جڏهن هي خيال منهنجي دل م آيا ۽ گهڻو اندر پئي
ويا، تڏهن انهن لاءِ ڪنهن علاج ڳولڻ جي ڪوشش ڪيم
، مگر ڪا آساني ميسر ٿي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته آخر ان
سڀ کي ڪنهن دليل سان دفع ڪرڻو هو، ڪنهن دليل کڙي
ڪرڻ لاءِ وري بنيادي اصولن (العلوم الاوليه) جي
ڄاڻ ضروري آهي ۽ جيستائين ان ڳالهه کي تسليم نه
ڪيو وڃي ته لاعلاج ٿي پوندو ۽ تقريبن ٻه مهينا اچي
گذريا جو مان به اعتماديءَ جي حالت ٿي پوي.
جيتوڻيڪ زبان سان اهڙو اقرار نه ٿي ڪيم. نيٺ الله
تعاليٰ انهيءَ مرض کان شفا نصيب ڪئي، ۽ منهنجو نفس
تندرستيءَ ۽ اعتدال ڏانهن موٽي آيو. عقلي ضروري
شيون (الضرور يات العقليه) وري مقبول پيون ، ۽ مان
انهن تي امن ۽ يقين سان ڀروسو رکڻ لڳس مگر هي ڪو
دليلن جي نظم و نسق يا ڪلام جي ترتيب سببان نه هو،
مگر ان روشنائي سببان هو، جا الله تعاليَ منهنجي
سيني ۾ پلٽي، ۽ اها روشنائي پوءِ گهڻن ئي علمن جي
لاءِ ڪنجي ٿي پيئي.
هاڻي جو شخص اهو گمان رکي ٿو ته ڪشف صاف دليلن
تي موقوف ۽ مختصر آهي ته پوءِ ان ڄڻڪ الله
تعاليٰ جي وسيع رحمت کي تنگ ڪيو آهي ۽ جڏهن الله
تعاليٰ جي رسول کان ”الشرح“ جي معنيٰ پڇي ويئي
جيئن جو قرآن پاڪ ۾ آهي ته فمن يرد الله ان يهد يه
يشرح صدره الاء سلام[1]
تڏهن پاڻ فرمايائون ته اهو هڪ نور آهي، جو الله
تعاليٰ دل ۾ پلٽي ٿو،“[2]
جڏهن کانئن دريافت ڪيو ويو ته ان جي نشاني ڇا آهي،
تڏهن فرمايائون ته ”ٺڳيءَ جي گهر کان هٽجي وڃڻ ۽
دائمي گهر ڏانهن رجوع ڪرڻ“[3]
انهيءَ ساڳئي نور بابت پاڻ فرمايو اٿن ته ”تحقيق
الله تعاليٰ خلق کي اونداهيءَ ۾ خليقو، پوءِ
پنهنجي نور منجهان ڪجهه انهن تي ڇٽيائين.“[4]
انهيءَ نور مان ڪشف جي طلب ڪرڻ گهرجي ۽ اهو نور ڪن
وقتن تي الاهي فيض مان جوش کائي ٻاهر نڪري ٿو؛
لهذا ضروري آهي ته ان لاءِ منتظر ٿي ويهجي، جيئن
جو پاڻ سونهارن فرمايو آهي ته ”تحقيق، توهان جو
پالڻهار اوهان جي زماني جي ڏينهن ۾ رحمت جون
پلٽون ڪري ٿو، پوءِ توهان انهن جي راهه ۾ اچو (ته
جيئن فيضاب ٿيو)“[5]
هنن ڳالهين ٻڌائڻ مان منهنجو مقصد هي آهي ته طلب
لاءِ ڪامل ڪوشش ورتي وڃي، تان جو تاڻي ان شيءَ
جي طلب وٽ ڇيڙو ڪجي، جنهن جي طلب نه ڪئي ويئي
آهي. ڇالاءِ جو بنيادي اصول(اوليات) ڪو مقصود نه
آهن، جو اهي ته حاضر آهن ۽ جڏهن حاضر جي ڳولا ڪبي
تڏهن اهو وڃائجي ويندو؛ ۽ جيڪو ان شيءَ جي طلب ڪري
ٿو، جنهن جي ڪري گهرجي، ته پوءِ ان تي ڪابه تهمت
لڳائي نٿي سگهجي، بشر طيڪ هو انهيءَ مطلوب جي طلب
۾ قصه رهجي وئي هجي.(يعني ته مطلوب جي ڳولا ڪندو
رهيو. مگر ان کي هٿ ڪري نه سگهيو).
طالبن جا قسم
جڏهن الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ، مون کي
هن مرض مان شفا ڏني، تڏهن طلب ڪندڙن جا قسم مون وٽ
چارهي وڃي رهيا.
(1) المتڪلمون:
اهي هيءَ دعويٰ ڪن ٿا ته هو اهل راءِ ۽ اهل نظر
آهن.
(2) الباطنيه:
هي وري پاڻ کي صاحب تعيلم سڏائين ٿا ۽ انهن جي
خاص ڳالهه هيءَ آهي ته هو ”معصوم امام“ کان هدايت
وٺن ٿا.
(3) فيلسوف:
هي سمجهن ٿا ته اسين اهل منطق ۽ اهل برهان
آهيون.
(4) صوفي:
وري هيءَ دعويٰ رکن ٿا ته اهي
الله تعاليٰ جا خاص بندا آهن ۽ اهل مشاهده ۽ اهل
مڪاشفه آهن.
مون هاڻ پنهنجي دل ۾ چيو ته حق هنن چئن قسمن کان
ٻاهر ڪو نه هوندو، ڇا لاءِ ته حق جي راهه جا طالب
هي ئي آهن ۽ جيڪڏهن حق هنن چئن ۾ ئي نه لڌو، ته
پوءِ حق جي تلاش لاءِ ڪو غرض باقي نو رهي، تقليد
کي ڇڏڻ کان پوءِ، وري ان ڏانهن موٽڻ لاءِ ڪو سبب
نٿو رهي، ڇا لاءِ ته مقلد لاءِ هي شرط وڌل آهي، ته
هو اهو نه ڄاڻي ته ڪو هو مقلد آهي. جنهن وقت ان جو
عوام آيس، تنهن وقت سندس تقليد جو شيشو ڀڄي پيو،
جو وري ڪنهن ڳنڍ جوڙ سان ٺيڪ نه ٿو ٿئي؛
جيستائين ان کي باهه ۾ پگهاريو نه وڃي ۽ نئين سر
بڻايو وڃي.
ان بعد، هنن چئن رستن تان لنگهڻ لاءِ تڪڙو قدم
کنيم. شروع عالم الڪلام سان ڪيم، پوءِ فيلسوفن جو
طريقو ڏٺم ۽ ان کان پوءِ باطنيه جي تعليم ۽ آخر ۾
صوفين جي طريقي جي جاچ پڙتال شروع ڪري ڏنيم. جيئن
ڄاڻان ته انهن ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي.
علم الڪلام[6]
ان جو مقصد ۽ ڦل
مون پوءِ ”علم الڪلام“ سان ابتدائي،
انهيءَ کي حاصل ڪيم ۽ چڱي طرح سمجهيم ان علم جي
محقق عالمن جي ڪتابن جو مطالعو ڪيم ۽ پڻ ان علم تي
ڪجهه ڪتاب لکيم ليڪن ڏٺم ته هي علم پنهنجي مقصد
لاءِ ڪافي هو، پر منهنجي مقصد لاءِ اڻپورو آهي،
سندس مقصد رڳو هي هو ته اهل سنت جي عقيدي جي
حفاظت ڪري اهل بدعت جي گوڙ گهمسان کان ان کي
بچائي ۽ سنڀالي. بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسول جي
معرفت پنهنجن بندن کي هڪ اهڙو عقيدو ڏنو آهي، جو
ئي حق آهي، جنهن ۾ انهن جي دين ۽ دنيا جي ڀلائي
آهي، جيئن جو قرآن ۽ حديث ان جي خبر ڏني آهي (قرآن
۽ حديث ۾ اهو عقيدو بيان ڪيل آهي) پوءِ شيطان
بدعتي ماڻهن ۾ اهڙين ڳالهين جا اچي وسوسا وڌا، جي
”سنت“ جي سراسر خلاف هيون ۽ هو انهن خلاف شروع
ڳالهين کي چهٽي پيا، ۽ قريب هو جو صحيح راهه تي
هلندڙن جي سچي عقيدي کي منجهائي وجهن ٿا. عين ان
وقت، الله تعاليٰ متڪلمن جي هڪ جماعت پيد اڪئي ۽
انهن جي صلاحيتن ۽ حواسن کي چوريو ته اٿي ترتيب
ڏنل ڪلام سان سنت جي مدد ڪن، جو (ترتيب ڏنل ڪلام)
اهل بدعت جي دغابازيءَ تان پردو هٽائي. هن سببان
ئي علم ڪلام ۽ ان جا پيرو پيدا ٿيا. انهن مان
هڪ جماعت انهيءَ ڪم کي پورو ڪيو. جنهن لاءِ الله
تعاليٰ کيس مقرر ڪيو هو ۽ سنت جي ڪاميابيءَ سان
حفاظت ڪئي ۽ انهيءَ عقيدي جو خوب بچاءُ ڪيو، جو
پيغمبر جي طرفان مليل هو ۽ بدعت کي ٺيڪ درست ڪيو.
پر انهيءَ ۾ هنن انهن مقدمات (اوائلي، شروعاتي
اصولن ڪارروائيءَ) تي ڀروسو ڪيو. جي هنن پنهنجي
مخالفن کان ورتا هئا. جن جي مڃڻ لاءِ خود مجبور
هئا. پوءِ يا تقليد سببان يا اجماع امت جي ڪري،
يا وري قرآن ۽ حديث کي بنا سمجهڻ ۽ سکڻي قبول
ڪرڻ جي ڪري انهن جو اڪثر غور ۽ خوض مخالف جي انهن
ڳالهين کي پڌري ڪرڻ تائين وڃي رهيو، جي هڪ ٻئي جي
ضد ۾ هيون ۽ باقي سندن سموري ڪوشش پاڻ کي پنهنجن
مسلمات تي ڪار بند رهڻ جي تنقيد تائين وڃي رهي.
هي عمل صرف انهيءَ شخص جي حق ۾ ٿورو نفع بخش
آهي، جو ضروريات کان سواءِ ڪنهن شيءِ کي مڃڻ لاءِ
تيار نه آهي.
تنهن ڪري، علم الڪلام مون لاءِ ڪافي ثابت نه ٿيو
۽ نه وري انهن مرضن جي لاءِ شفا ٿيو ته جڏهن علم
الڪلام جو هنر پيدا ٿيو ۽ منجهس گهڻو خوف ڪيو ويو
۽ ان کان پوءِ جڏهن گهڻو زمانو گذريو، تڏهن متڪلمن
کي به اهو شوق جاڳيو ته شين جي حقيقتن کي چڱيءَ
طرح سمجهڻ کان پوءِ ان سمجهه جي ذريعي ” سنت “
جو بچاءُ ڪيو وڃي. اهو سوچي پوءِ هو ”جوهر[7]
۽ عرض[8]
“ ۽ انهن جي خاصيتن تي ڳوڙهه ويچار ڪرڻ لڳا. پر
ڇاڪاڻ ته انهن جي علم جو خاص مقصد اهو نه هو تنهن
ڪري انهيءَ متعلق سندن ڪلام آخري حد کي نه رسيو ۽
غير مڪمل رهيو ۽ انهيءَ مان ايترو به حاصل نه
ٿيو، جو پريشانيءَ جي انهن اونداهين کي صفا ميٽي
ڇڏي، جي باهمي اختلاف سبب ماڻهن مٿان ڇانيل آهن.
اهو بعيد نه آهي ته مون کان سواءِ، ٻين لاءِ علم
الڪلام مان حاصل ٿيل نتيجا تسلي بخش ثابت ٿيا هجن،
پر مان ته هن ڳالهه ۾ شڪ ئي نٿو آڻيا، ۽ سمجهان ٿو
ته انهن مان گهڻا راضي ٿيل آهن، توڙي جو هن قسم
مان جو ڪجهه حاصل ٿئي ٿو، اهو ڪن ڳالهين ۾ تقليد
سان رليل مليل آهي ۽ ان سان گڏ، ”اوليات“ (لاجواب
حقيقتن) مان به نه آهي.
خير، هتي منهنجو غرض پنهنجو حال ٻڌائڻ آهي ۽ نه
انهيءَ جو انڪار ڪرڻ، جنهن ان (علم الڪلام) مان
شفا حاصل ڪئي آهي، ڇا لاءِ ته جهڙو مرض اهڙي دوا،
بيشڪ ڪي دوائون اهڙيون به آهن،جن سان ڪو مريض
شفاياب ٿئي ٿو. ته ڪو وري بيماري ٿيو پوي.
فلسفو
”علم الڪلام “ کان فارع ٿيڻ کان پوءِ، ”فلسفي“
ڏانهن وڌيس. ان جي مطالعي کان پوءِ، يقين ٿيم ته
اهو شخص هن علم جي بگڙيل حصي کان مطلع ٿي نٿو
سگهي، جنهن انهيءَ علم جي چوٽي سر نه ڪئي هجي،
ايتري قدر جو وڃي ان جي زبردست عالمن سان برابري
ڪئي هجيس، بلڪ انهن کان زياده مهارت حاصل ڪري،
انهن جي درجي کان به مٿي هليو ويو هجي ۽ انهن
اونهاين کان واقف ٿيو هجي، جن کان فلسفي ۾ نقص
(بگاڙ) جي سندس دعويٰ کي وزن ڏنو ويندو ۽ صحيح
تسليم ڪيو ويندو. حقيقت ۾ مون علماعه اسلام ۾ ڪو
به اهڙو نه ڏٺو آهي، جنهن پنهنجو سارو ڌيان هن
طرف ڏنو هجي ۽ جو ايترو ڪمال حاصل ڪري سگهيو هجي.
متڪلمن جي ڪتابن ۾، جتي هو فيلسوفن جي رد، ۾ بحث
ڪن ٿا، اتي سواءِ ڪن ٿورتن گمنام ٽڙيل پکڙيل جملن
جي ٻيو ڪي ڪين آهي، ايتري قدر جو هن علم جا ماهر
ته در ڪنار، پر عام سمجهه وارو ماڻهو به ٺڳجي نٿو
سگهي. مون پوءِ بخوبي معلوم ڪري ورتو ته هن علم کي
سمجهڻ ۽ ان جي تهه کان باخبر رهڻ کان سواءِ ان جي
ترديد ڪرڻ، ڄڻڪ اونداهيءَ ۾ ٿاڦوڙا هڻڻا آهن، لهذا
مون ان علم کي ڪتابن مان پراڻن جي وپري ڪوشش ورتي
۽ اهو سب ڪجهه ، سواءِ ڪنهن استاد جي مدد جي رڳو
مطالعي جي زورتي ڪندو رهيس، چنانچه شرع علمن جي
تدريس ۽ تصنيف کان جنهن وقت به ڪا فراعت ملندي هئي
تنهن وقت انهيءَ علم ۾ مشعول رهندو هوس. ان وقت
مان بغداد ۾ ٽن سون شاگردن کي درس ۽ تعليم ڏيڻ جي
بار هيٺ هوس. الله تعاليٰ منهنجي هن سکڻي مطالعي
جي طفيل(جو هنن گهڙين ۾ ڪندو هوس)، مون کي فيلسوفن
جي علمن جي انتها کان، ٻن سالن کان به گهٽ عرصي
اندر، مطلع فرمايو، فلسفي کي سمجهڻ کان پوءِ به
مان قريباً سارو سال، ان تي مسلسل فڪر ڪندو رهي،
۽ ان تي بار بار ويچار ڪندي، ان جي اونهاين کي
ڳوليندو رهيس، تان جو اچي ان جي ٺڳي ۽ دولاب کان
واقف ٿيس ۽ ان جي صحيح ۽ معتبر نقطن جي به خبر
پيم، ايتري قدر جو ائين چئي ٿو سگهان ته هي سڀ خبر
۽ واقفيت اهڙي حاصل ڪيم، جنهن ۾ ڪو شڪ باقي نه
رهيو ۽ مون کي يقين ۽ اطمينان نصيب ٿيو.
هاڻي فلسفي جي ڪهاڻي ۽ فلسفون جي ماحول جي ڳالهه
ٻڌو! ڇا لاءِ جو مون ڏٺو آهي ته اهي مختلف قسمن
جا آهن ۽ انهن جا علم مختلف آهن، ليڪن انهن کي
گهڻن قسمن هوندي به الحاد ۽ ڪفر جو ٽڪرو لڳل آهي،
جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪي قديم به آهن، ته ڪي قديم ڌرين
به ڪي اوائلي آهن ته ڪي بلڪل جديد قسم جا فيلسوف
به، جن ۾ ڪي حق جي ويجهو آهن ، ڪي ان کان گهڻو پري
آهن.
فيلفوف، جن تي ڪفر جو داغ لڳل آهي، ۽ انهن جا
مختلف فرقا
اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته فيلسوف، باوجود گهڻن
فرقن ۽ مختلف مذهبن جي ٽن قسمن ۾ ورهايل آهن.
(1)دهري، (2) طبيعي، ۽(3) الاهي.
پهريون فرقو جهونن فيلسوفن جو آهي، جي دنيا جي پيد
ڪندڙ (جوهر چيز کي ڄاڻندڙ ۽ هر شيءِ تي قدرت
رکندڙ آهي) جا نڪاري آهن. هي ٽولو هن خيال جو آهي
ته دنيا اصل کان ئي جئين جو هينئر آهي، موجوده آهي
۽ ان جو ڪو بنائيندڙ ڪونهي ۽ حيوان نطفي مان ٺهي
ٿو ۽ نطفو حيوان مان جڙي ٿو ۽ اهو سلسلو هميشه
کان جاري آهي ۽ اهو ائين ئي هو ۽ ائين رهندو. هي
بيدين آهن، جن کي ڪو مذهب ئي ڪونهي.
ٻيا طبي آهن ۽ هي اهي آهن جن طبيعي عالم ۾ گهڻيون
کوجنائون ڪيون آهن ۽ حيوانات ۽ نباتات جي رازن تي
ڳوڙهو ويچار ڪن ٿا ۽ حيوان جي عضن جي وڍڪ جي علم
۾ گهڻو اونهو ويا آهن، ۽ ان سڀ ۾ هو الله تعاليٰ
جي ڪاريگري ۽ سندس حيرت انگيز حڪمت ڏسن ٿا، جنهن
ڪري مجبوراً هو هڪ حڪمت ڀرئي پيدا ڪندڙ جا معترف
ٿين ٿا. جو شين جي مقصد ۽ مراد کان بخوبي واقف
آهي، جڏهن به ڪو مفڪر، علم تشريح الاعضاعه جو
مطالعو ڪري ٿو ۽ عضون جي فائدن کان واقف ٿئي ٿو،
تڏهن ان کي هي ضروري علم به حاصل ٿئي ٿو ته جنهن
حيوان جي اهڙي بناوت ڪئي آهي، تنهن پنهنجي هنر جو
ڪمال ڏيکاريو آهي، خاص ڪري انسان جي بناوت ۾ سندس
ڪاريگريءَ جي ته ڪا حد ئي ڪانهي. ليڪن جيئن ته
قدرت (جي ڪارنامن) ۾ گهڻي کوجان ڪندي، هو ان مزاج
جو اعتدال ڏسن ٿا. جو سندن خيال ۾ حيوان جي قوتن
کي برقرار رکڻ ۾ وڏو اثر رکي ٿو، تنهن ڪري هو ان
راءِ جا آهن ته انسان جي قوت زائل ٿيو وڃي ٿي.
جنهن وقت مزاج زئال ٿئي ٿو ۽ پوءِ زندهه نه ٿي
رهي ۽ جڏهن ڪا شيءَ فنا ٿئي ٿي، ته ان شئي جو
وري زندهه ٿي موٽڻ مڃڻ ۾ ئي نٿو اچي.(اهو مسئلو
عقل کان ٻاهر آهي). هو پوءِ هي خيال رکن ٿا ته
روح مري ٿو ۽ موٽي نه ٿو ، جنهن ڪري هو آخرت، بهشت
۽ دوزخ، حشر ۽ نشر، قيامت ۽ حساب جو انڪار ڪن ٿا،
وٽن چڱي ڪم جو ڪو ثواب ڪونهي ۽ نه وري ڪنهن
برائي لاءِ ڪا سزا ئي آهي. بي لغام هئڻ سببان، هو
حيوانن مثل، پنهنجي نفساني خواهشن ۾ غرق آهن. هي
به(پهريئن ٽولي وانگر) بي دينن جو ٽولو آهي، ڇا
لاءِ جو ايمان جو اصل بنياد الله تعاليٰ ۽آخرت
کي مڃڻ ۾ آهي، ۽ وري آخرت جو سراسر انڪار ڪن ٿا،
جيتوڻيڪ الله تعاليٰ ۽ سندس صفتن جو انڪار نٿا
ڪن(مٿن ايمان رکن ٿا.)
ٽيون ٽولو الاهي فيلسوفن جو آهي، جنهن ۾ بلڪل
پويان فيلسوف آهن، جهڙوڪ سقراط جو افلاطون جو
استاد آيه ۽ افلاطون وري ارسطا طاليس جو استاد
آهي ۽ ارسطا طاليس اهو آهي، جنهن انهن لاءِ منطق
مرتب ڪيو ۽ علمن کي چڱيءَ طرح مدون ڪيو، ۽ سندن
لاءِ چٽائيءَ سان اهو ڪجهه لکيائين جو اڳ لکيل نه
هو، ۽ انهن جي عملن ۾ جا ڪجهه خامي هئي. تنهن کي
درست ڪيائين. انهن مڙين ئي فيلسوفن پهرين ٻن فرقن
، يعني دهري ۽ طبعي، جي ترديد ڪئي ۽ انهن جي عيبن
کي اهڙو کولي پڌرو ڪيو، جو ٻيا انهيءَ ڪم کان آجا
ٿي پيا، انهن جي باهمي جنگ ڪري ”الله تعاليٰ مومنن
کي جنگ کان ڇڏائي ڇڏيو“[9]
پوءِ ارسطا طاليس، افلاطون ۽ سقراط تي ڪڙي تنقيد
ڪئي. جنهن ۾ الاهي فرقي وارن کي خوب ڇليائين،
ايتري قدر جو هن تنقيد ۾ ايترو پري وڃي پيو، جو
پاڻ کي مڙين ئي کان الڳ ڪري ڇڏيائين، مگر ان هوندي
به انهن جي ڪفر ۽ الحاد جي ڪارنهن کان پان کي
بچائي نه سگهيول لهذا اهو واجب آهي ته انهن کي
ڪافر شمار ڪيو وڃي ۽ پڻ انهن مسلمان فيلسوفن کي
به ا(انهن سان ملايو وڃي) جي سندن جماعت جا آهن،
جهڙو ڪ اين سينا، فارابي ۽ اهڙا ٻيا تنهن هوندي
به ارسطا طاليس جي علم جي نقل(ترجمي) ڪرڻ ۾ جهڙو
هنن ٻن ڪم ڪيو آهي، اهڙو ٻئي ڪنهن به اسلامي فلسوف
نه ڪيو آهي. انهن ٻن کان سواءِ، باقي جن به ان کي
نقل ڪيو آهي اهو خلط ملط کان خالي نه آهي ۽
پڙهندڙن جي دل به ايترو ته پريشان ٿيو پوي ٿي، جو
سمجهي ئي نٿو ته ڇا پڙهي رهيو آهي؟ ۽ جڏهن ڪا شيءِ
سمجهه ۾ نه اچي سگهي، ته ان کي رد يا قبول ڪرڻ جو
سوال ئي نه اٿي. ان حالت ۾ ارسطا طاليس جو فلسوف،
جو پوءِ اسان وٽ انهن ٻن شخصيتن جي ذريعي پهتو
آهي، ٽن قسمن اندر بند آهي. پهريون اهو جنهن کي
ڪفر شمار ڪرڻ ضروري آهي، ٻيو اهو جنهن کي بي ديني
۾ ڳڻن واجب آهي ۽ ٽيون اهو، جنهن جو انڪار اصل نٿو
ڪري سگهجي، اجهو هاڻ اسين تفصيل ڏانهن ورون ٿا.
فيلسوفن جي علمن جا قسم
ڄاڻڻ گهرجي ته اسان جي مقصدن مطابق انهن
جي علمن جا ڇهه قسم آهن، رياضي، منطقي، طبيعي،
الاهي، سياسي ۽ خلقي.
رياضي علم، حساب، جاميٽري ۽ جهان جي هيئت سان
تعلق رکي ٿو ۽ ديني ڳالهين سان ان جو ڪو واسطو
ڪونهي نه انهن جو انڪار ڪري ٿو ۽ نه اقرار، اگرچ
هي (رياضي علم) ثابت ٿيل حقيقتن (شين) تي مشتمل
آهي، جن جو سمجهڻ، بعد انڪار ڪري نٿو سگهجي، مگر
تڏهن به هن رياضي علم مان به آفتون پيدا ٿين
ٿيون.
پهرين هيءَ آهي ته جڏهن ماڻهو ان تي نظر ڪري ٿو
ته پوءِ ان جي باريڪ نقطن ۽ ظاهر دليلن کي ڏسي
عجب کائن لڳي ٿو. اهڙي طرح ، فيلسوفن متعلق سندس
اعتماد سٺو ٿئي ٿو ۽ گمان ڪرڻ لڳي ٿو ته انهن جا
مڙيئي علم، هن علم مثل روشن ۽ مد لٿل آهن، ماڻهو
سندن عقيدن، مثلاً الله تعاليٰ جي صفتن کان انڪار
۽ مذهب ڏانهن ڌاڪر، بابت نه اڳيئي ماڻهن جي واتان
گهڻو ڪجهه ٻڌندو رهي ٿو، پر(محض) انهن جي سکڻي
تقليد ڪندي پاڻ به ڪافر ٿيو پوي ۽ پڇڻ ٿو لڳي ته
ڀلا جيڪڏهن دين سچو هجي ته هنن فيلسو فن کان مخفي
ڪين رهي ها، جي هن علم ۾ هيترو اونها ويا آهن!
پوءِ جڏهن ٻڌل ڳاليهن تي انهن جي ڪفر ۽ انڪار کان
واقف ٿئي ٿو، تڏهن هي نتيجو ڪڍي ٿو، ته دين جي
انڪار ۾ حق آهي، (يعني حق اهو آهي ته دين کي نه
مڃيو وڃي) مون ڪيترا اهڙا آدمي ڏٺا آهن، جي حق کان
گمراهه ٿيا آهن ۽ محض هن ڪري، جو انهن جو فيلسوفن
۾ وڏو اعتقاد هو، ورنه تلقيد کان سواءِ وٽن ٻي
ڪابه سند نه هئي. کين، هيءَ ئي چئي سگهجي ٿو ته
جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ هنر ۾ ماهر آهي، ته اهو ڪو
ضروري ڪونهي ته هو هر هنر ۾ به ماهر هجي، جيئن ڪو
ماڻهو علم فقه ۽ علم ڪلام ۾ ماهي هجي، ته وءِ
اهو ڪو لازم ڪونهي ته هو طب ۾ به ماهي هجي،
جيڪڏهن ڪو عقليات کان واقف نه آهي ته ان جو اهو
مطلب نه آهي ته هو علم نحو کان به غير واقف آهي !
هر هنر لاءِ (خاص) ماڻهو آهن، جن ان ۾ وڏو رتبو ۽
امتياز حاصل ڪيو آهي، پوءِ جيتوڻيڪ کڻي اهي ٻين
هنرن کان بي بهره هئا.
رياضي عملن جي اصولن تي ڪلام (تقرير) ته هڪ ثابت
شده حقيقت آهي، (يعني، ان متعلق، جي حجتون پيش
ڪيون ويون آهن، سي واضح ۽ صحيح آهن ۽ هوڏانهن
الاهيت تي گفتگو هڪ تخميني شيءِ آهي، جنهن ان جو
تجربو ڪيو آهي ۽ سندس تهه ۾ ويو آهي، اهو ان کي
بخوبي ڄاڻي ٿو، ليڪن جنهن شخص ۾ اهو اعتقاد ويهي
ويو، جو هن تقليد جي عزت خاطر اختيار ڪيو. تنهن تي
هن ڳالهه جو اثر نه ٿو ٿئي. (۽ هو ان کي قبول نه
ٿو ڪري) ۽ پنهنجي خسيس خواهش، اجائي آڪڙ ۽ ضد جو
شڪار ٿيو پوي ٿو. هيءَ هڪ وڏي آفت آهي، جنهن ڪري
اهو واجب آهي ته انهن کي روڪجي، جي هنن (رياضي)
علمن جي گهرائيءَ ۾ وڃن ٿا، ڇا لاءِ جو ظاهر ۾
جيتوڻيڪ ان علم جو دين سان ڪو تعلق ڪونهي، ته به
ڇاڪاڻ ته اهو فيلسوفن جي علم علم جي اصولن مان
آهي، تنهن ڪري لازمي طور تي انهن جي برائي ۽ ڪم
بختي، منجهن سرايت ڪري ايندي. اهڙا بلڪل ٿورا آهن،
جي هن علم سان لنو لڳائڻ کان پوءِ به پنهنجو دين
صحيح سلامت رکيو اچن ٿا. ۽ پاڻ تي پرهيز گاري جي
لغام چاڙئڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
هن سلسلي ۾ ٻي آفت ان شخص طرفان پيدا ٿي، جو
باوجود اسلام ڏانهن مخلص ۽ سچي هجڻ جي به، اهل هو،
سندس خيال وري هي هو ته دين جي مناسب مد د ئي انهي
۾ آهي ته هر انهيءَ علم جو انڪار ڪيو وڃي، جو انهن
ڏانهن منسوب آهي، هن پوءِ انهن جي سڀني علمن جو
انڪار ڪيو ۽ سندن انهن علمن ۾ اڻ ڄاڻائي جي پڻ
دعويٰ ڪئي. تان جو هن انهن جي سج ۽ چنڊ گرهڻ جي
اصول بيان کي به رد ڪيو ۽ هن راءِ جو ٿيو ته
جوڪجهه هو چون ٿا، سو سڀ شرع جي خلاف آهي، هاڻي
جڏهن اها ڳالهه ان ماڻهوءَ جي ڪن پوي ٿي ، جو ان
کي قطعي دليل سان سمجهي چڪو آهي، سو يقيناً
پنهنجي دليل ۾ ڪو به شڪ ته نه ٿو آڻي سگهي. الٽو
هي اعتقاد پيدا ٿئيس ٿو ته اسلام جو بنياد ئي جهل
۽ قطعي دليل جي انڪار تي ٻڌل آهي.
جنهن ڪري فلسفي لاءِ سندس پيار وڌي ٿو ۽ اسلام
لاءِ سندس بغض ۾ اضافو ٿئي ٿو. ان جاهل شخص دين جو
وڏو گناهه ڪيو آهي، جنهن هي گمان رکيو ته اسلام
جي امداد هنن علمن جي انڪار ڪرڻ سان ڪري سگهجي
ٿي. هوڏانهن ”شرع“ ۾ اهڙي ڳالهه ڪانهي، جا هنن
علمن جو انڪار يا اقرار ڪري، ۽ نه وري ڪو هنن علمن
۾ ديني ڪمن جي مخالفت ئي آهي، پيغمبر عليہ الصواة
والسلام جن جو چوڻ ته فقط هي آهي، ته ”سج ۽ چنڊ
الله تعاليٰ جي نشانين مان ٻه نشانيون آهن، جن جو
گرهڻ نه ته ڪنهن جي موت ۽ نه ڪنهن جي حياتيءَ سان
ٿئي ٿو جڏهن توهان انهن کي ائين ڏسو، ته پوءِ الله
تعاليٰ جي ياد ۾ اجهو وٺو“.[10]
هن ۾ اهڙي ته ڪابه ڳالهه ڪانهي، جنهن ۾ حسابي علم
جو انڪار لازم اچي جو اسان کي سج ۽ چند جي دائري
جي خبر ڏئي ٿو. خاص ڪري انهن جي گڏجڻ ۽ هڪ ٻئي جي
سامهون اچڻ جو حل ٻڌائي ٿو. باقي سندن ارشاد ته
”پر جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن ڏانهن تجلي ڇڏيندو
آهي(پاڻ کي ظاهر ڪندو آهي) ته اها شيءِ سندس اڳيان
جهڪي پوندي آهي.[11]
هڪ زيادتي آهي، جا صحيح حديثن جي ڪنهن به ڪتاب ۾
موجود نه آهي، هيءَ رياضي علمن جي وصف ۽ هي انهن
جون آفتون آهن.
ٻيو منطق جو علم (منطقيات) آهي. جنهن جو به دين
سان ڪو تعلق ڪونهي، نه ان جو انڪاري آهي ۽ نه وري
اقراري. ان جو ڪم دليلن ۽ قياسن جي طريقن تي غور
ڪرڻ آهي، يعني ثابتيءَ (برهان) جي مقدمات جي شرطن
کي خيال ۾ آڻڻ ۽ ناهن (مقدمات) جي جوڙ جي نموني تي
ڌيان ڏيڻ، ۽ صحيح وصف جي شرطن ۽ ان جي ترتيب جي
حال تي نظر ڊوڙائڻ آهي، علم جي معنيٰ هڪ قسم جو
تصور آهي، جنهن جي ڄاڻ انهي جي وصف بيان ڪرڻ سان
پوي ٿي، يا وري هڪ قسم جي تصديق آهي، جنهن جو پتو
ثابتيءَ (برهان) ذريعي پوي ٿو. هاڻي هن ۾ ڪابه
اهڙي ڳالهه ڪانهي، جنهن جو انڪار ڪيو وڃي پر هي ته
ان جنس مان آهي جنهن جو ذڪر متڪلمن ۽ اهل نظر
وارن، دليلن جي موضوع ۾ ڏنو آهي، منطق وارن ۽
فلسوفن ۾ فرق رڳو عبارتن، اصطلاحن، سمجهاڻين ۾ پري
وڃڻ ۽ ترتيب ۽ درجي بندي جو آهي، مثال طور انهن
جو چُڻ ته ”جڏهن هي ثابت آهي ته سڀ الف، ب آهي،
ته پوءِ هي لازم آيو ته ڪجهه به الف آهي، يعني
جيڪڏهن هي ثابت آهي ته سڀ انسان آهن اهي هن
مسئلي کي هيئين ڏيکارين ٿا ته موجبه ڪليه جو عڪس
موجب جزئيه آهي دين جي اهم ڳالهين سان هنن شين جو
ڪهڙو واسطو، جو انهن جو انڪار ڪجي؟ جيڪڏهن ان
(منطقي ڳالهه) جو انڪار ڪيو، ته ان جو نتيجو هي
نڪرندو ته منطقي نه فقط ان انڪار ڪندڙ جي عقل
متعلق برو عقيدو رکندو، پر هن جي دين لاءِ به
خراب خيال آڻيندو. ڇاڪاڻ ته ان مان هو سمجهي ٿو ته
هن جي دين قائم رکڻ لاءِ هن قسم جو انڪار ضروري
آهي. دين هن انڪار تي موقوف آهي) هائو، منطق وارن
هن علم ۾ ڪجهه ظلم به ڪيو آحي ۽ اهو هي آهي، جو
اهي ڪنهن ثابتيءَ لاءِ ڪجهه شرط رکن ٿا، جن متعلق
بخوبي معلوم آهي ته انهن جي مطالعي سان يقيناً علم
يقيني پيدا ٿيندو. ليڪن جنهن وقت هو ديني معاملن
تي بحث ڪن ٿا، تنهن وقت هو پنهنجا اهي شرط پورا
ڪري نٿا سگهن. هڪ ته انهن ۾ حد درجي جي نرمائي
آڻين ٿا ٻيو ته انهن ۾ گهڻي اک ٻوٽ کان ڪم وٺن
ٿا.(پنهنجي ثابتيءَ جي معيار ۾ گهڻي تساهل جو
مظاهرو ڪن ٿا) لهذا ، جو شخص علم منطق کي پسند ٿو
ڪري، ۽ ان کي واضح ۽ مدلل علم ٿو سمجهي، سو اڪثر
حالتن ۾ علم الاهيات جي ڪفريات کي به، جي علم منطق
۾ بطور نقل ۽ تشيل جي بيان ٿين ٿا، حقيقت ٿو تصور
ڪري ۽ چوي ٿو ته هي سڀ منطفي دليلن سان ثابت ٿيل
حقيقتون آهن. نتيجو اهو ٿو نڪري، جو هو جيستائين
الاهيات جي فن جي تڪميل ۽ تحصيل ڪري ئي ڪري تنهن
کان اڳ ۾ ئي وڃي ڪفر ۾ مبتلا ٿئي ٿو، ۽ ڪافر ٿي
وڃي ٿو. هيءَ آفت اجهو ان طرح ڪفر ڏانهن ڇڪي ٿي.
ٽيون طبيعيات جو علم آهي، جنهن ۾ آسمانن جي دنيا،
انهن جي متارن ۽ انهن جي هيٺان بسيط (غير مرڪب،
مفرد) جسمن، جهڙوڪ پاڻي، هوا، مٽي ۽ باهه مرڪب
شين، جهڙوڪ حيوانات، نباتات ۽ معدنيات جي جاچ جوچ
۽ تفتيش ڪيل آهي سڀ کان اول هي ڏسڻو آهي هي علم
به طب جي علم وانگر آهي، جنهن ۾ انسان جي جسم سندس
رئيس ۽ خادم عضون ۽ انهن جي مزاج جي بادل سدل، جي
تباس ڪئي وڃي ٿي، هاڻي جڏهن طب جي علم جو انڪار
ڪرڻ ڪو دين جو شرط ڪونهي، اهڙيءَ طرح ان جو اهو
به ڪو شرط ڪونهي ته علم طبيعيات جو انڪار ڪيو وڃي.
هان، ڪي چند ڳالهيون آهن، جن جو بيان اسان پنهنجي
ڪتاب ”تهافت الفلا سفته“[12]
۾ ڏنو آهي، باقي ان کان سواءِ ٻيون ڳالهيون جن ۾
فيلسو فن جو اختلاف آهي، تن تي به جڏهن غور ڪبو ته
ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي به انهيءَ ڪتاب ۾ آيل آهن.
سموري اختلاف جو منڍ هي آهي ته ان ڳالهه کان ڪو
انڪاري ٿئي ته طبيعت، الله تعاليٰ جي آڏو سندس حڪم
جي پائبند آهي ۽ پاڻ پنهنجي طران ڪجهه به نه ٿي
ڪري ۽ جو ڪجهه ڪري ٿي سو سڀ پنهنجي خالق ڪي فرمان
موجب ڪري ٿي ۽ بس سج چنڊ تارا ۽ طبيعتون الله
تعاليٰ جي آڏو، سندس حڪم جي پابند آهي ۽ پاڻ
پنهنجي طرفان ڪجهه به نه ٿي ڪري ۽ جو ڪجهه ڪري
ٿي، سو سڀ پنهنجي خالق جي فرمان موجب ڪري ٿي ۽ بس
سج، چنڊ تارا ۽ طبيعتون سندس حڪم هيٺ آهن انهن مان
ڪو به اهڙو نه آهي، جو پنهنجو ڪم پاڻ ڪري سگهي. هو
پنهنجي هر ڪم ۾ پنهنجي مالڪ جا محتاج آهن. چوٿون
علم الاهيات آهي، جنهن ۾ فيلسوفن گهڻيون غلطيون
ڪيون آهن، هتي، هو اهي ثابتيون پيش ڪري نه ٿا
سگهن. جن جو هنن علم منطق ۾ شرط وڌو آهي، ۽ جنهن
سبب هنن جو علم ۾ اختلاف گهڻو وڌي ويو آهي. هن
(الاهيات) ۾ ارسطا طاليس جو مذهب، اسلام وارن جي
مذهب جي ويجهو اچي ٿو، جيئن جو فارابي ابن سينا
بيان ڪيو آهي. مگر انهن مڙني غلطين جو مجموعو ويهن
نقطن اند اچي وڃي ٿو. جن مان ٽن ۾ هنن کي ڪافر
ليکڪڻ واجب آهي، ۽ سترنهن ۾ بيدين ۽ گمراهه انهن
جي هنن ويهن نقطن کي ڪوڙي ڪرڻ خاطر اسان ڪتاب
”تهافت الفلا سفته“ تصنيف ڪيو آهي، باقي ٽن مسئلن
۾ انهن سڀني مسلمانن سان اختلاف ڪيو آهي، ۽ اهي هي
آهن.
پهريون:
هو هن خيال جا آهن ته جسم وري زندهه ڪو نه
ٿيندا، انهن لاءِ قيامت ڪانهي، جزا ۽ سزا رڳو روحن
کي ملندي، جزائون ۽ سزائون روحاني آهن، ۽ نه
جسماني، روحن کي مڃڻ ۾ هنن واقعي سچ چيو آهي، جو
اهي زنده به آهن، ليڪن جسمن (جي دوباره اٿڻ) کان
انڪار ڪرڻ ۾ هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ ان ڪري شريعت
جي صاف خلاف ورزي ٿا ڪن ۽ ان کي ڪوڙو ٿا سمجهن.
ٻيو:
سندن چوڻ آهي ته الله تعاليٰ
ڪليات کي ڄاڻي ٿو ۽ نه ڪابه ذري جيتري شيءِ جا
آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، سندس علم کان ٻاهر ۽ پري
نه آهي.“[13]
ٽيون:
سندن عقيدو هي آهي ته دنيا قديم آهي ۽ اصل کان
آهي(خلقيل نه آهي) ڪو به مسلمان سندن هن راءِ سان
متفق نه آهي.
انهن کان سواءِ هو الله تعاليٰ جي صفتن جا
انڪاري آهن ۽ چون ٿا ته الله تعاليٰ جو ڪجهه
ڄاڻي ٿو، سو پنهنجي ذات سان ڄاڻي ٿو ، ۽ نه
انهيءَ علم سان جو سندن مذهب معزله جي مذهب جي
قريب آهي، ۽ معزله کي ان سببان ڪافر سڏڻ واجب
نه آهي، اسان پنهنجي ڪتاب ”فيصل الفترقه بين
الاسلام والزندقه“ ۾ ان ڳالهه جو بيان ڪيو آهي ته
ڪيئن نه ان ماڻهوءِ جو اعتقاد بگڙيل آهي، جو ٻين
تي جي سند مذهب جا مخالف آهن، ڪفرجي فتوا ڏيڻ ۾
جلد بازيءَ کان ڪم وٺي ٿو.
پنجون علم سياسيات آهي، جنهن ۾ انهن(سياستدانن)
جي ڪلام جو سارو دارو مدار انهن ڳالهين تي آهي،
جن ۾ دنيا ۽ حڪومت جي ڀلائي آهي، هنن اهي ڳالهيون
پيغمبرن جي ڪتابن مان ورتيون آهن، جي الله تعاليٰ
انهن تي نازڪ ڪيا هئا ۽ انهن (پيغبرن) جي پوين پاڪ
بند کان سکيون آهن، جن سندن قولن ۽ فعلن مان
پرايون آهن.
ڇهون علم اخلاقيات آهي، ان ۾ هنن فنص جون صفتون ۽
گڻ ڳڻيا آهن، ان(نفس) جون جنسون ۽ قسم ٻڌايا آهن،
۽ ڄاڻايو آهي ته ان کي ڪيئن اعتدال ۽ ضابطي هيٺ
آندو وڃي. انهن اهو سڀ صوفين جي ڪلام مان ورتو
آهي، جي پرهيزگار انسان آهن ۽ هميشه خدا تعاليٰ جي
ياد ۾ لڳل رهن ٿا ۽ پنهنجن خواهشن جي مخالفت ڪن
ٿا ۽ دنيا جي لذتن کان منهن موڙي الله تعاليٰ جي
راهه وٺن ٿا. انهن کي پنهنجي نفس سان جهاد ڪندي
معلوم ٿيو آهي ته روح جون چڱايون ڪهڙيون آهن ۽
برايون ڪهڙيون آهن. ۽ ان جي ڪمن ۾ ڪهڙيون آفتون
سمايل آهن. انهن هي سڀ کولي ٻڌايو آهي. فيلسوفن
انهن کي کڻي ورتو ۽ پنهنجي ڪوڙين دعوائن کي رواج ۾
آڻي سگهن. حقيقت هيءَ آهي، ته نه فقط انهن
(فيلسوفن) جي زمان ۾ پر هر زمان ۾ خدا وارن جو هڪ
ٽولو رهيو آهي، جنهن کان الله تعاليٰ پنهنجي دنيا
خالي نٿو رکي ۽ اهي (الله وارا) گويا زمين جا ٿنڀا
آهن، جن جي برڪت سببان الله تعاليٰ جي رحمت زمين
وارن تي نازل ٿيندي رهي ٿي. جيئن ته حديث شريف ۾
آيو آهي ته ”انهن سان ئي اوهان تي برسات وسي ٿي ۽
انهن مان اصحاب ڪهف وارا (به) هئا“[14]
۽ هي جيئن ته قرآن مجيد ۾ آيو آهي، اڳئين زماني ۾
موجود هئا. فيلسوفن جي هن قسم جي خلط ملط ڪرڻ
سببان جو پنهنجن ڪتابن ۾، نبين سڳورن ۽ صوفين جو
ڪلام رلائي ملائي آڻين ٿا) ٻه آفتون پيدا ٿين
ٿيون؛ هڪڙي ان لاءِ جو انهن جي ڳالهين کي مڃي ٿو ۽
ٻي ان لاءِ جو انهن جي اهڙي ڳالهين جو انڪار ڪري
ٿو.
انڪار ڪندڙ جنهن مصيبت ۾ مبتلا ٿئي ٿو. سا وڏي
مصيبت آهي. ڇا لاءِ جو هڪ جماعت جا عقل ۾ ڪمزور
آهي، تنهن هي گمان رکيو ته جڏهن اهو اخلاقي ڪلام
انهن (فيلسوفن) جي ڪتابن اندر آيل آهي ۽ انهن جي
ڪوڙ سان گڏيل آهي، تڏهن اهو مناسب آهي ته اهو سڀ
ترڪ ڪيو وڃي، ۽ ان جو ذڪر ئي نه ڪيو وڃي ۽ جو به
کڻي ان جو ذڪر ڪري ته ان کي به ڪوڙو سمجهيو وڃي.
اهو هن ڪري آهي جو ان جماعت، اول ۾ اهڙا خيال فقط
انهن کان ئي ٻڌا هئا. نتيجو اهو نڪتو جو ان جي
ضعيف سمجهه ۾ اهو ئي ڪجهه آيو ته ڇاڪاڻ ته اهڙن
خيالن رکندڙ ڪوڙو(باطل) آهي، تنهن ڪري ان جو به
ڪجهه چيو آهي، سو ڪوڙ آهي، ان جو مثال انهي وانگر
آهي، جو ڪنهن نصرانيءَ کان چوندو ٻڌي ٿو ته
”الله کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي ۽ عيسيٰ الله جو
رسول آهي“ ته پوءِ ان جو انڪار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته
هي نصراني جو ڪلام آهي ۽ پوءِ ڪجهه ترسي خيال نٿو
ڪري ته آيا اهو نصراني انهيءَ چوڻ ڪري ڪافر آهي
يا هن ڪري جو هو محمد عليہ السلام جن جي نبوت
جو انڪاري آهي؟ پوءِ جيڪڏهن سچ پچ هو آنحضرت جن
جي نبوت جو منڪر آهي ته ان حالت ۾ به اهو نٿو
جڳائي ته ٻين صحيح ڳالهين ۾ به سندس مخالفت ڪئي
وڃي ۽ اهي ڳاليهون هجن به اهڙيون جن کي هو خود به
صحيح سمجهي ٿو. هيءَ عادت انهن ماڻهن جي آهي، جي
سمجهه ۾ ڪريل آهن ۽ جي حق کي ماڻهن جي نسبت سان
سڃاڻن ٿا، جن حق کي سڃاڻڻ لاءِ ماڻهن کي معيار ڪري
ورتو آهي ۽ نه ماڻهن کي حق سان پرکين ٿا ۽ نه ڪو
حق کي ماڻهن جي پرکڻ جو معيار، مقرر ڪن ٿا. ڏاهو
ماڻهو حضرت علي رضه جي قول جي پيروي ڪري ٿو. جنهن
فرمايو آهي ته ” حق کي ماڻهن سان نه سڃاڻ، تون
اول حق کي سڃاڻ، پوءِ تون معلوم ڪندين ته حق وارو
ڪير آهي؟“ سمجهدار پهريائين حق کي سڃاڻي ٿو ۽ اصل
ڳالهه تي سوچ ڪري ٿو، پوءِ کڻي ان جو چوندڙ
ڪوڙو هجي يا سچو(باطل هجي يا محقق) ڪن وقتن تي ته
هو اها ڪوشش ڪندو آهي ته حق کي گمراه ماڻهن جي
ڳالهين مان پکيڙي ٻاهري ڪڍي، ڇالاءِ جو هو ڄاڻي
ٿو ته سون جي کاڻ ۾ به مٽيءَ ۽ دز آهي (سون به
مٽيءَ وغيره سان مليل آهي) صراف جنهن کي پنهنجي
فن تي پورو ڀروسو آهي ان لاءِ اهو نقصانڪار ڪو نه
آهي، جيڪڏهن هو پنهنجو هٿ جلعساز جي کيسي ۾ به
وجهي ٿو ۽ خالص سون کي مٺ کان جدا ڪري ٻاهر آڻي
ٿو. فقط ساده لوح ڳوٺاڻي کي ئي جعلسازي ڪندڙ سان
معاملي رکڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ نه هڪ ماهر صراف
کي. اهڙي طرح سان سمنڊ جي ڪناري (تي بيهڻ) کان به
ناتجربيڪار کي ئي روڪيو ويو آهي، ۽ نه ان کي جو
ترڻ خوب ڄاڻندو هجي، ان طرح نانگ کي ڇهڻ کان به
(اڻ ڄاڻ) ٻار کي جهليو ويو آهي ۽ نه قابل هوشيار
جوڳيءَ کي.
پنهنجي جان جو قسم، اڪثر ماڻهن تي هي گمان غالب
آهي ته هو هنرمند ۽ ڪامل آهن ۽ نهايت ذهين ۽ عقل
وارا آهن ۽ حق ۽ باطل جي تميز ۽ هدايت ۽
گمراهيءَ درميان فرق ڪري سگهن ٿا، پر جڏهن حالت
اها آهي جا مٿي بيان ٿي چڪي، ته پوءِ اهو لازمي
آهي ته جيترو ٿي سگهي عام ماڻهن جي لاءِ گمراهه
لوڪن جي ڪتابن جي مطالعي جو دروازو بند ڪيو وڃي،
ڇا لاءِ ته هو ٻيءَ آفت کان پاڻ بچائي نٿا سگهن.
پوءِ کڻي هو هن آفت کان (جنهن جو اسان هاڻي ذڪر
ڪيو آهي) پاڻ کي بچائي به وڃن.
جن ماڻهن علم ۾ پاڻ کي پختو نه ڪيو آهي ۽ سندن
سمجهه مذهبن جي اصل مقصدن جي ڇيڙي کي نه رسي آهي،
تن اسان جي ڪن جملن تي اعتراض ورتو آهي، جي دين جي
رازن متعلق اسان جي ڪتابن ٽڙيا پکڙيا پيا آهن،
سندن گمان آهي ته اهي ڳالهيون اڳوڻن (فيلسو فن) جي
ڪلام مان ورتل آهن. حالانڪ حقيقت هيءَ آهي ته انهن
مان ڪي منهنجي غور ۽ فڪر جو نتيجو آهين، جيتوڻيڪ
اهو ٿي سگهي ٿو ته هڪ جي ڳالهه ٻئي جي ڳالهه سان
ٺهڪي اچي ۽ ڪي وري شرعي ڪتابن ۾ آيل آهن، جن مان
گهڻن جي معنيٰ صوفين جي ڪتابن ۾ ملي ٿي. اهو
توارد آهي ۽ جائز آهي.
مسلمان ۾ ”علم الڪلام“ جو رواج ان وقت پيو
جڏهن ڪي عالمن
ديني عقيدي تي بحث جي دوران، ان کي صحيح ثابت
ڪري ڏيڻ خاطر، عقلي دليلن، امداد ۽ منطقي حجتن
جي مدد وٺندا هئا. لامزما ان ڪري لفظي جڳهڙا ۽
مناظر و قوع ۾ آيا ۽ هي مناظري جو رستو جنهن
کي کي ”ڪلام“ چئجي و، سو سڀني علمن سان لاڳو
ٿي ويو. انهيءَ ڪري ئي مختلف فرقا پيدا ٿيا.
هاڻي اهي سڀ عالم، جي ديني عقيدي تي علقي ۽
منطقي بحث ڪندا هئا، تن کي ”متڪلمون“ يا ”علم
ڪلام وارو“ سڏيو ويندو هو.
”جوهر“ ان کي چئجي ٿو، جو پنهنجي وجود قائم
رکڻ لاءِ ٻئي جو محتاج نه هجي.
”عرض“
اها شيءِ
آهي، جا خود بخود قائم نه ٿي رهي، مگر پنهنجي
قيام لاءِ ٻيءَ شيءِ
جي محتاج رهي
ٿي، جهڙوڪ رنگ جو پنهنجي وجود لاءِ جسم جو
محتاج آهي، اڳوڻن فلسوفن”عرض“
کي 9 قسمن ۾ ورهايو آهي. الڪم، الڪيف، الاضافه
الاين، المتيٰ الملڪ، الوضع، الفعل، الانفعال.
|