سيڪشن: تصوف

ڪتاب: تلقين السالڪين

باب:

صفحو:7 

علم سلوڪ جا شرط: 

 اي طالب! ڄاڻ ته هن علم سلوڪ جا چار شرط آهن. سالڪ کي گهرجي ته اِهي چار ئي شرط پورا ڪري. ان لاءِ سالڪ جي هر ڪم جي شروعات انهن سان ٻڌل آهي. پهريون ذڪر، ٻيو فڪر، ٽيون رابطو ۽ چوٿون مراقبو.

 پهريون ذڪر: هن جو مطلب آهي ته هر حال ۾ سِرّاً يا جَھراً (خفي يا جلي) “فآنّا فآنّا لحظةّ فلحظةّ” (گھڙي گھڙي هر دم) نه وساري يعني هردم ۾ هر وار انهيءَ کي نه وساري تان جو ملائڪ سندس چوڌاري ڦرن ۽ اُن وقت تائين جو سندس هر ساھ ذڪر کان غافل نه رهي. جيئن الله تعاليٰ جو اِرشاد مبارڪ آهي: الَّذِينَ يَذْكُرُونَ اللَّهَ قِيَامًا وَقُعُودًا وَعَلَى جُنُوبِهِمْ  (آلعمران:191) [اُهي الله تعاليٰ جو ذڪر بيٺي، ويٺي ۽ پاسي ڀر ليٽندي ڪن ٿا.] وارن جي فهرست ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ اهڙي ذڪر جي ترتيب ۽ لطائفِ خمسه جو بيان اڳ ۾ گذري چڪو آهي.

ٻيو فڪر: فڪر صوفين جي اصطلاح ۾ معرفت جي طلب فڪر جي نظر سان ڪرڻ. جيئن الله تعاليٰ جو فرمان آهي: وَيَتَفَكَّرُونَ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ (آلعمران:191) [۽ اُهي آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ غور فڪر ڪن ٿا.] ’تفسير مدارڪ‘ ۾ فرمايو ويو آهي ته، تفڪر ٽن قسمن تي مشتمل آهي. جيڪڏهن اُهي بجا آندائين ته سلوڪ جي ڪمال تي پهچندو. پنهنجي ئي نفس جي عيبن تي غور وفڪر ڪرڻ ۽ انهيءَ جي صفائي ڪرڻ ۽ اصلاح ڪرڻ. اِها اصلاح تزڪيه نفس کي چون ٿا ۽ اِهو فڪر فرضي عبادتن ۾ وڏو فائدو پهچائي ٿو. الله تعاليٰ جي نعمتن ۾ فڪر ڪرڻ: اِهو وري شڪر جو ڦل يا ميوو ڏئي ٿو. ٻئي تفڪر ۽ تشڪر ترقيءَ جي راھ تي وٺي وڃن ٿا. خلق،  دولت ۽ زمين ۾ فڪر ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي وحدانيت ۾ دليل نه آڻي. جيئن هو پنهنجي منزل تي ثابت ۽ قرار سان ايمان ۾ ڪمال حاصل ڪري.

ٽيون رابطو: اهو مرشد جي توجھه سان ڳانڍاپو آهي ۽ اِهو ڳانڍاپو مرشد جي ڪمال تي تجاوز نه ڪري [55] جو اِهو ئي هن واٽ جو سامان آهي. مرشد ۽ شيخ سان رابطو اُهو آهي ته هُو پنهنجي پير جي صورت کي هميشہ دل ۾ رکي. جڏهن به ذڪر ڪري ته انهيءَ وقت تصور پير جو هجي، جيڪو مريد لاءِ فائدي مند آهي. ڇاڪاڻ جو پير الله تعاليٰ جي حضور، وصول يا وصال جو واسطو آهي. هتي اِهو به ضروري آهي ته هن سلسلي جا مشائخ فنا في الشيخ کي محصّل فنا في الله چون ٿا. جڏهن فنا في الشيخ ٿيندو، تڏهن ئي ان کي فنا في الله جو رُتبو حاصل ٿيندو. ’رساله شطاريه‘ ۾ آهي ته، ”الطرق الي اللّٰه بعدد انفاس الخلق“ يعني الله جي راھ جا طريقا ايترا گهڻا آهن، جيترا مخلوق جا پساھ آهن. انهن مان ٽي طريقا هي آهن: پهريون طريقو اخيار آهي اهو روزي، نماز، تلاوت قرآن، حج ۽ جھاد آهي. هن راھ تي هلندڙ طويل زماني ۾ پنهنجي منزلِ مقصود تي پهچن ٿا. ٻيو اصحاب مجاهدات جو طريقو آهي جنهن سان هو خراب اخلاق ۾ تبديلي رياضتن ۽ عبادتن جي ذريعي ڪن ٿا ”تزڪيه نفس“ ۽ دل جي صفائي ۽ روح جي تجلّي حاصل ڪن ٿا. اِهو طريقو ڀلارن جو آهي. انهن مان گهڻا شروعات ۾ ٻيا انهن مان آخر تي رسن ٿا. پر اهو طريقو ويجھي ۾ ويجھو آهي. اِهي طريقا الله تعاليٰ جي توفيق ۽ پير جي واسطي سان حاصل ٿين ٿا. انهيءَ ڪم کان ٻيو ڪو ڪم بهتر نه آهي. جيتوڻيڪ هو ٻي ڪا به رياضت نه ڪندو هجي، تڏهن به اهو کيس الله تعاليٰ تائين پهچائي ٿو. مبتدي طالب لاءِ پير جي صورت کان وڌيڪ مشغولي ڪونهي. ڇاڪاڻ جو عالم الاهي، علمِ معنيٰ آهي ۽ ان کي ڏسڻ ممڪن نه آهي مگر اها صورت صاحبِ ڪمال يعني هڪ ڪامل انسان جي هوندي آهي جو ان جي ذات مظهرِ ڪمالاتِ حق آهي. جيئن هڪ عزيز فرمايو آهي:

مظهري تام غير انسان نيست
که همه کون را مُسّخر کرد
انبياءُ اوليا را حق بدان
سِرّ مخفي کرده ام با تو عيان

[مظهر ڪامل انسان کان سواءِ ٻيو ڪو ناهي، جنهن سڄي جھان کي مطيع ڪري رکيو آهي. الله پاڪ جي نبين سڳورن ۽ اولياء الله کي حق ڄاڻ، مون توسان مخفي (لڪل) راز ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.]

ڇاڪاڻ جو هر دولت ۽ سعادت جيڪا انهن ڏي رخ رکي، اُن تابعداريءَ جو نتيجو آهي ۽ انهن جو چمڪندڙ چهرو سندن اندر جي آئيني ۾ ڏيکاري ڏيندو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي جيڪو الله وارن جو فيض آهي اهو انهن کي ضرور پهچندو، بلڪ انهن جي ذوق ۽ شوق مان به انهن کي حصو ملندو.[56] جيئن حضرت رسالت مآب ﷺ، حضرت ابوبڪر صديق رضه جن جي شان ۾ فرمايو آهي: ”ما صبّ الله في صدرِي شيئاً الاوقد صببه في صدرِ ابنِ قحافه“ [الله منهنجي سيني ۾ جيڪا به محبت رکي آهي، اها مون ابن قحافه (حضرت ابوبڪر صديق) رضه جي سيني ۾ وڌي آهي.] ائين حضرت علي ڪَرَّمُ الله وجہٗ جن جي شانَ ۾ فرمايو: ”انا مدينة العلمِ وعلي بابها“ [آئون علم جو شهر آهيان ۽ علي رضه انهيءَ جو دروازو آهي.]

چوٿون مراقبو: مراقبي جي صورت ۽ انهيءَ جو تفصيل اڳيان بيان ٿي چڪو آهي. باقي انهيءَ جا قسم ست آهن: پهريون سالڪ قبلي طرف سامهون منهن ڪري ويهي. ٻنهي ظاهري اکين کي بند رکي ۽ دل ۾ سمجھي ته الله تعاليٰ ظاهر ۽ باطن تي هر طرح واقف آهي. انهيءَ خيال سان شيطاني وسوسا جيڪي باطن ۾ هجن ٿا تن کان ڇوٽڪارو ملي ٿو. هر ڪلمو ۽ آيت ڪريمه جيڪا قرآن مجيد ۾ توحيد جي معنيٰ تي دلالت ڪري، ظاهري توڻي معنيٰ جي لحاظ کان پنهنجي باطن ۾ ان تي غور ڪري. چند ڪلما هتي لکيا وڃن ٿا، انهن تي قياس ڪرڻ گهرجي: وَهُوَ مَعَكُمْ أَيْنَ مَا كُنْتُمْ  (الحديد:4) [اُهو الله تعاليٰ اوهان سان هر هنڌ گڏ آهي، جتي به هجو!] فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ (البقيه:115) أَلَمْ يَعْلَمْ بِأَنَّ اللَّهَ يَرَى (العلق:14) [پوءِ جيڏانهن به مُنهن ڪريو پوءِ الله اُن طرف آهي. ڇا اوهان نٿا ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ ڏسي ٿو.] وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيدِ (ق:16) [اسين اوهان کي ساھ جي رڳن کان به وڌيڪ ويجها آهيون.] وَكَانَ اللَّهُ  بِكُلِّ شَيْءٍ مُحِيطًا (النسآء:126) [بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ کي گهيرو ڪندڙ آهي.] وَفِي أَنْفُسِكُمْ  أَفَلَا تُبْصِرُونَ (الذاريات:21) [ڇا توهان پنهنجي نفسن ۾ نٿا ڏسو!] إِنَّ مَعِيَ رَبِّي سَيَهْدِينِ (الشعراءَ:62) [بيشڪ منهنجو رب مون سان آهي، اهو اجھو ٿو مون کي ڪا واٽ ڏسي.] ”اللهُ حَاضَرِي وَاللهُ نَاظِريُ [57] اَللهُ شاهِدِي.“ [الله تعاليٰ حاضر آهي ۽ الله ناظر آهي الله منهنجو شاهد آهي.]

ٻيو مراقبو: اسم ذات آهي، اِهو اسم ذات محض اسم آهي. ٽيون مراقبو: يا حيُّ يا قَيُّومُ جو آهي. چوٿون مراقبو: اَنِيس آهي. يعني هر ساھ اسم ذات سان هجي. پنجون قسم سڀني اسماءِ حسنه جو مراقبو. ڇهون مراقبي جو قسم: پنهنجو پاڻ کي فنا ڪرڻ جو تصّور. اِها به هڪ رمز آهي، جيڪا مراقبي جي خاص رمزن مان آهي ته جيئن هر ڪو انهن اصطلاحن کان واقف ٿئي ۽ شروعات کان وٺي حال تائين سلوڪ کي عمل ۾ آڻي سگهي.

هتي اهو سمجھڻ ڪافي آهي ته الله تعاليٰ جي هستيءَ جي ثبوت ۽ اثبات ۾ پوري ڪائنات جي هستيءَ کي ۽ پاڻ کي مٽائي (فنا) ڪري ڇڏڻ مراقبو آهي. ڄاڻ ته مراقبي جي وجھه تسميه (نالي رکڻ جو سبب) اِهو آهي ته ”المراقب مشتق في الرقيب، الرقيب هوالحافظ يعني مادام“ [مراقبو لفظ نڪتل آهي رقيب مان. رقيب اِهو حفاظت ڪندڙ آهي، جيڪو هميشه محافظ آهي.] جڏهن ته مراقب ”ترقب“ کان ورتل آهي، ۽ ترقب انتظار کي چون ٿا ۽ اِهو هميشه لاءِ حفاظت ڪرڻ واري جو نالو آهي. مريد جڏهن مراقبي ۾ مشغول هوندو آهي ته اُهو سڀني ذاتي، جسماني، دلي، شيطاني ۽ نفساني حرصن ۽ خواهشن کان محفوظ رهندو آهي ۽ ذات بي پرواھه ڏانهن متوجھه رهندو آهي. مطلب هر غير کان فارغ ۽ حقيقت ۾ تفڪر ڪندڙ هوندو آهي ۽ تفڪر ذڪر کان افضل آهي. ڇاڪاڻ جو باطن جي شغل کان ڪوبه واقف نه هوندو آهي. لهٰذا ان وقت سالڪ جو دل سان مشاهدو ۽ توجھه هر طرف هجي. جيئن چيو ويو آهي:

همه چشم تا چه به نمائي
همه گوشم تا چه فرمائي

[جڏهن سڀ سموري اک آهي ته پوءِ سڀ ڏسندين. جڏهن سڀ ڪجھه ڪَنُ آهي ته سڀ ٻڌندين.]

          هن مراقبي ۾ پهرين ۽ پوئين [58]

[هتي ٻه صفحا غائب آهن]

فصل پنجون

نقشبندي سلسلي جو ذڪر ۽ ان جي سمجھاڻي

معرفت ڇا آهي؟ مقام ڇا آهي؟ سلوڪ لغت ۾ هلڻ کي چون ٿا ۽ هلڻ ”حِسّي انتقال“ آهي. جيڪو هڪ مڪان کان ٻئي مڪان تائين آهي، پر هتي سلوڪ مان معنوي مراد ۽ انتقال کي تزڪيه نفس جي معنيٰ ۾ ڄاتو وڃي ٿو. تزڪيه نفس اِهو آهي جو نفس کي دنياوي ۽ حيواني وصفن کان اوصافِ حميده يعني اَمّاره کان لوامه ۽ مطمئنه ڏانهن وٺي اچجي. دل جي سلوڪ کي صفائي جو نالو ڏين ٿا ۽ ان جو مطلب آهي ته دل جي آئيني کي دنيا جي غمن، ڏکن جي ڪَٽ ۽ ميراڻ کان مال، اولاد، دنيا جي محبت ۽ مال جي فڪر کان خالي ڪري. ڇو جو سِرّي تجلّي اِها آهي ته ماسوا الله جي سوچ ۽ هُل ۽ گوڙ جنهن ۾ بهشت جو خيال به اچي وڃي ٿو، دل کي خالي ڪري ڇڏي ۽ ان راز جي پاسباني ڪري يعني غير حق جي باري ۾ سوچ کي پنهنجي راز اندر جاءِ نه ڏئي. جيڪڏهن ڪا شيءِ هڪ دم گذري ته دل جي اندران ئي اندران نفي ڪري. روح جي خلوت اِها آهي ته الله تعاليٰ جي نور جي مشاهدي، ذوق، شوق، محبت، اسرار ۽ انوار سان پنهنجي روح کي سينگاري روشن ۽ منّور ڪري. اِها آهي سلوڪ جي حقيقت يعني حيواني عادتن جي تبديلي ۽ بشري وصفن کي ڇڏي ڏيڻ گويا جڏهن ”تخلقوا باخلاق الله“ واري مذڪوره صورت وٺي ۽ حضرت قطب عالمؒ پنهنجي رساله ’مُلهمات‘ ۾ شريعت، طريقت ۽ حقيقت جو بيان هن طرح فرمايو آهي: ”الشريعة الاتباع، والطريقة الانقطاع، والحقيقة الاطلاع، والشريعة الانقاع، والطريقة الابعاد، والحقيقة الاتحاد“ [شريعت معنيٰ تابعداري، طريقت معنيٰ دنياوي سڀني معاملن کان قطع تعلق، حقيقت معنيٰ اطلاع. جڏهن ٻين ٽن اصطلاحن جي معنيٰ وري هن طرح بيهي ٿي: شريعت معنيٰ صفائي (پر عمده صفائي) ۽ طريقت معنيٰ پري وڃڻ (يا دنياوي معاملات کان دور ٿيڻ وغيره) ۽ حقيقت جي معنيٰ الله جلّ جلالہٗ عمَّ نوالہٗ جي مشاهدي ۽ ڪمالات ماڻڻ لاءِ صوفي اصولن سان اتحاد قائم رکڻ.] يعني شريعت ڪمربند آهي جيڪو چيلھه جي چوڌاري ٻڌبو آهي [61] ۽ طريقت پنهنجو پاڻ کي پري رکڻ، حقيقت دوست سان ڳنڍجڻ، شريعت فرمانبرداري ۽ طريقت غير کان بيزاري آهي ۽ حقيقت دوست سان ڀائپي آهي. شريعت غنا آهي، طريقت فنا آهي، حقيقت بقا آهي. سالڪ جي شروعات ۾ حسي حالت آهي ۽ وچ تي عقل معاد آهي ۽ آخر ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جو نور آهي. ان کان پوءِ الله طرف سير جي نه منزل آهي ۽ نه ئي ڪو رستو. ڇاڪاڻ جو منزل طرف راھه جي وچ ۾ ٻه شيون ضروري آهن. اُها جڏهن دوئي دور ٿي وڃي ته پوءِ نه راھ باقي رهندي، نه منزل. حسين بن منصور حلاج رحه کان پڇيو ويو ته، ”کيف الطريق“ يعني واٽ ڪهڙي آهي؟ پاڻ جواب ۾ فرمايائون: ”الطريق بين اثنينِ“ يعني اها واٽ ٻن واٽن جي وچ ۾ آهي. ليڪن الله تعاليٰ جي سير ۾ تمام گهڻيون منزلون آهن. ڇاڪاڻ جو انهن کي نه نهايت (انتهيٰ) ۽ نه انحصار آهي. مقصد وحدانيت کي پهچڻ ۽ شرڪ کان ٻاهر اچڻ آهي، ٻيائيءَ کي ڇڏي ڏيڻ جو جذبو اها هڪ خاص رحمت آهي. جيئن هن آيت ڪريمه ۾ آهي: آتَيْنَاهُ رَحْمَةً مِنْ عِنْدِنَا (الڪهف:65) [اسان هن کي پاڻ وٽان رحمت عطا فرمائي.] جو اهو مطلب آهي ته اهڙي دعا حضرت رسالت مآب احمد مجتبيٰ ﷺ جن پاڻ فرمائي: ”اللّٰهم اني اسئلک رحمة من عندک تهدي بها قلبي الخ.“ [آقا مصطفيٰ ﷺ جن فرمايو ته، اي الله! آئون توکان تنهنجي رحمت جو سوال ٿو ڪريان. انهيءَ سان تون منهنجي قلب کي هدايت عطا فرماءِ.]

انهيءَ دعا ۾ به اهو مقصد آهي ۽ ”فيضِ حق“ پڻ انهيءَ جو نالو آهي اهو عجيب حالت وارو جذبو آهي جو فرمايو ويو آهي: ”جذبة من جذبات توازي عمل الثقلينِ“ [اهو جذبو يا ڪشش ٻنهي جھانن جي عملن جي وزن برابر آهي.] جيئن هڪ مصرع آهي:

يک ذره عنايت کن اي بنده نواز

[اي بنده نواز! هڪ ذرو عنايت فرمايو.]

 

تو مستحق نظر شو کمال و قابل فيض
که منقطع نشود فيض هرگز از فياض

[تون پاڻ کي فيض لاءِ مستحق ۽ قابل ٿي ڏيکار ته پوءِ فياض کان هرگز فيض جو سلسلو بند نه ٿيندو.]

انهيءَ طرف آقا مصطفيٰ ﷺ جن جو اشارو آهي: ”اني لاجد نفس الرَّحمٰن من جانب اليمنِ[62] يا ”ان لربکم في ايام دهرکم لنفحات الافتعرضوا لها.“ [بيشڪ آئون رحمٰن جي ھوا ملڪ يمن کان ڀانيان ٿو ۽ اهو پڻ آقا مصطفيٰ ﷺ جن فرمايو ته بيشڪ اوهان جي رب جون زماني جي ڏينهن ۾ فضيلتون آهن مگر اوهان انهيءَ کان منهن موڙيو ٿا.]

مرد بايد که بوئي دانه بُرد
ورنه عالم پر از نسيم صِبا ست
 

ٻيو بيت آهي:

درين ديار ازان سر خوشم که گه گاهي
نسيم بوئي تو ام زين ديدار مي آيد

[مرد اهو آهي جيڪو داڻي مان خوشبوءِ سونگهي وٺي، باقي سڄو جھان صبح جي وڻندڙ هير سان ڀريو پيو آهي. هن جھان ۾ انهيءَ ڪري مست آهيان، جو صبح جي هوا تنهنجي ديدار جي خوشبوءِ کڻي ايندي آهي.]

اهي سڀ اشارا دائمي تجلّي، فيض حق، جذبه حق ۽ وصول طرف آهن. ۽ اُن مان مراد خود پسندي، برتري ۽ خوديءَ کان منهن موڙڻ آهي ۽ انسان جي جھل جو خاتمو وجود مطلق جو علم حاصل ٿيڻ آهي.

فائدو: ڪيترائي سوال جيڪي مشائخن جي ڪمالات ۾ واقع ٿيا آهن، جيئن چون ٿا ته ٻه معبود شرڪ آهن ۽ ٻن جو اثبات به شرڪ آهي. مثلاً خدا تعالي کي به وجود آهي ۽ عالم کي پڻ وجود آهي. هاڻي جيڪڏهن خدا تعالي کي وجود نٿا چئون ته تعطيل (بيڪار ٿيڻ) لازم اچي ٿي ۽ جيڪڏهن عالم کي وجود نٿا چئون ته سقط (ڪري پوڻ) لازم اچي ٿو. اِهي ٻئي ڪُفر آهن. اُن جو ڇا مطلب آهي؟ ان جو جواب هي آهي ته ٻن حقيقي وجود جو اثبات جيڪي هجن ۽ پنهنجي قائم بذات خود وجود لاءِ ٻئي ڪنهن ڏانهن محتاج ناهن ۽ اُها ذات پاڪ خداوند تعاليٰ جي آهي. ٻيو موجود يعني هي عالم ظاهري صورت سان موجود آهي، ان جون ٻه معنائون آهن هڪ اُها ذات عالم جي آهي، پر جيڪڏهن عالم کي فقط صُوري يا ظاهري وجود چيو ويندو ته اُهو سوفسطائي نظريو آهي. عالم کي اگر حقيقي چوندين ته مشرڪ ٿيندين. ”فلاتترڪ المعنيٰ ولاتهدر الصورة“ [پوءِ معنيٰ کي به ترڪ نه ڪر ۽ صورت کي به نه وڃاءِ.] اهوئي مقصد هن بيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي:

که جهان صورت است و معنيٰ دوست
ور
بمعنيٰ نظر کني همهٗ اوست

[هيءُ جھان ظاهري صورت آهي ۽ اهو دوست اُن جي معنيٰ آهي اگر معنيٰ ۾ نظر ڪندين ته سڀ ڪجھه اُهوئي آهي.]

سالڪ بابت سوال ۽ جواب

سوال: سالڪ ڪنهن کي چون ٿا؟

جواب: سالڪ اهو اهي جيڪو پنهنجي ذات تي خود مالڪ هجي.

سوال: واصل ڪنهن کي چوندا آهن؟

جواب: واصل ان کي چون ٿا جيڪو پنهنجي صفات جو خود مالڪ هجي.[63]

سوال: نفس ڇا آهي؟ ۽ ساھه ڪٿي آهي؟

جواب: نفس اُهو آهي جيڪو پنهنجون نزاڪتون هن خسيس دنيا جي طلب ۾ ضايع ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن دنيا جي حُبَّ قربان ڪري ته گوهرِ مقصود حاصل ٿيندس. پوءِ اُها دنيا جي مراد هجي يا آخرت جي ته ساهن مان اصلي ساھه اهو آهي جيڪو بقا بخشيندڙ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ ان کي جيئن چاهي خرچ ڪري. جيڪڏهن چاهين داخل ڪرين. جيئن وڻي تيئن ڪرين. جيئن انعام وارو ٿئين ۽ ساھ ائين ڳولھه تان ته انعام وارو ٿي وڃين.

فائدو: نفس جي طلب ۾ ساھه ڳولي لهي، يعني جڏهن دل ساھه جي تابع ٿئي ته نفس وچان اُڏامي وڃي ٿو ۽ اُهو چئي نٿو سگهجي ته اُهو ڪجھه به نٿو ٿئي. جيئن چيو ويو آهي: ”هٰذا سرّ لايمکن کشفه بلسان المقال“ [هيءُ اُهو راز آهي جيڪو زبان يا ڳالھه سان کولي ڪونه ٿو سگهجي.] مقال (ڳالھ ٻولھ) کي اڻ ڄاڻائي جي ميدان ۾ نٿو ڊوڙائي سگهجي. جو ڪجھه چوين اُهوئي ساھ آهي ۽ جو ڪجھه ڳولين ٿو اُهو اِهو نه آهي.

سوال: عالم (جھان) کي خدا تعاليٰ سان ڪهڙي نسبت آهي؟

جواب: اهلِ شريعت وٽ عالمَ کي الله تعاليٰ سان اِها نسبت آهي جيئن لکت ۾ حرفن يا الفاظن جي ڪاتب سان آهي ۽ اهلِ حڪمت وٽ وري هن طرح آهي جيئن وڻ کي ٻج سان. اهلِ وحدت وٽ ائين آهي جيئن حرفن جي مس سان آهي. مطلب حرف به ته مس کان آهن، بلڪ عين مس آهن. پر حرفن کي حُروف سياهي (مس جا حرف) نٿا چون. جيڪڏهن ڪو چوي ته غلط ٿو چوي، پر ڏسڻ وقت حُروف سياھ (ڪارا اکر) آهن چوي ته صحيح ٿيندو. جيئن بيت ۾ آهي:

دانستنِ تو مرتبه تست بدان
تا گفتن تو مصلحت است مگو

[تنهنجو ڄاڻڻ ئي تنهنجو اصل مرتبو آهي، البت تنهنجي گفتار هڪ مصلحت آهي نه چئو.]

انهيءَ ڪري اهلِ سلوڪ چون ٿا ته علم تصوف جا چار قاعدا آهن [64] تصوف جي پهرين ’تا‘ مان مراد تجريد آهي، ’صاد‘ مان مراد صفا آهي، ’واو‘ مان مراد وفا آهي ۽ ’فا‘ جيڪا فنا جو مطلب رکي ٿي. تجريد پڻ ٽي قسم آهي: پهريون دنيا ۾ ظاهر ۽ ٻي باطن ۾ تجريد ۽ ٽين ماسوا الله کان ڳجھه ڳوھه ۾ تجريد. صفا جا پڻ ٽي قسم آهن: هڪ بشري ڪدورت کان صفائي ۽ انهيءَ مان مراد شهوت آهي. ٻي خواهشات نفساني کان صفائي ۽ اُهي غضب، حسد، حرص، حُب دنيا آهن ۽ ٽيون قسم صفا جو غير کان پرهيز آهي، اُها توحيد آهي. وفا پڻ ٽن قسمن جي آهي، اُهي هي آهن: پهريون ”وفا بالعبادة“ اُها هيءُ آهي ته صالح عمل ڪري. ٻيو ”وفا بالعبوديه“ ٻانهپ سان وفا اِها اخلاق حميده آهي. ٽيون ”وفا بالعبادةِ“ اِها ڪامل معارف واري آهي. ان کان علاوہ فنا پڻ ٽي قسم آهي: پهريون ”فنا در افعال“ (عملن ۾ فنا) اِها هي آهي جو الله تعاليٰ طرفان مقرر ڪمن کي ڄاڻي. ڇو ته، سڀني فعلن جو فاعل صرف الله تبارڪ و تعاليٰ ئي آهي. ٻيو ”فنا در صفت“ (صفت ۾ فنا) اِها آهي جو بندو ڄاڻي ته الله تعاليٰ هميشه حيات يعني حَيُّ آهي، موجود آهي. صرف هڪ ئي الله جي ذات با برڪات زنده آهي موجود آهي. ٽيون ”نا في الذّات“ (ذات ۾ فنا) اِها آهي ”لاموجودُ الاالله“ ڄاڻ ته انهيءَ جو نتيجو به ٽن طريقن سان نڪري ٿو. جڏهن سالڪ بي خوديءَ واري حالت کي پهچي ٿو ته ٻانهي کي ڪو به اختيار نه آهي ۽ مجبور بااختيار جو درجو لهي ٿو. يعني ”علم اليقين“ سان ڄاڻي ٿو. جڏهن اِهو ڄاڻي ورتائين ته ٻي موجودات ڪابه بقا يا حيات نٿي رکي، تڏهن سلوڪ جي حد کان لنگهي ڪمال تي پهچي ٿو. اِهو درجو ”عين اليقين“ جو آهي. جڏهن خلق کي معدوم (گم ٿيل) ۽ ناچيز ڄاڻي ته پوءِ اُهو ”حق اليقين“ جو درجو آهي ۽ اِهو وصال جو درجو آهي. الله جو قسم ڪنهن ڪهڙو نه موتين جھڙو شعر چيو آهي:

فيفني ثم يفني ثم يفني
فکان فناؤه عين البقا

[بيشڪ منهنجي نفي! پوءِ منهنجي نفي! پوءِ منهنجي نفي! تڏهن واقعي فنا عين بقا هوندي.] [65]

فائدو: بعض اصحاب سلوڪ طرفان جنهن ۾ ”فرقه شّطارِيه“ شامل آهن. ’رساله شطاريه‘ ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”اَلطرق الي الله بعدد انفاس الخلق“ [الله تبارڪ وتعاليٰ تائين رسائيءَ جا رستا، مخلوق جي ساهن جيترا گهڻا آهن.] پر انهن سڀني ۾ ٽي اعليٰ طريقا آهن. انهن مان پهريون طريقو ”اختيار ڪرام“ آهي: اِهو طريقو آهي، جنهن ۾ روزو، نماز، تلاوتِ قرآن، حج ۽ زڪوات آهن. انهيءَ واٽ سان ويندڙن ۽ پسند ڪندڙن لاءِ هن طريقي جو زمانو طويل آهي. جيڪي پنهنجي منزلِ مقصود تي پهچن ٿا. ٻيو طريقو مجاهدو ڪندڙ ۽ عبادت ورياضت ڪندڙن جو طريقو آهي. انهن جي طريقي ۾ خراب اِخلاقن کي بدلائڻ ۽ پاڪ ڪرڻ آهي. جڏهن اُهي تزڪيه نفس حاصل ڪن ٿا ۽ اڪثر حق سان واصل ٿين ٿا. تصفيه دل ڪن ٿا، روح کي روشن يا روح جي تجلي حاصل ڪن ٿا. ٽيون طريقو ’شطاريه‘ اُن طرح آهي، هن ڀلاري طريقي ۾ ٽيون طريقو آهي. جيڪي حال جي شروعات ۾ هن طريقي ۾ داخل ٿي واصل بالله ٿين ٿا.

انهن ٻنهي طريقن ۾ پهريون طريقو ”اقرب الطريق الي الله“ يعني تمام ويجھو طريقو الله طرف آهي. طريقه ’شطاريه‘ ۾ ڏھه شيون آهن: پهريون توبھه ڪرڻ، جنهن جو مطلب ٻي هر شيءِ کي ڇڏي، الله تبارڪ و تعاليٰ ڏانهن خروج ڪري. ٻيو گوشه نشينيءَ وارو زهد اختيار ڪرڻ يعني دنيا جي هر محبت ۽ انهيءَ جي سامان (مال ومتاع) ۽ ان جي لالچ کان ۽ ان جي سڀني چيزن کان منهن مٽي ڇڏي. ٽيون توڪل، اِهو قناعت جي سببن کي ڇڏڻ آهي، اها نفساني شهوتن کان موڪلاڻي آهي. چوٿون عزلت يعني اڪيلائي خلق کان نويڪلائي ۽ دولت کي ڇڏي ڏيڻ آهي. جيئن هو موت سان يعني دولت تي فخر ڇڏي ڏي ۽ انهيءَ سان قطع تعلق ڪري. مطلب ائين ڪري ڄڻ اِهو مال ومتاع اُن لاءِ مري ويو آهي يا ان جو هوئي ڪونه. پنجون الله تبارڪ وتعاليٰ ڏانهن توجھه ڪرڻ ۽ ٻين سڀني شين کان منهن موڙڻ. غير حق جي سڀني ڳالهين کي ڇڏڻ، سواءِ الله تعالي جي يا غير حق کي سڏڻ وارو نه هجي. ان کان پوءِ ٻيو ڪجھ باقي نه رهي. ۽ ان جو مطلوب، محبوب، مقصود سواءِ الله تعاليٰ جي ٻيو ڪو به نه هجي.  ڇهون صبر ۽ نفساني لذتن کي مجاهدي سان ڪڍڻ يعني صبر سان پنهنجي نفس جي سڀني لذتن ۽ خواهشن کي مجاهدي سان پنهنجي اندر مان ڪڍي ٻاهر ڪري. [67] ستون رضا نفس جي مرضيءَ واري چڪر مان نڪري، الله تعاليٰ جي رضا سان شامل ٿئي يعني الله جا ازلي احڪام تسليم ڪري. اٺون ذڪر: ذڪر مان مراد سواءِ الله تعاليٰ جي ٻي هر قسم جي ياد کان ٻاهر نڪرڻ آهي. نائون مراقبي جو مطلب پنهنجي وجود ۽ پنهنجي قوت کي ڇڏي ڏيڻ يا ترڪ ڪرڻ آهي.

فصل ڇهون

نفي ۽ اثبات جي طريقي جو بيان

اهو ذڪر ڪلمه طيّب ”لاالـٰہ الاالله مُحمد رسول الله ﷺ“ آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ جو مختصر بيان اڳ ۾ ٿي چڪو آهي، پر جيڪا تحقيق طريقه عاليه حضراتِ نقشبنديه هن سلسلي ۾ ڪئي آهي، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته جن حقيقتن کي هنن کولي بيان ڪيو آهي، ان جو تفصيل ڏجي جيڪو الله تعاليٰ جي مدد ۽ احسان سان گهڻي فائدي وارو ٿيندو

 ڄاڻ ته ڪلمي شريف جي پهرئين حصي ۾ باطل خدائن جي نفي ۽ الله تعاليٰ کان سواءِ ٻين سڀني شين جي نفي آهي. هن ڪلمي شريف جو ٻيو حصو وري اِثبات آهي ۽ اهو نفيءَ جو نتيجو آهي. انهيءَ جو طريقو اِهو آهي ته زبان کي تارونءَ سان لڳائي ۽ ٻئي اکيون بند ڪري، چپ چپن تي رکي، ڏند ڏندن تي رکي ۽ ساھ کي دُن جي هيٺان بند ڪري. ۽ ڪلمي جي ’لا‘ کي دُن هيٺان ڪڍي، مٿي جي چوٽيءَ تائين پهچائي ۽ ‘الـٰہ’ کي مٿي جي چوٽيءَ کان ساڄي ڪُلهي تي کڻي وڃي ۽ ’الاالله‘ کي ساڄي ڪلهي کان ٽپائي دل صنوبري جيڪا کاٻي پاسي ۾ آهي تي ضرب هڻي. هيءَ مجموعي صورت ’لا‘ جي صورت جو عڪس ڏئي ٿي. ۽ انهن ڪلمن کي هڪ جڳھه کان ٻي جڳھه پهچائڻ تائين خيال پورو پورو ڪري يعني پنهنجي جسماني عُضون کي بلڪل حرڪت نه ڏئي ۽ پنهنجي ساھه کي بند رکي مذڪوره ذڪر ڪري. ليڪن هر ساھ صرف اِڪي انگ تي چوي ٻڌيءَ ۾ نه چوي. هن نموني ذڪر کي ”وقوف عددي“ پڻ چون ٿا. يعني سالڪ کي واقفِ عددي پڻ چون ٿا [67] گويا سالڪ هڪ کان ٽن تائين ۽ ٽن کان پنجن ۽ پنجن کان ستن تائين واري ترتيب آرام سان طئي ڪري وڃي. جيئن کيس گهڻي تڪليف نه ٿئي ته انهيءَ طرح ايڪيھه (21) تائين پهچي. پر جيڪڏهن ساھ کڻڻ ۾ تنگي ٿئي ته ساھ ڇڏي ڏئي. وري حبس يا ساھ بند ڪري ۽ ذڪر شروع ڪري يعني پوءِ اهڙيءَ طرح ڪندو رهي ۽ ختم به انهيءَ طرح ذڪر سان ڪري ۽ آخر ۾ دل سان چوي ”اي الله! تون ئي منهنجو مقصود آهين ۽ منهنجي رضا به تون آهين هن کي ”باز گشت“ موٽائڻ يا پڙاڏو چون ٿا.

ڄاڻ ته اڪثر نقشبندي اڪابرين کان منقول آهي ته ذڪر جو اهڙو طريقو جناب حضرت خضر عليہ السّلام کان حضرت خواجه عبدالخالق غجدواني کي مليو، جيڪي هن سلسلي جا پڳدار آهن ۽ انهيءَ مقام تي فائز آهن. جيئن روايت ۾ آندل آهي ته هڪ ڏينهن حضرت خضر عليه السّلام حضرت خواجه قدس سرهم جن سان ملاقات ڪئي ۽ کين فرمايائون ته اوهان کي پاڻيءَ ۾ غوطو ڏياريان، پوءِ کين پاڻيءَ ۾ انهيءَ ذڪر جي تعليم ڏنائون. اِها ڳالھه اُن تي دلالت ڪري ٿي ته پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ وقت بدن جا عضوا حرڪت ڪونه کائيندا آهن ۽ ساھه پنهنجي جاءِ تي برقرار رهي ٿو.

ڪلمه طيّبه جا مطلب ۽ معنيٰ جي لحاظ سان ٽي قسم آهن: هڪ قسم ”نفي الـٰہ باطله“ (باطل خدائن جي نفي) ۽ اِثبات معبود حقيقي جلشانہٗ وعزَّ بُرهانه آهي ۽ ان جي معنيٰ اها آهي ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه مگر ’الاالله‘ (صرف الله) جي ذات پاڪ آهي. ٻيو قسم ”نفي جميع موجودات“ (سڀني موجودات جو انڪار) ۽ اِثبات واجب تعاليٰ (صرف الله تبارڪ تعاليٰ جو اِثبات) معنيٰ ڪو به ممڪن ۽ موجود نه آهي. ان ريت نفي ذريعي ٻيو ڪو به واجب الوجود باري تعاليٰ کان سواءِ حاصل نٿو ٿئي ۽ سالڪ هن معنيٰ جي حقيقت: إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ (الانعام: 79) [آئون انهيءَ خالق ڪائنات طرف منهن ڪريان ٿو.] يعني الله تعاليٰ جي اَحديت (وحدانيت) ڏي مُنهن ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ تسليم جي معنيٰ سان منزلِ مقصود ڏانهن مشغول ٿئي ٿو. [68] ٽيون قسم معنيٰ ’لا‘ نه آهي، ’الـٰہ‘ ٻيو ڪو به معبود، موجود مطلع ظاهر ۽ ڳڄهو ڪونهي. ’الالله‘ جي شاهدي جو مطلب سواءِ الله جي ٻيو ڪو به موجود ۽ مشهود نه آهي. هن معنيٰ سان سڀني موجودات توڙي غيبت جي نفي ۽ شهادت ”الاالله“ جي آهي. ان سان بنا شڪ ۽ گمان جي يا ٻئي شريڪ جي موجود حقيقي جو اثبات حاصل ٿئي ٿو، تڏهن حقيقت ”لاندلله الالله“ [يعني الله جو ڪو به مثل يا مثال ۽ شريڪ نه آهي، مگر الله تبارڪ و تعاليٰ] جلوو فرمائي ٿو، اُتي نفي ۽ اِثبات جا سڀ مرتبا پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پهچن ٿا ۽ سالڪ مقام طريقت تي فائز ٿي وڃي ٿو. ۽ حقيقي اِسلام سان مشرف ٿئي ٿو ۽ نفس اماره کان ٽپي نفس مطمئنه بنجي ٿو، بلڪ گناھ جي زمين کان هجرت اختيار ڪري ٿو. اُن کان علاوه خود آرائي، توبھ ڪرڻ، خودي، پاڻ واکاڻڻ، فڪر ۽ حيرت جا مرحلا طئي ڪري ٿو. انهن سڀني کان منهن موڙڻ ۽ انهن کي ڇڏي ڏيڻ سان اُهو ٻانهو هن خطابِ مستطاب سان نوازجي وڃي ٿو: يَا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ ارْجِعِي إِلَى رَبِّكِ رَاضِيَةً مَرْضِيَّةً فَادْخُلِي فِي عِبَادِي وَادْخُلِي جَنَّتِي (الفجر:27 کان 30) [اي اطمينان ماڻيل نفس! پنهنجي رب جي طرف ائين موٽ ڄڻ تون ان کان راضي ۽ هُو توکان راضي آهي، تڏهن تون منهنجي (خاص) بندن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منهنجي جنت ۾ هليو اچ.] تڏهن اها عزت حاصل ڪري، پنهنجي مقام عروج تي پهچندو ۽ هڪ مٿاهين تخت تي قيام پذير ٿيندو ۽ اِلاهي قرب جي حدن ۾ داخل ٿيندو ۽ الله جلّ شانہٗ جو گھربل قرب کيس ملندو. جيئن اِرشاد آهي: فَأُولَئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّئَاتِهِمْ حَسَنَاتٍ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَحِيمًا (الفرقان: 70) [پوءِ انهن جون برايون الله تعاليٰ نيڪين سان بدلائي ڇڏي ٿو ۽ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ مهربان آهي.] انهيءَ ولايت حقيقي تي پهچڻ مان دل جي اطمينان، شرح صدر پوريءَ ريت دل ۾ واقع ٿئي ٿو ۽ انهيءَ جو اثر مقامِ رضا ۽ فنا مڪمل ۽ مڪمل بقا ۽ حقيقي اسلام جيڪو زوال ۽ خلل کان محفوظ آهي سالڪ کي نصيب ٿئي ٿو. اهو اطمينان هن حديث جي آڌار تي آهي: ”خِيَارُکُم فِي الجَاهِليَّةِ خِيَارُکُم فِي الاِسلامِ“ [اوهان مان جيڪو ماڻهو جاهليت واري زماني ۾ ڀلو هو، اهو ئي اسلام آڻڻ کان پوءِ به ڀلو آهي.]

اهڙو سالڪ عالمِ اَمر ۽ عالمِ خلق جي جمله لطائف جو سردار ٿي وڃي ٿو، انهيءَ حقيقت کي وڌيڪ اڳتي انشاءَ الله تحرير ڪبو.[69] اهو سالڪ معرفت الاهيءَ جي قرب سان جلدي نوازجي وڃي ٿو. ان ڪري چيو ويو آهي ته جيڪا قبر خاڪي ماڻهن جي آهي، اُها قدسي ماڻهن جي ناهي، بلڪ اُهي زمين ڄايا آسمان تي پهچي وڃن ٿا. زمين و زمان کي پويان ڇڏن ٿا. جڏهن سالڪ جو معاملو اُتي پهچي ٿو ته هو ڪمالات ڪُبريٰ جو مرتبو ماڻي ٿو، جيڪا ولايت نبين سڳورن تي انتها ڪري ٿي. اُتي الله جي ذات جي تجلي جنهن کي ڪي وڄ وانگر چون ٿا مٿن ظاهر ٿئي ٿي. هن سلسلي عاليه جي سڀني مشائخن ”ڪُبريٰ“ جي دائري کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. ان جي هيٺين حصي کي هن دائري جي ”اسماءِ وصفات زائده“ (نالن ۾ زائد صفتن) ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ دائري جو مٿيون اڌ جيڪو تجليّن، شُيون، ذاتي اعتبارن تي مشتمل آهي، سالڪ جي ترقي اُن سان مربوط ٿئي ٿي. اِها ترقي ڪلمه طيّبه جي تڪرار ”لاالـٰہ الاالله محمّد رسول ﷺ“ جيڪو زبان سان ليٽندي هر حال ۾ ڪثرت سان چوٿين ۽ پنجين مراقبي ۾ هميشه ذڪر خفي مٿئين ترتيب سان ڪري ۽ ڪندو رهي. سالڪ کي ٻي اِها ڳالھه ڄاڻڻ گهرجي ته مرشد ڪامل جي ڪوشش همت ۽ توجھه مريد جي حق ۾ هن دائري جي آخر تائين وڏي معنيٰ رکن ٿا. ڇاڪاڻ جو مرتبن ۾ وڌيڪ ڪمالات جي حصول وارا مٿاهان تمام ٿورڙا ماڻهو هن دائري ۾ آهن.

حضرات نقشبنديه جڏهن اهي ڪمالات حاصل ڪن ٿا ته اُهي دائره ڪُبريٰ جيڪو سڀني انبياءَ عليهم السّلام جو سر چشمو آهي وٽ پهچن ٿا. حالانڪ ٻيا مشائخ جيڪي ٻين طريقن ۾ ڪمال تي پهچن ٿا، اُهي فقط ”ولايت صغريٰ“ تائين رسن ٿا ۽ هُنن حضراتن جي ولايت اوستائين آهي، اُن کان مٿي الاماشاءَ الله! ڪنهن کي عروج حاصل نٿو ٿئي. انتهي. والله اعلم بالصواب. انهن کان مٿي معارف ۽ ڪمالات فقط استطاعت وارن لاءِ آهن. [70]

فائده: عالمِ امر ۽ عالمِ خلق جي لطائف جي بيان ۾، جتان سير جي شروعات ٿئي ٿي. هن راھه ۾ ست قدم آهن: انهن مان ٻه عالمِ خلق جا ۽ پنج عالمِ امر جا آهن. عالمِ امر جا پنج قدم هي آهن: (1) قلبي (2) روحي (3) سِرّي (4) خفي (5) اخفيٰ. عالمِ خلق جا ٻه قدم آهن هڪ قالب ۽ ٻيو نفس، قالب چئن عنصرن جو مرڪب آهي، جيڪي مٽي، پاڻي، هوا ۽ باھ يا خاڪي، آبي، بادي ۽ آتشي آهن. اهي لطائف علوم ومعارف ۽ وجداني احوال جي حاصل ٿيڻ بعد عالم امر سان علحده طور واسطو رکن ٿا. هن سلسلي جي اڪابرين جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي، انهيءَ جو پهريون ”سير قلبي“ آهي جيڪو قلبِ حقيقي جو ٺڪاڻو ۽ مرڪز آهي ۽ اُهو عرش جي مٿان آهي جيڪو عالم امر کان آهي ۽ ان کي جامع حقيقت پڻ چون ٿا. جامع حقيقت مان مراد قلبيه ذڪر ۽ تاثير لذّت، بي هوشي، فنا ۽ هلاڪي جيڪي هڪ ٻئي جي پويان اچن ٿا. طالب کي جڳائي ته ذڪر کي مذڪوره ترتيب سان قائم رکي ۽ ان تي هميشگي ڪري. انهيءَ حال ۾ الله تعاليٰ جي حضور مان طالب تي فيض جي پالوٽ ٿيندي آهي. انهيءَ دوران جيڪڏهن هڪ ساعت به توجھه نه ڪندو ته فيض جو سلسلو به منقطع ٿي ويندو. هن کي گهرجي ته پنهنجي دل کي خدا کان سواءِ ٻي طرف متوجھه نه ڪري. [71] اهو شروعات ۾ ته تڪليف وارو آهي، اُن ڪري اُن کي ”ياد ڪرد“ چون ٿا. طالب کي گهرجي ته انهيءَ ۾ هميشگي حاصل ڪري ته جيئن کيس الله تعاليٰ جو حضور حاصل ٿئي. مثال طور جيڪڏهن اجايو ماسوا جي ياد حضور ۾ اچي ته هرگز خطرو محسوس نه ڪري. ان حالت مان مراد قلبي فنا آهي، جنهن سان سير الي الله جو دائرو مڪمل ٿئي ٿو ۽ ان جو مقدار پنجاھ هزار سال آهي. تَعْرُجُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ إِلَيْهِ فِي يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ (المعارج:4) [ان ڏينهن ملائڪ ۽ پاڪ روح مٿي چڙهن ٿا، جنهن جي هڪ ڏينهن جو مقدار پنجاھ هزار سالن جو آهي.] الله تعاليٰ جي عنايتن جي طفيل ۽ پير ڪامل جي نظرِ ڪرم سان اهو سير پورو ٿئي ٿو ۽ انهيءَ حالت کي ”ياد داشت“ چوندا آهن. هن معاملي جي نسبت سان جيڪي ڪمالات حاصل ٿين ٿا، اهي (توڻي جو) زيادھ آهن، تڏهن به اهي سمنڊ جي هڪ قطري برابر آهن. انهيءَ وقت ۾ هڪ ته ذڪر کي تيز ڪرڻ گهرجي، ٻيو قرآن ڪريم جي تلاوت، ٽيون نوافل ۽ چوٿون تسبيح گهڻي پڙهي يا ان جي مثل ٻيا ڪم ڪري ته افضل آهي ۽ ان کي فائدي مند ڄاڻي.

آنرا که در سرائي نگار ست فارغ است
از باغ بوستان تماشا لاله زار است

[جنهن کي پنهنجي گهر ۾ محبوب آهي، اهو باغ بوستان ۽ گلن جي تماشي کان فارغ آهي.]

قلبي سير کان اڳتي روح جي مرتبن ۾ سير آهي جيڪو ان جي مٿان آهي ۽ اهو ساڄي هٿ سان تعلق رکي ٿو. انهن مان هر هڪ جي هڪ علحده جاءِ ۽ محل آهي. نفس ۽ حواس باطنه جي جاءِ دماغ آهي. عالم امر جو هر لطيفو انبياءَ عليهم الصلوات والسّلام جي زيرِ قدم آهي. [72] جيئن مٿي تحرير ۾ گذري چڪو آهي. انهن لطيفن ۾ عالم امر کان هڪ علحده نور آهي جيڪو سالڪ کي حصول وقت جلوو ڏيکاري ٿو. جيئن ته قلب حقيقت جامع آهي، اول ان جو اثر ۽ ان جي تپش دل تي پهچي ٿي. ان جي توسطه سان هنن چئن لطيفن مان اخفيٰ لطيفي ۾ قرار وٺي ٿو. لطائف جي نورن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي، ۽ اُتي ڏسو. لطيفو اخفيٰ عالم امر جي سڀني لطيفن مان اعليٰ لطيفو آهي، انهيءَ جي نشاني قدسي (حديث) ۾ آيل آهي: ”وفي الاخفيٰ انا“ [اخفيٰ ۾ آئون پاڻ آهيان.] انهيءَ جو اصل مرتبو عالم امر جي پنجگانه اصولن ۾ آهي جيڪي عالم قدس جا پکي آهن. اُهي جملي لطيفن کان مشرف ۽ بالاتر آهن. ڇا لاءِ جو هيءُ لطيفو محمدي آهي عليٰ صاحبها الصلواة والتحيته وعليٰ آلہٖ واصحابہٖ اجمعين.

امروز چون جمال تو بي پرده ظاهر است
در حيرتم که وعده فردا برائي چيست

[اڄ جڏهن تنهنجو جمال بي پردي ظاهر آهي، تڏهن انهيءَ حيرت ۾ آهيان ته سڀاڻي وارو واعدو ڇا لاءِ آهي؟]

فائده: هتي سالڪ جو واسطو قبض ۽ بسط سان پوي ٿو، پر ڄاڻڻ گهرجي ته قبض ۽ بسط انهيءَ راھَه جا سالڪ لاءِ ٻه بازو آهن. سالڪ کي جيڪڏهن قبض طاري ٿئي ته اُنهيءَ کان بي دليو نه ٿئي ڇو ته سالڪن سان انهيءَ وچ ۾ ائين ٿئي ٿو جيڪو ترقيءَ جو سبب بنجي ٿو. قبص ۽ بسط ٻئي احوال ۾ داخل آهن. قابض وباسط هر طرح سان الله تعاليٰ جي اسماءِ حسنيٰ ۾ داخل آهن. سالڪ ڪڏهن هڪ اسم جي اثر هيٺ آهي ۽ ڪڏهن سندس مظهر ٻيو اسم هوندو آهي. ليڪن قبض وبسط جو معاملو ان وقت تائين آهي جيستائين سالڪ رنگن جي تبديلي (تلوينات) ۾ آهي. جڏهن معاملو ‘تلوين’ کان ‘تمڪين’ ۾ پهچي ٿو ته [73] قلب ۽ جمله لطائف عالم امر تلوين کان قبض ۽ بسط ۾ رهجي وڃن ٿا. انهيءَ کان پوءِ جيڪڏهن قبض ظاهري صورت جو آهي ته اهو باطن جي لطائف عالم امر ۾ داخل نٿو ٿئي. هاڻي اصل ڳالھ ڏي اچون ٿا. جڏهن علم تصوف يعني اهل سلوڪ جا احوال، اصطلاح ۽ معارف ۽ ان جي تمهيد، قاعدن ۽ هر قسم جي علم ۾ ظاهر ٿيا تڏهن هن علم جي استادن ۽ صاحب ارشاد تعليم ڏني آهي ۽ اهو سڀ تحرير ڪيو اٿن. انهن سادگيءَ سان تلقين ۽ سلوڪ جي تعليم ڏني آهي ته جيئن ٻيا مستفيد ٿين. هو ڪافي صراحت ۽ وضاحت سان اهو سڀ بيان ڪن ٿا. جيئن پڙهندڙ فائدو حاصل ڪري سگهن، بلڪ عام وخاص کي به مستفيد ڪري سگهن. الله رب العزّت جي ڪرم وَ احسان سان اهو ممڪن آهي.

ڄاڻ ته جڏهن طالب شيخ اڳيان اچي ته شيخ ان کي استخاره جو حڪم ڪري ۽ خود به استخاره ڪري. اها استخاره ٽي يا ست دفعا ڪري. اها استخاره ٻنهي طرفان هجي ته بهتر آهي. شروعات تعليم ۽ تلقين سان ڪري ۽ اها ڳالھه انهن ماڻهن تي صادر اچي جيڪي نفيس جوهر جا آهن ۽ جيڪي واقعي سلوڪ جي خواهش رکن ٿا. جيڪڏهن نه ته انهن ڪمن کي بنا استخاره جي شروع ڪري ۽ ڪو به وقت نه وڃائي. جيئن هڪ مصرع آهي:

در کار خير حاجت هيچ استخاره نيست

[خير جي ڪم ۾ استخاره جي ضرورت نه آهي.]

ڇا لاءِ جو اهڙا طالب الله جي غيب ۾ هن زماني ۾ تمام ٿورا آهن. [74] ۽ هڪ ڪامل شيخ جي سامهون پڻ جيڪو استخاره جي قائم مقام هوندو آهي ان تي اِڪتفا ڪري. ان کان پوءِ پهريون طريقو “توبھ” جي تعليم جو شروع ڪري. ان کان پوءِ شريعت جا فرض ۽ شرط ۽ طريقت جا آداب بيان ڪري. جيئن ته هن جو حصول يا مطلوب غير هرگز نه آهي. ڇو ته اهو ئي شريعت جو لازمي طريقو آهي ۽ پنهنجي ساٿين کي چوي ته جيڪا ڳالھ وار جيتري به شريعت ۽ ڪتاب وسنت جي مخالف هجي، ان تي اعتبار نه ڪن. طالبن جي اجتماع کان ڊڄندڙ ۽ ڏڪندڙ هجي ۽ هميشه خشوع ۽ خضوع طرف راغب هجي. مبادا اڪابرن جي هن ڪارخاني ۾ ڪو خلل پوي ۽ خلق جي مشغولي الله کان باز رکي ۽ طالبن جي سرگرمي انهيءَ قسم جي باھه جو سبب نه ٿئي. بهرحال صحبتِ بيان جاري رکي ۽ گناهن جي استغفار ۾ رهي ۽ الله تعاليٰ جي رحمت مان نااُميد نه ٿئي، ڪجھه وقت خلوت لاءِ مقرر ڪري. ذڪر گهڻو ڪري ۽ گناهن کان پري ڀڄي. انهيءَ وقت ۾ اها پرهيز غنيمت ڄاڻي. ذڪر جي حلقي کي سرگرم ڪري ۽ سڀني مريدن سان اهڙو سلوڪ ڪري، جو انهن کي ڪا گھٽ وڌائي نظر نه اچي، بلڪ باوقار نظر اچي. ايتري قدر خوش مزاجي نه ڪري، جو گستاخيءَ ۽ جُرئت جو سبب بڻجي ۽ سندن ڪارخاني ۾ ڦيٽاڙي جو باعث بڻجي. ڇاڪاڻ جو فيض ۽ برڪتن جي حصول ادب ۽ اِخلاق کان سواءِ نٿو ملي. مولانا رومي فرمائي ٿو:

از خدا خواهيم توفيق ادب
بي ادب محروم گشت از لطف رب

[اسين الله تبارڪ و تعاليٰ کان ادب جي توفيق گهرون ٿا (ڇو ته) بي ادب الله جي لطف و ڪرم کان محروم رهي ٿو.]

حقيقت ۾ ادب اختيار ڪرڻ توڙي فرضن ۽ شرطن جي نگهباني ڪرڻ سان فائدو ئي فائدو پهچي ٿو ۽ فائدن جا انيڪ دروازا کلن ٿا. [75] مناسب اهو آهي ته طريقت جي حال، سلوڪ ۽ ذڪر جي تلقين ڪري.

 ڄاڻ ته حق جي طالبن جو احوال ۽ سلوڪ جي تربيت انهن تي گهرج آهر سندس حال موجب هجي ۽ انهيءَ شان سان جيڪو سندن حال مطابق هجي. هر وقت تمام گهڻي ڪوشش ڪري ته نفساني انا ۽ طبيعت جي سرڪشي کي ختم ڪري ۽ ان کان بلندي حاصل ڪري. جيئن بادشاهن جي طبيعت، عامل طالبان، اميرن ۽ وزيرن کي پهريائين جلالي نالن جي شغل سان مشغول ڪري جيڪي انهن نالن جو پرتوو (پاڇو) آهن. ائين مرشد جو توجھ سندن رعب ۽ نفس جي سرڪشيءَ کي ساڙي ڇڏي ٿو. مخفي ۽ لڪل نه رهي ته الله تعاليٰ جي نالن جو  ذڪر ٽن قسمن تي مشتمل آهي: پهريون اسماءِ جلالي، ٻيو اسماءِ جمالي ۽ ٽيون اسماءِ مشترڪ. جيڪڏهن سالڪ پنهنجي رعونت ۽ نفس جي سختيءَ کي پنهنجو پاڻ قابو نه ڪندو ته خوامخوھ اجائي بلندي ۽ اوچن خيالن ۾ مبتلا ٿي ويندو، آخر ۾ انهن کي ڇڏڻ ناممڪن ٿي پوندو.

انهن سڀني ڪمن ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهريائين مرشد ڪامل جو توجھ حاصل ڪري جلالي اسمن جو ذڪر وٺي ۽ پوري طرح اختيار ڪري. تڏهن جلاليت جو پَرتوو نفس کي ذليل، مطيع ۽ فرمانبردار ڪري ڇڏيندو آهي. جلالي اسم هي آهن: يا قهّارُ، يا جبَّارُ، يا مُتڪبّرُ. اهي روز جو وظيفو بنائي ڇڏي. جڏهن ائين ڪندو ته سندس اندر ۾ قهاريّت جي معنيٰ ۽ جباريّت جي صفت ۽ الله تعاليٰ جي اسمن جي عزت حقيقي نصب العين بنجي پوندي. اهڙيءَ طرح اُن غيّورِ مطلق (الله تعاليٰ) جي غيرت جيڪا مبادا ڪبريائي ۽ لااُبالي جي صورت ۾ اچي ظاهر ٿيندي. غيرت قهاري ۽ جباري باھه جي صورت ۾ داخل ٿي ساڙيندي ته پوءِ هو هميشه خشوع ۽ خضوع، درد ۽ سوز ۾ رهندو. جنهن ڪري خائف هوندو تانجو سندس بدن مان رعونت نڪري ۽ برطرف ٿي ويندي، تڏهن سندس طبعيت اڳي وانگر جلالي کان جمالي طرف موٽ کائيندي. [76] اهڙي وقت جمالي اسماءِ جيئن يا مالِڪ، يا قُدوسُ، يا عليمُ سان مشغول ٿئي. ڪجھه ڏينهن ائين پنهنجي عادت ڪري، انهيءَ کان پوءِ مشترڪ اسماءِ ڏانهن اچي. جيئن يا مُومِنُ، يا مُهيمِنُ پنهنجي ذڪر ۾ شامل ڪري ۽ قلبي ذڪر جيڪو مرشد کان مليل آهي، ان کي مڪمل ياد ڪري (جيئن اڳ ۾ گذري چڪو آهي) اهو هرگز نه وساري. اهو پڻ هن رسالي ۾ ستن سُلوڪن جي حال کان پوءِ آداب و شرائطِ ذڪر تحت بيان ٿيل آهي. اَرواح جي ڪشف جو ذڪر يا محمد يا احمد جا ٻه طريقا آهن: هڪ اهو آهي ته ”يا احمد“ کي ساڄي طرف کان شروع ڪري ۽ ”يا محمد“ کي کاٻي طرف کان ۽ دل ۾ ضرب ڪري. ان کان علاوه ”يار سول الله.“ ٻيو طريقو اِهو آهي ته يا احمد، يا محمد، يا علي، يا حسن، يا حسين، يا فاطمة (انهن مذڪوره) ڇهن طريقن سان ذڪر ڪري ته سڀني روحن جو ڪشف ٿيندس. ۽ ٻيا ملائڪن مقربن جا نالا ساڄي پاسي کان تاثير رکن ٿا.

 اسماءِ ملائڪ مقرب: يا جبرائيل، يا ميڪائيل، يا اسرافيل، يا عزرائيل، چئن طرفن سان ڪري. ٻيا اسم يا شيخ، يا شيخ هڪ هزار ڀيرا چوي جو هڪ هزار صرف دل مان ڪڍي ساڄي پاسي وڃي ۽ لفظ شيخ کي دل ۾ ضرب ڪري. ٻيو ڊگھي عمر لاءِ فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ يا حيُّ يا قيومُ هڪ هزار ڀيرا چوي. ظهر جي نماز بعد ”وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ“ (البقره: 255) هڪ هزار ڀيرا چوي ۽ عصر جي نماز بعد ”الرّحمٰن الرّحيم“ هڪ هزار ڀيرا پڙهي مغرب جي نماز کان پوءِ ”لَهُوَ الْغَنِيُّ الْحَمِيدُ“ (الحج: 64) هڪ هزار ڀيرا پڙهي ۽ عشاءَ جي نماز بعد ”وَهُوَ اللَّطِيفُ الْخَبِيرُ“ (الانعام: 103) هڪ هزار ڀيرا پڙهي.

حق جا طالب! جيڪي طالب انڪساريءَ جي صفت سان موصوف آهن، اهي پهريائين اسماءِ جماليءَ ۾ مشغول ٿين ۽ ان کان پوءِ اسماءِ مشترڪ ۽ ان کان پوءِ اسماءِ جلالي يعني آخر ۾ جلالي اسمن ۾ مشغول ٿين، اِهو تڏهن لازم ۽ ضروري آهي. اهو ان ڪري ته مبادا طالب جي دل ۾ تڪبر جو گمان گذري جيڪو سندس دل کي گدلو ۽ ميرو ڪري. ڇا لاءِ جو اهو وقت شيطاني لغزش جو آهي. پر انهيءَ اسم جي ذڪر جي گرمي سندس نفس جي قوت کي لوڏي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏي ٿي ۽ دل جي آئيني کي صاف ڪري ٿي. الله تبارڪ و تعاليٰ جي نوانوي اسمن جا آداب تمام گهڻا آهن. جيئن: وَلِلَّهِ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَى (اعراف:180) [۽ الله جا سهڻا نالا آهن.] جي آيت الله پاڪ جي نالن ۾ وارد آهي ۽ اهي تلوين ۾ آهن. مطلب عدم جو مقام تمڪين (ٽڪڻ) يا تلوين (رنگيني) الله جي ذڪر ۾ آهي. نوانوي نالا صفاتي آهن پر جڏهن اسم ذات جو ذڪر شروع ٿئي ٿو ته سڀ اسباب سڙي ناس ٿي وڃن ٿا ۽ فاني ٿين ٿا. ۽ دل جو دروازو کلي پوي ٿو ۽ منور ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ سڀني شين جي حقيقت کُلي پوي ٿي ۽ عالمِ اروح سان ملاقات ٿي وڃي ٿي.

اي موليٰ جا طالب! ڄاڻ ته جيستائين تنهنجي جسم جو هڪ وارُ به سرڪش آهي ۽ اُهو اَمَّارگيءَ مان نڪري مطمئنه ۾ نٿو اچي تيستائين قلب جي صفائي هرگز ٿي نه سگهندي. بيشڪ حقيقي مرشدن سرڪش نفس کي قيد ۾ رکڻ ۽ هر هڪ کي پنهنجي طاقت آهر نفس کي قابوءَ ۾ رکڻ جي جيڪا تدبير ڏسي آهي، اُها صحيح آهي. جيئن بادشاهن جي طبيعت لاءِ انهن جلالي اسمن جو ذڪر تجويز ڪيو آهي ۽ وعيد ۽ تنبيھه واري آيتن ۾ چيو ويو آهي: لِمَنِ الْمُلْكُ الْيَوْمَ  لِلَّهِ الْوَاحِدِ الْقَهَّارِ (المؤمن:16) [اڄ ڪنهن جي بادشاهي آهي؟ الله جي جيڪو سڀني تي غالب آهي.]

اهڙي طرح فرضن جي بجا آوري ۽ الاهي امر ۽ خراب عملن کان روڪڻ جو حڪم ڏيئي انڪساريءَ جي تعليم ڏني وئي آهي. بيشڪ اڳئين دؤر جا بادشاھ پنهنجي دروازن تي نقيب مقرر ڪندا هئا. [77] يا ڪي وري حاجبن کي مقرر ڪندا هئا ته جيئن (هيٺين آيت موجب) يڪدم موت جو ذڪر يا موت جي ندا ايندي رهي: إِنَّكَ مَيِّتٌ وَإِنَّهُمْ مَيِّتُونَ (الزمر:30) [بيشڪ تون مرڻ وارو آهين ۽ هنن کي پڻ مرڻو آهي.]

ان سان گڏ هو قوالن کي به مقرر ڪندا هئا ته جيئن هُو نصيحت ڀريا شعر ۽ نفس کي نهوڙڻ ۽ دنيا جي ذلّت بابت شعر پڙهندا رهن. جيئن حافظ شيرازيءَ جا ڪي بيت ۽ غزل جيئن سندس شعر آهي:

مرا در منزل جانان چه امن وعيش چون هردم
جرس فرياد مي دارد که بربنديد محملها

[مون کي محبوب جي راھ ۾ هلندي ڪهڙو آرام حاصل ٿي سگهي ٿو. جو هر وقت گهنڊ جو آواز اچي پيو ته پنهنجو سامان ٻڌي رکو.]

جميله است عروس جهان ولي هشدار
که اين مُخدره در عقد کس نمي آيد

[هن جھان جي ڪنوار ڏاڍي خوبصورت آهي پر هوش سنڀال. ڇو ته اها پردو ڪندڙ ڪنهن جي نڪاح ۾ اچڻ واري نه آهي.]

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org