سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: جهرڻا

باب: --

صفحو :2

 

وڃايل رتن

 

 نديءَ جي هڪ جهوني ۽ ڀڳل گهاٽ لڳ اسانجي ٻيڙي ٻڌل هئي؛ سج لهي چڪو هو.

ٻيڙيءَ جي ڇت تي مانجهي نماز پڙهي رهيا هوا. اولهه جي لعل آڪاس جي چمڪ ۾ سندن ماٺيڻي نماز کڻ کڻ ۾ تصوير جيان چٽجندي پئي ويئي. نديءَ جي سانتيڪي سطح تي، لعل شفق جا بي انداز رنگين ڪرڻا، ڏسندي ڏسندي هلڪي مان گهاٽا، گهاٽي مان سونهري ۽ سونهريءُ مان فولادي بڻجي انيڪ رنگن ۾ بدلجي ۽ سمائجي رهيا هئَا.

ڀڳل درين، اجڙيل ايوان ۽ ٻڍي مڪان جي سامهون، مان انهيءَ تڏين جي جهنڪار ڀري سنجها جو بڙ جي پاڙن سان ڦاٽل گهاٽ جي ڏاڪن تي اڪيلو ويٺو هوس. منهنجي اکين جون سڪل پلڪون ڀڄڻ تي هيون ته ايتري ۾ مون ٻڌو ”توهين ڪٿان اچي رهيا آهيو؟“ مان ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڇرڪي ويس!

مون مٿي نهاريو. سامهون هڪ ماڻهو بيٺو هو. هو اڌ بکايل ۽ بدنصيب ٿي لڳو. سندس چهرو لٿل هو، جيئَن اسانجي گهڻن ديش واسين جو هوندو آهي. جي پنهنجي ديس کان دور، پرديس ۾ نوڪريءَ ۾ هوندا آهن. هن کي آسامي سلڪ جو سڻڀو چيڙهه ٿيل ڪوٽ پيل هو؛ ڪوٽ جا ٻيڙا کليل هئَا. هو ڄڻ هينئَر پنهنجي ڏينهن جي ڪرت تان لهي آيل ٿي لڳو. ۽ هن وقت جڏهين کيس شام جي روٽي کائڻ کپندي هئي تڏهين هو نديءَ جو ڪنارو وٺي سنجها جي هوا کائڻ آيو هو.

هو منهنجي ڀرسان ڏاڪي تي اچي ويٺو. مون سندس سوال جي جواب ۾ وراڻيو – ”مان رانچيءَ کان آيو آهيان.“

”ڪهڙو ڌنڌو ڪندا آهيو؟“

”واپار“

”ڪهڙو؟“

”عمارتي ڪاٺ ۽ ريشمي ڪپڙن جو“

”نالو؟“

گهڙيءَ پل جي هڏ ٻڏ کان پوءِ مون کيس نالو ٻڌايو، پر اهو منهنجو نالو نه هو.

هن جي آنڌ مانڌ اڃا نه لٿي. وري پڇيائين – ”هت ڪيئن آيا آهيو؟“

جواب ڏنو مانس – ”هوا بدلائڻ لاءِ“

هن کي عجب لڳو. چوڻ لڳو ”پر سائين مان ڇهن سالن کان هن هنڌ جي هوا کائيندو ٿو اچان ۽ ان سان گڏ هر روز پندرهن گرين ڪوئنن به وٺندو ٿو اچان پر ڏسان ٿو ته ان مان مونکي رتي به فائدو نه ٿيو آهي.“

مون جواب ڏنو – ”تڏهين به تون ايترو ته قبول ڪندين ته رانچي ۽ هتان جي هوا ۾ ڪافي فرق آهي.“

هن چيو  ”لاشڪ ائين آهي. پر توهين هت ٽڪندا ڪٿي؟“

مون گهاٽ جي سامهون ٻڍي ۽ جهڪيل مڪان ڏانهن اشارو ڪري چيو –”اتي“

مان سمجهان ٿو ته منهنجي انهيءَ چوڻ تي هن کي شڪ پيو ته مان ڪنهن گپت خزاني جي ڳولا ۾ آيو آهيان. پر وات مان اکر به نه ڪڍيائين. هن هڪ گهٽنا جي ڳالهه ٻڌائڻ شروع ڪئي جا اڄ کان پندرنهن ورهيه اڳ هن ويران جاءِ ۾ ٿي گذري هئي.

هو هتان جو اسڪول ماستر هو. بک ۽ بيماريءَ کان سندس لٿل چهري تي گنجي ٽپڻ هيٺان کوپن ۾ پيٺل ٻه وڏيون وڏيون اکيون غير قدرتي اجالي سان چمڪي رهيون هيون.

ناکئَان نماز مان واندا ٿي رڌڻ پچائڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا. ڏينهن جا آخرين ڪرڻا غائب ٿي ويا. سامهون وارو انڌڪار ۾ بيٺل سنسان مڪان ڀوائي پريت مورتيءَ جيان سانت ۾ بيٺو هو.

اسڪول ماستر چيو – ”منهنجي هن ڳوٺ ۾ اچڻ کان اٽڪل ڏهه ورهيه اڳ ڀوشڻ سها هن جاءِ گهر ۾ رهندو هو. هو پنهنجي بي اولاد چاچي درگا موهن جي وڏي دولت ۽ ڌنڌي جو وارث هو.

’پر ڀوشڻ ۾ هڪ وڏ هئي. هن تي نئَين زماني جو رنگ چڙهي ويو هو. پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هو. بنان روڪ ٽوڪ صاحبلوڪن جي آفيسن ۾ گهڙي ڇوٽ انگريزي ڳالهائيندو هو. مٿان وري رکايائين ڏاڙهي جنهن ڪري گورن واپارين کي هو پسند نه پيو. ان ڪري واپار ۾ اڳتي وکه وڌائڻ جي بدران ويو پوئتي پوندو.

’گهر ۾ وري ٻي اوڻائي هئَس. سندس استري سوڀياوان هئي، پر هڪ ته هئي ڪاليج پڙهيل ويتر خوبصورت. پوءِ پراڻي سمي کي پڇي ڪير؟ ٻيو ته ڇڏيو پر ٿوري تپ تئَي ٿينديئَي اسسٽنٽ سرجن سڏايو ويندو هو. زيور ڪپڙو، لٽو، سڀ زماني سان گڏ وڌندائي ويا. ‘

’سائين مان سمجهان ٿو ته توهين ضرور شادي ڪيل هوندا؛ تنهنڪري توهان کي اهو ٻڌائڻ اجايو آهي ته ساڌارڻ استريون ڪچيون انبڙيون، ڳاڙها مرچ ۽ سخت سڀاءَ وارو پتي پسند ڪنديون آهن. جو بدنصيب پتي پنهنجي پتنيءَ جو پريم وڃائي ٿو سو ڪو ان ڪري نه ته هو بدصورت يا ڪنگال آهي، پر ڇاڪاڻ ته هو نرم ۽ ڪمزور آهي.

’جيڪڏهين توهين پڇندا ته ائين ڇو آهي ته مان توهان کي گهڻو ئي ڪجهه ٻڌائي سگهندس، ڇو ته مون ان تي گهڻو ويچار ڪيو آهي. هرڻ هميشهه سخت ڪاٺ واري وڻ سان پنهنجا سڱ تکا ڪندو آهي. ڪيوڙي سان سڱه گسائيندي کيس آرام نه ايندو آهي. جڏهين کان استري پرش ۾ ڀيد پيدا ٿيو آهي، تڏهين کان استري سڀ ترتيبون هلائي، مرد کي وس ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي. جيڪي مرد ڦلهڙا آهن انهن جون استريون بلڪل بيڪار ٿيو پون. سڀ هٿيار جي کيس وڏڙين وٽان صدين کان سونپيا ويا آهن، سي سندس هٿن ۾ نڪما رهجو وڃن. سندس ڳوڙهن جي طاقت، سندس ڪاوڙ جي آگه ۽ سندس ترڇي نگاهن جا ٻاڻ بيڪار ٿيو پون.

’نئين سڀيتا جي اثر هيٺ اچي مرد قدرت کان مليل حشمت وڃائي، استري پرش جي ناتي کي ڍلو ڪري ڇڏيو آهي. اڀاڳو ڀوشڻ ان نئين سڀيتا جي سانچي مان سادو سودو ۽ نرم ٿي نڪتو هو. ان ڪري نه هو واپار ۾ ڪجهه ڪري سگهيو نه گهر جو گاڏو ئي سٺي نموني هلائي سگهيو.

’مڻي ڀوشڻ جي استري هئي. کيس بنان ڪوشش جي پيار، بنان هنجن هارڻ جي ڊاڪا جون ساڙهيون ۽ پنهنجي جيت تي اڀمان ڏيکارڻ بنان چوڙيون ملي وينديون هيون. ان طرح هنجو ناري سڀاءُ ۽ پتي پريم گهٽبو ويو. هوءَ شيون صرف وٺڻ ڄاڻندي هئي، ڏيندي ڪجهه به ڪين هئي. سندس ٻالو ڀولو نردوش سوامي سمجهندو هو ته شايد ڏيڻ ئي وٺڻ جي واٽ آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي.

’انجو نتيجو اهو نڪتو جو هوءَ پنهنجي پتيءَ کي هڪ مشين سمجهڻ لڳي جا کيس ڊاڪا جون ساڙهيون ۽ چوڙيون پيدا ڪري ڏيڻ لاءِ هٿي مشين به اهڙي سٺي جنهن جي ڦيٿن کي هڪ ڏينهن به تيل جي ڦڙي جي ضرورت نه ٿي.

’جيتوڻيڪ ڀوشڻ جي جنم ڀونءِ ڦول گانو هو، تڏهين به هو ڌنڌو ڌاڙي هت ڪندو هو. پنهنجي ڌنڌي ڪاتر کيس گهڻو وقت هت ئي رهڻو پوندو هو. ڦول گانو ۾ کيس ماءُ ڪانه هئي، پر چاچيون ماسيون ۽ ٻيا ڪيئي مٽ مائٽ هئَس. هن مڻيءَ کي ڳوٺاڻن آڻي اچي پاڻ وٽ رهايو، پر استريءَ کي پاڻ وٽ رهائڻ سان ائين نه آهي ته ڪو ان کي وس ۾ رکي سگهبو.

’ڀوشڻ جي استري نه ايترو ڳالهائيندي هئي، نه پاڙيسرين سان گهڻو رلندي ملندي هئي. ڪنهن ڌرمي ڪريا ڪرم تي برهمڻ کارائڻ، يا ڪڏهين ساڌو فقير کي پئَسو پائي ڏيڻ به کانئس ڪڏهين نه پڳو. ڪا به شئَي هڪوار سندس هٿن ۾ آئي ته انهي جي ڏيڻ جي واٽ ئي نه واريندي هئي. جيڪي ملندو هوس سو سنڀال سان سانڍي رکندي هئي، سواءِ پتي پريم جي. عجب اهو آهي جو هن پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جي سندرتا ۾ رتي به ڪمي ٿيڻ نه ڏني. ماڻهو چوندا هوا ته سندس عمر ڇا به هجي پر هوءَ سورنهن کان سرس نٿي لڳي. سندس دل برف جهڙي ٿڌي هئي، جنهنجي دل ۾ پريم جي تڙڦ ۽ جلڻ لاءِ جاءِ ڪانهي، سي هميشه تازا توانا رهنٿا. گهڻن پنن واري سائي سٻر ول جيان ايشور مڻيءَ کي به سهڻو ۽ سٻر ته رکيو هو پر کيس ڪو اولاد ڪو نه ڏنو هوائين. کيس ڪا به اهڙي چيز نه ڏني هوائين جنهنکي هوءَ پنهنجي هيرن جواهرن کان وڌيڪ سمجهي سگهي، جا بسنت پرڀات جي نئَين سورج جيان پنهنجي ڪومل تپت سان سندس برفيلي دل کي ڳاري گهر تي هڪ سنبيهه ڌارا وهائي ڏئي!‘

’مڻي ڪم هاج ۾ بلڪل جانٺي هئي. هن گهرج کان وڌيڪ هڪ نوڪر به نه رکيو. سندس خيال هو ته جو ڪم مان پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪري سگهان ٿي، تنهن لاءِ پئَسو خرچڻ اجايو آهي. کيس نه ڪنهنجي اون هئي، ۽ نه ڪنهن سان پريم هوس تنهنڪري ڳڻتي ڳاري، روڳ ۽ دک سڀني کان آجي هئي. هوءَ سک سمپتيءَ جي ساگر ۾ ترندي ٿي رهي.

’اها ڳالهه گهڻن مردن لاءِ ڪافي آهي. نه فقط ڪافي آهي پر هو ان ۾ خوش نصيبي ٿا سمجهن. ڇو ته پريم واري استري اها آهي جا پنهنجي پتيءَ کي وساري نه وهي. ۽ سدائين جي سار سندس جيوت جو جوڀن ناس ڪيو ڇڏي.

’سائين! توهين ڪڪ ته ڪو نه ٿيا آهيو. مان اڪيلو آهيان، استري ڪا نه اٿم. ڪيترائي مکيه سماجڪ سوال آهن، جنتي مان واندڪائيءَ ۾ ويچار ڪندو آهيان، پر مان انهن تي پنهنجي وديارٿين سان ڳالهه ٻولهه نٿو ڪري سگهان. منهنجي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ڏسندا ته مان انهن سوالن ۾ ڪيترو نه اونهو ويو آهيان.‘

جيئن هو ڳالهائي رهو هو، تيئَن ڀر واري جهنگل مان گدڙن اونائڻ شروع ڪيو. ماستر جي ڳالهائڻ ۾ ڪن مٽن لاءِ رنڊڪ پيئي. ائين معلوم ٿيو ڄڻ گدڙ انڌڪار ۾ ماستر جي ڳالهائڻ تي ٺٺولي ڪري رهيا هئا. جڏهين آواز بند ٿيو، حل ۽ ٿل تي گهري ماٺ ڇانئجي ويئي، تڏهين ماستر انڌ جي انڌڪار ۾ پنهنجن پيٺل وڏين وڏين مشعل جيان ٻرندڙ اکين سان مون ڏانهن گهوري پنهنجي ڪهاڻي شروع ڪئي.

’اوچتو ڀوشڻ جي منجهيل ڌنڌي ۾ ڪا رڪاوٽ اچي پيئي. حقيقت ۾ ڇا ٿيو، سو مون جهڙي واپار کان دور رهندڙ لاءِ سمجهڻ چاهي سمجهائڻ ڏکيو آهي. ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته ڪنهن ڪارڻ ڪري ڀوشڻ لاءِ بزار ۾ پنهنجي ڪارپت قائم رکڻ ڏکي ٿي پيئي. جيڪڏهن ڪنهن به رستي کيس لک ڏيڍ ملي وڃي ها ۽ هو اهي بزار ۾ ماڻهن کي رڳو ڏيکاري ها ته جيڪر سندس ساک رهجي اچي ها ۽ سندس ڌنڌو تيزيءَ سان هلڻ لڳي ها.

’پر پئسو سولو هٿ نه ايندو آهي. جيڪڏهن بزار ۾ اهو افواهه اٿي ها ته هو قرض کڻي رهيو آهي ته کيس خوف هو ته سندس ڌنڌي کي هيڪاري ڌڪ لڳندو. تنهنڪري هن هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائڻ شروع ڪئي، جيئَن ڪنهن ڌارئي کان ئي ڪجهه پئسا اڌارا وٺي سگهي. پر ان حالت ۾ سواءِ ڪجهه گروي رکڻ جي کيس پئَسا ڪيئَن ٿي ملي سگهيا؟

’زيور گروي رکڻ سان لکپڙهه جو ڪو جهنجهٽ  ڪو نه ٿو رهي. ۽ پئسي ملڻ ۾ دير جو خوف به ڪونهي. ڪم جهٽ پٽ ۽ آسانيءَ سان ٿي سگهيٿو. تنهنڪري هو استريءَ وٽ ويو. پر جيئَن پرش سهجه سڀاءُ استريءَ وٽ ويندو آهي، تئَن کيس وڃڻ جي جريت نه ٿي. ڪم نصيبان هو پنهنجي استريءَ کي ڏاڍو ڀائيندو هو، پريم ڪندو هو، ائين جيئَن ڪنهن ڪوتا جو نائڪ نائڪا کي پريم ڪندو آهي. جنهن پريم ۾ سنڀالي سنڀالي پير رکڻو ٿو پوي ۽ کولي ڳالهه ڪرڻ ڏکي ٿي لڳي. جنهن پريم جي زبردست ڪشش سورج ۽ پرٿويءَ جي ڪشش جيان وچ۾ وڏي وڇوٽي ڇڏي. پر تڏهين به جڏهين ڪوتا جو نائڪ سوڙهو اچي گهٽبو آهي، تڏهين کيس به پنهنجي پريمڻ سان لاچار پنهنجي ڏيتي ليتيءَ جي ڳالهه ڪرڻي پوندي آهي. پر کانئَس اکر اڪلندا ئي نه آهن ۽ اهڙن ضروري ڪمن جي ڳالهين ۾ به مٿس جذبن جو اهڙو اثر ٿيندو آهي، جو کيس ڏڪڻي وٺي ويندي آهي ۽ هو پنهنجي ڳالهه پوريءَ طرح سمجهائي نه سگهندو آهي. بدبخت ڀوشڻ جي به ساڳي حالت ٿي. هو پنهنجي ڳالهه کولي چئي نه سگهيو. استريءَ کي چيائين – ”ٻڌين ٿي! مونکي پئَسن جي گهرج آهي، پنهنجا زيور مون کي ڏي.“ هو ائين چئي ته ويو پر ڳالهايائين اهڙيءَ نرميءَ سان جو هوءَ سندس چئَي مڃڻ بجاءِ هيڪاري گرم ٿي ويئي. جڏهين هن ها يا نه ڪجهه به جواب نه ڏنو تڏهين ڀوشڻ جي دل کي سخت چوٽ لڳي پر هو موٽ ۾ مڻيءَ کي چوٽ نه رسائي سگهيو. ڇو ته هن ۾ رتي ڀر به اها حشمت ڪا نه هئي جا مڙس جو سينگار آهي.

’جيڪڏهين ان لاءِ کيس ڪير چوي ها ته هو اهو ئي جواب ڏئي ها ”جڏهين استري خوشيءَ سان پنهنجا زيور مونکي نٿي ڏيڻ چاهي تڏهين مونکي ڪو به حق ڪونهي جو اهي کانئس زوريءَ کسيان.“‘

’ڀوشڻ جيئن ته پنهنجي استريءَ جي زيورن کي هٿ لائي نه سگهيو، تنهنڪري هو ٻئي رستي قسمت آزمائڻ لاءِ ڪلڪتي ويو.

’سنسار ۾ رواجي طرح استريءَ کي جيترو پرش ڄاڻي ٿو تنهن کان وڌيڪ استري پرش کي ڄاڻي ٿي. استريءَ جو سڀاءُ صدين کان جن سنسڪارن جي اثر هيٺ آهي، نئَين روشنيءَ جا مرد ان کان گهڻو اڳتي وڌي ويا آهن. هي مرد ڪنهن ٻئي نموني جا آهن جي استرين جيان پرولي بڻجندا ٿا وڃن. رواجي طرح مرد ڪيترن ئي درجن ۾ وراهي سگهجن ٿا. ڪي ڪٺور آهن، ڪي بي سمجهه ۽ ڪي انڌا آهن. هي نئَين روشنيءَ جا ماڻهو انهن ٽنهي کان نرالا آهن.

’مڻيءَ پنهنجي منتريءَ ماڌوءَ کي صلاح لاءِ سڏايو هو. سندس ڪو ڏورانهون سوٽ ماسات هو ۽ ڀوشڻ جي ملڪيت سنڀالڻ لاءِ اسسٽنٽ مئنيجر ڪري رکيو ويو هو. هي اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو ٿوري محنت ڪري پاڻ کي وڌيڪ لاڀ رسائي سگهي. پر مٽي مائٽيءَ جي زور تي پيو تڳندو هو.

مڻي کيس سڏي پڇو –”ڇا حال آهي؟ توهان جي ڪهڙي صلاح آهي؟“

ماڌو سياڻپ مان پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي چيو – ”مونکي حالتون چڱيون نٿيون ڏسڻ ۾ اچن.“

حقيقت اها آهي ته سياڻا ماڻهو ڪڏهين به ٻاهرين حالت کي نه ڏسندا آهن. اڳتي هلي چيائين – ”ڀوشڻ ڪٿان به پئَسا نه آڻي سگهندو، آخر تنهنجي ڳهن جوئي وارو ايندو.“

مڻيءَ انسان کي جيستائين سڃاتو هو، ان مان سمجهيائين ته ائين ٿيڻ ممڪن آهي، ۽ اهو ئي ٺيڪ آهي. سندس انتظاري اڳئين کان اڳري ٿي ويئي. هن گهر ۾ سندس ڪير آهي؟ کيس سنتلن ڪانهي، جيتوڻيڪ پتي اٿس تڏهين به هوءَ هنجي هستي محسوس نه ڪري سگهي آهي. سندس جا هڪ ئي سنبيهه جي چيز آهي، جا سنتان جيان سال بسال وڌندي ٿي رهي، جو سون آهي، جي ماڻڪ موتي آهن، جي سندس ڇاتيءَ جي سونهن، گلي جو سينگار آهن سي هڪ گهڙيءَ ۾ ڌنڌي جي اٿاهه سمنڊ ۾ ڦٽا ڪيا ويندا – اهو خيال ڪندي سندس سڄو سرير برف جهڙو ٿڌو ٿي ويو. پڇيائين – هاڻي ڇا ڪيو وڃي؟

ماڌوءَ چيو – ”سڀ زر زيور کڻي هينئَر ئي پيڪي هلي وڃ.“ ماڌوءَ کي دل ئي دل ۾ اميد جاڳي ته انهن زيورن جو اڌ يا اڌ کان وڌيڪ سندس هٿن ۾ اچي ويندو.

’مڻيءَ هڪدم اها رٿ قبول ڪئي. آکاڙ جا پاڇاٽا ڏينهن هئا، برساتي رات. هن گهاٽ تي هڪ ٻيڙي اچي لڳي. ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين هڪ ٿلهي شال ۾ ويڙهيل مڻيءَ اچي ٻيڙيءَ تي پير رکيو. رات جي پوئين پهر جي گهاٽي انڌڪار ۾ ڏيڏر ٽان ٽان ڪري رهيا هئا. ٻيڙيءَ ۾ ويٺل ماڌوءَ ننڊ مان سجاڳ ٿيندي چيو – ڳهن جي دٻلي مونکي ڏي.

مڻيءَ وراڻيو – هينئَر نه، پوءِ ڏيندي سانءِ، هينئَر ٻيڙي ڇوڙي ڇڏ.

’ٻيڙي ڇوڙي ويئَي. پاڻيءَ جي تيز وهڪ کي چيريندي ٻيڙي هلندي هلي. مڻيءَ سڄي رات پنهنجي هر هڪ انگ تي ڳهن پائڻ ۾ صرف ڪئي هئي. کيس خوف هو ته جيڪڏهين ڳهه، ڳهن جي پيتيءَ ۾ کڻي وينديس ته امڪان آهي ته اهي شايد مون کان کسجي وڃن. پر جيڪڏهين مون ڳهه پائي ڇڏيا ته پوءِ منهنجي حياتي وٺڻ کانسواءِ ڪير به مون کان اهي کسي نه سگهندو.

’مڻيءَ سان ڳهن جي پيتي نه ڏسي ماڌو حيران ٿي ويو. ٿلهي چادر اندر مڻي ڳهن سان جهنجهيل آهي اها ڳالهه سندس ڌيان ۾ ئي نه آئي. مڻي، ڀوشڻ کي ڪري نه سڃاڻي سگهي پر هن ماڌوءَ کي سڃاڻڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.

’ماڌو گماشتي لاءِ هڪ چٺي ڇڏي ويو هو ته هو سيٺياڻيءَ کي پيڪي وٺي وڃي رهيو آهي. گماشتو ڀوشڻ جي پيءُ جي وقت جو جهونو نوڪر هو. هن کي ڏاڍو غصو آيو. هن سيٺ کي ڀري هڪ خط لکيو. خط جي ٻولي ڪري درست نه هئي پر اهو اثرائتو ضرور هو. اها ڳالهه انهيءَ خط ۾ صاف صاف ڏيکاريل هئي ته استريءَ کي مٿي تي چاڙهڻ مرد جي شان وٽان نه آهي.‘

’خط ملڻ تي ڀوشڻ، مٽي جي ڳجهه ڳوهه ۾ پيڪي وڃڻ جي مراد سمجهي ويو. کيس اهو خيال اينديئي سخت چوٽ لڳي ته مون سخت سنڪٽ ۾ هوندي به سندس زيورن کي هٿ نه لاتو، پر تنهن هوندي به هنجو مون مان گمان نه ويو، مونکي اڃا نه سڃاتائين!

’هن وقت جڏهين ڀوشڻ کي سخت غصي ٿيڻ کپندو هو، تڏهين هو رڳو دکي ٿيو. پرش ايشوري انصاف جي لڪڙي آهي. قدرت جي ڪاوڙ جو هٿيار سندس هٿ ۾ هڪيو آهي. جيڪڏهين هو پاڻ سان ٿيندڙ بي انصافي صبر ۾ سهي ٿو ته ان لاءِ کيس ڌڪار آهي. قدرت جو اهو نيم آهي ته پرش معمولي سبب ملنديئي هڪ جهنگل جي باهه جيان ڀڙڪي اٿي ۽ استري بنان ڪنهن ڪارڻ جي سانوڻيءَ جي بادلن جيان ڳوڙهن جي برسات وسائڻ لڳي. پر ڏسڻ ۾ اچيٿو ته هينئَر قدرت جو اهو قانون بدلجي ويو آهي.

’ڀوشڻ ڏوهاري استريءَ لاءِ دل ئي دل ۾ چيو – ”پر جيڪڏهين تون ائين ٿي چاهين ته ائين ئي سهين. مان پنهنجي فرض ادائي ڪندو ايندس.“

’ڀوشڻ پاڻ نون خيالن جو هو. پر بدنصيبيءَ سان سندس شادي اهڙي استريءَ سان ٿي هئي جا جهونن ۽ پٺتي پيل خيالن جي هئي.

’ڀوشڻ استريءَ جي اهڙي ورتاءَ تي کيس اکر به نه لکيو پر دل ئي دل ۾ پرتگيا ڪيائين ته ان باري ۾ مڻيءَ کي ڪڏهين به ڪجهه نه چوندس - ڪهڙي نه سخت سزا!

’هفتي کن ۾ پئسن جو بندوبست ڪري ڀوشڻ گهر وريو. کيس پڪ هئي ته هن وقت تائين مڻي پنهنجي منون مراد پوري ڪري ضرور پيڪن مان موٽي آئي هوندي. ڀوشڻ اندرئين ڪمري جي دروازي تائين ويو. کيس اميد هئي ته سندس استري پنهنجي هليل هلت ۽ منجهس ڏيکاريل گمان لاءِ ضرور پشيماني ظاهر ڪندي. پر هن دروازو بند ڏٺو. هو تالو ٽوڙي اندر گهڙيو. ڪمرو خالي هو!

’کيس سنسار هڪ شاهي پڃري جيان ڀاسڻ لڳو، جنهن پڃري جي هر هڪ شيخ تي هو ساهه صدقي ڪرڻ ويٺو هو. پر ان پڃري مان پريم جو پکيئڙو اڏري چڪو هو. سنسار جي جنهن سڃي پڃري مٿان هن هيلتائين سڀ ڪجهه پئَي قربان ڪيو، تنهنکي دل ئي دل ۾ هن لت هڻي دور اڇلي ڇڏيو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ هڪ لوهي پيتي رکيل هئي. ان ۾ ڳهن جو نالو نشان به نه هو. ڀوشڻ جي ڪليجي ۾ تير چڀي ويو.‘

’ڀوشڻ اول ته استريءَ جي ڳولا لاءِ ڪا به ڪوشش نه ڪرڻ چاهي. خيال ڪيائين، مرضي ٿينديس ته هلي ايندي. ان تي سندس ٻڍي برهمڻ گماشتي اچي چيس – ماٺ ڪري ويهي رهڻ مان ڇا ٿيندو؟ توهانکي ڪنوار جو ڪيئَن به پتو لڳائڻ گهرجي. ائين چئَي هن مڻيءَ جي پيڪي گهر ماڻهو موڪليا. هنن خبر آندي ته ان وقت تائين نه مڻي ۽ نه ماڌو اتي آيا آهن.

’پوءِ ته ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳولا شروع ڪئي ويئي. ماڻهو نديءَ جو ڪنارو وٺي جاچ ڪندا ويا. ماڌوءَ جي تلاش لاءِ پوليس ۾ به خبر ڏني ويئَي. ڪهڙيءَ ٻيڙيءَ تي، مانجهي ڪير، ڪهڙي رستي ويا، ڪيڏانهن ويا، تنهنجو ڪجهه به پتو نه پيو.

’مڻيءَ جي لڀڻ جون سڀ اميدون وڃائي هڪ ڏينهن سنڌيا سمي ڀوشڻ پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ گهڙيو. ڪرشن جنم جو ڏينهن هو، صبوح کان ساندهه برسات پئجي رهي هئي. ڳوٺ ٻاهران هڪ هنڌ جنم اشٽميءَ جو ميلو لڳندو آهي اتي هڪ شاندار شامياني هيٺان راس ليلا ٿي رهي هئي. راڳ جو آواز برساتي آواز سان ملي هيڪاري مٺو ٿي ڪنن تي پئجي رهيو هو. هيءَ سامهون جيڪا دري ڏسي رهيا آهيو، جنهن جا انجيس ڍرا ٿي ويا آهن، ان دريءَ وٽ ڀوشڻ اونداهيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو. مينهوڳي هوا، برسات جي ڇاٽ ۽ راس ليلا ۾ ٿيندڙ راڳ تي سندس ڪو ڌيان نه هو. ڪمري جي هڪ ديوار تي ڪلا ڀون ۾ تيار ڪيل لڪشميءَ ۽ سرسوتيءَ جون ٻه تصويرون ٽنگيل هيون. ڪليءَ تي هڪ ٽوال، پيٽي ڪوٽ ۽ ٻه ساڙهيون پائڻ لاءِ تيار رکيون هيون. ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيل ميز تي پتل جي پاندان ۾ مڻيءَ جي هٿن سان تيار ڪيل پان پيل هئا، پر اهي هينئَر سڪل ۽ کائڻ جهڙا نه هئا. شيشي جي ڪٻٽ ۾ سڀ شيون سنجٽ سان رکيو هيون. مڻيءَ جي ننڍپڻ جا چينيءَ جا رانديڪا، عطر جون شيشيون، رنگين شيشن جا ٽڪرا، پتن جي تاس، سامونڊي چمڪندڙ ڪوڏ، ٻيو ته ڇڏيو پر صابڻ جون خالي پيتيون به ٺهيون ٺڪيون رکيون هيون. بخاريءَ مٿان ننڍڙي بتي رنگين گلوب سان رکيل هئي. هر روز شام جو مڻي اها بتي پنهنجي هٿن سان ٻاريندي هئي. ائين ٿي ڏٺو ته جو سڀ ڪجهه ڇڏي ٿو وڃي سو به پنهنجي جيوت جا نشان بي جان شين تي چٽي ٿو وڃي!

’مڻي اچ! وري موٽي اچ. اچي پنهنجي جوت جلاءِ ۽ هڪوار وري به پنهنجي اونداهي گهر کي روشن ڪري، پنهنجي آئيني اڳيان بيهي چاهه مان چونڊيل ساڙهي پاءِ. ڏس! تنهنجون سڀ شيون تنهنجي واٽ نهاري رهيون آهن. هينئَر توکان ڪير به ڪجهه نه گهرندو. تون فقط هت اچي هڪوار پنهنجو منهن ڏيکاري پنهنجي سدا ٽڙيل جوڀن، پنهنجي ٻهڪندڙ سندرتا سان چوڌاري پکڙيل هنن بي جان ۽ ننڌڻڪين شين کي ڇهي منجهن جان وجهه. هنن بي جان ۽ گونگن پدارٿن جي ڳجهي رودن گهر کي شمشان بنائي ڇڏيو آهي.

’آڌيءَ رات جو ڪڏهين ڪهڙي وقت برسات جي ڌارا ۽ راس ليلا جو راڳ بند ٿي ويو، تنهنجي ڀوشڻ کي ڪا سمڪ نه رهي. هو دريءَ وٽ جيئَن جو تيئَن ويٺو رهيو. دريءَ ٻاهران اهڙو ته گهور انڌڪار هو جو کيس ائين ڀاسڻ لڳو ته ڄڻ يم پوريءَ جو آڪاس سان گسندڙ شاهي دروازو کليل آهي، ۽ هو ڄڻ اتي بيهي رئڻ سان هميشہ لاءِ وڃايل وٿ وري هڪوار ٿوري وقت لاءِ ڏسي سگهيٿو.

’جيئَن ئي هو اهي ويچار ڪري رهيو هو، تيئَن ٺڪ ٺڪ سان گڏ ڳهن جي ڇم ڇم جو پرلاءُ سندس ڪنن تي پيو. ائين ڀاسڻ لڳو ڄڻ اهو آواز نديءَ جي گهاٽ وٽان جاءِ ڏانهن وڌندو اچي رهيو آهي. نديءَ جو جل ۽ رات جو انڌڪار ملي هڪ ٿي ويا. ڀوشڻ چاهه مان پنهنجون ٻئي اکيون ڦاڙي انڌڪار کي چيري ڏسڻ جي ڪوشس ڪرڻ لڳو، پر کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. جيئن ئي هن ڏسڻ جي وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڪوشش ڪئي، تيئَن انڌڪار به ويو وڌيڪ ۽ وڌيڪ گهاٽو ٿيندو. سنسار ڇايا جيان ڏيکاري ڏيڻ لڳو قدرت انڌڪار  ڀريل رات ۾ پنهنجي يم پوريءَ جي دروازي تي اوچتو مهمان آيل ڏسي هٿ وڌائي اونداهيءَ جو هڪ وڌيڪ پڙدو چاڙهي ڇڏيو!‘

’آواز آهستي آهستي گهاٽ جي مٿئين ڏاڪي کان گهر ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ جاءِ جي در وٽ پهچي روڪجي پيو. دربان راس ليلا تي وڃڻ کان اڳ در کي ڪلف لڳائي ويو هو. ڀوشڻ کي ائين معلوم ٿيو ته بند دروازي تي ڪو ٺڪ ٺڪ ۽ ڇم ڇم ڪري رهيو آهي. ڄڻ انڌڪار سان گڏوگڏ ڪا سخت شئي دروازي سان ٽڪري رهي آهي. هينئَر ڀوشڻ کان ويٺو نه ٿيو. ڏئي وسايل اونداهي ڪمري کي پار ڪري اونداهين ڏاڪڻين تان لهي، هو بند دروازي جي اڳيان اچي بيٺو. در کي ٻاهران ڪلف لڳل هو، ڀوشڻ پنهنجي پوري طاقت سان ان کي لوڏڻ لڳو. جنهن زور سان هن دروازي کولڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جو آواز ٿيو تنهن کيس سرجيت ڪري ڇڏيو. هن ڏٺو ته مان سمهيل هوس ۽ ننڊ جي مو ۾ ئي هيڏانهن هليو آيو آهيان. هو سڄو پگهر ۾ تر ٿي ويو، هٿ پير ٺري برف ٿي ويس. سندس دل وسامندڙ ڏئي جي وٽ جيان ڀڪ ڀڪ ڪرڻ لڳي. جڏهين سندس خواب ٽٽو تڏهين هن محسوس ڪيو ته ٻاهر ڪو آواز ڪونهي، سواءِ برساتي آواز جي، جا اڃا به وسي رهي هئي؛ جنهن سان راسُ ليلا ۾ ٿيندڙ راڳ جو پرڀاتي سر ملي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو.

’جيتوڻيڪ هي سارو خواب هو، تڏهين به ڀوشڻ ائين محسوس ڪيو ته مان ٿوريءَ وڇوٽيءَ تان ان املهه وٿ کي حاصل ڪرڻ کان روڪجي ويو آهيان جنهنجي حاصل ڪرڻ جي مونکي اميد ڪانه هئي. دوريءَ تان ايندڙ ڀيروي جي تان برساتي آواز سان ملي ڄڻ کيس چئي رهي هئي. ”هيءَ سجاڳي ئي سپنو آهي، هيءُ جڳت ئي مٿيا آهي.“

’ٻئي ڏينهن به راس ليلا هئي. دربان کي وري به راس ليلا ڏسڻ لاءِ موڪل ملي. پر ڀوشڻ کيس حڪم ڏنو ته هال جو دروازو سڄي رات کليل ڇڏيو وڃي. دربان اها ڳالهه پسند نه ڪئي. چيائين، راس ليلا ۾ هر ڪنهن قسم جا ماڻهو ٻاهران آيل آهن. تنهنڪري در کليل ڇڏي وڃڻ مان چوري چڪاري ٿيڻ جو ڊپ آهي. پر ڀوشڻ کيس نه ٻڌو. لاچار دربان چيو، چڱو مان ٿو پهري تي رهان. پر ڀوشڻ کيس اتي بيهي پهري ڏيڻ جي به اجازت نه ڏني. دربان کي ڏاڍو عجب لڳو. پر وري ضد نه ٻڌائين.!

’انهيءَ رات سنجها جوئي ڏيو وسائي ڀوشڻ پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ ساڳيءَ دريءَ وٽ اچي ويٺو. آسمان برساتي ڪڪرن سان اونداهون هو. چوڌاري گهور سناٽو ڇانيل هو. ڏيڏرن جي نه بند ٿيندڙ ٽان ٽان ۽ دريءَ کان ايندڙ راڳ جو آواز به ان گهريءَ شانتيءَ کي نه ٽوڙي سگهيو.

’ڳچ رات گذري چڪي هئي. ڏيڏرن جي ٽان ٽان، تڏين جي تنوار ۽ راس ليلا جو راڳ بند ٿي ويو. رات جي انڌڪار مٿان خبر نه آهي ته ٻيو ڪهڙو انڌڪار اچي پيو. هان، هينئَر وقت اچي ويو.

’اڳيئَن رات جيان گهاٽ کان اهو ئي ڇم ڇم ۽ ٺڪ ٺڪ جو آواز اچڻ لڳو. پر اڄ ڀوشڻ ان طرف نه نهاريو. ان خوف کان ته متان گهڻي پريشاني ۽ بي آراميءَ ڪري سندس سڀ اميدون ۽ سڀ ڪوششون وئرٿ نه وڃن. ۽ هنجي ڪشش ڪٿي منهنجي اندرين جي شڪتين کي ڇڪي نه وٺي. هن پاڻ کي وس ۾ رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ پٿر جي مورت جيان ماٺ ڪري ويٺو رهيو. آواز هوريان هوريان گهاٽ کان وڌندو در ۾ گهڙي آيو. تنهن بعد اهو وڌي ڏاڪڻ وٽ آيو جا اندرئين ڪمري ۾ ٿي پيئَي.

’هينئَر ڀوشڻ پاڻکي سنڀالي نه سگهيو. سندس دل طوفان ۾ اڇلجندڙ ٻيڙيءَ جيان تڙڦڻ لڳي. ڊپ کان سندس گلو گهٽجڻ لڳو. ڏاڪڻ پار ڪري آواز ڌيري ڌيري ورانڊي مان ٿيندو ڪمري جي در ڏانهن وڌڻ لڳو. ۽ آخر اچي سمهڻ واري ڪمري ڀرسان بيٺو. هينئَر صرف چانئٺ اورانگهڻ جي دير هئي. ڀوشڻ کان هينئَر رهيو نه ٿيو. هنجو روڪيل جوش ڏاڍيءَ تيزيءَ سان اڇلجي پيو. هو بجليءَ جيان ڪرسيءَ تان اٿي کڙو ٿيو ۽ هڪ خوفناڪ رڙ ڪري چيائين – ”مڻي“. ان ئي کن ۾ هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. ڏٺائين ته درن ۽ درين جا شيشا سندس رڙ جي آواز کان کڙڪي رهيا هئا. ٻاهران اها ئي ڏيڏرن جي ٽان ٽان ۽ برسات جي وسڪاري جو آواز اچي رهيو هو. ڀوشڻ نااميديءَ ۾ پنهنجي ڪرم کي ڌڪ هنيو!

’ٻئي ڏينهن ميلو ختم ٿيو. دڪاندار ۽ راس ليلا وارا سڀ هليا ويا. ڀوشڻ حڪم ڏنو ته ان رات سواءِ سندس جي ٻيو ڪير به گهر ۾ نه سمهي. نوڪر ان نتيجي تي پهتا ته سندن مالڪ شايد جپ تپ ڪندو. سڄو ڏينهن ڀوشڻ اپواس رکيو!

’شام جو هو سڃي گهر جي ساڳيءَ دريءَ وٽ وڃي ويٺو. ان رات آڪاس ۾ ڪٿي ڪٿي بادل هئا ۽ ڪٿي ڪٿي برسات سان صاف ٿيل هوا مان نرمل ۽ اوجل آسمان ۾ تارا جهڳمڳائي رهيا هئا. چنڊ کڙڻ ۾ دير هئي. ميلي جي ختم ٿيڻ ڪري اڄ گهاٽ تي ڪا به ٻيڙي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي آئي. ٻن راتين جي اوجاڳي جا سٽيل ماڻهو هن وقت گهريءَ ننڊ ۾ ڦوڪون ڏيئي رهيا هئا.

’ڀوشڻ ڪرسيءَ تي ليٽي گهور ڪري ٽم ٽم ڪندڙ تارن ڏانهن نهاري رهيو هو. هو انهن ڏينهن جو ويچار ڪري رهيو هو جڏهين هو 19 سالن جو هو ۽ ڪلڪتي ۾ پڙهندو هو. تن ڏينهن ۾ هو رات جو ڪاليج جي باغيچي ۾ ڇٻر تي ليٽي ٻانهون مٿن کان رکي هن جڳ جهونن سان ستارن ڏانهن نهاري، مڻيءَ جي ٽڙيل مکڙيءَ جيان موهڻي منهن جو ويچار ڪندو رهندو هو جا انوقت اڃا پيڪن ۾ هئي. تڏهين اهو وڇوڙو کيس ڪهڙو نه مٺو لڳندو هو. اهو وڇوڙو دل جي ستار تي تارن جي تال سان ملي وڄي اٿندو هو. اڄ به اهيئي تارا آهن، اهو ئي آسمان، پر اڄ اها سڪ ڪٿي، اهو موهه ڪٿي، اهو ميٺاج ڪٿي؟

’هڪ هڪ ٿي تارا ڀوشڻ جي اکين کان اوجهل ٿيندا ويا. هيٺان پرٿوي ۽ مٿان آڪاس کان اونداهيءَ جا پردا ائين اچي مليا جيئَن ٿڪل اکين جون پلڪون ملنديون آهن.

’اڄ ڀوشڻ جي دل شانت هئي هن محسوس ڪيو ته اها گهڙي اچي ويئي آهي جڏهين سندس منون ڪامنا پوري ٿيندي. قدرت پنهنجو ڳجهه پنهنجي پوڄاريءَ اڳيان کولي رکندي، اڳين رات جيان گهاٽ کان آواز آيو ۽ اهو وڌندو اچي ڏاڪڻ وٽ پهتو. ڀوشڻ پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي ڌنيءَ ۾ لين ٿي ويو. آواز سڃي ڪمري وٽ پهتو. اهو ڏيڍيءَ مان لنگهي ورانڊو پار ڪري سمهڻ واري ڪمري جي در وٽ اچي پهتو.

’ڀوشڻ جي دل تڪڙي تڪڙي ڌڙڪڻ لڳي. سندس سڀ انگ کڙا ٿي ويا. پر اڄ هن اکيون نه کوليون. آواز وڌي اچي ڪمري ۾ وارد ٿيو ۽ سڄي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو. اهو ڪليءَ وٽ اچي بيٺو جتي سندس ساڙهي ٽنگيل هئي. بخاري جنهن تي ننڍڙي بتي رکيل هئي، ميز جتي پان جا سڪل پن پيا هئا ۽ پوءِ اهو وڌي الماڙيءَ اڳيان اچي بيٺو جتي ڪيتريون ئي شيون رکيل هيون. آخر ۾ اهو ڀوشڻ جي ڀرسان اچي بيٺو.‘

’ڀوشڻ پنهنجون اکيون کوليون. هن نئَين کڙيل چنڊ جي جهڪي روشنيءَ ۾ پنهنجي سامهون هڪ هڏن جو پڃرو ڏٺو. هن جي سڀني آڱرين تي منڊيون هيون، ڪراين ۾ چوڙيون، گلي ۾ هار، ٺوٺين وٽ ڪنگڻ ۽ سينڌ تي سندر لڳل هو. سندس سارو بدن سون ۽ جواهرن سان چمڪي رهيو هو. سندس عضون تي ڳهه ڍلا ٿي لڙڪي رهيا هئا پر ڪريا ڪين. سڀ کان ڀوائتي ڳالهه هئي سندس هڏن واري منهن تي ٻه چمڪندڙ اکيون. اهي ڪارا تارا، اهيئَي پلڪون. جيئَن ئي هن ان ڏانهن نهاريو تيئَن سندس خون سندس رڳن ۾ خشڪ ٿي ويو. هن اکين بند ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر ڪري نه سگهيو. اکيون کليل رهيس ۽ اهي مڙدي جي اکين جيان ڏيکاري ڏيئي رهيون هيون.

”هڏن جي پڃري بت بڻجي ويٺل ڀوشڻ ۾ اکيون کپائي، کيس پنهنجن هڏن وارين آڱرين سان جن تي لڳل هيري جون منڊيون چنڊ جي پيلي روشنيءَ ۾ چمڪي رهيون هيون پنهنجي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو.“

’ڀوشڻ اٿي بيٺو، ائين جيئَن ڪو موڳو ماڻهو اٿي بيهي. ۽ هڏن جي پڃري پٺيان هليو، جنهن ڪمرو ڇڏيو. هڏيون هڏين ۾ ۽ ڳهڻا ڳهڻن ۾ گسي خوفناڪ آواز ڪرڻ لڳا. پڃرو  ورانڊو لنگهي ڏاڪڻ لهي وڃي پڇاڙيءَ واري ڏاڪي تي پهتو. هيٺيون ورانڊو لنگهي هو اونداهي ڪمري ۾ پهتا. ۽ اهو پار ڪري باغ جي سرن واري پيچري تي اچي پيا. سرن تي هڏن جي پيرن پوڻ جو آواز ٿيڻ لڳو. چنڊ جي هلڪي روشني وڻن جي گهاٽين شاخن سان وڙهي اندر اچڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. رستي جو پتو پوڻ ڏکيو هو. برسات جي هٻڪار سان ان انڌڪار ڀرئي رستي تان کڙکٻيتن جي جهنڊن مان لنگهندا ٻئي ڄڻا نديءَ جي گهاٽ تي اچي پهتا.

’گهاٽ جي جن ڏاڪن تان آواز چڙهيو هو، انهن ئي ڏاڪن تان زيورن سان جهنجهيل هڏن جو پڃرو  ڇم ڇم ۽ ٺڪ ٺڪ ڪندو ڏاڪو ڏاڪو ڪري هيٺ لٿو. ڀريل برساتي نديءَ جي تيز وهڪري تي چنڊ جا لمبا ڪرڻا چمڪي رهيا هئا.

’پڃرو وڌي پاڻيءَ ۾ گهڙيو ۽ ڀوشڻ ان جي پوئتان وڃي هڪ پير پاڻيءَ ۾ رکيو. جيئَن ئي هن پاڻيءَ ۾ پير ڌريو تيئَن ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. سندس سونهون ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿي آيو. فقط سامهئَين ڪپر تي اڀا درخت ماٺ ڪيو بيٺا هئَا، مٿان اڌورو کڙيل چنڊ ڄڻ حيرت ۾ نهاري رهيو هو. ڀوشڻ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڪنبي ويو ۽ ٿڙڪندو نديءَ جي وهڪري ۾ وڃي پيو. جيتوڻيڪ هو تري ڄاڻندو هو تڏهين به انوقت منجهس ترڻ جي طاقت ئي نه رهي هئي. خوابي دنيا جي وچمان هن فقط هڪ گهڙيءَ لاءِ سجاڳيءَ جي سنسار ۾ قدم ڌريو. ٻيءَ گهڙيءَ درياهه جي لهرن ۾ غرق ٿي ويو ۽ بي انت ننڊ ۾ وڃي آرامي ٿيو.“‘

ڪهاڻي ختم ڪري سڪول ماستر گهڙي اڌ لاءِ چپ ڪيو بيٺو رهيو.

هن جي ماٺ ڪنديئي ائين معلوم ٿيو ڄڻ سندس ڳالهائيندي سڄو سنسار سانت ۽ ماٺ ٿي ويو هو. ڪيترو وقت منهنجي زبان مان اکر به نه اڪليو. ۽ اونداهيءَ ۾ هو منهنجي منهن جو ڀاو به پرکي نه سگهيو.

آخر ۾ هن پڇيو – توهان کي هن ڪهاڻيءَ تي وشواس نٿو اچي؟

مون پڇيومانس – ڇا توهين ان کي سچي ٿا سمجهو؟

هن چيو – ”نه، ۽ ان لاءِ مونکي ٻه ٽي سبب آهن. اول ته قدرت ڪو ناول ڪو نه لکندي آهي کيس ناولن لکڻ کانسواءِ ٻيو گهڻو ئي ڪجهه ڪرڻو آهي...“

مون کيس وچ ۾ ئي روڪي چيو - ۽ ٻيو ته منهنجو نالو پڻ ڀوشڻ ساها آهي.

سڪول ماستر بنا ڪنهن، حيرانيءَ جي چيو – تڏهين منهنجو انومان ٺيڪ نڪتو. توهان جي استريءَ جو نالو ڇا آهي؟

مون چيو –”سر سوتي.“

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com