سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪولا ٿيل شخص جي پورٽريٽ

باب:

صفحو :6

جيون جهوٽو لوءِ جو

صبح سان ئي اک کلي وئي. ڪمري مان نڪري ٻاهراڳڻ ۾ نم جي وڻ  هيٺيان صندل تي  ليٽي پيم. جهرڪين جي شور ۾ عجيب مزو پئي آيو. امڙ ننڊ مان اٿي آئي.

” سوير ڇو اٿيو آهين؟“

” سوير ئي جاڳ ٿي وئي.“

” وڃي ننڊ ڪري.“

” ننڊ نه ايندي.“

” ڀاڄنهن ڪپڙن ڌوئڻ جي مشين ته ناهي ڪڍي.“

” نه....اڃان نه......“

” مشين ڪڍي ته مونکي سڏ ڪجانءِ.“

”امان، سمهي رهه....“

” سمهڻ ڪهڙو،....اسر جو  اٿي ٿي ڪپڙا   ڌوئي.“

امڙ جي لهجي ۾ ڏک پسيم، ڪجهه ڪڇي ڪين سگهيم. امڙ کي دلي مان پاڻي آڻي ڏ نم. پاڻي پي  ڪمري  ۾ هلي  وئي. در جي گهنٽي وڳي، کير وارو هو. کائنس کير وٺي بورچيخاني ۾ رکي ڇڏيم. اڳ در جي گهنٽي نه هئي ته سڪون هو. هاڻ ته گهنٽي به ذهني ٻوجهه بڻجي پئي آهي. گهنٽي جي وڄڻ سان مان ذهني طرح وائڙو ٿي ويندو آهيان، الائي ڪهڙي بلا در تي هوندي. هاڻ ته فقير به گهنٽي وڄائي خير ٿا گهرن. اڳ فقير سر ۾ خير گهرندا هئا سندن درد ڀريو آواز ٻڌي دل کين خير ڏيڻ لاءِ چوندي هئي، هاڻ نه اهي فقير رهيا نه سندن دل کي ڇهندڙ آواز.

” امان الهه جي نالي............ او جيجل امان...... هن فقير کي .....او ڪنوار..........او سدوري    امان..... شل جهولي خالي نه رهي امان......“

هي آواز ڪيڏا نه مٺا ۽ وڻندڙ هئا پر هاڻ هي صدا ڪنهن به در تي بلند نه ٿي ٿئي.                

سج هاڻ ڪافي اڀري آيو هو. سج جي ڦهليل ڪرڻن سان آواز جاڳي پيا، درد اکيون مهٽي ڪر کڻڻ لڳا، سپنن جو قتل ٿيڻ لڳو، سڏڪا نڙي ۾ اٽڪي پيا. ماني جي خوشبوءِ سان پاڙو جاڳي پوي ٿو.

ڀر واري گهر مان آواز اچن ٿا.

” نيرن ڪري وٺ.“

”نه ڪندم......“

” صبح سان ڪهڙي جهرڪي بجو ڏنو اٿئي جو ڪروڌ مچائي ڏنو اٿئي.“

” پئسا کپن.....هفتي کان ٿو چوان پئسا کپن،پر بابو آهي جو........“

” مئا هوريان بڪ، ڪٿي پڻهي نه ٻڌي وٺي.“

” ٻڌي ته ٻڌي، هنئن به هن مان اسان کي ڪهڙو سک آهي.“

” بس ڪر مڻڪو نه ڀڃي ڇڏيانءِ.“

” ......“

” اچي ماني کاءُ.“

” چيم نه، نه کائيندم.“

” وڃي مر.....“

” ها مرندم پوءِ ئي سک جو ساهه کڻجو.“

سڏڪو ماءُ جو، تئي تي سڙندڙ  ماني جي خوشبوءِ. ماني سڙي رک ٿي ڄڻ ڀاڳ کي نڀاڳ کائي وڌو. طوطو اڏامندو اچي نم تي ويٺو آهي، مان سوچيندو آهيان جڏهن طوطو زيتون کي ٽڪيندو آهي پوءِ زيتون مٺو ڇو ٿي ويندو آهي؟ مٺاڻ زيتون ۾ آهي يا طوطي جي ٽڪڻ ۾. مان اهو هن مهل  تائين سمجهي ناهيان سگهيو. ٻلي جون نظرون طوطي ۾ اٽڪي پون ٿيون، ٻلي هوريان هوريان وڻ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ طوطو ڀڙڪو ڏيئي اڏامي وڃي ٿو.

طوطو اڏامي ويو هڪ خواب  ٻلي جي  اکين ۾ ڇڏي ويو. اکيون خواب ۾ وهنتل، ٻلي جي اکين ۾ انيڪ سپنا جهرڪي، طوطي، ڪبوتر کي کائڻ جا.....نم جو ٻور ڇڻي ڪري اکين تي ڪري ٿو.امڙ سڏ ٿي ڪري.

” پٽ..“

” جي امان....“

” پنج  سوءُ روپيا کپن.“

” ايڏا   ڇو؟“

” ڪفن لاءِ...“

” ڪنهنجي ڪفن لاءِ......“

” منهنجي لاءِ، الائي ڇا حياتي ! اڄ مران الائي سڀاڻي.“

” ائين ڇو ٿي سوچين.“

” ابا وهي به ته ٿي آهي نه. چاهيان ٿي ته ڪجهه ڏوڪڙ ڇڏي وڃان جي ڪفن لاءِ ڪم اچن.“

امان کي ڪمري ۾ اڪيلو ڇڏي، ٻاهر پڌر ۾ کٽ تي ليٽي پوان ٿو. اڳ امڙ جي ڪمري کي بابا جي نالي سان سڏيندا هئاسين بابا جو ڪمرو، ۽ هاڻ جڏهن بابا هن دنيا ۾ ناهي رهيو ساڳيو ئي ڪمرو امڙ جي نالي سان سڏجي ٿو. بابا ڪمري مان هميشه لاءِ هليو ويو ته ڪمري جو نالو به..... ڪيڏي نه بيوسي آهي. هو هيو ته ڪمرو به سندس نالي سان  ئي سڏبو هو ۽ هاڻ ساڳو ئي ڪمرو امڙ جي نالي سان.... سڀاڻ امڙ نه هوندي نه اهو ڪمرو سندس نالي سان پڪاريو ويندو، پوءِ ڪنهن ٻي جي نالي سان. اندر ۾   مونجهه وڌندي ٿي وڃي. سوچيان ٿو گهر ۾ منهنجي نالي سان  ڪوبه ڪمرو ناهي سڏبو، نه ئي منهنجي نالي سان ڪو ڪمرو منصوب ٿيل آهي ۽ جي مان نه رهان ته ڪنهن  کي ياد به رهندم الائي نه ته منهنجي نالي سان هن گهر ۾ ڪو شخص رهندو به هو. من اداس ٿي وڃي ٿو. 

 نم جي ٻور جي هڳاءَ ۾ پاڻ کي گم ٿو ڪري ڇڏيان. جڏهن  نم جي ٻور ڇڻي پوندو ۽ ان جاءِ تي نموريون اچي وينديون آهن تڏهن نم جي ٻور جو هڳاءُ منهنجي بدن ۾ سمائجي ويندو آهي. هن مونکان انيڪ ڀيرا پڇيو آهي تنهنجي بدن مان ڪهڙي خوشبوءِ ايندي رهندي آهي ۽ پوءِ هوءَ منهنجي بدن سان چهٽي پوندي آهي. ڏسان ٿو نوريئڙو نم جي وڻ تي چڙهي رهيو آهي، هو اتي رکيل وٽيءَ مان ماني کائي رهيو آهي، اها وٽي امان رکائي آهي. وٽيءَ کي رسي جي مدد سان آساني سان هيٺ مٿي ڪري سگهبو آهي. روزانو صبح جو امڙ رسي هيٺ لاهي ان  ۾ مانيءَ جا ٽڪر رکي  ڇڏيندي  آهي،  جيئن   نم  جي  سڀني  پکين  کي  رزق ملي سگهي.

هوءَ اڃان نه آئي، اچڻ ۾ دير ڪئي اٿائين، اچڻ سان ئي چوندي.

” هن  نم جي وڻ ۾ ڇا رکيو آهي جو صبح سان ئي  هن جي هيٺان ستو رهندو آهين؟“ مان کيس ڪابه ورندي ناهيان ڏيندو. ڏسان ٿو جهرڪيون وڻ تي شور مچائي رهيون آهن، جهرڪين جو شور وڌندو وڃي ٿو. ڪافي ساريون جهرڪيون گهر جي ڀت تي ويهي ڪري ڏاڍيان آواز ڪري رهيون آهن. امڙ ڪمري مان جهرڪين ۾ اڻ تڻ ڏسي چوي ٿي:

” پٽ ڏس ته سهي وڻ تي ٻلي ته ناهي چڙهي.“

کٽ تان اٿي ڪري  نم جي وڻ ۾ جهاتي ٿو پايان ته ٻلي نظر نه ٿي اچي، چٻري تي نظر ٿي پوي.

” امان ٻلي ناهي،چٻرو ويٺو آهي.“

” وارو ڪر چٻري کي اڏاءِ، نه ته.....“ امڙ چوي ٿي.

مان  نم ۾ ڀينڊ هڻان ٿو ته چٻرو اڏامي وڃي ٿو.

” پٽ اڏامي ويو“  امڙ بيچينيءَ مان پڇي ٿي.

” ها، امان.......“ منهنجي ائين چوڻ سان امڙ ٿڌو ڇوڪارو ٿي ڀري. ڏسان ٿو جهرڪيون هاڻ واپس نم ڏانهن اچي رهيون آهن هنن به ڄڻڪ سک جو ساهه کنيو آهي امڙ وانگي.  کٽ تي آهلي  پوان  ٿو ۽ اکيون پوري ڇڏيان ٿو.

” ڇو ننڊ اچي ويئي ڇا؟“  هوءَ کٽ ڀرسان رکيل ڪرسي تي ويهي چوي ٿي. پاسو ورائي هن ڏانهن منهن ڪري ٿو ڇڏيان.

” ايڏي دير؟“

” بابا جي مهمانن لاءِ چانهه پئي ٺاهيم.“

مان چپ، کيس گهوريندو ئي رهان ٿو. جڏهن به لاهور کان موٽي گهر ايندو آهيان، هوءَ پڙهڻ لاءِ مون وٽ ايندي آهي، مقابلي جي امتحان جي تياري ڪري رهي آهي، مان کيس شروع کان ئي پڙهائيندو رهندو آهيان. ذهين هجڻ سان گڏ خوبصورت به آهي، دل چوندي آهي کيس ڏسندو ئي رهان.

” چپ ڇو آهيو؟“

” ائين ئي......“

” ڪجهه ٿيو آهي ڇا؟“

” نه...بس ائين ئي. “

” ڪن لاهور جا خيال اچي رهيا آهن.“

” نه ...اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي.“

 هن کي نه ٿو ٻڌايان ته امڙ ڇا ٿي چيو، مونکي امڙ جي جملي اداس ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪيفيت ڪري ڪنهن به ڪم ۾ من نه ٿو لڳي، هاڻ ته هوءَ منهنجي سامهون هوندي به اوپري ٿي لڳي. ائين ٿو لڳي هوءَ ڪا ٻلي هجي جا  نم جي وڻ تي چڙهي آئي هجي، ۽ مان جهرڪي. مان اندرئي اندر ۾ رڙيون ڪرڻ لڳو آهيان. پر منهنجون رڙيون ڪنهن کي به ٻڌڻ ۾ نه ٿيون اچن. هوءَ مونکي اوپري ٿي لڳي جنهن جي هجڻ سان من اندر جي مونجهه وڌي ويندي آهي.

” ٻڌ...“

” چئه...“

” چپ ڇو آهين؟“

” بس، مزو نه ٿو اچي.“

” ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي ڇا؟“

” نه....“

” چانهه ٺاهيان؟“

” ها.....“

هوءَ چانهه ٺاهڻ لاءِ وڃي ٿي. نم ۽ ڄمون جي وڻ تي ويٺل سڀ پکي مٺيون  ٻوليون  ٻولي رهيا  آهن. پاريهر  اڏامي اچي  نم  جي وڻ تي ويٺو آهي. هن جو رنگ موهي وجهي ٿو. مان پاريهر آهيان جو ڪنهن جو به نه ٿي سگهندس ۽ مونکي ڪير به قيد نه ٿو ڪري سگهي. هوءَ به نه جا مون لاءِ چانهه ٿي ٺاهي.

اندر ڪمري ۾ امڙ سوچي ٿي هن کي هاڻ مرڻ کپي . موت پاريهر آهي جنهن تي پهرو ڪير ٿو ڏيئي سگهي؟

” چانهه، جناب.“

”.........“

  چانهه جي سپ جو آواز، طويل خاموشي، پکين جون ٻوليون، پکي هر سوچ کان مڪت. مان به جيڪر پکي هجان هان.

” چپ ڇو آهين؟“

” ائين ئي......“

” مان توکي سمجهي ناهيان سگهي.“

” سمجهي ڪندينءَ به ڇا؟!“

” ڇو اڄ ايڏو ڪڙو ڇو آهين؟“

” ...........“

” سچ ٻڌاءِ، اڄ ايڏو اداس ڇو آهين؟“

” ..........“

کيس ڪابه ورندي نه ٿو ڏيان.  پاڻ کي امڙ جي خيالن ۾ گم ٿو ڪريان ته ڳوڙها اکين ۾ دڳ ڳولهي ٿا لهن. هوءَ اکين ۾ ڳوڙها پسي وهلورجي وڃي ٿي. اداس لهجي ۾ چوي ٿي:

” ٻڌائين ڇو نه ٿواڄ ٿيو ڇا اٿئي؟“ هوءَ چڙ ۽ بيزاريءَ مان چوي ٿي.

ڳوڙها اکين جا بند ڀڃي ڳلن تي پون ٿا، هوءَ وهلورجي پوي ٿي، مونکي ٻانهن کان وٺي اندر ڪمري ۾ وٺي ٿي هلي ۽ مون لاءِ پاڻي جو گلاس ڀري ٿي آڻي ۽ وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چوي ٿي:

” چريو ته ناهين ٿيو جو ٻارن وانگي روئين پيو.“  مان هن جي سيني ۾ منهن ڏيئي ويتر ڇلڪي ٿو پوان. هوءَ منهنجا ڳوڙها اگهندي ٿي رهي. ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کانپوءِ چوانس ٿو:

” صبح سان ئي امڙ چيو پيسا کپن. ڪفن وٺي رکندم، ان ڳالهه پريشان ڪري ڇڏيو آهي. سوچيان ٿو امڙ موت لاءِ ڇو ٿي سوچي؟ امڙ کي اسان سک به ڪهڙا ڏنا آهن جو هوءَ مرڻ جو سوچڻ لڳي آهي. چوندي آهي هاڻ اجازت ڏيو ته مري وڃان.“

هوءَ خاموش آهي ڏسان ٿو، ته ڳوڙها هن جي اکين ۾ جرڪي رهيا آهن.

” چري تون ڇو ٿي روئين؟“

” تنهنجو درد منهنجو درد ناهي.“

” پر.......“

” پر ڇا؟“

” پر امڙ جي موت لاءِ سوچ لونءَ لونءَ ڪانڊاري ڇڏي آهي“

” تون ايڏو ڇو ٿو سوچين ان لاءِ، ڪجهه به نه ٿيندو. اجايو نه سوچ.“

” سوچيان ٿو واپس لاهور هليو وڃان.“

” پر ڪالهه ئي ته آيو آهين.“

”  نه هت وڌيڪ رهي نه سگهندم.“

” پر ڇو؟“  ڏک منجهان چوي ٿي. ڏسان ٿو سندس منهن جو رنگ پيلو ٿي ويو آهي.

 مان چپ کيس ڪابه ورندي نه ٿو ڏيان. اسان ٻنهن درميان خاموشي واڪا ڪرڻ لڳي ٿي. خاموشي کي ٽوڙيندي چوي ٿي:

” منهنجي ڪري به ڪجهه ڏينهن لاءِ نه ترسندينءِ؟“ هڪ التجا ڀري لهجي ۾ سوال ڪري ٿي.

    مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي کيس ڪهڙي ورندي ڏيان. هن جي اداس اکين ۾ جهاتي پائي هن جا نيڻ چمي ٿو وٺان .

” هڪ ڳالهه پڇان؟“

” هڪ ڇو؟“

” ها فقط هڪ.“

” تون گهٽ ڇو ڳالهائيندو آهين؟ اندر ۾ ڪهڙو روڳ اٿئي جو وڃين ٿو پاليندو.“

” گهٽ ڳالهائڻ جي پٽ پيل اٿم.“

” نه ائين ته ناهي.“

” نه ڪا ڳالهه ته آهي جو هميشه چپ چپ هوندو آهين.“

” پاڻ چپ جي خمير مان ٺهيل آهيون، ڳالهيون اورڻڻ پنهنجي وس کان ٻاهر آهن.“

” هڪ ڳالهه پڇان؟“

” اڳ به هڪ چئي هيئي.“

” هڪ مان ڪيتريون ئي ڳالهيون جنم وٺنديون آهن.“

” ۽ ڪيترين ئي ڳالهين ۾ هڪ وارتا سمايل هوندي آهي، ۽ ٻيون ڳالهيون انهيءِ هڪ ڳالهه جو پاڇولو هونديون آهن، ائين ئي آهي نه يا مان غلط آهيان.“

” نه نه .....هڪ ئي ورتا ۾ سوين الميا سانڍيل هوندا آهن.“

” هڪ الميي ۾ ڪنهن به شخص جي تاريخ جو پڙلاءُ هوندو آهي.“

” ها مان ان الميي جي پڙلاءُ جا پيرا ڳولهڻ ٿي چاهيان.“ هوءَ ٿڌو ڇوڪارو ٿي ڀري وٺي.

گهري سانت کانپوءِ پڇي ٿي.

” هوءَ ڪير آهي؟“

” هوءَ ڪير.......؟“  کائنس تعجب مان پڇانس ٿو.

” هوءَ جنهن تي نظمن جو البم لکيو اٿئي.“

” ڪابه ناهي، بس ائين خيالن  ۾ ڪنهن اپسرا جا خيال پچايا اٿم.“

” نه ائين ته ناهي.“

” تون اجايو ٿي اڳ وٺين.“

” مان ڪير ٿيندي آهيان اڳ وٺڻ واري.“

هوءَ چڙ ۽ بيزاريءَ مان چوي ٿي. سانت اسان جي وچ ۾ واڪا ڪرڻ لڳي ٿي.

” تو پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو آهي دعا ڪر تو پڄاڻان مري وڃان، مٽيءَ ۾ ملي مٽي ٿي وڃان. ڪوئي ائين ڪنهن کان دعا ڇو ٿو گهري سو به ڪنهن خيالي اپسرا کان. آهي نه عجب جهڙي ڳالهه.“

هن لفظن جو تير منهنجي سيني ۾ کپائي ڇڏيو، مان بيوس بڻجي کيس تڪيندو ئي رهجي ويس، لفظ مون وٽان ويراڳ ڪري ويا، سوچون واچوڙن جي وڙ چڙهي ويون، اداسي ءَ جون ريکائون منهن تي تري آيون.

طويل خاموشي کان پوءِ چوي ٿي:

” تنهنجي زندگيءَ ۾ مان ڪٿي بيٺل آهيان؟“

” تون منهنجي ذهين ۽ سندر شاگردياڻي آهين.“

” بس ايتري ئي گنجائش آهي منهنجي تولاءِ؟“

 مان چپ کيس ڪابه ورندي نه ٿو ڏيان.

” چپ ڇو آهين؟“  هوءَ ڄڻ ڪي ٻاڏائيندي چوي ٿي.

” مان ته پاريهر آهيان، هر قيد کان آجو، جو هر بندش کان مڪت آهي، جو ڪنهن جو به ناهي ٿي سگهيو، مان پاريهر آهيان.“

ڳوڙها هن جي اکين جا بند توڙي وجهن ٿا. هوءَ ڪمري مان اٿندي چوي ٿي.

 ” هڪ دعا ڪندين؟“

” دعا ڪر مري ڀسم ٿي وڃان.“

ائين چئي هوءَ ڪمري مان نير وهائيندي هلي وڃي ٿي،  پنهنجي پويان مونلاءِ اداسيءَ جو اجهاڳ سمنڊ ڇڏيون ٿي وڃي. ڪمري مان نڪري امڙ وٽ وڃان ٿو. هوءَ اڌ جاڳ ۾ آهي اڌ ننڊ ۾، هن جي ويهاڻي هيٺيان پنج سوء روپيا رکي ٿو ڇڏيان ۽ امڙ ڪجهه به نه ٿي چوي، اداس ٿي تڪي ٿي ۽ سندس چهري تي نه سمجهه ۾ ايندڙ خوشي ۽ ويراني پسي وٺان ٿو. منهنجو من ويتر اداس ٿي وڃي ٿو، گهر کان ٻاهر نڪري گهٽيءَ ۾ سگريٽ دکايان ٿو ۽ سوچڻ لڳان ٿو، پنهنجي ڪفن لاءِ ڪنهن کي پڪاريان؟.

چنڊ مان ٺهيل چوڙيون

گهر جي آڳر ۾ راند روند ڪندي، ڊڪ ڊوڙ پائيندي، سهڪندي پاڻ کي پٽٌ تي ڦٽو ٿا ڪن . آڳر ۾ نم جي وڻ منجهان کين چنڊ ٿو نظر اچي . ٻئي ٻارڙا اکين ئي اکين ۾ چنڊ کي اشارا ڪرڻ لڳن ٿا .

” هيٺ لهي آءُ  ته بال راند ڪريون.“ پٽ تي ليٽيل ماڻڪ چنڊ کي چوي ٿو.

ننڍڙي ماڻڪ کي چنڊ  نم جي ٽارين مان مرڪندي نظر اچي ٿو. ماڻڪ هڪ لت هوا ۾ هڻي ٿو ته چنڊ خلا مان ڇڏائجي سندس ڀر ۾ پٽ تي ليٽيل موتيا جي هنج ۾ اچي پوي ٿو.

ٻئي ڄڻا پٽ تان اٿي ويهي رهن ٿا، ” موتيا اچ ته چنڊ سان راند ڪريون.“

موتيا چنڊ کي ٻڪ ۾ بند ڪري ڇڏي ٿي.

” ڏس ماڻڪ، چنڊ، ٽانڊاڻو ٿو لڳي.“

” ها موتيا، ٽانڊاڻي کان به وڌ روشني ٿو ڏئي.“

” چنڊ کي پر ناهن ڪيئن اڏندو؟“ موتيا تجسس مان چوي ٿي. ٻئي ڄڻا انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ وهلورجي پون ٿا ته چنڊ کي پر ڪٿان ايندا؟ ماڻڪ سوچ ويچار کان پوءِ چوي ٿو. ” ڀنڀوريءَ جا پر پٽي چنڊ کي هڻنداسين پوءِ ٻئي ڄڻا چنڊ تي چڙهي دنيا جو سير ڪنداسين.“

” چريا، ڀنڀوريءَ جا پر پٽبا ته اها ڀينڊي ٿي پوندي.  مون کي بک لڳي آهي مان ته ڀينڊي تري کائي ويندم.“ موتيا چئي ٿي ۽ ٻئي ڄڻا راند ۾ مشغول ٿي وڃن ٿا.

” ماڻڪ اڄ چنڊ برف جو ڳنڍو ٿو لڳي ۽ چانورن جي مانيءَ جيان ٿو لڳي، مون کي بک لڳي آهي مان ته چنڊ کي کانوانءِ ٿي.“

موتيا بک کان بيحال ٿيندي چنڊ کي پنهنجي هٿن ۾ مظبوطيءَ سان پڪڙي وٺي ٿي.

” نه.. نه.. مان چنڊ سان بال راند ڪندس.“ ماڻڪ ڪاوڙ مان چويس ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com