سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: ڪشف المحجوب

 

صفحو :22

باب سورهون

محبت جي بيان ۾

        الله تعاليٰ فرمايو آهي: يا ايها الذين آمنو مَن يرتَد منڪم جن دِينہ فسوف ياتي الله بقوم يُحبهُم ويُحبُوه، ” اي ايمان واروء ! اوهان مان، جو ماڻهو مرتد (دين کان ڦري) وڃي ٿو. پوءِ قريب آهي ته الله تعاليٰ هڪ اهڙي قوم پيدا ڪري، جنهن جو اهو دوست بڻجي وڃي ۽ اها قوم سندس دوست بڻجي وڃي“. ٻيهر فرمايو اٿس: ومن الناس من يتخذ من دون الله اندادا يُحبونهم ڪحُب الله. ”ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي الله کانسواءِ (ٻين کي) معبود (عبادت جي لائق) بڻائيندا آهن ۽ ساڻن اهڙي محبت ڪندا آهن، جهڙي الله سان ڪرڻ گهرجي“ ايمان وارا الله سان تمام گهڻي محبت ڪندا آهن. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي، ته مون جبرائيل کان ٻڌو ته الله تعاليٰ فرمايو آهي: من اهان لي وليا فقد بارزني بالمحارية وما ترددت في شيءِ ڪترددي في قبض نفس عبدي المومن يڪره الموت واڪره مسائتہ ولا بدلہ منہ و ما تقرب التي عبدي بشيءِ احب الي من اداء ما افتر ضت عليه ولايزال عبدي يتقربالي بالنوافل حتيٰ احبہ فا ذااحببت ڪنت لہ سمعا و بصرا ويدا و مويدا. (حديث) ”جنهن منهنجي دوست (ولي) کي گهٽ وڌ چيو اُن ڄڻ ته مون سان جنگ ڪئي. مون کي هڪ ايمان واري جي روح ڪڍڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ پريشاني ٿيندي آهي، ڇو ته هو موت کي پسند نه ڪندو آهي ۽ مان کيس تڪليف ڏيڻ نه چاهيندو آهيان، حالانڪه موت هن لاءِ لازمي آهي. فرض ادا ڪرڻ کان وڌيڪ ڪا به شيءِ پياري نه آهي. جيڪا منهنجي قرب جو سبب بڻجي. منهنجو ٻانهو هميشه نفل پڙهي منهنجو قرب حاصل ڪندو آهي، ايتري قدر جو مان هن سان محبت ڪندو آهيان. اهڙي حالت ۾ مان سندس ڪَن، سندس اک، سندس پير ۽ سندس زبان بڻجي ويندو آهيان.“ ٻي جاءِ تي فرمايو اٿن: من احب لقاء الله احب الله لقائہ و من ڪره لقاء الله ڪرہ الله لقائُہ (حديث) جنهن کي الله سان ملڻ جي خواهش هجي، الله اُن سان ملڻ چاهيندو آهي. جنهن کي الله سان ملڻ نه وڻندو آهي، الله به ساڻس ملڻ نه چاهيندو آهي. پيغمبر ﷺ جن هڪ ٻي جاءِ تي فرمايو آهي: اذا احب الله العبد قال لجبرئيل يا جبرئيل اني احب فلانا فا حبہ فيحبہ اهل الارض وفي البغض مثل ذالڪ. ”جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن کي دوست بڻائيندو آهي، ته جبرئيل کي چوندو آهي، ته مون فلاڻي کي دوست بڻايو آهي، تون به هن کي دوست بڻاءِ، پوءِ جبرئيل ان جو دوست بڻبو آهي، ۽ آسمان وارن کي چوندو آهي نه فلاڻو الله جو دوست آهي. اوهان به کيس دوست بڻايو ۽ آسمان وارا به هن کي دوست بڻائيندا آهن. پوءِ الله تعاليٰ ان ٻانهي کي زمين وارن ۾ مقبول بڻائيندو آهي. زمين وارا به هن سان محبت ڪندا آهن“ الله جي بغض جو مثال به اهڙيءَ طرح سمجهڻ گهرجي.

        الله تعاليٰ جي محبت ٻانهي لاءِ ۽ ٻانهي جي الله تعاليٰ لاءِ درست آهي. هن لاءِ (خدا جو) ڪتاب ۽ سنت شاهد آهن، ۽ ساري اُمت جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي، ته الله جون پاڪ ذات وصفون به آهن ان کي خدا جا ولي دوست رکندا آهن ۽ هو ولين کي دوست رکندو آهي.

چون ٿا، ته لغت جي لحاظ کان ”حب“، لفظ حبه مان نڪتو آهي. حبه ٻج جي ان داڻي کي چوندا آهن جيڪو بيابان ۾ پيو هجي. ماڻهن جي محبت لاءِ حب لفظ ٺاهيو ويو آهي. بيابان ۾ ڪريل ٻج ۾ حياتي جو اصل جزو موجود هوندو آهي. اهو ٻين ٻُوٽن (نباتات) جي ٻجن وانگر بيابان جي مٽيءَ ۾ پوريل هوندو آهي. بارش پوندي آهي. سج چمڪندو آهي. سردي ۽ گرمي هوندي آهي. مگر اهو (ٻج) سڀني تبديلين کان بي نياز رهندو آهي. جڏهن ان جي ڦُٽڻ جو وقت ايندو آهي. تڏهن ڦُٽي پوندو آهي ۽ وڌندو رهندو آهي. اهڙيءَ طرح محبت به دل ۾ جاءِ جوڙيندي آهي. حضور، غيب، مصيبت، محنت، راحت، لذت، جدائي ۽ ميلاپ مان ڪنهن به شيءِ سان منجهس تبديلي نه ٿي اچي. هن مفهوم کي ڪنهن شاعر هن طرح سان ادا ڪيو آهي:

يا من مقام جفونة لمقام عاشقت طبيب
حدث المودة فاستويٰ عندي حضور و المغيب

”تنهنجي بيمار چشم، عاشق جي بيمارين جو علاج آهي، تو دل ۾ محبت جو ٻج پوکيو، تنهنجو حضور ۽ غيب مون لاءِ هڪ جهڙو آهي“.

ڪي چوندا آهن، ته حب لفظ حبي مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ هڪ اهڙي کڏ آهي، جنهن ۾ پاڻي گهڻو هجي، ايترو جو نظر جي آڏو هجي ان مان اک ڪجهه به ڏسي نه سگهندي هجي. اهڙيءَ طرح جڏهن محبت دل ۾ اچي ان کي ڀري ڇڏيندي آهي، تڏهن ان ۾ محبوب کانسواءِ ڪنهن به شيءِ لاءِ جاءِ نه بچندي آهي. جڏهن الله تعاليٰ حضرت ابراهيم خليل الله کي پنهنجي محبت سان نوازيو، تڏهن هو فقط الله جي عبادت لاءِ دنيا کان ڌار ٿي ويو. سڄي دنيا وارا هن جي آڏو هڪ پردي جي شڪل اختيار ڪري ويا. هو انهيءَ پردي کان بيزار هو. الله تعاليٰ سندس حال ۽ مقام جو بيان هن طرح ڪيو آهي: فَانِهُم عَدُ الي الا رَبَ العَالَمين. ” بيشڪ! الله تعاليٰ کان سواءِ سڀ منهنجا دشمن آهن.“ هن باري ۾ حضرت شبلي فرمايو آهي: سميت المحبة محبة لاَنها تمحو من القلب ماسويٰ المحبوب. ”محبت جو نالو ان لاءِ محبت آهي جو هوءَ دل مان محبوب کانسواءِ هر شيءِ کي مٽائي ڇڏيندي آهي.“

        ڪي چوندا آهن، ته حب اصل ۾ ان گهڙامنجي کي چوندا آهن جنهن تي پاڻيءَ جا دل ۽ مٽ رکبا آهن. الله جي محبت کي حب ان ڪري سڏيندا آهن ته جو ڪجهه به الله جي طرفان هوندو آهي، مثلن عزت، ذلت، راحت، تڪليف، آفت، آرام، وفا ۽ جفا سڀني کي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. انهن مان ڪا به شيءِ بار نه بڻبي آهي. محبت جو اهو ئي مقصد آهي، جيئن گهڙامنجي پاڻيءَ دلن ۽ مٽن جو بار برداشت ڪندي آهي. محبت جي فطرت ئي اهڙي آهي، جو هوءَ دوست جي بار کي کڻي ۽ تڪليف محسوس نه ڪري، هن مضمون متعلق ڪنهن شعر چيو آهي:

ان شئت جودي و ان شئت فامتنعي
ڪلاهما منڪ منسوب اليٰ الڪرم

”اي منهنجا محبوب چاهين ته مون تي احسان ڪر، جي نه چاهين ته پنهنجا هٿ روڪي ڇڏ. تنهنجون ٻئي ڳالهيون ڪرم سان نسبت ٿيون رکن.“

        ڪن جو خيال آهي، ته حَب لفظ مان نڪتل آهي. اهو حبه جو جمع آهي، ان جو مطلب حَبه دل يا دل جو ڪارو نقطو آهي. دل هڪ لطيف مقام آهي. ان جو طبعي نظام لطافت آهي. محبت به ان مان وجود ۾ ايندي آهي. محبت کي ان جي جاءِ جو نالو ڏنو ويو، ڇو ته ان جي جاءِ دل جي ڪاراڻ هوندي آهي. عرب وارا گهڻو ڪري شين کي سندن محل ۽ مقام جي نالي سان سڏيندا آهن.

        ڪي چوندا آهن، ته محبت حباب الماء (پاڻيءَ جي ڦوٽي) مان نڪتل آهي، جيڪو تمام گهڻي بارش جي جوش ۾ ظاهر ٿيندو آهي. محبت جو نالو حب رکيو ويو. لانہ غليان القلب عبدالاشتياق اليٰ لقاء المحبوب. ”دوست جي دل دوست جي ديدار جي اشتياق ۾ هميشه پريشان رهندي آهي.“ جهڙيءَ طرح جسم روح لاءِ بيقرار هوندو آهي ۽ ان جو قيام ئي روح تي آهي. اهڙيءَ طرح دل محبت سان قائم آهي، ۽ محبت جو قيام محبوب جو ديدار ۽ ملاقات لاءِ آهي. انهيءَ مضمون متعلق هڪ شاعر جو شعر آهي:

اذا ما تمني الناس روحاً وراحةً
تمنيت ان القاڪ يا غُرة حاليا

        ”جڏهن دنيا سڪون ۽ راحت جي تلاش ۾ هوندي آهي، تڏهن مان چاهيندو آهيان،ته توسان مِلان، جيئن توکي منهنجي حال جي خبر پئجي وڃي.“ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي، ته حب لفظ هڪ اسم آهي، جيڪو محبت جي صفائيءَ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. عرب اک جي ماڻڪي کي ”حبة الانسان“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح قلب جي ڪاراڻ کي ” حبة القلب“ جي نالي سڏيندا آهن. دل جي ڪاراڻ محبت جو مقام آهي ۽ اک جي پتلي نظر جي جاءِ آهي. اهو ئي سبب آهي جو دل ۽ اک ٻيئي محبت ۾ هڪ جهڙا شريڪ آهن، انهيءَ مضمون تي به ڪنهن شعر چيو آهي:

القلب يحسد لذت النظر
والعين تحسد قلبي لذت الفڪر

”دل کي اک سان حسد آهي، جو هوءَ ديد جي لذت مان فائدو وٺندي آهي. اک کي دل سان حسد آهي، جو هوءَ محبوب جي تصور مان فائدو وٺندي آهي.“

(فصل)

        محبت جي لفظ کي عالمن ڪيترن ئي طريقن سان استعمال ڪيو آهي. نفس جي بيقراري، رغبت، خواهش، دلي آرزو ۽ اَنس سان گڏ ارادت کي به محبت جو نالو ڏيندا آهن، مگر انهن سڀني شين کي الله تعاليٰ سان ڪا به نسبت ناهي. اهي سڀ مخلوقات ۽ موجودات سان واسطو رکندڙ آهن. الله تعاليٰ جي پاڪ ذات انهن کان بي نياز ۽ مٿانهين آهي.

اهو لفظ احسان جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيو آهي، يعني ٻانهو جتي الله جي عنايتن سان نوازجي، مٿانهون درجو حاصل ڪندو آهي. تڏهن کيس ڪمال جي منزل عطا ٿيندي آهي ۽ هو نوازش مان فائدو وٺندو آهي.

ٽئين معنيٰ سهڻي (جميل) ثنا آهي. ڪلام (فلسفي) وارن جي هڪ جماعت جو چوڻ آهي ، ته الله جي محبت اسان لاءِ ٻڌڻ جي صفتن مان هڪ آهي. مُنهن، هٿ ۽ ويهڻ جي صفت (استويٰ) عقلي طور تي الله تعاليٰ لاءِ محال هجن ها، جيڪڏهن ڪتاب ۽ سنت ۾ سندن ذڪر نه هجي ها. اهو ئي سبب آهي جو اسان الله جي محبت کي ثابت ته ڪندا آهيون ۽ ان ۾ مبتلا به ٿيندا آهيون، مگر ان ۾ دخل ڏيڻ کان خاموش آهيون. جڏهن طريقت وارا محبت جو لفظ الله تعاليٰ لاءِ استعمال ڪندا آهن، ته سندن مراد اها نه هوندي آهي، جيڪا مٿي بيان ٿيل قولن ۾ آهي. مان ان جي حقيقت بيان ڪندس. انشاءَ الله العزيز.معلوم هئڻ گهرجي، ته الله جي محبت، انسان لاءِ سندس ڀلائيءَ جي ارادي ۽ مٿس رحمت ڪرڻ کي سڏيندا آهن. محبت ارادي جي نالن مان هڪ نالو آهي، جهڙيءَ طرح رضا، ناراضگي، رحمت ۽ مهرباني وغيره آهن. انهن کي فقط الله جي ارادي جي معنيٰ ۾ سمجهڻ گهرجي. الله جي ارادي جي صفت قديم آهي، جنهن سان سندس ڪم (افعال) ظاهر ٿيندا آهن. مبالغي ۽ فعل جي ظاهر ڪرڻ ۾، انهن مان ڪي صفتون ٻين صفتن کان وڌيڪ خصوصيت واريون آهن. مطلب ته الله تعاليٰ محبت سان ٻنهي کي وڌيڪ نعمتون عطا ڪندو آهي. دنيا ۽ آخرت جو ثواب ڏيندو آهي. عذاب کان بچائيندو آهي. گناهه کان پناهه ۾ رکندو آهي. مٿانهان مقام ۽ احوال عطا ڪندو آهي. باطن کي غير جي تصور کان پاڪ ڪندو آهي ۽ پنهنجي ازلي مهربانين سان فائدو پهچائيندو آهي، ته جيئن هو سڀني کان ناتا ٽوڙي، ان جي رضا لاءِ يگانو بڻجي وڃي، جڏهن الله تعاليٰ ڪنهن کي اهڙي طرح مخصوص ڪندو آهي، تڏهن اهڙي تخصيص (خاص هجڻ جي حالت) کي محبت سڏيندا آهن. اهو حارث محاسبي جنيد ۽ مشائخن جي هڪ وڏي جماعت جو مذهب آهي. مختلف فرقن، فقيهن ۽ گهڻن اهل سنت جي فلاسافرن (متڪلمين) جو به اهو ئي مسلڪ آهي.

        جيڪڏهن چيو وڃي، ته محبت جي معنيٰ ٻانهي جي نيڪ خصلت آهي ۽ ان جي تعريف بيان ڪرڻ سندس ڪم آهي، حالانڪه ان جو ڪلام قديم آهي. قديم کي حادثات سان ڪا به نسبت ڏئي نه سگهبي. جيڪڏهن چيو وڃي، ته محبت جي معنيٰ الله جو احسان آهي، ته يقين سان چئي سگهبو، ته احسان ان جو پنهنجو فعل آهي. اهي سمورا قول معنيٰ جي لحاظ کان هڪٻئي جي لڳ ڀڳ آهن.

        ٻانهي جي محبت الله تعاليٰ لاءِ هڪ صفت آهي، جيڪا فرمانبردار ۽ ايمان واري جي دل ۾ پيدا ٿيندي آهي. ان جي معنيٰ تنظيم ۽ ڪريم سان هوندي آهي، ايتري قدر جو هو محبوب جي رضا چاهيندو آهي ۽ سندس ديدار جي طلب ۾ بيقرار هوندو آهي. کيس ان کانسواءِ ڪنهن به شيءِ مان راحت نه ايندي آهي. ان کي ذڪر جي عادت پئجي ويندي آهي ۽ الله کانسواءِ ٻئي جي ذڪر کان بيزار رهندو آهي. هن لاءِ آرام محال ۽ راحت دور هوندي آهي. دنيا جي مطلب وارين ۽ وڻندڙ شين کان پري رهندو آهي. نفساني خواهش کان منهن موڙيندو آهي ۽ محبت جي سلطان آڏو سر جهڪائيندو آهي. ان جي پاڪ ذات کي صفتن جي ڪمال سان سڃاڻندو آهي. اهو ٺيڪ ناهي ته الله جي محبت اهڙي هجي جهڙي مخلوق کي هڪٻئي سان هوندي آهي. پاڻ ۾ مخلوق جي محبت محبوب کي قبضي ۾ آڻڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي تمنا هوندي آهي. اها جسمانت محبت آهي. الله تعاليٰ جا دوست سندس قرب لاءِ جان ڏيندا آهن. سندس ڪيفيت جا طالب نه هوندا آهن. دوست جو طالب دوستيءَ ۾ پنهنجڪو پاڻ ۾ قائم رهندو آهي ۽ هلاڪت جو طالب دوست جي نالي سان قائم هوندا آهي. الله جي محبن مان دوستيءِ جي وڏي ۾ وڏي مقام تي اهي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي جان قربان ڪندڙ ۽ غلبي ۾ آيل (مقهور) هوندا آهن. محدث (مخلوق) جو واسطو قديم (خالق) سان ان وقت تائين ٿي نه سگهندو آهي، جيستائين قديم (خالق) پنهنجي قهر (غلبي) جي وسيلي، (ٻانهي جي دل مان سموريون خواهشون ڪڍي) پنهنجي ذات ۾ فنا نه ڪندو آهي. جيڪو محبت جي حقيقت کان واقف هوندو آهي ان جي دل ۾ ڪو به مونجهارو نه رهندو آهي. محبت جون ٻه شيڪليون آهن: (1) جنس جي جنس سان محبت، هي نفس جو لاڙو ۽ ان جي تلاش آهي. مثلن محبوب جي جسم کي ڇهڻ ۽ تسڪين جي ذوق لاءِ هن کي چنبڙي پوڻ. غير جنس سان محبت جي تقاضا اها هوندي آهي ته محبوب جي ڪنهن صفت کي پنهنجو ڪيو وڃي. مثلاً لفظن کانسواءِ ڪلام ٻڌڻ يا اکين کانسواءِ ڏسڻ.

الله جا عاشق ٻن قسمن جا هوندا آهن: هڪڙا اهي جيڪي الله جا انعام ۽ احسان ڏسي، پنهنجي منعم (نعمت عطا ڪندڙ) ۽ محسن جي محبت جو دامن پڪڙيندا آهن. ٻيا اهي جيڪي سڀني انعامن کي دوستي جي غلبي واري حالت ۾ حجاب کان وڌيڪ اهميت نه ڏيندا آهن. هو انعامن سان منعم ڏانهن ڌيان ڏيندا آهن. پهرين جماعت کان ٻي جماعت جو مسلڪ مٿانهو آهي. الله بهتر ٿو ڄاڻي.

(فصل)

محبت هڪ ڄاتل سڃاتل لفظ آهي، جيڪو سڀني قومن ۽ زبانن ۾ موجود آهي. عقل وارن جي ڪا به جماعت ان کي لڪائي نه سگهندي، طريقت جي مشائخن مان حضرت سمنون المحب، الله جي محبت جي باري ۾ هڪ خاص مسلڪ رکندو هو. هن جو چوڻ آهي، ته محبت، الله جي رستي جو اصل ۽ بنياد آهي. حالتن (احوال) ۽ مقامن جي حيثيت منزلن واري آهي. هر منزل تي زوال ايندو آهي. فقط محبت تي ڪو زوال ڪو نه ايندو آهي. باقي مشائخ به ان ڳالهه تي متفق آهن. حضرت سمنون محبت کي هڪ عام ۽ صاف لفظ سمجهي، انکي لڪائي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. معنوي حيثيت رکي ڇڏيو آهي، ۽ الله جي محبت کي صوفي سڏيائين. هڪڙي ٻي جماعت حبيب جي اختيار جي ثابتي ۽ محب جي اختيار ترڪ کي ”فقر“ ۽ محب کي فقير جو نالو ڏنو آهي، ڇو ته محبت هڪ ادنيٰ درجو، هر حالت ۾ حبيب جي موافقت آهي. هر صورت ۾ موافقت مخالفت کان جدا هوندي آهي. مون ڪتاب جي منڍ ۾ فقر ۽ صفوت جو حال کولي بيان ڪيو ويو آهي. هن متعلق انهيءَ وڏي پير جو قول آهي: الحب عندالزهاد اظهر من الاجتهاد. ”محبت زاهدن وٽ اجتهاد کان وڏي حيثيت رکندي آهي. (الحب عبداالتابئين اوجد من انين وحنين). توبهه وارن لاءِ محبت روڄ راڙي کان آسان آهي. وعند الاتراڪ استهر من الفتراڪ. ”محبت تُرڪن لاءِ سواري جي وسيلي (فتراڪ) کان وڌيڪ فائدي واري آهي. وَسَبي الحب عند النهود ازهر من سبي محمود. ”محبت جي غلامي هندن لاءِ محمود جي غلامي کان بهتر آهي.“ وقصة الحب والحبيب عند الروم المشهر من الصليب. ”روم وارن لاءِ محبت ۽ محبوب جو قصو صليب کان مشهور آهي.“ وقصة الحب في العرب ادبُ في ڪل حي منہ طرف و ويل و حزن. ”عرب جي هر قبيلي جو ادب محبت جو قصو آهي. جيڪو خوشي، رنج، افسوس، جنگ ۽ غم کان پيارو آهي.“ ان جو مقصد اهو آهي، ته انساني معاشري ۾ ڪير به اهڙو ناهي، جنهن کي غيب کان اهو جوهر(محبت) عطا نه ٿيو هجي، جنهن کي دل ۾ محبت جو حوصلو يا فرحت نه هجي، جيڪو محبت جي شراب سان سرشار نه هجي يا ان جي قهر جو نشو نه رکندو هجي. دل فطري (طبعي) طور تي بيقرار ۽ پريشان هوندي آهي. محبت جي آڏو سمورا سمنڊ (بيابان) وانگر آهي، محبت اهڙي خوراڪ آهي، جنهن تي انسان جي زندگيءَ جو مدار آهي. جيڪا دل محبت کان خالي آهي، سا بيڪار آهي. ڪوشش سان محبت حاصل ڪري نه ٿي سگهجي، ۽ ڪوشش سان محبت کي پاڻ کان پري ڪري نٿو سگهجي. نفس کي انهن ڳالهين جو پتو ناهي، جيڪي دل ۾ ظاهر ٿينديون آهن.

حضرت عمر بن عثمان مڪي پنهنجي ڪتاب "محبت" ۾ لکي ٿو ته: "الله تعاليٰ دلين کي جسمن کان ست هزار سال اڳ پيدا ڪيو ۽ ويجهڙائي (قرب) جي مقام ۾ رکيو. روحن کي دلين کان ست هزار سال اڳ ۾ پيدا ڪيائين، ۽ انس (پيار) جي مقام تي رکيائين. باطن کي روحن کان ست هزار سال اڳ ۾ پيدا ڪيائين ۽ وصل جي مقام تي رکيائين. ڏهاڙي ٽي سئو سٺ دفعا پنهنجي ظاهري جمال (سونهن) جو جلوو باطن تي ڪيائين. ٽي سئو سٺ دفعا پنهنجي عنايت ڪري، روحن کي محبت جو ڪلمو ٻڌايائين. ٽي سئو سٺ دفعا دلين تي لطيفن جي نوازش ڪيائين. سڀني جڏهن ڪائنات جي حالت تي نظر ڪئي تڏهن ڪنهن کي به پاڻ کان وڌيڪ نه سمجهيائون. فخر ۽ غرور ظاهر ٿيا. ان ڪري الله تعاليٰ کين آزمائش ۾ وڌو. باطن کي جان ۾، جان کي دل ۾، دل کي جسم ۾ قيد ڪري ڇڏيائين، پوءِ انهن ۾ عقل کي به سمائي ڇڏيائين. پوءِ نبين جي وسيلي پنهنجا حڪم ڏنائين. اهڙيءَ طرح هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي مقام جي تلاش ڪئي. نماز جو حڪم ٿيو، ته جسم نماز ۾ مشغول ٿي ويو. دل محبت سان سرشار ٿي وئي. جان الله جي قرب جي تلاش ڪئي. باطن الله جي ميلاپ ۾ تسڪين جو طالب ٿيو. مطلب ته محبت جو مضمون لطيف لفظن ۽ بيان ۾ سمائجي نه ٿو سگهي. محبت حال آهي ۽ حال، قال جي دائري کان ٻاهر هوندو آهي. جيڪڏهن ساري ڪائنات چاهي، ته زور سان محبت حاصل ٿئي، ته حاصل نه ٿي سگهندي. جيڪڏهن ان کي ڪو زور سان دور ڪرڻ چاهيندو، تڏهن به دور ڪري نه سگهندو. محبت خدائي انعام آهي، ۽ محنت (اڪتساب) سان حاصل ٿي نه سگهندي آهي. اها  محبت وارن کان زور سان کسي نه سگهبي آهي. محبت الله جي عطا هوندي آهي. انسان راند روند ۾ وندرجي ويندو آهي. محبت الاهي جذبن جو مرڪز آهي. راند روند سان الاهي جلون مان فائدو وٺي نه سگهبو آهي.

(فصل)

        طريقت جي مشائخن جا عشق جي باري ۾ به گهڻائي قول آهن. هڪ جماعت خدا لاءِ ٻانهي جي محبت کي جائز سمجهندي آهي، مگر خدا جي محبت ٻانهي لاءِ روا نه سمجهندي آهي. انهن جي خيال ۾ عشق محبوب کان رڪاوٽ جي صفت آهي. ٻانهي کي الله تعاليٰ سان ملڻ ۾ رڪاوٽ ٿي سگهي ٿي. الله تعاليٰ لاءِ ڪا به رڪاوٽ ناهي. تنهنڪري ٻانهو الله تعاليٰ سان عشق ڪري سگهندو آهي ۽ الله تعاليٰ ٻانهي سان عشق نه ڪندو آهي.

هڪ ٻي جماعت جو خيال آهي، ته عشق روان ناهي، ڇو ته اصل ۾ حد ٽپڻ جو نالو آهي ۽ الله تعاليٰ جي ڪا به حد ڪانهي.

آخري مشائخن جو خيال آهي، ته عشق ٻنهي جهانن ۾ صرف ان لاءِ روا ٿي سگهي ٿو، ته الله جي ذات جي ڄاڻ جي طلب رکجي. الله جي ذات جي ڄاڻ (ادراڪ) امڪان کان ٻاهر آهي. تنهنڪري الله جي ذات سان محبت فقط ٻڌڻ سان نه ٿي سگهندي آهي. عشق جو واسطو نظر سان هوندو آهي، تنهنڪري الله جي ذات سان عشق ٿي نه سگهندو. کيس ڪنهن به نه ڏٺو آهي. هن جي باري ۾ فقط ٻڌو ويو آهي، تنهنڪري سڀني دعويٰ شروع ڪري ڏني آهي، ڇو ته سڀني کي گفتگو جي اجازت آهي. الله جي ذات محسوس به ٿي نه سگهندي آهي ۽ عقل جي دائري کان ٻاهر آهي، تنهنڪري عشق جو سوال ئي پيدا ٿي نه ٿو سگهي. الله تعاليٰ پنهنجي ڪمن ۽ صفتن سان پنهنجن دوستن (ولين) تي احسان ۽ رحمت ڪندو آهي. هن جي صفتن سان محبت ڪرڻ ٺيڪ آهي. جڏهن حضرت يعقوب عليه السلام (پنهنجي پٽ) يوسف عليه السلام جي پيار کان جدائيءَ جي مصيبت ۾ مبتلا هو، تڏهن حضرت يوسف عليه السلام جي پهراڻ جي خوشبوءِ سان سندس اکين جو نور واپس اچي ويو هو. حضرت زليخا رضه حضرت يوسف عليه السلام جي عشق ۾ فنا هئي. جيستائين کيس وصال (ميلاپ) جي دولت عطا نه ٿي، تيستائين سندس اکيون روشن نه ٿيون. اهو هڪ عجيب طريقو آهي. جو هڪڙا لوڀ لالچ ۾ گرفتار ۽ ٻيا دست بردار آهن.

 

        هيءُ به چيو ويو آهي، ته الله جي ذات ۾ ڪا به ڪمي (تناقص) ڪانهي، ۽ عشق ۾ به ڪمي کان پاڪ هوندو آهي، تنهنڪري الله جي ذات سان (عشق) روا هئڻ گهرجي. هن متعلق گهڻيون ئي لطيف ڳالهيون آهن، مگر ڪتاب جي ڊيگهه جي خوف کان ايترو بيان ڪافي ٿو سمجهان. الله بهتر ڄاڻي ٿو.

(فصل)

        محبت جي حقيقت جي باري ۾ وڏن مشائخن جون بيان ڪيل رمزون ايتريون آهن، جيڪي سڀ بيان ڪري نٿيون سگهجن. انهن قولن مان ڪجهه ٽڪرا بيان ڪريان ٿو، جيئن اُهي الله تعاليٰ وٽ منظور ٿين ۽ برڪت جو سبب بڻجن.

Text Box: 516
514
512
510
508
506
504
502
500
498
496
494
492
490
488
486
484
482
480
478
476
474
472
470
468
466
464
462
460
458
456
454
452
450
448
446
444
442
440
438
436
433
431
429
427
425
423
421
419
417
415
413
411
409
407
405
403
401
399
397
395
393
391
389
 
386
384
382
380
378
376
374
372
370
368
366
364
362
360
358
356
354
352
350
348
346
344
342
340
338
336
334
332
330
328
326
324
322
320
318
 
314
312
310
308
306
304
302
300
298
296
294
292
290
288
286
284
282
280
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
 
257
255
253
251
249
247
245
243
239
237
235
233
231
229
227
225
223
221
219
217
215
213
211
209
207
205
203
201
199
197
195
193
191
189
187
185
183
181
179
177
175
173
171
169
167
165
163
161
159
157
155
153
151
149
147
145
143
141
139
137
135
133
131
129
127
125
123
121
119
117
115
113
111
109
107
105
103
 
100
98
96
94
92
90
88
86
84
82
80
78
76
74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

 

استاد ابوالقاسم قشيري فرمائي ٿو: المحبت محو المحب بصفاتہ و اثبات المحبوب بذاتہ، ” محبت، محبت ڪرڻ وارن جي صفتن جو ميٽجڻ ۽ محبوب جي ذات جو ثابت ٿيڻ آهي“. يعني محبت اها آهي، جو محب پنهنجي سڀني وصفن کي محبوب جي طلب ۾ ان جي ذات جي اثبات لاءِ فنا (نفي) ڪري ڇڏي. محبوب باقي ۽ محبت ڪرڻ وارو فاني آهي. اهو ضروري آهي، ته محبت ڪرڻ وارو دوستيءَ جي غيرت جو لحاظ رکندي، محبوب جي بقا ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي نفي ڪري، جيئن کيس مڪمل ولايت حاصل ٿئي، محبوب جي ذات جو اثبات محبت ڪرڻ وارن جي صفتن جي فنا ٿيڻ سان واسطو رکندو آهي. اهو ٿي نه ٿو سگهي ته محبت ڪرڻ وارو پنهنجي صفتن ۾ قائم رهي، ڇو ته جيڪڏهن پنهنجي صفتن سان قائم هوندو، ته ڄڻ محبوب جي جمال کان بيزار هوندو، هو سمجهندو آهي، ته محبوب جو جمال ئي سندس زندگي آهي، تنهنڪري هو پنهنجي صفتن جي نفي جو طالب رهندو آهي، ڇو ته پنهنجي صفتن جي موجودگيءَ ۾ هو پنهنجي محبوب کان محجوب هوندو آهي، الله جي محبت ۾ هو پنهنجو دشمن هوندو آهي. جڏهن حسين بن منصور کي ڦاهي تي لڙڪايو ويو، تڏهن سندس آخري لفظ هي هئا: حب الواجد افراد الواحد“ حال جي صاحب جي منزل الله کي هڪ (واحد) سمجهڻ آهي.“ (هڪ جي دوستي کي يگانو مڃڻ آهي). محبت ڪرڻ واري لاءِ اهو ڪافي ته هو محبت جي راهه ۾ مِٽجي (فنا ٿي) وڃي، ۽ پنهنجي حال ۾ نفس جي غلبي کان محفوظ ٿي وڃي.

 

        حضرت بايزيد بسطامي فرمائي ٿو: المحبت استقلال الڪثير من نفسڪ و استڪثا القليل من حبيبڪ. ”محبت اها آهي، ته پنهنجي گهڻي کي ٿورو ۽ محبوب جي ٿوري کي تمام گهڻو ڄاتو وڃي“. اهو معاملو الله سان آهي. هن دنيا جي نعمتن کي ٿورو سڏيو آهي ۽ چيو آهي: قل متاع الدنيا قليلَ . (اي پيغمبر ﷺ) چئو ته دنيا جو مال متاع ٿورو آهي“ پوءِ ٿوري عمر، ٿوري جاءِ تي ٿوري سامان هئڻ جي باوجود ٻانهن جي ذڪر ڪرڻ کي گهڻو سڏيو ويو آهي. خدا جو فرمان آهي: والذين اڪرين الله ڪثيرا وَالذاڪرات ” عورتون ۽ مرد خدا جو گهڻو ذڪر ڪندڙ آهن“ جيئن خدا جي مخلوق ڄاڻي، ته حقيقت ۾ هڪڙو خدا جو دوست آهي، اها صفت مخلوق لاءِ روا ناهي. الله وٽان جو به پهچي ٿو، ان ۾ ڪا به شيءِ ٿوري نه آهي. انسان جي طرف جو ڪجهه به آهي. سو ٿورو آهي.

        حضرت شيخ ابو سهل بن عبدالله تستري فرمائي ٿو: المحبت معانقة الطاعات و مباينت. ” محبت هي آهي، ته محبوب جي فرمانبرداري سان همڪنار رهجي ۽ سندس مخالفتن کان بچندو رهجي“. جيڪڏهن دل ۾ محبت زياده هوندي، ته محبوب جي فرمانبرداري آسان ٿي پوندي. اها ڳالهه بيدينن (ملحدن) جي ان جماعت جي ترديد ٿي ڪري، جيڪي سمجهن ٿا، ته ٻانهو محبت ۾ ان مقام تي پهچي ويندو آهي، جتي عبادت جي ضرورت نه رهندي آهي. اها سراسر بيديني آهي، ڇو ته جيڪڏهن عقل ٺيڪ طرح سان ڪم ڪندو ته شرعي تڪليف دور نه ٿيندي. سڄي اُمت جو انهيءَ ڳالهه تي اتفاق(اجماع) آهي ته پيغمبر ﷺ جن جي شرعيت ڪڏهن به رَد (منسوخ) ٿي نه سگهندي. جيڪڏهن عقل ۽ صحت جي هوندي، ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ لاءِ رد سمجهي ويندي ته سڀني لاءِ ساڳئي نموني سان رد ٿي سگهندي. اها بلڪل بيديني جي ڳالهه (زندقه) آهي. عقل کان خالي ۽ ديواني جي ٻي ڳالهه آهي ۽ انهن لاءِ عذر به موجود آهي. اهو ٺيڪ آهي ته الله تعاليٰ ڪنهن ٻانهي کي دوستيءَ جو مقام عطا ڪري، جتي طاعت جي تڪليف جو احساس ختم ٿي وڃي. ڪنهن به ڳالهه جي تڪليف محبت جي مقدار موجب هوندي آهي. محبت جيتري زياده هوندي، اوتري ئي طاعت جي تڪليف سهڻ آسان بڻبي. اها ڳالهه پيغمبر ﷺ جن جي احوال مان ظاهر ٿئي ٿي. جڏهن الله تعاليٰ سندن قسم کڻي ”لعمرڪ“ چيو تڏهن ايتري عبادت ڪيائون جو سندن پيرن تي ورم اچي ويا (پير سڄي پيا). الله تعاليٰ فرمايو: ظَہٰ مان انزلنا عليڪ القرآن لِشقيٰ. ”اي محبوب! اسان قرآن ان لاءِ نازل نه ڪيو آهي، ته اوهان تڪليف ۾ پهچي وڃو. ”اهو به ممڪن آهي، ته حڪم ادا ڪندي، حڪم جو تصور ئي نه رهي. پيغمبر جن فرمايو آهي: انہ ليغان عليٰ قلبي و اني لاستغفر الله في ڪل يوم سبعين مرة. ”منهنجي دل تي پردو وڌو ويو آهي ۽ مان ڏهاڙي ستر دفعا استغفار ڪندو آهيان“. حضور ﷺ جن جي نظر پنهنجي فعل ۽ پنهنجي ذات تي نه هئي، يعني پاڻ بندگي جي غرور کان آزاد هئا. هنن جي آڏو هميشه خدا جي حڪمن جي عزت هئي، ۽ فرمائيندا هئا: ”مان بندگيءَ جو حق ادا ڪري نه سگهيو آهيان“.

        حضرت سمنون محب فرمايو آهي: ذهب المحبون الله بشرف الدنيا والاخرة لان النبي صلي الله عليه وسلم قال قلمرء مع من احب. ”الله جا دوست ٻنهي جهانن جي بزرگي جا حقدار آهن، ڇو ته حضور ﷺ جن فرمايو آهي ته قيامت جي ڏينهن هر ماڻهو ان سان هوندو جنهن کي هو چاهيندو آهي. ”الله جا دوست ۽ آخرت ۾ الله سان گڏ آهن، ۽ جيڪي الله تعاليٰ سان گڏ آهن، انهن کي ڪو به نقصان ڪونهي، دنيا جو شرف ان ۾ آهي ته الله تعاليٰ کي گڏ رکي ۽ آخرت جو شرف به اهو آهي ته هو الله تعاليٰ سان گڏ هجن.

 

        حضرت يحييٰ بن معاذ رحه فرمائي ٿو: حقيقة المحبة مالا ينقص باالجفاء ولا يزيد بالبر و العطاء. ”محبت جي حقيقت هي آهي، ته هو نه جفا سان گهٽ ٿيندي آهي ۽ نه وري عطا سان زياده ٿيندي آهي.“ ڇو ته اهي ٻيئي پاسا محبت جا سبب آهن ۽ سبب اصلي شيءِ هوندي به ڪجهه نه هوندا آهن. دوست کان پهتل مصيبت دوست لاءِ خوشيءَ جو سبب هوندي آهي. محبت جي رستي ۾ وفا ۽ جفا ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي، محبت حاصل ٿيندي آهي، ته جفا وفا بڻبي آهي ۽ وفا جفا ٿيندي آهي.

        مشهور آهي، ته حضرت شبلي کي چريائي جي تهمت هڻي شفا خاني ۾ داخل ڪيو ويو هو، ڪجهه ماڻهو سندس زيارت لاءِ آيا. کين چيائين: ”اوهان ڪير آهيو؟“ ماڻهن چيو: ”توهان جا دوست.“ کين پٿر هڻڻ شروع ڪيائين، ته سڀ ڀڄي ويا، فرمايائين: ”جيڪڏهن دوست هجو ها ته ڀڄي نه وڃو ها، منهنجي زيادتي تي صبر ڪريو ها.“ دوست ڪڏهن به دوست جي ڏنل تڪليف کان ڀڄي نه ويندو آهي. هن موضوع تي گهڻيون ئي ڳالهيون آهن. مان ايترو لکڻ ڪافي ٿو سمجهان.

 

الله بهتر ڄاڻندڙ آهي.

(پنجين ڪشف جو کُلڻ – زڪواة)

Text Box: 520
518
516
514
512
510
508
506
504
502
500
498
496
494
492
490
488
486
484
482
480
478
476
474
472
470
468
466
464
462
460
458
456
454
452
450
448
446
444
442
440
438
436
433
431
429
427
425
423
421
419
417
415
413
411
409
407
405
403
401
399
397
395
393
391
389
 
386
384
382
380
378
376
374
372
370
368
366
364
362
360
358
356
354
352
350
348
346
344
342
340
338
336
334
332
330
328
326
324
322
320
318
316
314
312
310
308
306
304
302
300
298
296
294
292
290
288
286
284
282
280
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
 
257
255
253
251
249
247
245
243
239
237
235
233
231
229
227
225
223
221
219
217
215
213
211
209
207
205
203
201
199
197
195
193
191
189
187
185
183
181
179
177
175
173
171
169
167
165
163
161
159
157
155
153
151
149
147
145
143
141
139
137
135
133
131
129
127
125
123
121
119
117
115
113
111
109
107
105
103
 
100
98
96
94
92
90
88
86
84
82
80
78
76
74
72
70
68
66
64
 
61
59
57
55
53
51
49
47
41
38
36
34
32
30
28
26
24
22
20
18
16
14
12
10
8
6
2

 

        الله تعاليٰ فرمايو آهي: اقيموا الصلواة و آتوا الزڪواة. ” نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ادا ڪيو“ . هن باري ۾ گهڻيون ئي آيتون ۽ حديثون آهن. زڪوات اسلام جي فرضن ۽ رڪنن ۾ شامل آهن. جنهن تي واجب آهي، ان کي ادا ڪرڻي آهي. ان کان انڪار ڪرڻ جائز ناهي. زڪوات نصاب جي صاحبن تي واجب هوندي آهي يعني جنهن وٽ ٻه سئو درهم هجن ۽ هڪ سال گذري وڃي ۽ انهن جي خرچ ڪرڻ جي ضرورت نه پوي، ته انهن مان پنج درهم زڪوات ۾ ڏيڻ واجب آهي. ( ٻه سئو درهم ڪامل نصاب آهي). سون جا ويهه دينار به ڪامل نصاب ۾ اچن ٿا. انهن مان اڌ دينار زڪوات ۾ ڏيڻ واجب آهي. پنجن اُٺن تي هڪ رڍ يا ٻڪري ڏيڻي پوندي. باقي ٻئي مال تي به اهڙي طرح زڪوات واجب آهي. ياد رکڻ گهرجي ته مرتبي تي به مال وانگر زڪوات واجب هوندي آهي، ڇو ته مرتبو به هڪ پوري نعمت هوندو آهي. پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي: ان الله تعاليٰ فرض عليڪم زڪواة جاهه ڪم ڪما فرض عليڪم زڪواة مالڪم. ”الله تعاليٰ تي مرتبي (جاهه) جي زڪوات به اهڙيءَ طرح فرض ڪئي آهي جهڙي طرح اوهان جي مال تي زڪوات فرض آهي.“ ٻي جاءِ تي فرمايو اٿن: ان لڪل شيءِ زڪواة و زڪواة الداربيت الضافة. ”يقين سان هر شيءِ تي زڪوات آهي ۽ گهر جي زڪوات مهمان رهائي، ان جي خدمت ڪرڻ آهي. ” حقيقت ۾ زڪوات نعمتن جو شڪرانو آهي. تندرستي وڏي نعمت آهي. هر عضوي جي زڪوات هوندي آهي. ان جي صورت ۾ هيءُ آهي ته پنهنجن سمورن عضون کي عبادت ۾ مشغول رکجي ۽ راند روند لاءِ وقف ڪري نه ڇڏجي. خدا جي نعمت جو حق ادا ڪرڻ گهرجي. باطني نعمتن تي به زڪوات آهي. سڀني شين جي حقيقت بيان ٿي نه سگهندي. جيڪا به شيءِ گهڻي هجي، ان جي گهڻائيءَ موجب زڪوات واجب ٿيندي. حقيقت ۾ زڪوات ظاهري ۽ باطني نعمتن جي معرفت آهي. ٻانهو جڏهن محسوس ڪندو آهي، ته الله تعاليٰ جي بيشمار نعمتون آهن، تڏهن هو نعمتن جو شڪرانو حساب کانسواءِ ڪندو آهي. بي حساب نعمتن جو شڪرانو به بي حساب نعمت سمجهڻ گهرجي.

        صوفين لاءِ دنيا جي مال جي زڪوات وڏي ڳالهه نه هوندي آهي، ماڻهوءَ لاءِ ڪنجوسائپ هڪ خراب ڳالهه آهي. ٻه سئو درهم سال ۾ بچائي، پنهنجي ملڪيت کي سال لاءِ بچائي رکڻ به ڪنجوسي آهي، ۽ ان کانپوءِ فقط پنج درهم زڪوات ڏيڻ ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڪرم ڪندڙ ماڻهو مال ورهائيندا آهن، ۽ سخاوت ڪندا رهندا آهن. انهن تي زڪوات واجب ئي نه ٿيندي آهي.

        چون ٿا، ته هڪ دفعي ڪنهن عالم آزمائش طور حضرت شبلي کان زڪوات جي باري ۾ هڪ مسئلو پڇيو. هن جواب ڏنو: ” جڏهن ڪنجوسائپ موجود ۽ مال حاصل آهي، تڏهن ٻن سون درهمن ۽ ويهن دينارن مان اڌ دينار زڪوات ۾ ڏيڻ واجب آهي. اهو تنهنجي مذهب موجب آهي. منهنجي مذهب ۾ ڪا به ملڪيت بڻائڻ جائز ناهي، ۽ زڪوات جي معاملي ۾ آزاد رهڻو آهي.“ اهو ٻڌي انهيءَ عالم پڇيو: ”هن مسئلي ۾ اوهان جو امام ڪير آهي؟“ جواب ڏنائين: ”حضرت ابوبڪر، هنن وٽ جو ڪجهه هو، اهو الله جي راهه ۾ ڏئي ڇڏيائون“. جڏهن پيغمبر ﷺ جن پڇيو: ”پنهنجي اهل عيال لاءِ ڇا ڇڏي آئين؟" عرض ڪيائون: الله ۽ ان جو رسول."

        امير المومنين حضرت علي ڪرم الله وجہ فاستويٰ عندي حضور و المغيبيلاپ مان ڪنهن به شيءِ سان منجهس تبديلي نه ٿي اچي.  جا ولي دوست رکندا آهن ۽بڻاءِ، پوءِ نه چاهيندو آهيالقبلقاداداد پنهنجي قصيدي شعر ۾ چيو آهي:

فما وجبت علي زڪواة مال
وهل تجت الزڪواة عليٰ جواد

        " مون تي مال جي زڪوات واجب ناهي، ڇا سخيءَ تي زڪوات واجب هوندي آهي؟" ڪرم ڪندڙ جو مال خرچ ٿيڻ لاءِ هوندو آهي ۽ انهن جو خون به معاف هوندو آهي. هو نه ته مال ۾ ڪنجوسائپ ڪندا آهن ۽ نه وري خون تي جهڳڙو ڪندا آهن. هنن وٽ ملڪيت ئي نه رهندي آهي. جيڪڏهن ڪو جهالت کان چوي ته مون وٽ مال ڪونهي، تنهنڪري زڪوات جي مسئلن کان واقف ٿيڻ جي ضرورت ئي ناهي، ته اها سندس غلطي ٿيندي. علم حاصل ڪرڻ هر مومن تي فرض آهي، علم کان منهن موڙڻ ڪفر آهي. اڄڪلهه جي خرابين ۾ هر شيءِ به شامل آهي، ته نيڪي ۽ درويشي جي دعوا ڪندڙ پنهنجي جهالت جي ڪري علم کان پري رهندا آهن. هڪ موقعي تي مان سيکڙاٽ صوفين جي جماعت کي فقهه پڙهائي رهيو هئس ته هڪ جاهل ماڻهو اچي ويو. ان وقت اُٺن جي زڪوات جا مسئلا بيان ٿي رهيا هئا. اُٺ جي ٽن، ٻن ۽ چئن سالن جي گؤنرن جو ذڪر ٿي رهيو هو. اهو جاهل تنگ ٿي پيو، ۽ اُٿي چوڻ لڳو: ”مون وٽ هڪ اُٺ به ڪونهي. مون کي ٽن سالن جي گؤنري وغيره جي زڪوات متعلق سمجهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ کيس سمجهايم : اي ڀلا ماڻهو! جيتري علم جي زڪوات ڏيڻ لاءِ ضرورت آهي. اوتري زڪوات وٺڻ لاءِ به هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تو کي ٽن سالن جو گؤنرو (اُٺ جو ٻچو) ڏئي، ته توکي ٽن سالن جي گؤنري متعلق علم به هئڻ گهرجي“. جيڪڏهن ڪنهن وٽ مال نه هجي، ۽ کيس مال جي ضرورت به نه هجي، تڏهن به ان تان علم حاصل ڪرڻ جو فرض لهي نٿو وڃي. جهالت کان الله جي پناهه وٺڻ گهرجي.

(فصل)

        صوفي مشائخن مان ڪِن زڪوات ورتي آهي، ۽ ڪن نه ورتي آهي. جن پنهنجو پاڻ درويشي (فقر) اختيار ڪئي هئي، تن زڪوات نه ورتي، انهن اهو خيال ڪيو، ته ” اسان نه مال گڏ ڪنداسون ۽ نه زڪوات ڏينداسون. اسان دنيا وارن کان Text Box: 523
 ڪجهه به نه وٺنداسون، ته جيئن هنن جو منهن مٿي ۽ اسان جو هيٺ ٿئي، جيڪي مجبوري کان مسڪيني جي ڪري درويش ٿيا، انهن زڪوات ورتي ۽ اها به پنهنجي ضرورت لاءِ نه پر مسلمان ڀائرن تان زڪوات وسيلي بار هلڪي ڪرڻ لاءِ ورتائون. اهڙي نيت جي ڪري ڏيڻ وارن جو نه، پر هنن (وٺڻ وارن) جو منهن مٿي ٿيو. جيڪڏهن ڏيڻ وارا مٿي ٿين ها، ته اها صورت باطل (ناحق) هجي ها. الله تعاليٰ جي قول موجب: ويا خذ الصدقات. “اهو صدقا وٺندو آهي”. اهڙيءَ طرح لازم ٿئي ها، ته زڪوات ڏيڻ وارو زڪوات وٺڻ واري کان افضل هجي ها. اهو عقيدو پڪي گمراهي وارو آهي. مُنهن ان جو مٿي هئڻ گهرجي، جيڪو واجب ادا ڪرڻ لاءِ مسلمان ڀاءُ جي ڪلهن تان بار هلڪو ڪري، درويش (فقير) دنيادار نه هوندا آهن. انهن جي نظر آخرت تي هوندي آهي. جيڪڏهن آخرت تي نظر رکڻ وارا دنيا وارن جي ڪُلهن تان بار نه لاهيندا، ته قيامت جي ڏينهن انهيءَ ڪوتاهي جي ڪري جوابدار ٿيندا. الله تعاليٰ آخرت وارن جو مناسب ۽ آسان نموني سان امتحان ورتو آهي، ته جيئن انهن جي وسيلي دنيا وارا پنهنجو بار لاهي سگهن. يقين سان مڃڻو پوندو ، ته انهن درويشن جو منهن مٿي هوندو آهي، جيڪي شرعيت جي حڪمن موجب انهن ماڻهن کان حق وٺندا آهن، جن تي الله تعاليٰ جو حق واجب هوندو آهي. جيڪڏهن حشويه طريقي وارن جي عقيدي موجب، زڪوات وٺڻ وارن جو ڪنڌ هيٺ هجي ها، ته پيغمبر جو ڪنڌ به هيٺ هجي ها، ڇو ته هو ٻانهن کان الله تعاليٰ جو حق وصول ڪندا آهن، ۽ شرعيت جي شرطن موجب صحيح استعمال ڪندا آهن. ظاهر آهي ته اهڙا ماڻهو غلطي تي آهن، ۽ نٿا ڄاڻن ته پيغمبر، الله تعاليٰ جي حڪم موجب زڪوات وٺندا آهن، پيغمبرن کان پوءِ دين جا امام به انهيءَ طريقي موجب عمل ڪندا رهيا آهن، جيڪي زڪوات وٺڻ واري جي منهن کي هيٺ ۽ زڪوات ڏيڻ واري جي منهن کي مٿي سمجهندا آهن. اهي وڏي غلطيءَ ۾ مبتلا هوندا آهن. انهن ڳالهين کي تصوف ۾ هڪ بنيادي حيثيت حاصل آهي. هن مضمون سان سخا جو قريبي تعلق آهي، تنهنڪري سخا جي باري ۾ ڪجهه بيان ڪندس توفيق ۽ پاڪائي الله جي طرف کان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com