هٿ تي
موجود شهر
هوءَ ٽيبل جي ٻئي پاسي منهنجي سامهون ويٺي هئي.
مون ڪجهه دير هن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجو هٿ کولي
ڏسڻ لڳس. مون ڏاڍي غور سان لڳاتار پنهنجي هٿ کي
پئي ڏٺو.
پڇيائين،
”پنهنجي
هٿ کي مسلسل ڇو پيو ڏسين! ڇا آهي تنهنجي هٿ تي؟“
ڪنڌ مٿي ڪرڻ کان سواءِ وراڻيم،
”منهنجي
هٿ تي هڪ شهر آهي، جنهن ۾ ريکائن جي صورت ۾ بيشمار
ڏنگيون ڦڏيون ۽ آڏيون ابتيون گهٽيون آهن!“
پڇيائين،
”ڇا
پيو ڪرين تون هٿ جي لڪيرن وارين انهن گهٽين ۾؟“
پنهنجي هٿ ريکائن ۾ وڌيڪ غور سان ڏسندي وراڻيم،
”مان
انهن گهٽين ۾ توکي پيو ڳوليان!“
پڇيائين،
”ڪڏهن
کان پيو مون کي انهن گهٽين ۾ ڳولين؟“
هن ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ چيم،
”تڏهن
کان، جڏهن مون توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هو...!“
حيرت سان چيائين،
”اڃان
تائين نه ڳولي سگهيو آهين!“
پنهنجي هٿ تان نظر هٽائڻ کان سواءِ وراڻيم،
”مان
انهن آڏين ابتين گهٽين ۾ ڀلجي پيو آهيان!“
منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿ ۾ جهلي پاڻ ڏانهن سوري
چيائين،
”تنهنجي
هٿ تي فقط ڏنگين ڦَڏين گهٽين جهڙيون ريکائون ناهن.
آڱرين تي ڪيتريون ئي سڌيون لڪيرون به ته آهن!“
مون پنهنجين آڱرين کي ڏسندي چيو،
”منهنجي
آڱرين تي موجود سڌيون لڪيرون اهڙن رستن جيان آهن،
جيڪي منهنجي هٿ تي موجود شهر کان ٻاھر ويندا آهن!“
هن پنهنجيون آڱريون منهنجي کُليل هٿ جي آڱرين مٿان
رکندي چيو،
”مون
ڏانهن ڏس!“
مان پنهنجي هٿ ريکائن ۾ ڀٽڪندو رهيس، هن کي
ڳوليندو رهيس.
چيائين،
”تنهنجي
هٿ تي موجود شهر جو سمنڊ ته منهنجين اکين ۾ آهي.
منهنجي اکين ڏانهن ته ڏس نه...!“
مون هن جي سمنڊ جهڙين نيرين اکين ڏانهن نه ڏٺو.
هن ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو ته، مون کي سندس ساهه جو
آواز طوفان جهڙو محسوس ٿيو.
مان هن کي پنهنجي هٿ جي لڪيرن ۾ ڳوليندو رهيس.
ڪجهه دير کان پوءِ مون ڪنڌ مٿي ڪري ڏٺو ته هوءَ
وڃي چڪي هئي!
مون پنهنجيون اکيون آليون ٿيندي محسوس ڪيون. ڪنڌ
هيٺ ڪيم ته، منهنجي هٿ تي موجود شهر مٿان بارش ٿيڻ
لڳي
پاڙيسري
شهرُ، جهنگُ، پهاڙُ ۽ سمنڊُ پاڙيسري هئا.
شهر کي پنهنجي ترقيءَ تي فخر هو.
شهر پنهنجي پاڙيسرين کي چيو،
”توهان
ٽئي منهنجي نظر ۾ غير اهم آهيو.“
جهنگ، شهر کي چيو،
”اها
تنهنجي غلط فهمي آهي. تنهنجيون ڪيتريون ئي ضرورتون
مان پوريون ڪندو آهيان ۽ تنهنجي ماحولياتي سونهن
منهنجي ڪري ئي برقرار آهي!“
شهر کي جهنگ جي ڳالهه نه وڻي.
پهاڙ، شهر کي چيو،
”اها
تنهنجي غلط فهمي آهي. تنهنجا ڪيترائي شهر واسي
توکان بيزار ٿي، روز منهنجي تفريحي ماڳن تي اچي
سُک جون ڪڄهه گهڙيون گذاريندا آهن!“
شهر کي پهاڙ جي ڳالهه نه وڻي.
سمنڊ، شهر کي چيو،
”اها
تنهنجي غلط فهمي آهي. منهنجيون هوائون توکي گرميءَ
جي شدت کان بچائينديون آهن!“
شهر کي سمنڊ جي ڳالهه نه وڻي.
شهر ٽنهي پاڙيسرين کي ڪاوڙ مان چيو،
”ترسو،
ڪجهه وقت اندر مان توهان کي ضرور سبق سيکاريندس!“
شهر جهنگ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو ۽ جهنگ کي ڳڙڪائي
ويو. شهر پهاڙ مٿان چڙهي ويو ته پهاڙ تي موجود
تفريح گاهه ۽ جهنگلي جيوت ختم ٿي ويو. انهيءَ کان
پوءِ شهر، سمنڊ جي حدن تي قبضو ڪري بيشمار گهڻ ماڙ
عمارتون ٺاهي ڇڏيون ته سمنڊ شهر کان ناراض ٿي،
پنهنجي اصل حدن کان گهڻو پوئتي هليو ويو!
هاڻي شهر اهڙو جهنگ بڻجي ويو آهي، جنهن ۾ هر طرف
ڪنڪريٽ جا بيشمار پهاڙ آهن. هوائون شهر کان رُسي
ويون آهن ۽ شهر جي ماڻهن لاءِ ساهه کڻڻ مشڪل ٿي
ويو آهي
!
بادشاهه جي بانسري
بادشاهه بانسري وڄائي رهيو هو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”ماڻهن
وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، بک مري رهيا آهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”بيروزگاري
وڌي وئي آهي. ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”معصوم
ٻارڙن جي اغوا ٿيڻ ۽ انهن سان ڏاڍائي ڪرڻ جا واقعا
وڌي ويا آهن. اهڙن ڪيترن معصوم ٻارڙن جا لاش به
ملي رهيا آهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”غيرت
جي نالي ۾ عورتن جي قتل جا واقعا وڌي ويا آهن.
انهن ۾ ڪيتريون بي قصور عورتون به شامل آهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”انصاف
مهانگو ٿي ويو آهي. عدالتن بدران اوطاقن تي فيصلا
ٿي رهيا آهن ۽ ڏوهارين بدران بي ڏوهي ماڻهن کي
سزائون ڏنيون پيون وڃن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”بدامني
وڌي وئي آهي. ماڻهو شاهراهن، گهٽين ۽ گهرن ۾ به
محفوظ ناهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”وبا
جو راڪاس اسان جي ملڪ ۾ زندگيون ڳڙڪائيندو ٿو وتي
۽ مسڪين ماڻهو واهر جي آسري تي چيڀاٽجي ۽ لتاڙجي
رهيا آهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”ماڻهو
چيچلائي رهيا آهن، رڙيون ڪري رهيا آهن!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
درٻاريءَ اچي بادشاهه کي ٻُڌايو،
”هاڻي
رعايا ڏاڍو بيزار ٿي پئي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪا
باهه ڀڙڪي سگهي ٿي!“
بادشاهه بانسري وڄائيندو رهيو.
تبديليءَ جي اها بي سُري بانسري اڄ تائين وڄندي
رهي ٿي!
بندرا نِيرُو
ڪيترن ئي بيگناهه پورهيتن کي قتل ڪيو ويو. قتل ٿيل
پورهيتن جا وارث پنهنجن پيارن جا لاش رستي تي رکي
ويهي رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
بي سمجهه معصوم نياڻين کي اغوا ڪري انهن سان
ڏاڍائي ڪرڻ کان پوءِ، کين قتل ڪري سندن لاش اڇلائڻ
جا واقعا وڌي ويا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
ڪيترين ئي بي گناهه عورتن تي بدڪاريءَ جا الزام
مڙهي کين ماريو، ڪُٺو ۽ ڳڀا ڳڀا ڪيو پئي ويو.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
رستي ويندڙ انسانن کي سلطنت جي سپاهين بنا ڪنهن
ڏوهه جي نشانو بڻائي مارڻ شروع ڪيو. سندن وارث
ريهاٽ ڪري ماتم ڪندا رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
سلطنت جي سرڪاري زمينن تي قبضا ٿيندا رهيا. قبضو
ڪندڙن هٿان گهٽيون، شاهراهون، راندين جا ميدان ۽
قبرستان به محفوظ نه رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو پئي ويو. ڪنهن به اداري
کنڀجي ويل ماڻهن جي ذميواري قبول نه پئي ڪئي. خبر
نٿي پئي ته، کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي زمين ڳهي وئي يا
آسمان کائي ويو.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
پڙهيل لکيل بيروزگار نوجوان زندگيءَ کان مايوس ٿي
خودڪشيون ڪندا رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
ڳرا ٽيڪس مڙهي رعايا جي چيلهه چٻي ڪئي وئي. سلطنت
۾ هر طرف بک، بدحالي، مصيبتون، پريشانيون،
بيماريون ۽ وبائون پکڙجي ويون.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
عدالتن بدران طاقتور سردارن جرڳا ڪري ماڻهن تي ڏنڊ
مڙهڻ ۽ سزائون ڏيڻ شروع ڪيون ۽ اهي سردار ڏوهارين
جي پٺڀرائي به ڪندا رهيا.
نيرو بانسري وڄائيندو رهيو.
خلق جو جيئڻ جنجال ٿي ويو ته، سلطنت ۾ هر طرف کان
رڙين، ريهن، واڪن ۽ پاراتن جا آواز گونجڻ لڳا.
نيروءَ پنهنجي چپن تان بانسري ٿوري پاسيري ڪري،
سخت ڪاوڙ منجهان رڙ ڪئي،
”مان
اهي سڀ آواز نٿو ٻڌڻ چاهيان!“
نيروءَ جي چوڌاري ڪيترائي ننڍڙا بندرا نيرو موجود
هئا. انهن سڀني ننڍڙن بندرن نيرُن، نيروءَ کان
وڌيڪ وڏي آواز سان بانسريون وڄائڻ شروع ڪري ڇڏيون!
پينڊورا
جي پيتي
ڪنهن زماني ۾ هڪڙو هو رانديگر، جيڪو اتفاقي طور تي
بادشاهه بڻجي ويو هو. رانديگر بادشاهي تخت تي ويٺو
ته، هن پهريون فرمان اهو جاري ڪيو ته، پينڊورا جي
پيتي سندس خدمت ۾ حاضر ڪئي وڃي.
شاهي سپاهي پينڊورا جي گهر پهتا.
بادشاهي قاصد پينڊورا کي شاهي فرمان بابت ٻُڌايو
ته، پينڊورا پريشان ٿي وئي. چيائين،
”منهنجي
پيتيءَ ۾ ڏک، بيماريون، وبائون ۽ مصيبتون بند پيل
آهن!“
قاصد وراڻيو،
”اسان
جو ڪم بادشاهه سلامت جي حڪم جي تعميل ڪرڻ آهي.“
شاهي سپاهين پينڊورا جي پيتي کنئي ته، پينڊورا پاڻ
به پيتيءَ سان گڏ بادشاهي درٻار ۾ پهتي.
بادشاهه پينڊورا جي پيتي کولڻ جو حڪم ڏنو ته،
پينڊورا پريشانيءَ منجهان رڙ ڪئي،
”منهنجي
پيتيءَ ۾ ڏک، بيماريون، وبائون ۽ مصيبتون بند پيل
آهن. انهن کي ٻاهر نه ڪڍو.“
بادشاهه پينڊورا ڏانهن چتائي ڏسندي چيو،
”تو
به ته اها پيتي کولي هئي!“
پينڊورا ڊگهو ساهه کڻي وراڻيو،
”هزارين
سال اڳ مون ته اها پيتي کولي غلطي ڪئي هئي. توهان
انهيءَ کي ٻيهر نه کوليو.“
بادشاهه پينڊورا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پيتي
کولڻ جو حڪم ڏنو.
بادشاهه جي حڪم تي پينڊورا جي پيتي کولي وئي ته،
هر طرف ڏک، بيماريون، وبائون ۽ مصيبتون ڦهلجي ويون.
پينڊورا جون اکيون آليون ٿي ويون. ڏک سان بادشاهه
ڏانهن ڏسندي پڇيائين،
”توهان
ٻيهر منهنجي پيتي کولي ماڻهن کي ڏکن، بيمارين،
وبائن ۽ مصيبتن ۾ ڇو مبتلا ڪري ڇڏيو!؟“
بادشاهه مرڪي وراڻيو،
”ان
ڪري ته مون کي پنهنجي بادشاھت برقرار رکڻي آهي!“
*
پينڊورا يوناني ڏندڪٿائي ڪردار آهي. يوناني
ميٿالاجي مطابق دنيا هر قسم جي مصيبتن کان آجي هئي
پر جڏهن پينڊورا پنهنجي پيتي کولي ته سندس پيتيءَ
مان وبائون، بيماريون، پريشانيون ۽ هر قسم جون
مصيبتون دنيا ۾ پکڙجي ويون.
ڀولڙن جو بادشاهه
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته، هڪ ملڪ ۾ ڀولڙن جي
آبادي انسانن کان وڌيڪ ٿي وئي.
هڪ ڏينهن شهر ۾ اوچتو بيشمار ڀولڙا گهڙي آيا.
ڪيترن ڀولڙن جي هٿن ۾ لٺيون هيون، ڪيترن جي هٿن ۾
پٿر هئا ۽ ڪجهه ڀولڙن جي هٿن ۾ بندوقون به هيون.
ڀولڙن شهر ۾ داخل ٿيڻ سان ئي انسانن تي حملا ڪرڻ
شروع ڪيا.
لٺ بردار ڀولڙا انسانن جا هڏ گُڏَ پڃڻ لڳا.
پٿر کڻي آيل ڀولڙن ماڻهن جا مٿا ڦاڙي ڇڏيا.
ببدوق بردار ڀولڙا ٻانهون لوڏيندا ۽ گوليون
هلائيندا رهيا.
شهر ۾ انسانن جا لاش ڪِرڻ لڳا ۽ رستا رت سان ريٽا
ٿي ويا.
سڄي شهر تي خوف ڇانيل هو ۽ انسانَ پاڻ بچائڻ لاءِ
هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا.
شهر جي وڏي چوواٽي تي افراتفريءَ جي وچ ۾ هڪ ماڻهو
مائيڪ هٿ ۾ جهلي تقرير ڪري رهيو هو،
”مان
دنيا جي سڀني بادشاهن جي اڳواڻي ڪري تحريڪ
هلائيندس ۽ سڄي دنيا ۾ تبديلي آڻي ڏيکاريندس.....“
هڪ شخص انسانن جي ڀاڄ ۾ پنهنجو ڀرسان ڊوڙندڙ ڏاهي
کان حيرت سان پڇيو،
”هي
چريو ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪري!؟“
ڏاهي ڊوڙندي ۽ سهڪندي وراڻيو،
”جيئن
ڀولڙي کي بندوق هٿ اچي وڃي ته ڪنهن کي به هڻي سگهي
ٿو، تيئن اناڙيءَ کي مائيڪ ملي وڃي ته ڪجهه به چئي
سگهي ٿو....!“
انصاف جو دڪان
پُراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته، هڪ سلطنت ۾ شهر جي
هڪ دڪان تي وڪري جو ظاهري طور تي ڪوبه وَکر موجود
نه هو پر هڪ تارازي رکيل هئي. انهيءَ دڪان تي
تارازيءَ جي پويان اڇي مٿي وارو هڪ شخص ويٺل هو.
هڪ واپاري دڪان تي آيو. واپاريءَ تارازيءَ جي هڪ
پُڙَ کي چانديءَ جي سِڪن سان ڀري ڇڏيو.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، چانديءَ
جي قيمت مطابق تارازيءَ جي ٻئي پُڙَ ۾ انصاف وجهي،
تورَ ڪري واپاريءَ کي ڏئي ڇڏيو.
واپاري، دولت سان انصاف خريد ڪري بي فڪر ٿي هليو
ويو.
هڪ دولتمند ماڻهو دڪان تي آيو. دولتمند ماڻهوءَ
تارازيءَ جي هڪ پُڙَ کي سونَ جي سِڪن سان ڀري ڇڏيو.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، سونَ جي
قيمت مطابق تارازيءَ جي ٻئي پُڙَ ۾ انصاف وجهي،
تورَ ڪري دولتمند ماڻهوءَ کي ڏئي ڇڏيو.
دولتمند شخصُ، دولت سان انصاف خريد ڪري بي فڪر ٿي
هليو ويو.
هڪ امير دڪان تي آيو. امير تارازيءَ جي هڪ پُڙَ ۾
ايترا هيرا جواهر وڌا جو اُهي تارازيءَ جي پُڙَ
کان به ٻاهر نڪري آيا.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، هيرن
جواهرن جي قيمت مطابق تارازيءَ جي ٻئي پُڙَ ۾
انصاف وجهي، تورَ ڪري امير کي ڏئي ڇڏيو.
امير، دولت سان انصاف خريد ڪري بي فڪر ٿي هليو ويو.
هڪ غريب ماڻهو دڪان تي آيو ۽ انصاف جي اميد سان
تارازيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳو.
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، غريب
ماڻهوءَ کي تارازيءَ ۾ ڪجهه وجهڻ جو اشارو اشارو
ڏنو.
غريب ماڻهوءَ چيو،
”منهنجو
پيٽ ۽ کيسو، ٻئي خالي آهن. انصاف جي تارازيءَ ۾
وجهڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به ناهي!“
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص وراڻيو،
”دڪان
بند ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي!“
تارازيءَ جي پويان ويٺل اڇي مٿي واري شخص، غريب
ماڻهوءَ کي دڪان مان ٻاهر ڪڍي، انصاف جي دڪان جو
در بند ڪري ڇڏيو!
صدين تائين
ورجائجندڙ آکاڻي
پراڻي زماني جي آکاڻي آهي ته، هڪڙي ملڪ تي هڪ ظالم
۽ جابر بادشاهه حڪومت ڪندو هو. رياست ۾ انسانَ
جانورن جهڙي زندگي گذارڻ تي مجبور هئا پر بادشاهه
سلامت کي رعايا جي ڪا پرواهه ئي نه هئي. هو پنهنجي
بادشاهت کي برقرار رکڻ لاءِ رعايا تي روز پنهنجي
مرضيءَ جا فيصلا مڙهيندو هو ۽ ڪنهن به قسم جي ڏاڍَ
۽ جبر ڪرڻ کان نه ڪيٻائيندو هو.
ملڪ جي رعايا بادشاهه جي جبر ۽ ظلم سبب بيزار ٿي
پئي. اهڙين حالتن سبب رياست جي ڏاهن ماڻهن بادشاهه
جي خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، بادشاهي محل مان
شاهي فرمان جاري ٿيو،
”ملڪ
جو ڪوبه ماڻهو ڪنهن به ڏاهي جي ڳالهه نه ٻُڌي.“
رياست جي ڪيترن ئي ماڻهن انهيءَ شاهي فرمان کي مڃڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو. ملڪ جي جيترن ماڻهن شاهي
فرمان کي مڃڻ کان انڪار ڪيو، بادشاهه انهن سڀني
ماڻهن جي ڪنن ۾ شيهو وجهرائي، انهن سڀني کي ٻُڌڻ
جي صلاحيت کان محروم ڪري ڇڏيو!
بادشاهه جي اهڙي ڏاڍ خلاف ڏاهن آواز بلند ڪيو ته،
بادشاهي محل مان ٻيو فرمان جاري ڪيو ويو،
”ملڪ
جا ڏاها بادشاهه سلامت جي خلاف ڳالهائڻ بجاءِ زبان
بند رکن ۽ موٽ ۾ بادشاهي محل ۾ حاضر ٿي وظيفو حاصل
ڪن. زبان بند رکڻ وارن ڏاهن کي شانائتو شاهي وظيفو
ڏنو ويندو، جڏهن ته بادشاهه سلامت جي ثنا خواني
ڪندڙ ڏاهن کي وڌيڪ مالا مال ڪيو ويندو.“
اهڙو شاهي فرمان ٻُڌي، ڏيهه اڪثر ڏاها بادشاهي محل
۾ وڃي حاضر ٿيا ۽ انهن سڀني بادشاهه سلامت کي بار
بار فرشي سلامَ ڪيا. انهن ڏاهن پنهنجي ڏاهپ وڪڻي،
مال متاع ورتو. انهن جو ظيفو به مقرر ڪيو ويو ته،
کين بادشاهي تمغا به عطا ڪيا ويا.
ڏيهه جي ڪجهه ڏاهن مراعتن جي بدلي ۾ پنهنجي ذهن ۽
ضمير جو سودو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
انڪاري ڏاهن کي سزا ڏيڻ لاءِ بادشاهه حڪم جاري
ڪيو،
”انڪار
ڪندڙ سڀني ڏاهن جون زبانون وڍيون وڃن.“
بادشاهي حڪم مطابق ڪيترن ئي ڏاهن جون زبانون وڍيون
ويون پر ڪجهه ڏاها لِڪِي ويا. اهي لِڪِي ويل ڏاها،
لڪل نموني رعايا ۾ شعور بيدار ڪندا رهيا ۽ پوءِ هڪ
ڏينهن اهڙو به آيو جو، جابر بادشاهه خلاف رياست جي
رعايا اٿي کڙي ٿي ۽ بادشاهه کي پنهنجي ئي ملڪ ۾
لِڪَڻَ جي جاءِ نٿي ملي!
انهيءَ آکاڻيءَ جي ليکڪ، اها آکاڻي لکڻ کان پوءِ
هيٺان لکيو هو ته،
”منهنجي
هي آکاڻي صدين تائين ورجائبي رهندي ۽ هڪ ڏينهن
اهڙو به ايندو، جڏهن دنيا مان جبر جو خاتمو ٿي
ويندو!“
قيدي شهر
شهر جي چوڌاري ديوار ڏياري، سڄي شهر کي قيدخانو
بڻايو ويو ۽ عوام کي خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو ويو.
ڳالهائڻ تي بندش پئي ته هن احتجاج ڪيو.
کيس چيو ويو،
”جيڪڏهن
زبان کوليندين ته تنهنجي زبان وڍي ڇڏينداسين.“
هن پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي.
ٻُڌڻ تي بندش وڌي وئي ته هن احتجاج ڪيو.
کيس چيو ويو،
”جيڪڏهن
ٻُڌڻ بند نه ڪندين ته تنهنجي ڪنن ۾ شيهو وجهي
ڇڏينداسين.“
هن پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي.
ڏسڻ تي پابندي لڳي ته هن احتجاج ڪيو.
کيس چيو ويو،
”جيڪڏهن
ڏسڻ بند نه ڪندين ته تنهنجيون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين.“
هن پنهنجيون اکيون بند ڪري ڇڏيون.
سوچڻ تي بندش جو فرمان جاري ٿيو ته هن حڪم جي
انحرافي ڪندي رڙ ڪئي،
”سوچَ
تي پهرو نٿو لڳائي سگهجي!“
کيس چيو ويو،
”جيڪڏهن
سوچڻ بند نه ڪندين ته توکي ماري ڇڏينداسين.“
هن ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
هاڻي هو شهر جي چوڌاري ڏنل ديوار کي ڊاهڻ ۽
آزاديءَ جا خواب ڏسي رهيو آهي!
هڪ مُلڪ جو منظر نامو
ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته، هڪ ملڪ جي سرحدن اندر
به هڪ سرحد هئي.
ملڪ جي اندرئين سرحد جي هڪ طرف طاقتور ماڻهو رهندا
هئا، جن وٽ زندگيءَ جون سڀ آسائشون موجود هيون.
اهي سگهارا ماڻهو ملڪ جي اندرئين سرحد جي ٻئي پاسي
رهندڙ هيڻن ماڻهن تي پنهنجي مرضيءَ جا حڪم مڙهيندا
هئا. حڪم نه مڃيندڙن لاءِ سخت ترين سزائون مقرر
ٿيل هيون.
ملڪ جي اندرئين سرحد جي ٻئي پاسي رهندڙ ڪمزور
ماڻهن کي زندگيءَ جا بنيادي انساني حق به حاصل نه
هئا. اهي ذلتن جا ماريل ماڻهو ساهه به ڊڄي ڊڄي
کڻندا هئا ته، متان ساهه کڻڻ جي ڏوهه ۾ کين سزا نه
ڏني وڃي.
هڪ قدآور باغي شخصَ، سگهارن ماڻهن خلاف بغاوت جو
عَلم بلند ڪيو ته، سگهارن ماڻهن کيس ڦاهي ڏئي ڇڏي
۽ بنديخانن کي بغاوت جي علمبردار جي حامين سان ڀري
ڇڏيو.
هڪ هٿين خالي بهادر نياڻيءَ سگهارن ماڻهن کي
للڪاريو ته، کيس تير سان نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو.
هڪ ٿُلهي ماڻهوءَ پاڻ کي سگهارن ماڻهن خلاف باغي
ظاهر ڪيو ته، مصيبتن جا ماريل ماڻهو آهستي آهستي
سندس چوڌاري مِڙندا ويا.
سگهارن ماڻهن ٿلهي ماڻهوءَ ڏانهن اک کڻي ڏٺو ته
ٿلهو ماڻهو اک بچائي، پنهنجي ديس جي سرحد پار ڪري
ٻئي ملڪ ڏانهن هليو ويو.
ڪمزور ماڻهن پاڻ کي بيوس سمجهڻ بدران هڪ هنڌ گڏ
ٿيڻ شروع ڪيو ته طاقتور ماڻهن پاران، پنهنجن ڪجهه
ماڻهن جو ويس مٽائي کين ڪمزور ماڻهن ڏانهن موڪليو
ويو.
ويس مٽائي آيل اهي ماڻهو پاڻ کي هيڻن جا مسيحا چئي
هجوم جي اڳيان اچي بيٺا.
ڪمزور ماڻهن، مصيبتن کان نجات ڏيارڻ جي دعويدارن
ڏانهن غور سان ڏٺو ته، اهي قدآور بدران ڪوتاهه قد
نظر آيا.
هيڻن جي هجوم سگهارن ماڻهن طرفان موڪليل ٻهروپين
تي اعتبار نه ڪيو ته، سگهارن کي سخت ڪاوڙ لڳي.
طاقتور ماڻهن هيڻن جي هجوم کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي پر مصيبتن جي ماريل ماڻهن جو هجوم منتشر ٿيڻ
بدران مظبوط ٿيندو ويو ۽ پنهنجي ئي اندران ڪنهن
قدآور ماڻهوءَ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
ٽوپي
ڊرامو
عام ماڻهو شهر ۾ گندگيءَ جي شڪايت کڻي شهر جي
قاضيءَ وٽ پهتو.
قاضيءَ عام ماڻهوءَ کي لکت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ
لاءِ چيو.
عام ماڻهوءَ لکت ۾ درخواست ڏني.
قاضيءَ شهر جي نگران ڏانهن پڇاڻو ڪرڻ لاءِ خط
لکيو. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي ٽوپي لاهي شهر جي
نگران واري ٽوپي پاتي ۽ شهر جي نگران جي ڪرسيءَ تي
وڃي ويٺو.
شهر جي نگران جي حيثيت سان هن صفائي ڪندڙ ٽولي جي
سرواڻ ڏانهن پڇاڻي جو خط لکيو. انهيءَ کان پوءِ هن
صفائي ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ واري ٽوپي پاتي ۽ صفائي
ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ جي ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
صفائي ڪندڙ ٽولي جي سرواڻ جي حيثيت سان هن شهر جي
قاضيءَ ڏانهن خط لکيو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته شهر ۾
گندگيءَ جو ذميوار عام ماڻهو آهي. انهيءَ کان پوءِ
هن شهر جي قاضيءَ واري ٽوپي پاتي ۽ واپس قاضيءَ جي
ڪرسيءَ تي وڃي ويٺو.
شهر جي قاضيءَ عام ماڻهوءَ کي طلب ڪيو.
عام ماڻهو قاضيءَ جي سامهون اچي حاضر ٿيو.
قاضيءَ پنهنجي سامهون ڪٽهڙي ۾ بيٺل عام ماڻهوءَ
ڏانهن ڏسندي فيصلو ٻڌايو،
”عام
ماڻهو گندگي ڦهلائڻ جو ذميوار آهي، تنهن ڪري شهر
کي صاف رکڻ خاطر عام ماڻهوءَ کي سزا طور بنديخاني
۾ داخل ڪيو وڃي.“
آئينو ڏوهاري آهي
مڪروهه مهانڊن وارن ماڻهن انهيءَ شخص کي قتل ڪري
ڇڏيو، جيڪو کين پنهنجي آئيني ۾ سندن اصلي شڪليون
ڏيکاريندو هو.
مڪروهه مهانڊن وارا سندس آئيني ۾ پنهنجيون شيطاني
شڪليون ڏسي ڪاوڙجي پوندا هئا. مڪروهه چهرن وارا
اهي ماڻهو، آئينو ڏيکاريندڙ شخص کي موتمار ڌمڪيون
ڏيندا هئا ته، هو انهن کي آئيني ۾ سندن اصل شڪل نه
ڏيکاري پر آئينو ڏيکاريندڙَ شخصَ سندن ڳالهه مڃڻ
کان انڪار ڪري ڇڏيو.
هو روز صبح جو آئينو کڻي گهران نڪرندو هو. هن کي
جتي به، جيڪو به مڪروهه مهانڊن وارو ماڻهو نظر
ايندو هو ته، هو سندس اڳيان وڃي آئينو جهلي بيهي
رهندو هو.
هو آئينو ڏيکارڻ کان نه مڙيو ته مڪروهه مهانڊن
وارن ماڻهن گڏجي هن کي ماري ڇڏيو ۽ سندس لاش جي
چوڌاري رقص ڪرڻ لڳا. اڃا موت جو رقص جاري هو ته،
شيطاني شڪل واري هڪ شخص رڙ ڪري چيو،
”اسان
آئينو ڏيکاريندڙ کي ته ماري ڇڏيو پر آئينو ته اڃا
به موجود آهي!“
موت جو رقص ڪندڙ، مڪروهه چهرن وارا سڀ وحشي بيهي
رهيا. سڀني وحشين ڪاوڙ منجهان قتل ڪيل شخص جي لاش
ڏانهن ڏٺو، جنهن جي هٿ ۾ اڃا به آئينو موجود هو.
هڪ وحشي اڳتي وڌيو ۽ هن قتل ٿي ويل شخص جي هٿ
منجهان آئينو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو مري ويل شخص
جي هٿ مان آئينو ڦُري نه سگهيو. اهو ڏسي ڪجهه ٻيا
قاتل اڳتي وڌيا ۽ انهن گڏجي مري ويل ماڻهوءَ جي هٿ
منجهان آئينو ڦُرڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين ناڪامي ٿي.
انهيءَ کان پوءِ سڀني قاتلن گڏجي ڪوشش ڪئي پر پوري
طاقت جي باوجود به، هو قتل ٿي ويل شخص جي هٿ
منجهان آئينو کَسي نه سگهيا.
ڪيتررا ئي سال گذري ويا آهن پر مڪروهه چهرن وارا
اهي وحشي، سندن شيطاني چهرا ڏيکاريندڙ آئيني کي اڄ
تائين نه ٽوڙي سگهيا آهن!
رَتُ پياڪَ
چيائين،
”انسانن
کي ڇڏي تو اڄڪلهه جِنَنِ ۽ جانورن تي ڪهاڻيون لکڻ
شروع ڪيون آهن!“
وراڻيم،
”ان
ڪري ته اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو جِنَنِ ۽ خطرناڪ جانورن
کان وڌيڪ خونخوار ٿي ويا آهن!“
طنز سان مرڪي چيائين،
”ليکڪ
لاءِ مشاهدو بيحد ضروري آهي. تنهن ڪري ڪجهه وقت
توکي جهنگ ۾ وڃي جانورن سان ۽ جِنَنِ جي واديءَ ۾
وڃي جِنَنِ سان گڏ رهڻ گهرجي!“
وراڻيم،
”مان
پوري تحقيق ۽ مشاهدي کان پوءِ ئي ڪجهه لکندو آهيان.“
ٽوڪ سان مرڪي پڇيائين،
”ڪڏھن
جِنُ ڏٺو اٿئي؟“
وراڻيم،
”ها،
مون بيشمار جِنَ ۽ جانور ڏٺا آهن. هر طرف اهڙا
جِنَ ۽ جانور موجود آهن، جيڪي انسانن کي آزاريندا
رهن ٿا!“
هو ڪجهه دير غور سان مون ڏانهن ڏسندو رهيو ۽ پوءِ
پڇيائين،
”ڪٿي
ڪٿي ڏٺا اٿئي؟“
وراڻيم،
”مان
جتي ڪٿي انسان دشمن جِنَنِ ۽ جانورن کي ڏسي سگهندو
آهيان.“
هن جي چهري تي سنجيدگي طاري ٿي وئي. چيائين،
”مون
ٻُڌو آهي ته پراسرار ڪهاڻيون لکندڙ ليکڪ پراسرار
صلاحيتن جا مالڪ هوندا آهن!“
مون ڪو به جواب نه ڏنو، فقط مُرڪي پيس.
هن پنهنجي ڪرسيءَ تي ٿورو اڳتي سُري پڇيو،
”ڇا
تون مون کي به ڪجهه ڏيکاري سگهين ٿو؟“
مون هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.
هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ منهنجي ڪرسيءَ جي
ڀرسان اچي بيٺو. پڇيائين،
”انهيءَ
لاءِ ڪٿي هلڻو پوندو؟“
چيم،
”انسانن
کي آزاريندڙ اها مخلوق مان توکي هتي ئي ڏيکاري
سگهان ٿو.“
هن ٿوري تجسس مان پڇيو،
”هتي
ڪيئن!؟“
مون هن کي آئيني جي سامهون وڃي بيهاريو.
چيم،
”آئيني
۾ غور سان ڏس!“
هن هڪ نظر آئيني ۾ ڏسي مرڪندي چيو،
”پنهنجي
شڪل ته مان روز آئيني ۾ ڏسندو آهيان!“
اهو چئي هو واپس وڃي، عام انسانن جي زندگين تي اثر
انداز ٿيندڙ، تمام وڏي عهدي واري پنهنجي ڪرسيءَ تي
ويٺو ته چيم،
”جنهن
ڏينهن آئيني توکي پنهنجي اصلي صورت ڏيکاري، ان
ڏينهن توکي خبر پئجي ويندي ته تون انسان ناهين!“
هن مرڪي وراڻيو،
”مون
کي خبر آهي ته مان ڇا آهيان!“
ايترو چوڻ کان پوءِ، سندس وجود رت پياڪ جانور ۾
تبديل ٿي ويو. سندس وات منجهان انساني رت ڳڙي رهيو
هو پر مُرڪ تڏهن به سندس چپن تي موجود هئي.
باغي
مون کي ڳالھائڻ کان روڪيو ويو. مون سبب پڇيو ته،
مون کي کنڀي گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويهاريو ويو ۽
ٻه ماڻهو منهنجي ٻنھي پاسن کان ويهي رهيا. گاڏي
هلي ته انهن منهنجين اکين تي پَٽي ٻَڌي ڇڏي ۽ مون
کي خاموش رهڻ لاءِ چيو.
مون پريشانيءَ منجهان پڇيو،
”توهان
مون کي ڇو کنيو آهي؟“
منهنجي ساڄي پاسي ويٺل شخص وراڻيو،
”اسان
کي اختيار حاصل آهي ته اسان ڪنهن به ڳالهائيندڙ
ماڻهوءَ کي، ڪنهن به وقت، ڪٿان به کڻي سگهون ٿا.“
چيم،
”مان
بي زبان جانور ناهيان. مان انسان آهيان، تنھن ڪري
ڳالھايان ٿو. منهنجو قصور ڪهڙو آهي؟“
منهنجي کاٻي پاسي ويٺل شخص جواب ڏنو،
”پنهنجو
قصور پڇڻ وارو ماڻهو ئي اسان جي نظر ۾ قصوروار
هوندو آهي، تنھن ڪري خاموش رهڻ ئي تنهنجي حق ۾
بهتر آهي.“
مون رڙ ڪري چيو،
”خاموشيءَ
جو ٻيو نالو موت آهي. مان جيئڻ ٿو چاهيان، ڳالهائڻ
ٿو چاهيان.“
انهيءَ کان پهرين جو مان ڪجهه وڌيڪ ڳالهايان، انهن
ماڻهن منهنجي وات تي به پَٽي ٻَڌي ڇڏي.
ڊگهي سفر ۽ ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ گاڏي هڪ هنڌ
بيٺي، جتي مڪمل خاموشي هئي. هنن مون کي هيٺ لاٿو
ته مون کي يقين ٿي ويو ته، هو مون کي ڪنهن ويران
علائقي ۾ کڻي آيا آهن پر جڏهن انهن منهنجين اکين
تان پٽي لاٿي ته، مان اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته مان
اهڙي هنڌ موجود هئس، جتي مڪمل خاموشي هئي. هر طرف
بيشمار ماڻهو ته هيا پر ڪنهن به ڪجهه نه ٿي
ڳالهايو.
گاڏيءَ ۾ اڳيان ويٺل شخص، هر طرف موجود ماڻهن
ڏانهن اشارو ڪري چيو،
”هي
سڀ ماڻهو ان ڪري جيئرا آهن، جو اهي نٿا ڳالهائين.
اڄ کان پوءِ تون به نه ڳالهائجانءِ، نه ته اسان
توکي ماري ڇڏينداسين.“
مون پنهنجي چپن تان پَٽي لاهي رڙ ڪئي،
”مان
ڳالهائيندس. مون کي ماري ڏسو، مان مرڻ کان پوءِ به
ڳالهائيندس.“ |