنجي غفلت کان ته ”ڇو نه کنيم“ ارمان ڪندين، ۽ حسرت جي باهه تنهنجي جان ۾ ڀڙڪندي. تنهنجا ساٿي اهي هيرا لعل وڪڻي روءِ زمين جي بادشاهي ماڻين، ۽ جيڪي نعمتون چاهين حاصل ڪن. ۽ جتي چاهين اتي رهن ۽ توکي غلام بنائي بکيو، اڃيو ۽ اگهاڙو رکن، ۽ تون انهن کي ڪيتري به منٿ ڪرين ته انهيءَ نعمت مان مون کي ڪو ذرو ڏيو، ته هو چون ته ”ڪالهه تون اسان تي ٿي کلئين، اڄ اسين توتي ٿا کلون.“

هي آهي مثال بهشت، جي نعمت ۽ حق تعاليٰ جي ديدار کان محروم رهڻ جي حسرت جو، هيءُ هيرا ۽ لعل مثال آهن عبادتن جو، ۽ اونداهي مثال آهي دنيا جو. پوءِ جن به عبادت جا هيرا ۽ لعل دنيا مان پاڻ سان نه کنيا ۽ چيائون ته اُڌاري نعمت جي آسري تي روڪڙو ڪشالو ڇو ڪڍون، اهي سڀان، قيامت ڏينهن دانهن ڪندا ۽ پڪاريندا ته ”اسان جي مٿان به ڪجهه پاڻي وهايو[4] (پنهنجن نعمتن مان ڪجهه ڏيو). ۽ ڇو نه حسرت کائين، جو سڀاڻي اهل طاعت ۽ اهل عبادت تي ايترين سعادتن ۽ الاهي نعمتن جي باراني ٿيندي، جو انهن جي اڳيان هن دنيا جون سڀيئي راحتون هڪ ساعت جي مقابلي ۾ ڪجهه به نه هونديون، بلڪ اهو شخص جنهن کي دوزخ مان سڀني کان پڇاڙيءَ ۾ ڪڍندا تنهن کي به ايتريون ته نعمتون ڏنيون وينديون، جو دنيا جي نعمتن کان ڏهوڻيون هونديون.

 

 

فصل تيرهون

روحاني باهه جسماني باهه کان وڌيڪ دردناڪ آهي

 

تو انهن ٽنهي قسمن جي روحاني باهين کي سمجهي ورتو، هاڻ هيءُ به سمجهي ڇڏ ته هيءَ باهه جسماني باهه کان گهڻو تيز آهي، ڇا لاءِ جو جسم کي تڪليف جو احساس ان وقت تائين نٿو ٿئي، جيستائين ان جو اثر جان تائين نه پهچي. تنهنڪري جسم جي تڪليف به جان (روح) ۾ پهچي وڃڻ سان وڌي وڃي ٿي.

پوءِ اها باهه ۽ اهو درد، جو جان (دل، روح) جي وچان ٻاهر اچي ٿو، سو لازما گهڻو زياده آهي. هيءَ باهه جان جي اندران ئي لڳي ٿي، ٻاهران ڪانه ٿي اچي.

انهن سڀني ڏکن سورن جو سبب هي آهي ته اها شيءِ جا دل جي طبع جي خلاف آهي، سا دل تي غلبو ڪري ٿي، مثلا: بدن جي طبيعت جي تقاضا هيءَ آهي ته ان جي هيءَ ترڪيب (جوڙجڪ) ساڻس گڏ سلامت رهي، ۽ ان جا سمورا عضوا هڪٻئي سان بدستور ڳنڍيل رهن. جڏهن جراحت (وڍڻ) جي ڪري هڪ عضوو ٻئي کان علحدو ٿي وڃي ٿو، جا ڳالهه ان جي طبيعت جي مخالف آهي، تڏهن بدن کي تڪليف پهچي ٿي. اهڙيءَ طرح سان جنهن شيءِ جي دل تقاضا ڪري ٿي، ان جي بجاءِ جيڪڏهن ڪا ٻي مخالف شيءِ اچي جڳهه والاري ته ان ڪري دل کي تمام گهڻي تڪليف ٿئي ٿي.

هاڻ دل جي تقاضا آهي الله تعاليٰ جي معرفت ماڻڻ ۽ سندس ديدار پسڻ. جيڪڏهن معرفت ۽ بينائيءَ جي بجاءِ ان جو ضد يعني نابينائي اچي ان جي جڳهه تي قبضو ڪري، ته پوءِ دل جي درد جي ڪا حد ئي ڪانه رهندي. جيڪڏهن ماڻهن جون دليون هن دنيا ۾ بيمار نه هجن ها، ته موت کان اڳ ۾ ئي نابينائيءَ جي درد جي خبر پئجي وڃين ها. جهڙيءَ طرح، هٿ پير کٻيرا ٿي ويندا آهن ۽ انهن ۾ سُومت پيدا ٿيندي آهي، ته ڏنڀ جي درد جو به احساس نه ٿيندو اٿن، پر جڏهن انهن مان ساڻائي نڪري ويندي آهي، تڏهن سخت سُور ٿيندو اٿن. تهڙيءَ طرح آدمين جون دليون به هن جهان ۾ کٻيريون ۽ بيحس ٿي وڃن ٿيون اها کٻيرائي ۽ بي حسي موت وقت هلي وڇي ۽ يڪلخت هيءَ باهه اندر مان ڀڙڪو کائي ٿي نڪري. اها باهه ڪنهن ٻئي طرف کان نٿي اچي، بلڪ اها دل ۾ آهي، جا آدمي پاڻ سان همراهه کنيو وتي، پر جيئن ته کيس علم اليقين نه هو، تنهنڪري ان کي ڏسي نه سگهيو، ۽ هاڻي جڏهين کيس عين اليقين حاصل ٿيو، تڏهن ان کي خوب سمجهيائين[5].

شريعت، جو جسماني دوزخ ۽ بهشت جي شرح ۽ صفت زياده بيان ڪئي آهي، سو هن ڪري جو سڀڪوئي ان کي ڄاڻي سڃاڻي ٿو، پر جيڪڏهن روحاني دوزخ ۽ بهشت بابت ڪنهن جي اڳيان ڳالهه ڪبي، ته هو ان کي هڪ معمولي ڳالهه ڪري سمجهندو، ۽ ان جي سختيءَ ۽ عظمت جي پروڙ نه پونديس. مثلا: جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي چيو وڃي ته ”تون ڪجهه سک، نه ته تنهنجي پيءُ جي رياست ۽ ولايت توکي نه ملندي ۽ تون انهيءَ سعادت کان محروم رهجي ويندين،“ ته هو اها ڳالهه سمجهي نه سگهندو، ۽ سندس دل تي ڪوبه اثر نه پوندو، پر جيڪڏهن کيس چيو وڃي ته ”جيڪڏهن تون نه پڙهندين ته استاد تنهنجو ڪن مهٽيندو،“ ته هو ان کان ڊڄي ويندو، ڇاڪاڻ ته کيس انهيءَ ڳالهه جو پورو احساس آهي، هاڻي جهڙيءَ طرح استاد جي گوشمالي حق آهي، ۽ بي ادب ٻار جو پنهنجي پيءُ جي رياست کان محروم رهڻ حق آهي، تهڙيءَ طرح جسماني دوزخ حق آهي، ۽ الله تعاليٰ جي جمال جي ديدار کان محروم رهڻ جي باهه حق آهي، ۽ جهڙيءَ طرح گوشمالي، رياست ۽ ولايت کان محروم رهڻ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سزا نه آهي، تهڙيءَ طرح جسماني دوزخ به روحاني دوزخ اڳيان هڪ معمولي شيءِ آهي.

 

 

فصل چوڏهون

ٿوري گمان تي آخرت جو انڪار ڪرڻ روا ناهي

 

گهڻا نادان جن کي نه هيءَ طاقت آهي ته پنهنجي بصيرت سان ڪمن کي سمجهن ۽ نه وري اها توفيق اٿن جو شريعت کي قبول ڪن، سي آخرت جي ڪمن ۾ حيران رهن ٿا ۽ شڪ هيٺ آهن. ليڪن، ڳالهه دراصل هيءَ آهي ته جڏهن خواهش انهن تي غلبو ڪري ٿي، تڏهن پنهنجي طبع جي تقاضا موجب آخرت جو انڪار ڪري ٿا ڇڏين، پوءِ سندن اهو انڪار، انهن جي اندر ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ شِطان هروقت ان جي پرورش ڪندو رهي ٿو. هو هيءُ ڀائيندا آهن ته جو ڪجهه دوزخ جي متعلق آيو آهي، سو محض ڊيڄارڻ واسطي آهي، ۽ جو ڪجهه بهشت بابت آيل آهي، سو رڳو دوکو آهي. انهيءَ سبب ڪري هو پنهنجي خواهش جا پيرو بڻجي، شريعت کان منهن موڙين ٿا. نه فقط ايترو، پر اهي، شريعت جي پيروي ڪن ٿا تن کي حقارت جي نظرن سان ڏسن ٿا ۽ چون ٿا، ته اهي دوکي ۾ آهن. اهڙن احمقن کي اها قوت ڪٿي آهي، جو اهڙن رازن کي دليلن سان سمجهي سگهن. اهڙن ماڻهن مان ڪنهن هڪ کي دعوت ڏجي ته اچي ڪنهن هڪ ظاهر ڳالهه تي غور ڪري، ۽ کيس چيو وڃي ته ”جيڪڏهن تنهنجو گمان غالب هيءُ آهي ته هڪ لک ۽ چوويهه هزار پيغمبر، مڙيئي عالم، حڪيم ۽ ولي غلطيءَ ۽ دوکي هيٺ آيل هئا، ته ڇا، تو باوجود هيتريءَ ساريءَ بيوقوفيءَ ۽ غرور هوندي به انهيءَ حال کي سمجهيو آهي! ممڪن آهي ته هيءَ غلطي ۽ دوکو توکان ئي هجي، جو آخرت جي حقيقت کي سمجهي نه سگهيو آهين. ۽ نه وري روحاني عذاب کان ئي واقف ٿي سگهيو آهين، ۽ هن محسوسات جي جهان ۾ روحانيات جي مثال کي فهم ۾ آڻڻ کان عاجز ٿي پيو آهين.“ هاڻ جيڪڏهن ڪو اهڙو بيوقوف آهي جو ڪنهن به طرح پنهنجي غلطيءَ کي نٿو مڃي، ۽ چوي ٿو ته ”جهڙيءَ طرح ٻه هڪ کان وڌيڪ آهن، تهڙيءَ طرح آءٌ يقيناً سمجهان ٿو ته روح جي ڪا حقيقت ڪانهي ۽ نه وري ان کي ڪو بقا آهي، ۽ مرڻ کان پوءِ روحاني ۽ جسماني عذاب ۽ راحت آهي ئي ڪانه،“ ته پوءِ اهڙي آدميءَ جو مزاج بگڙي چڪو آهي، ۽ انهيءَ کان نااميد ٿيڻ گهرجي، ڇا لاءِ جو هو انهيءَ ٽولي مان آهي، جنهن بابت الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”جيڪڏهن تون (اي محمد) انهن کي هدايت جي طرف سڏيندين ته هو هرگز رستو نه پائيندا[6]. جيڪڏهن هو چوي ته ”انهن ڳالهين جي محال هجڻ جي مون کي ڪا پڪ ڪانهي، پوءِ کڻي اُهي ممڪن به هجن، پر سمجهه کان گهڻو پري آهن، ۽ جيئن ته هن حال جي حقيقت (اصليت) مون کي معلوم نه آهي، ۽ نه وري ڪو غالب گمان سان ئي معلوم اٿم، ته پوءِ ڇو هڪ ڪمزور گمان تي لڳي پنهنجي سڄي عمر پرهيزگاريءَ جي دامن ۾ گذاريان ۽ دنيا جي لذتن کان باز رهان؟ اسين کيس چونداسون ته ”جڏهن تو هن قدر جو اقرار ڪيو آهي ته هاڻي عقل جي لحاظ کان توتي واجب ٿي ويو آهي ته تون هن شريعت جي رستي کي اختيار ڪرين، ڇا لاءِ، جو جڏهن خطرو وڏو هوندو آهي، تڏهن محض ضعيف گمان تي ئي ماڻهو ان کان ڀڄندا آهن: مثلاً، جڏهين تون کاڌي کائڻ جو خيال ڪرين ۽ ان وقت ڪو توکي هيئن ٻڌائي ته نانگ انهيءَ ۾ منهن وڌو آهي، تڏهن تون فوراً پنهنجو هٿ ان (کاڌي) کان هٽائيندين، جيتوڻيڪ گمن هيءُ هجي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ۽ هو اهو ڪوڙ انهيءَ لاءِ ٿو ڳالهائي ته جيئن هو اهو کاڌو خود کائي. هي به ممڪن آهي ته هو سچ چوندو هجي، ۽ ان حالت ۾ تون دل ۾ خيال ڪندو هوندين ته جيڪڏهن کاڌو کڻي نه کائيندس ته بک جي تڪليف سهڻ آسان آهي، پر جي کائيندس ته ٿي سگهي ٿو ته هن سچ چيو هجي، ۽ مان مري وڃان. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن تون بيمار ٿي پوين ۽ مرڻ جو خطرو اچي ورائيئه، ۽ ان وقت ڪو تعويذ نويس توکي هيئن چوي ته مون کي هڪ چانديءَ جو درم ڏي ته توکي اهڙو تعويذ لکي ڏيان، جو تون تندرست ٿي آئين، ته ان وقت اگرچه تنهنجو غالب گمان ته هي هوندو ته نقشُ، تندرستي سان ڪائي نسبت نٿو رکي، مگر وري به خيال ڪندين ته ٿي سگهي ٿو، ته هو سچ چوندو هجي ۽ چانديءَ جو هڪ درم ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن توکي هڪ نجومي هيئن چوي ته جڏهن چنڊ فلاڻي هنڌ تي پهچي، تڏهين تون فلافي ڪڙي دوا کائي ڇڏج، ته تون نو بنو ٿي پوندين، ته نجوميءَ جي چوڻ تي تون ڪڙي دوا کائڻ جي تڪليف برداشت ڪندي ۽ چوندين ته شايد سچ چوندو هجي، ۽ جي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، ته دل ۾ چوندين ته هيءَ معمولي ڳالهه آهي.

هاڻي، هڪ عقلمند جي نزديڪ هڪ لک چوويهه هزار نبين، سڀني حڪيمن، عالمن ۽ ولين جو قول ڪنهن نجوميءَ، تعويز نويس ۽ نصراني طبيب جي قول کان گهٽ هرگز نه هوندو.

جيڪڏهن ڪو حساب ڪري ته دنيا جي عمر ڪيتري آهي، ۽ ابد، جنهن جي انتهائي ڪانهي، ڪيترو آهي، ته سمجهي ويندو ته شريعت جي پيروري ڪرڻ ۾ جا تڪليف برداشت ڪرڻي پوي ٿي، سا ان وڏي خطري جي ڀيٽ ۾ بلڪل گهٽ آهي. خودبخود چوندو ته جيڪڏهن نبين سڳورن سچ چيو، آهي ته مان انهيءَ عذاب ۾ هميشه (ابد تائين) رهندس، ته پوءِ ڪاڏي ويندس ۽ هيءَ دنيا جي چند ڏينهن واري راحت مون کي ڪهڙو فائدو ڏيندي: ۽ ممڪن آهي ته اهي (نبي سڳورا) سچ چوندا هجن!“

ابد جي معنيٰ ته هيءَ آهي ته جيڪڏهن ساريءَ دنيا کي کڻي ٻاجهريءَ جي داڻن سان ڀرجي، ۽ ڪنهن پکيءَ کي چيو وڃي ته هزارين سالن بعد هڪڙو داڻو چُڳي، جيئن اها داڻا به سڀ ختم ٿي وڃن ته به ابد مان ڪجهه به گهٽ نه ٿيندو (۽ اهو جيئن جو آهي تيئن رهندو). ايترو سارو عرصو عذاب ۾ گذارڻ، پوءِ اهو عذاب خواهه روحآني هجي خواهه جسماني يا خيالي، ڪيئن برداشت ڪري سگهبو، ۽ دنيا جي زندگي ان جي مقابلي ۾ ڪيتريقدر هوندي؟ ڪوبه سمجهدار اهڙو نه هوندو جو هن ڳالهه تي غور ڪري ۽ نه سمجهي ته اهڙي وڏي خطري کان احتياط ڪرڻ ۽ بچڻ واجب آهي، پوءِ کڻي ڪيترو به ڪشالو ڪڍڻو پوي. ماڻهو واپار جي خاطر سمنڊ جي مساري ڪن ٿا ۽ محض نفعي لاءِ بيشمار تڪليفون سهن ٿا، جو سردست سندن سڀ گمان آهي. جيڪڏهن ماڻهو کي آخرت جو يقين نه آهي، ته گهٽ ۾ گهٽ ڪمزور گمان ته آهي. تنهنڪري جيڪڏهن هن کي پنهنجي حال تي رحم آهيم ته انهيءَ گمان کان ئي شريعت جي تابعداري ڪرڻ گهرجيس.

هڪ ڏينهن حضرت علي ڪرم الله وجه ڪنهن ڪافر يعني خدا جي منڪر سان مناظرو پئي ڪيو. چيائين ته جيڪڏهن ائين کڻي هجي جيئن تون ٿو چوين (يعني خدا ڪونه آهي)، ته پوءِ مان به بچي ويس ۽ تون به بچي وئين، پر جيڪڏهن ائين آهي جيئن مان چوان ٿو (يعني ته خدا آهي)، ته پوءِ مان بچي ويس ۽ تون ڦاسي وئين ۽ هميشه عذاب ۾ رهندين.“ هاڻي هيءَ ڳالهه جا حضرت امير المومنين فرمائي، اها هن سبب ڪري نه هئي ته ڪو کين الله تعاليٰ جي ذات ۾ شڪ هو، مگر اها گفتگو ان ملحد جي عقل جي مطابق هئي، ڇا لاءِ جو پاڻ سمجهيائون ٿي ته يقين جو رستو ان کي سمجهه ۾ نه اچي سگهندو.

تنهنڪري توکي ڄاڻڻ گهرجي ته اهو، جو دنيا ۾ آخرت جي توشي هٿ ڪرڻ کان سواءِ، ٻين شين ۾ مشغول آهي، سو وڏو بيوقوف آهي. ان جو سبب آهي غفلت ۽ ناعاقبت انديشي، ڇاڪاڻ ته دنيا جون خواهشون کيس انهيءَ ڳالهه بابت غور ڪرڻ جي مهلت ئي نٿيون ڏين. نه ته اهو ماڻهو جو آخرت (جي عذاب) تي يقين رکي ٿو، ۽ اهو جنهن جو گمان غالب آهي ۽ اهو جنهن جو گمان ضعيف آهي، عقل جي نگاهه کان انهن سڀني تي واجب آهي ته هن وڏي خطري کان حذر ڪن، ۽ احتياط ۽ امن وارو رستو اختيار ڪن، نه سلامتي پائيندا.


 

[1]  الما هِيءَ اَحمَلڪُم تُرَد اِلَڪُم. (2) اِن جهنَم لَمُحيِطتُه بالکافِريِن.

 

[3]  قرآن مجيد: نَارُ اللهّ الّموُ قدتهُ الّتني تطلِعُ علي الافّئدته

[4]  قرآن مجيد: اُفيضوا علينا الماء.

 

[5]  قرآن مجيد جي هن اُپت ڏانهن اشارو آهي! ڪلاّ لَوّ. تَعّلَمُوّن عِلّم اَليَقِيّنِ لَنَروُنّ الّجَحيمَ ثمّ لَتَروُنّها عَيّنَ الُيقَيّن.

 

[6]  قرآن مجيد: وَء اِنّ تَدعُهُمّ اِلَي الّهّدي فلن بّهُنّدُ واّ اذاَ اَبَداّ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org