سيڪشن: ڪهاڻيون

ڪتاب: اُڀر چنڊ پس پرين

باب:

صفحو:13 

مون توکي وري سپني ۾ ڏٺو: ڏسان ٿي ته مان گهر ۾ اڪيلي آهيان. گهر ۾ صفائي ٿي ڪيان. تون گهر کان ٻاهر گاڏيءَ تي بيٺو آهين، ٻاهر اُس ڏاڍي تتل آهي. تون مون کي سڏين ٿو پر مان توکي چوان ٿي ته ٿورو ترس مان صفائي ڪري اچان ٿي. پر پوءِ تون گهڻي دير ترسي ڪونه سگهئين ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي هليو وئين! اهي ٻئي خواب مون تڏهن ڏٺا هئا جڏهن مون اڳي توکي ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو ۽ جڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ توکي ڏٺم ته هوبهو سپني ۾ ڏٺل انسان جهڙو هئين. مان اڄ به حيرت ۾ آهيان ته اهو سڀڪجهه ڇا هو!؟ جڏهن تون مون سان مليو هئين ته مون کي ڄاتل سڃاتل لڳو هئين. لڳيم پيو ته تو سان ڪنهن جنم ۾ ڪو ناتو رهيو هوندو. اهي افسانوي ڳالهيون ناهن پر سورهن آنا سچ آهي. مون کي اڄ به سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو ڪهڙو ناتو هو جو مان هڪ اڻ ڏٺل انسان کي سپني ۾ ڏٺو جيڪو پوءِ منهنجي حياتيءَ تي ڇانيل آهي. تو مون کي ڇڏي به ڏنو. جنهن جو مون کي اڳ ۾ ئي کُٽڪو هو ڇو ته مون سپني ۾ ائين ئي ڏٺو هو.

اڄ ٻارهن سالن کان پوءِ مون وري هڪ سپنو ڏٺو ته هڪ گول چبوترو آهي، جنهن جي چؤطرف پاڻي آهي. ڏاڍو صاف ۽ شفاف شيشي جهڙو. ان ۾ پکي ترن ٿا. اهي پکي گڏجي هڪ هندستاني گيت ٿا ڳائن. اهو گيت مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي ڪجهه هن ريت هو ته ”هم پنڇي ايڪ ڊال ڪي.......“

ان چبوتري جي اولهه طرف هڪ بند دروازو آهي. دروازو ڏاڍو قديم دور جو هو. مان ڏاڍي وياڪل آهيان ۽ سوچيان ٿي ته تو تائين ڪيئن پهچان؟ ڇاڪاڻ ته بند دروازي ۽ منهنجي وچ ۾ چبوترو ۽ پاڻي آهي، پوءَ مان ڀٽڪي ٿي وڃان پر پيچ گهٽين ۽ غليظ گهٽين ۾، ۽ خواب ٽٽي ٿو پوي. پکين تي ياد آيو هت منهنجا Practical انسان ته توکي اها ته سڌ هوندي ته ٻه پکيئڙا چهنب ۾ چهنب ملائي پهرن جا پهر وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺا هوندا آهن. تون پنهنجي لغت ۾ ان کي ڪهڙو نانءُ ڏيندين!؟ اهي پکي فطرت جي لالچ کان گهڻو ڏور پاڻ ۾ کويل هوندا آهن، ٻڌاءِ تون ڪهڙو نانءُ ڏيندين.........!؟

مان به پکيئڙو آهيان منهنجي ڳچيءَ تي طوطي وانگر ڪنٺيون يعني ريکائون ٺهيل آهن. چوندا آهن ته جنهن جي ڳلي تي ريکائون هونديون آهن، انهيءَ جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو آهي......... ها نه-----!؟-------- ها نه------ جي پويان هڪ ڳالهه ٿي ياد اچي، شايد توکي ياد هجي، پر تون مون کي وساري ويٺو آهين سو منهنجون ڳالهيون توکي ڪٿي ياد هونديون!؟؟ مان ئي چري آهيان اجايو..... هانه--!؟ چئه ”ها--- مٺي!!“ ائين چئي اکين ۾ پيار جون ريکائون ڀري ڇڏيون. جيئن گهڻا سال اڳ منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪيو هيئي. ان وقت تو سوچيو هوندو ته هيءَ ته ڪا بنهه چري ٿي ڏسجي! منهنجو جيون بس ڪجهه هن گيت وانگر گذري رهيو آهي. مان اڄ به چرين وانگر تو لاءِ سوچيندي آهيان.

بے بن سو ری پت جھڑ جیون میرا

تم بن ہیں یوں جل بن ندیا

میں سونے یوں بنا سانوریا

اوروں کی تو رات اندھیری

پر میرا تو ہے دن بھی اندھیرا

آئی مدھر رت بسنت بہار ری

پھول پھول پر بھنورا گونجتا

سَکھی آئی نویسین بھنور ہمارا

سب لگ نین دوار سجائوں

دیپ جلائوں دیپ بجھائوں

سب لگ کروں سنگھار

آئی مدھر رت بسنت بہار۔

اڄ مان سوچيان ٿي ته پل، جڳن ۾ ڪيئن سمائجي ويندا آهن ۽ جڳ ڪيئن پلن ۾ وکري ويندا آهن. سا به مون کي هاڻي ٿي خبر پوي ته هيءَ ڪائنات ڏاڍي پراسرار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نه سمجهه ۾ ايندڙ دلين جو ناتو.

سياري ۾ مون هڪ ٻيو به سپنو ڏٺو، سڄو ته ياد نه اٿم بس هڪ ٽڪر ياد اٿم ته تو مون کي پري کان چاٻين جو ڇُڳو اڇلائي هنيو آهي، جيڪو ٽي ٽڪر ٿي پيو آهي ۽ منهنجي مٿان وکري ويو آهي. پوءِ جيئن ئي منهنجي اک کلي ته منهنجي چپن تي هڪ گيت تري آيو، گيت جا ٻول ڪجهه هن ريت آهن. ” کوئی دیکھے سندیسا  دل کا  ہائے دل لوٹ گیا ھائے لوٹ گیا.“

مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي ته اهو گيت مون سپني ۾ ڳاتو يا جاڳندي! هڪ دفعي تو چيو هو ته: ”مٺي تون ته ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. تون ته ڪا ڏاڍي جذباتي آهين“ها اهو سچ آهي ته مان ڏاڍي جذباتي آهيان ۽ اوڏائي مون کي جذبات کان وانجهيل ماڻهو مليا آهن. هر دفعي قسمت مون کي مات ڏئي ويندي آهي.

تنهنجي سيني ۾ دل ڪانهي پٿر آهي ۽ تون بي رحميءَ منجهان ٿڪجي پيو آهين- مون توسان ڪا بي وفائي ناهي ڪئي، اهو تنهنجو وهم آهي. مان پنهنجي دل جي سمورين سچائين سان توسان گڏ آهيان. مون انسان جي آتما تي تجربو ڪيو آهي، بس اهو ڏسڻ چاهيو آهي، ته پيار مري نٿو ۽ پيار ۾ شرط نه هوندا آهن. منهنجو انهيءَ سِٽ تي پورو وشواس آهي. اها سٽ منهنجي روح ۾ رچي وئي آهي ۽ منهنجي حال، مستقبل ۽ ماضيءَ تي ڇانيل آهي. پيار ۾ ڪيتري شڪتي آهي بس ديوتا اهو ڏسڻ پئي چاهيو، تون سچ ته ان کي بي وفائي نه سمجهه.

قدرت جون بي  رحم قوتون پيار جي شڪتيءَ اڳيان بيوس آهن، مون هن ڌرتيءَ کي پيار جي ڪومل ڪومل جذبن کان وانجهيل رهي نه ڏٺو آهي. هن ڌرتيءَ کي سون ورنو ڏسڻ چاهيو آهي.

اڄ ڌرتيءَ تي ڳاڙها گلابي گل ٽڙيا آهن ۽ چؤطرف انهن جي سرهاڻ آهي، مهڪ آهي. ان ۾ تون آهين، ان ۾ مان آهيان. هن جڳ جا سمورا سچا انسان آهن.

هڪ دفعي تون مون وٽ ويٺو هئين ان پل منهنجون ننڍڙيون ڌيئرون ڪمري ۾ گهڙي آيون. تو چيو ”هنن کي ڪڍي ڇڏ!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون جهٽ ڏئي هنن ٻنهين کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ان وقت تون مون کي صفا ڪونه وڻيو هئين. مون کي لڳو تون رڳو منهنجي سرير کي ٿو چاهين ۽ منهنجي آتما کي نه، توکي منهنجي سرير جي بک آهي.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان تنهنجي ڀر ۾ ويٺل هيس ته تنهنجو پٽ ڪمري ۾ آيو. سچ پڇين ته مون کي هن تي ڏاڍو پيار آيو ڇو ته هن ڪپڙي سان ٽيبل پئي صاف ڪئي. مون کي محنتي انسان وڻندا آهن، سو هي ننڍڙو انسان پنهنجي پتڪڙن هٿن سان ٽيبل صاف ڪري رهيو هو. تو گذريل ڳالهه جو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي پٽ کي چيو.

ابا تون ڇو ٿو ٽيبل صاف ڪرين، آءُ هت اچي ويهه.“ مون کي تڏهن توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. تنهنجي اها پيار  سان ٽماٽار سٽ وڻي به ڏاڍي هيم. بس پنهنجي قسمت تي ڪاوڙ آئي هيم. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجون ننڍڙيون ڌيئرون تنهنجي ڪمري ۾ ويٺيون هيون. انهن کي مون رسالو کڻي ڏنو، هو ڏسڻ لڳيون، تڏهن تون ڪمري ۾ داخل ٿئين. تو ڏاڍي پاٻوهه مان منهنجين ڌيئرن کي ڏٺو ۽ مون کان پڇيو ”ها ڇا ٿيون ڪن؟

رسالو ٿيون ڏسن.“ هو تمام ننڍڙيون هيون، انڪري توکي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ پيار به آيو. ان وقت تنهنجين اکين ۾ منهنجي ڌيئرن لاءِ پيار پئي ڇلڪيو. توکي انهن جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي هئي. تڏهن  به تون مون کان پنهنجو پيار لڪائي نه سگهيو هئين. تون کڻي پاڻ تي ڪيترا به بي رحميءَ جا خول چاڙهين، مان تنهنجي اندر مان گهمي ويندي آهيان. پوءِ مون کان پنهنجي اندر ۾ ويٺل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو شيطان! ان لاءِ تون ڪروڙين جنم وٺين ته به مون کان ڳجهو رهي نه سگهندين.

چڱو ٿورو ذهن تي زور ڏي، تو هڪ دفعي چيو هو ”مٺي تون لپسٽڪ نه هڻندي ڪر.“ مون لپسٽڪ هڻڻ ڇڏي ڏني. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ تو وري فرمائش ڪئي ته: ”مٺي تونNatural Colour  لپسٽڪ هڻندي ڪر!“ مون توکي پرس مان Natural Colour Lipistick ڪڍي ڏيکايندي چيو: ”اجهو هيءَ ڏس، مون کي خبر هئي ته هاڻ تنهنجي من ۾ ڇا ايندو! بس رڳو اهو الزام نه هڻندو ڪر ته مان توکي سمجهان نٿي.“

ها ته Practical انسان توکي ڇا مليو مادي دنيا مان؟ تو چيو هو ته تون سٺو به آهين ڏاڍو خراب به آهين. پيارا اهي خصلتون ڪنهن جون آهن؟ ٺهيو مان نٿي چوان توکي. پر مان ته تو ۾ رڳو سٺو انسان ڳولي سگهي آهيان. تو وٽ جذبا آهن، ڏک آهن، سک آهن، تون به اسان جهڙو نرمل انسان آهين.

هن ڌرتيءَ تي جذبا، ڪلپنائون نه هجن ته ڪو ٻار وڌي جوان نه ٿئي. ڌرتيءَ تي ايتري سونهن نه هجي. سرير ۾ آتما نه هجي. ان آتما ۾ جذبا نه هجن ته تون سڄو ڪروڌ سان ڀريل هجين، مزدور محنت نه ڪري، هاري هَر نه ڪاهي ۽ ڌرتيءَ تي رڳو اگني ئي اگني هجي. Practical ماڻهو ائينته ڪونهي، هت رڳو ڪروڌ ته ڪونهي، گيت به آهن، سنگيت به آهي. سندر سندر گيت بنا ڪلپنا ۽ جذبن جي ته ڪونه سرجيا ويا آهن. پاڻ ٻنهي جا ٻار جوان ٿي ويا آهن. مان ائين ڀائيندي آهيان ته مون کي ٽي ٻار آهن ۽ تون منهنجو سوامي آهين!

هڪ دفعو مان ٻوليءَ وارن فسادن ۾ بي گهر ٿيل سنڌين لاءِ توکان چندو وٺڻ آيس، تو مون کي ويهڻ لاءِ به نه چيو، مان ائين ئي بيٺي رهيس تو چيو:

“What can I do for you”?  منهنجي لاءِ تون ڇا ڪندين؟ توتي پڳ ڪانهي پئي. تون رڳو مون لاءِ ٻه پل سوچين، پر تون ڪٺور آهين، ڪٺور بي حد بي رحم. انساني صفتن کان خالي. بس تو ويهه رپيا ڪڍي ڏنا. اهي ويهه رپيا مون وٽ ڪونه هئا ڇا؟ مان ته بس توکي ڏسڻ هلي آئي هيس. ايڏو من ۾ ڪروڌ اٿئي مون لاءِ؟ مان ايڏي ويل ته ڪانه آهيان، جنهن سان تون رڳو انسانن وارو ورتاءُ به نه رکين!؟

جڏهن به مان تو لاءِ سوچيندي آهيان. منهنجي رت جي گردش وڌي ويندي آهي. ائين ڀائيندي آهيان ته منهنجي جسم مان رت جهرڻي وانگر ڦٽي نڪرندو. تنهنجو سنجوڳ منهنجي سرير ۾ ڏڪڻي پيدا ڪندو آهي! ڪي ڏينهن اها سرديءَ جي لهر ڇانيل هوندي آهي. ائين ڇو آهي ٻڌاءِPractical  ماڻهو ائين ڇو آهي!؟

منهنجو پاڻ تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن کلندي آهيان، ڪڏهن روئندي آهيان. تنهنجي سڃاڻپ مون کي قدرت جي نظارن مان به ملندي؟ مون کي تون ٻير جي وڻ جهڙو نظر ايندو آهين. هڪ دفعي مون وار پئي سيٽ ڪرايا. جڏهن ڪٽيل وار منهنجي جهوليءَ ۾ اچي پيا. وارن کي ڏسي اندر ۾ ڪنهن ڄڻ دانهن ڪئي. تنهنجا وار به اڇا ۽ ڪارا آهن. انهن وارن ۾ مون کي تون نظر آئين. تڏهن ئي ته مان پنهنجي وارن کي ڪارو نه ڪندي آهيان. ڪاته Resemblanceتوسان هجيم.

تو سرڻين وانگر لامارا ڏيڻ ڇڏي ڇونه ڏنا آهن، تنهنجي انهن لامارن تي اڳي ڪاوڙ ايندي هئي، پر هاڻي تنهنجا اهي لامارا به ڏاڍا ياد ٿا اچن. هاڻي دل ٿي چئي ته سرڻين وارا لامارا ڪڏهن به ختم نه ٿين. تون منهنجي جڳن جي تلاش آهين. ائين مان توکي وڃائڻ نٿي چاهيان. توکي ياد آهي تو به ته ڪڏهن ائين چيو هو ته:

 “I don’t want to lose you.”  تو اڄ به مون کي لوز ناهي ڪيو، اڄ به جيئن جو تيئن منهنجي هردي ۾ سمايل آهين، شايد پکي پکڻ تنهنجي ياد ڏيارين. تو ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ جون وصفون سمايل آهن، تڏهن ته ائين ٿيو. ”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.“ تون ڇا ڄاڻين ڪڻڪ جي مانيءَ مان ڄٽ!!

هون ٺيڪ ٿي چوان نه-!؟

رات ٿيندي آهي ته ڏينهن جو انتظار ڪندي آهيان ته شايد سج جا ڪرڻا تنهنجو ڪوئي سنديس کڻي اچن. شايد صبح جي ٿڌڙي هير ڪوئي سنهيو آڻي ۽ ڏينهن ٿيندو آهي ته رات جو انتظار ڪندي آهيان ته شايد سپني ۾ تون اچي مون کي جاڳائين. شايد چنڊ ستارا تنهنجو سنديش آڻين! پر ائين ڪونه ٿيندو آهي. مان پاڻ ئي پاڻ يادن جي ڪڙين کي ملائي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان تو سان وڃي ملندي آهيان. تون وساري ويٺو آهين ته ڇا ٿي پيو! مون کي ته جيئنَ جو تيئن ياد آهين.

هڪ دفعي تو منهنجي ڀر مان لنگهي ٿورو پريان وڃي گاڏي بيهاري. مون تيز تيز وکون کڻي تو تائين رسڻ جو جتن ڪيو پر تو منهنجي پهچڻ جو انتظار نه ڪيو ۽ هليو وئين! تون ٻه پل جي رڪجين ها ته مان تو وٽ پهچي وڃان ها. توکي هٿ ٻڌي چوان ها ته مون کي ائين ڌڪار نه، مان تنهنجي آهيان. دل تنهنجي آهي، هي جذبا تنهنجا آهن. ڪلپنائون تنهنجون آهن. پراڻ تنهنجا آهن، منهنجي رات تنهنجي آهي، ڏينهن تنهنجو آهي. منهنجي سموري ڪائنات تنهنجي آهي، تون مڃين يا نه مڃين منهنجي آتما کي پنهنجي پيار ۾ ڪوئي ناهي جڪڙي سگهيو. روح بس رولڙي ۾ اچي ويو آهي، جنهن کي ڪٿي به سک نٿو ملي. ٻڌاءِ توکي پوءِ به شڪايت آهي ته مان بي وفا آهيان!؟ مون پاڻ کي ڪڏهن انسان ناهي سمجهيو. مان ڌرتي آهيان. مان آڪاش آهيان، مان ڪاري گهٽا آهيان، مان لُڪ آهيان، مان ٿڌڙي هير آهيان، مان گهرو ساگر آهيان، مان گنگا آهيان، مان ئي سنڌو آهيان!! مان جهرڻو آهيان، مان تارن جو جهرمٽ آهيان، مان هر هنڌ وکريل آهيان. مون کي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏ!! ته جيئن منهنجي هستي مٽجي وڃي. مان نه رهان بس رڳو تون ئي تون هجين! تون!--- جنهن کي مون هر هنڌ محسوس ڪيو آهي گيتن ۾، هوائن ۾، ڪارين گهٽائن ۾؛ سج چنڊ تارن ۾، هن سڄي ڪائنات ۾ تون وکريل آهين. اچ ته مان توکي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، جيئن تون تون نه رهين رڳو مان وڃي بچان. اسان ٻئي وجود وڃائي وجهون، فنا ٿي وڃون!!!

تون صفا جلد باز آهين تو ۾ ڌيرج صفا ڪونهي. تو ملاقات جي پهرئين ڏينهن چيو هو ته ”مان توسان شادي ڪونه ڪندس، ٻڌاءِ ڏيندينءَ مون کي پيار!؟” ”ها— ڇو ڪونه!!!“ پوءِ مون توکي پنهنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏيو! جنهن مان تو اندازو لڳايو ته مان شايد Corrupt آهيان! ائين ته ڪونه هو. مون کي تو ۾ ڪا لالچ ڪانه هئي پوءِ مان ڇو توکي پارسائيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيان ها. مان ائين به ڪري سگهيس ٿي. پر مون کي تو سان پيار هو، انڪري مون پارسائين جون زنجيرون تو مٿان نه اڇليون. مون کي به دل هٿ ڪرڻ ايندي آهي پر مون ائين تو سان نه ڪيو. ڇو ته پيار ۾ لالچ نه هوندي آهي، توبه ته ائين چيو هو ته ”مان جي چاهيان ته تون گهر ٻار تياڳي جوڳڻ بنجي منهنجي گهر اڳيان ديرو ڄمائين پر مان Selfish ناهيان. مٺي مون کي توکي قيد ڪرڻ اچي ٿو.“ پيارا منهنجي به ساڳي دعويٰ تو لاءِ آهي. ڇا توکي مون ۾ پيار نظر نه آيو؟ تو مون ۾ ڪجهه به محسوس نه ڪيو؟ جن ۾ تو لاءِ سنديس هوندو آهي. منهنجي ڪهاڻين جي هر اکر هر سٽ پويان تون هوندو آهين.

تو ڏهه سال مون کي نهاريو به نه، مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. پوءِ مان ڇا ڪريان ها. جک ماريان ها؟ مون کي پيار جون بوندون جتان به مليون، مان انهن کي وڌي سويڪار ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو مان دائمي طرح ڪنهن جي به نه ٿي سگهي آهيان. توکي حاصل ڪرڻ لاءِ مان آسمان ۾ لٺيون ته ڪانه هڻدس نه؟ تو چيو هو ته ”لٺيون ته ڪوبه نه هڻندو آهي.“

اڄ به تون منهنجي اندر جهاتي پائي ڏس، اتي توکان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونهي. تو ۾ ته رڳو خوش اخلاقي به ڪانهي جو رستي ويندي دعا سلام به ڪونه ڪندو آهين. مان توکي چنبڙي ته ڪانه پوندس نه؟ يا تون ڪنهن سان ايڏو سچو آهين جو مون ڏي اک کڻي نهارڻ به پاپ سمجهندو آهين! جو ايڏو ڪتي جيان وفادار آهين. مون کي ڏس مون ڪنهن سان وفا ناهي ڪئي. تو کان پوءِ بس رڻ رلي آهيان، ان کي تون بي وفائي نٿو چئي سگهين سمجهئهPractical  انسان! منهنجي دل تنهنجي لاءِ سٽون کائيندي آهي پر مان ته تنهنجي لاءِ exist ئي نٿي ڪيان. ورنه واٽ ويندي ائين رکو رويو نه رکين ها. سچ ته رت رئاريندو آهي تنهنجو اهو رکو رويو. ايڏي بي رحمي چڱي ناهي ديوتا! مان ديوداس آهيان، مان ئي چندر مکي آهيان مان ئي پارو آهيان پر تون جي سمجهين.

منهنجو پنهنجي جيون تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن توکي ساري روئندي آهيان، ڪڏهن مرڪندي آهيان. ڪڏهن پهرن جا پهر اداس ويٺي هوندي آهيان، ڪڏهن پهرن جا پهر هڪ ئي گيت ٻڌندي رهندي آهيان، هندستاني سنگيت سان منهنجي آتما جو گهرو سٻنڌ آهي جو سُڌٻُڌِ وڃائي ويهندي آهيان.

سچ ته اهو آهي ته تون منهنجي يگن جي تلاش آهين. ڪروڙين جنم تولاءِ ڀٽڪي آهيان. مون توسان ناتو جوڙي اڄ به ناهي پڇتايو. مان ته خوش آهيان جو تنهنجيون يادون مون وٽ آهن. منهنجي سرير ۾ آهن، منهنجي آتما ۾ آهن. مان توکي وساري نٿي سگهان ۽ توکي پنهنجي جيون جو حصو ٿي سمجهان. هلڪي سلڪي آتما سان تنهنجي اوسيئڙي ۾ آهيان. گهڻا سال اڳ تون مون وٽ آيو هئين يا ائين کڻي چئجي ته منهنجي ڪري آيو هئين. تون ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هئين. توکي ڏسي منهنجي دل ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو، منهنجي چپن تي هڪ تلخ ۽ ڪڙي سٽ مڙي آئي.

“Some thing very strange you are here”  پر ڪجهه سالن کان پوءِ جڏهن من جو ڪروڌ هٽي چڪو آهي، تڏهن دل روئندي آهي ته مون وڌي تنهنجو هٿ ڇو نه پڪڙيو؟ ۽ تنهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ائين ڇو نه چيو ته:

آيو آهين ته اچ ته مان توکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، مون وٽ دل جي دولت ته گهڻي آهي پر تون ڏاڍو مهانگو آهين.“

انارڪلي اڄ به اجري من سان انڌيرن ۾ ڀٽڪي پئي، جنهن کي تون سمجهي نٿو سگهين.

 

آيل ڍولئي ساڻ، اچي ته جهيڙيان

 

سوچ ئي ته سندس جيون جو اڻ کُٽ سرمايو هئي. . . . ’سانوڻ مون کي ڪڏهن لاڪر سڃاڻندو هو، اِها ته سڌ ڪانهيم. پر هن جو چوڻ آهي ته هو مون کي سُڃاڻي ۽ ڄاڻي. ڪيئن سڃاڻي ۽ مون بابت کيس ڪهڙي ڄاڻ آهي، سا ته کيس ئي سڌ هوندي. . . . شايد منهنجي ڪا ڪهاڻي پڙهي هوندائين يا ڪٿي ڪو گيت آلاپيندي ٻڌو هوندائين، پر سندس چوڻ آهي ته هو مون کي سالن کان سڃاڻي.‘

ها! پهريون ڀيرو کيس ڪنهن ميڙ ۾ ڏٺو هوم. هزارين ٻڌندڙن جيان هو به آيو هو منهنجو گيت ٻڌڻ. کيس شايد ويهڻ جي جاءِ ملي نه سگهي هئي، انڪري اسٽيج جي ڀر ۾ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ٽِڪ ٻڌيو پئي مون ۾ نهاريائين. الا! – ان نهار ۾ ڪيڏي نه پيڙا هئي. هڪ اڻکٽ درد. . . .  راڻي جيان ارڏو هٺيلو ۽ ڳنڀير سانوڻ مون کي ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ هو راڻي جي جوڻ مٽائي ويهين صديءَ جي مومل پسڻ ڪاڻ آيو هجي.‘

اڄ وري آشا جي من تي يادن جا ساگر اٿلي پيا هئا، هوءَ يادن جي تيز وهڪرن ۾ وهڻ لڳي ’آءٌ جڏهن هال کان ٻاهر نڪتي هيس ته سامهون سانوڻ کي بيٺل ڏٺو هئم-  ساڳيون اُداس ۽ وياڪل اکڙيون، اهو ئي گنڀير چهرو- ۽ هو  منهنجي من مندر ۾ پيهي ويو هو . . . . آءٌ پنهنجي نيڻن جا لڙڪ پيئندي اڳتي وڌي ويئي هيس. دل ۾ آيو هوم ته سانوڻ سان ڪهڙو رشتو ناتو اٿم؟ منهنجي نيڻن ۾ ڀلا هي لڙڪ ڇو ڀرجي آيا آهن!؟

’ . . . ۽ پوءِ ڪيترن ڏينهن پڄاڻان مون کيس ادبي ڪچهريءَ ۾ ڏٺو. آءٌ پنهنجي ڪهاڻي پڙهي اچي ڪرسيءَ تي ويٺيس ۽ ٿورو پرڀرو هو ويٺو هو ۽ ورَ ورَ ڏيو پئي مون ڏانهن نهاريائين- ساڳيا گهرا نيڻ ۽ نيڻن ۾ اڻ ڪڇيل پريت جو سنيهو؛ ڪچهريءَ جي ڪاروائي ڪجهه دير لاءِ روڪي ويئي ۽ ان وڇوٽيءَ دوران هو سڌو مون وٽ هليو آيو.‘

اوهان جي ڪهاڻيءَ ۾ سندر سوچون ۽ ڪومل ڪومل پريت جا ڀاوَ ته هئا پر ڪهاڻي علمي دنيا جي جيئندڙ ڪردارن کان  گهڻو پري هئي. ڇا پريت جي دنيا ايتري ئي سهڻي ٿيندي آهي جيتري اوهان جي ڪهاڻي؟

پريت ته سڄو جڳ  ڪري ٿو پر ڇا سڀني جي ڪهاڻي مومل راڻي جيان امر ٿي ويندي آهي، مان ته اِن خيال جي آهيان ته ڪهاڻي هروڀرو ايڏي علمي دنيا سان ٺهڪي به نه اچي جو ان جي سونهن ئي ختم ٿي وڃي.“ اهو ڪجهه چوندي آشا اوچتوئي اوچتو چپ ٿي ويئي ۽ ڄڻ ڪنهن ڪاري ڪارونڀار ۾ پيهي ويئي، سندس چهري تي ويرانيءَ جا پاڇا وکري ويا ۽ سندس چهري جي روپ ريکائن مان ائين ٿي ڀاسيو، ڄڻ هوءَ جڳن جا جڳ رني هجي. آشا پنهنجي ساهن کي ڀڄندو ۽ ڀرندو محسوس ڪيو، هوءَ ڪچهريءَ ۾ وڌيڪ ترسي نه سگهي ۽ جهٽ ڏيئي اُٿي هلي ويئي. . . . سانوڻ کيس ڏسندو ئي رهجي ويو.

- ” آشا . . . .! . . . آشا!“

- ڪو ڄاتل سڃاتل آواز آشا جي ڪن پيو، هُن ڪنڌ کڻي ڀڳل نيڻن سان اهو آواز اونايو . . . سامهون سانوڻ بيٺو هو. ڀرئي هڪ ورهيه کان پوءِ هو وري آيو هو. سانوڻ کي پسندي ئي آشا جا نيڻ وري به لڙڪن هاڻا ٿي ويا. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. لڙڪن جون لارون سندس ڳلن تان واٽون ٺاهينديون هيٺ لهي ويون. ان  هڪ پل جي نهار ۾ آشا الائي ڪيترا جڳ گذرندي محسوس ڪيا ۽ سوچيو ’سانوڻ ڌاريو هوندي به الائي ڇو مون کي پنهنجو لڳو هو. ها! پنهنجو ئي ته هو تڏهن ته سڄو ورهيه سندس واٽ کي ڀنل نيڻن سان  تڪيو هوم ۽ پڪ هيم ته هو، منهنجي دل جو ڌڻي هڪ وار ته ضرور نظر ايندو.‘

نه .  . . . مان کيس اِهو ڪجهه ڪڏهن به محسوس ٿيڻ نه ڏينديس ته هِن من مندر ۾ تنهنجي ياد ڪيڏا قهر ڪيا آهن، نه . . . . ڪڏهن به نه . . . . مان کانئس پريت جو دان نه گهرنديس. مون کان ايڏو انتظار ڪاٽيو ڪو نه ٿيندو.‘ – آشا شايد ڏهه سال اڳ واري پنهنجي ڀيانڪ ماضيءَ تي سوچي ڏڪي رهي هئي، لِڱ لِڱ ڪانڊارجي ويو هوس.

مون کي ويهڻ لاءِ ڪا نه چوندينءَ. . . . وڃان هليو!؟ “ سانوڻ جي لهجي ۾ پيڙا سان گڏ پنهنجائپ به هئي.

ها. . . .ها تون هليو وڃ، تون مون وٽ نه ايندوڪر.“ آشا هيڪر وري ڳوڙهن هاڻيون اکيون پوري ڇڏيون ۽ من ئي من ۾ چوڻ لڳي ’نه مان تو کي هاڻ هرگز وڃڻ نه ڏينديس، توکي هرگز وڃڻ نه ڏينديس . . . تون هر دور ۾ مون کي هيڪلو ڇڏي گم ٿي ويندو آهين‘ پر اِهو فيصلو آشا جي من ئي من ۾ مانڌاڻيءَ وانگر ڦرندو رهيو ۽ ڳوڙها ڳلن تان ڳڙندا رهيس.

ڇا ائين بيٺي بيٺي ورهيه گذاري ڇڏيان، ويهڻ لاءِ نه چوندينءَ!؟ 

ويهو، بيٺا ڇو آهيو. ڪيئن ڀلجي پيا آهيو ايترن ڏينهن پڄاڻان“ آشا لڙڪ اُگهندي چيو.

دل سٽ ڏني هليو آيس. ڊنس پئي ته سڃاڻندؤ به الائي نه! اوهان جا اهي ڀنل ڀنل نيڻ خبر ناهي ته ڇو مون کان  وسرن ئي نه ٿا.“

ته اوهان منهنجا ڀنل نيڻ ڏسڻ آيا آهيو؟

ها. . . . ۽ انهن نيڻن جي پويان لڪل پيڙا ۽ اُن پيڙا ۾ اوتيل امرت کي پسڻ آيو آهيان.“

امرت . . . “ آشا جي چپن تي هڪ ڊگهي اداس مرڪ ڦهلجي ويئي ۽ ان مرڪ ۾ اوتيل هئا هي لفظ ”اهڙو امرت جيڪو منهنجي جيون جي هر آس ۽ امنگ کي چوسي ويو آهي، وڻ ويڙهيءَ جيان ۽ ڀري ويو آهي، منهنجي انگ انگ ۾ زهر جي پيڙا . . . ائين نه؟

آءٌ تنهنجي انهن لڙڪن پويان لڪل مام کي پروڙڻ چاهيان ٿو.“

هر انسان جا گذريل پل هن جي پنهنجي ميراث هوندا آهن، ان ۾ ڪنهن کي به ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو حق نه آهي.“

مڃان ٿو ته گذريل پل هر انسان جي پنهنجي موڙي هوندي آهي پر مون کان  تنهنجا اِهي لڙندڙ لڙڪ ڏٺا نه ٿا ٿين. ائين لڳندو اٿم ته هر ان لڙڪ کي تنهنجي نيڻن کان ٻاهر اچڻ کان اڳ پنهنجي اندر ۾ اوتي سدائين لاءِ پنهنجو ڪري ڇڏيان. پر . . . .

پر آءٌ . . . 

تون مون کي اوپرو ڀائيندي آهين نه تنهنڪري. . . “

انڪري نه پر سمجهان ٿي ته تون ايڏي همت ساري نه سگهندين.“

مطلب ته تون مون کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ تيار نه آهين.“

ائين ناهي.“

ته پوءِ .“

پوءِ ٻڌ ته ٻڌايانءِ“ آشا هيڪر وري ماضيءَ جي اُن ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويئي، سندس نيڻن مان لڙڪ اوهيري جيان وسڻ لڳا. سانوڻ اِهو سڀڪجهه خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو. . . . 

ڪي پل گذريا آشا ڀڻڪي ”سانوڻ! اسان جي سهاڳ رات جي اچڻ ۾ صرف چند ڪلاڪن جي دير هئي. . . .“ آشا وري ماٺ ٿي ويئي. . . . گهڙي رکي وري ڪُڇيائين، ”ڪاڄ جون  تياريون سڀ مڪمل ٿي چڪيون هيون، آڳنڌ تي دهلن جي دسن تي شرناين ۾ گيت گونججي رهيا هئا. مون کي اکيو ٻڌل هو ۽  ٻانهن ۾ ريٽا ڳانا، هٿن پيرن تي ملير جي ميندي.“ آشا جا چپ خشڪ ٿي ويا ۽ گلو ڀرجي آيو، هن ڳيت ڏيئي وڌيڪ ڪجهه اوڳاڇڻ چاهيو پر ڪجهه چئي نه سگهي. سانوڻ ڪي گهڙيون ته آسائتين اکين سان خالي ڏانهس واجهائيندو رهيو پر جهٽ رکي پاڻ نه پلي کانئس پڇيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو آشا.“

هو ڪو نه وريو.“

هو؟

منهنجو گهوٽ گهر نه آيو.“ آشا هڪ ڊگهي ڳيت ڏيئي پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون، لڙڪ سندس ڳلن تان لڙندا هيٺ پاتال ۾ پيهندا ويا.

سانوڻ کيس ان ئي حالت ۾ ڇڏي بنا موڪلائڻ توڪلائڻ جي تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.

الا! ڪيترا سج اُلهي ويا، ساوڻ ڪونه وريو. . . هون چريو! تنهن ڏينهن بنان موڪلائڻ جي ائين ئي هليو ويو. مون ته کانئس موٽ ۾ ڪجهه به نه  گُهريو هو. پاڻ ئي ته مجبور ڪيو هئائين مون کي اُن ڪٿا ٻڌائڻ لاءِ . . .  پر جي هيڪر آيو به ته ڇا؟ هن ساڻي ۽ نٻل سرير جو بيوس پکيئڙو وري مون وٽ ايندو؟ هنن اڃايل اکڙين جي رٺل ننڊ پرچي پوندي؟ نه . . . . نه سڀ سوچ اجائي . . .  سڀ من کي پرڀائڻ جون ٺلهيون ڳالهيون. آءٌ هاڻي ڪجهه به نه سوچينديس – مون کي هاڻي ڪجهه به سوچڻ نه کپي.‘

آشا  زور سان دري بند ڪري ڇڏي ٿي ۽ پٺيان هٽي پاڻ کي پلنگ تي ڦٽو ٿي ڪري . . . اوچتو در تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي، هوءَ اُٿي ٿِي، دروازو کولي ٿي، سامهون سانوڻ بيٺل آهي، اِهو ئي سانوڻ جنهن لاءِ هن هرپل ڀِنل نيڻن سان واٽون تڪيون هيون، جنهن جي نهار ۾ کيس هڪ اَڻ کُٽ پيڙا ۽ درد محسوس ٿيندو هو. جنهن لاءِ خيال هئس ته هو کيس راڻي جيان ارڏو، هٺيلو ۽ ڳنڀير لڳندو آهي.

سانوڻ ڏاڍا ڏينهن لاتئي؟ ڪيڏانهن ويو هئين؟“ آشا يڪ ساهي سانوڻ کان پڇيو.

ڇا اندر اچڻ لاءِ نه چوندينءَ؟ اتان ئي در تان ته نه موٽائي ڇڏيندينءَ؟

اي وڙ نه ويڙهيچن. سانوڻ آءٌ هر چڱي روايت جو قدر ڪندي آهيان. جڏهن کان تو سان ساڃهه ٿي اٿم تڏهن کان تو کي پنهنجي جيءَ جي جهرڻن ۾ تُڙڳايو اٿم. سانوڻ مون هر پل تنهنجي واٽ تڪي آهي ۽ تو لاءِ تارا ڳڻيا آهن.“

آشا مون ته ائين ئي . . . . 

مون کي آزمائڻ چاهيو ٿي . . . . اندر اچ،بيٺو ڇو آهين.“ آشا در تان هٽي سانوڻ کي اندر اچڻ لاءِ رستو ڏيندي چيو.

ڪيئن پيا ڪٽجن تنهنجا ڏينهن ۽ راتيون؟ سُکي ته آهين نه؟“ سانوڻ ڪرسيءَ تي ويهندي آشا کان پڇيو.

سُکي!“ آشاجي چپن تي هڪ اُداس مُرڪ ڦهلجي ويئي. هن نماڻا نيڻ هيڪر جهڪائي ڇڏيا ۽ ٻئي پل اکين ئي اکين ۾ سانوڻ کي چيائين، ”ها آءٌ سُکي آهيان پر تنهنجا ڪهڙا حال آهن؟ تون ڪٿي پيو وسين!“ سانوڻ آشا جي اکين جي سنيهي کي سمجهي ورتو هو، ان ئي پل اُٿي بيٺو، ”آشا ڏاڍو تڪڙو آهيان. هتان لنگهيس سوچيم ته توکي ڏسندو وڃان. هاڻي مون کي اجازت. آءٌ  وڃان ٿو، منهنجي گهر واريءَ کي منهنجو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو.“ سانوڻ تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. . . . .

(ماهوار ”نئون نياپو“ حيدرآباد: جون 1976ع ۾ ڇپيل)

 

 آيل اُن نه وِسهان ...”

جڳديش باغ مان گلاب جا گل پٽيا، زيتون جي وڻن منجهان لنگهي پريان موتئي جي ٻوٽي مان ڪجهه موتئي جون مکڙيون پٽيون ۽ پوءِ هو واپس وينا وٽ ويو. وينا پنهنجي گهر جي لان ۾ ويٺي گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ پڙهيو. ٽيبل تي ريڊيو رکيو هو، جنهن مان پنڪج مَلَڪَ جي آواز ۾ غزل هلي رهيو هو:

یے راتیں یے موسم یے ہنسنا ہنسانا

جڳديش گل ۽ مُکڙيون وينا جي اڳيان ٽيبل تي اچي رکيا.

وينا هي گل مون تو لاءِ آندا آهن. منهنجي دل گهريو چيم پنهنجي وينا لاءِ ڪجهه کڻندو وڃان.“

پر – هي ته ڪنهن باغ منجهان پٽيل ٿا ڏسجن.“

تو ڪيئن سمجهيو؟“ جڳديش، وينا کي پيار منجهان گهوريندي چيو.

وينا اٿي جڳديش جي قميص تان ٻوٽن جو هلڪو ۽ نامعلوم ڄارو ۽ مٽي ڪپڙن تان ڇنڊيندي چيو.

هي ڏس تنهنجا ڪپڙا تنهنجي چور هجڻ جي شاهدي پيا ڀرين. دلين جي چوري ڪندي ڪندي تون سچ پچ ڌاڙيل ٿي پيو آهين.“

سچ – وينا؟ وينا – تون پنهنجي مڌر آواز ۾ ڪو گيت ٻڌاءِ نه!“ جڳديش ريڊئي کي بند ڪندي چيو.

 

پِيا ملڻ لاءِ وڃڻ ڏيو پِيا

من جي موج ۽ جڳ جي لڄ نڀايان

اڄ وينا کي گذريل پل ۽ ساعتون ياد اچي تڙپائي رهيون هيون.

جڏهن جڳديش کي بلڪل اچانڪ ڏٺو هئائين. تڏهن به هن ويٺي گيت جهونگاريو– هلي آ مٺڙا اَنڌري ۾  منهنجو من ٿو تڙپي.

ان وقت در کڙڪيو هو. وينا جو ڪلپنا سان فلم ڏسڻ جو پروگرام هو. وينا سمجهو هو ته ڪلپنا آئي آهي، سو بنان پڇڻ جي هن در کوليو ته سامهون هڪ اجنبيءَ کي بيٺل ڏٺائين. فل سوٽ پهريل هوس. چپن تي مرڪ. تڏهين وينا کان رڙ نڪري ويئي هئي.

او – الا . . . !“ پر پوءِ جلد ئي پاڻ سنڀالي ورتو هئائين.

توهين – ڪير آهيو؟ 

ڪرشن ڪمار جو گهر آهي؟“ اجنبيءَ وينا جي سوال کي نظرانداز ڪندي پاڻ به سوال ڪيو.

نه هتي اسين هاڻي نوان مسواڙي آيا آهيون.“

معاف – ڪجو مون اوهان کي تڪليف ڏني.“

اٽ از آل رائيٽ“.

۽ پوءِ هو پرديسي هليو ويو هو.

ڪيترن ڏينهن پڄاڻا جڳديش کي هن ٻيو ڀيرو ادبي رهاڻ ۾ ڏٺو هو. چپ ۽ اُداس اکين ۾ويرانيون سمايل. تڏهن وينا کي ڪلپنا ٻڌايو ته:

هي ڪهاڻيڪار جڳديش آهي.“ تڏهن الائجي ڇو وينا پنهنجي دل جي گهري سمنڊ ۾ جڳديش لاءِ پيار محسوس ڪيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org