سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب:شوڪت حسين شورو جون لکيل چونڊ ڪهاڻيون

 

صفحو:6

سج لهڻ تي هو. شفق جي ڳاڙهاڻ تلاءُ تي اوتجي وئي هئي. پاڻي هو يا ڪني ڪاري رت جا دٻا هئا. هو ڪو فيصلو نه  ڪري سگهيو. تيز هوا لڳڻ شروع ٿي وئي هئي. مٽيءَ جا واچوڙا هن جي وجود کي ويڙهي ويا. تلاءُ جي مٿان رڳو ڌوڙ پئي نظر آئي. هوا جا سٽڪا وڌندا ويا. هن جي منهن تي هوا جا تيز ڌڪ پئي لڳا. هوا جو هڪ زوردار سٽڪو آيو ۽ هن کي جهڙوڪر ڪنهن ڌڪو ڏنو. هن پاڻ سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ۾ ڪا سگهه نه رهي هئي. هو تلاءُ ۾ وڃي ڪريو. هوا هن کي اڳيان ڌڪيندي وئي. آءٌ ايترو هلڪو ڪيئن ٿي ويو آهيان جو ڪک وانگر پاڻيءَ تي تري رهيو آهيان. هن کي حيرت هئي.  هوا کيس ڌڪيندي وئي. هڪ هنڌ ڄمي ويل پاڻيءَ ۾ جاءِ پيدا ٿي وئي ۽هو ڇڪجڻ لڳو. هاڻي هن جو جسم ڳرو بنجي رهيو هو.  پوءِ اهو پاڻيءَ ۾ اندر وڃڻ لڳو. پاڻي ڳچيءَ تائين اچي ويو. هن آسپاس ڏٺو.  تيز هوا جي ڪري رڳو ڌوڙ هئي. ڪجهه به چٽو نه هو. تلاءُ سندس سڄي جسم کي ڳيهي ويو. هو هيٺ هليو ويو. تلاءُ جي تري ۾ گاهه جو گهاٽو جهنگ هو. ’هاڻي آءٌ گاهه جي گهاٽي اونڌاهي جهنگ ۾ آرام ڪندس.‘ هن آخري ڀيرو سوچيو- ۽ پوءِ گاهه جا ٻوڙا هن جي جسم سان وڪوڙجي ويا.  

ڦيرو

وڏيري جي واڇن مان گڦ پئي ڳڙي، زبان تي گارين جو ڌوڙيو هئس.

”هن ڪميڻي، ڪٿي جي ڦر ڏني جي ايڏي مجال ٿي، جو منهنجي ڌراڙ کي گاريون ڏيئي، منهنجون مينهون ڍوڙائي ڪڍيائين!اڙي علو،هن کي هڪدم گيري وٺي اچ مون وٽ،“ وڏيري واهيءَ کي هڪل ڪوي چيو.هارين ۽ واهين جو رت ڄڻ ته ڄمي ويو.ڊپ ۾ وڏيري کي ائين ڏسڻ لڳا، جيئن ٻلي ڪتي کي.

”الاهي پناهه!اڄ ويچاري ڏني جو خير ڪونهي.“ پوڙهي ولو آهستي ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.

”چاچا آهي ڇا؟ اڄ ته وڏيرو ڇتو ٿي پيو آهي!“ پاسي ۾ ويٺل هڪ نوجوان سرٻاٽ ڪندي پڇيو.

”ابا، وڏيري وارو جيڪو ڌراڙ آهي، سو آهي وڏيري جو ويجهو مائٽ، ان ڪري وڏيرو به ان کي اکين جو تارو ڪري سمجهندو آهي. اڄ ڏني جي پوک ۾ وڃي مينهون پيون، ويچاري جو الاهي نقصان ٿيو. هن ڌراڙ کي چيو ته مينهون پوک مان ڪڍ، تنهن تان ايتري سڀ ٻري آهي!“

”چاچا، اهو ته ظلم آهي! جي وڏيري جو مال ٿو ڀيلاڙ ڪري ته ويل، جي ٿا هڪليون ته به ويل! هاڻي وڃون سو وڃون ڪيڏانهن؟“ نوجوان جواب ڏنو.

”بس ابا، مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ!“ پوڙهي ٿڌو ساهه ڀري چيو.

”هي علو ڪيڏانهن گم ٿي ويو، بدو وڃي ڏس، پڻس ڏني وٽ وڃي ويهي رهيو ڇا؟“ وڏيري ان نوجوان کي هڪل ڪري چيو. بدو ڌڪار وچان منهن ڦٽائي اٿيو.

ڏنو پريان ڏڪندو ڏڪندو آيو. اکيون ڪاٺوڙا، چپ سُڪل، ڊپ ۾ منهن رنگ ڇڏي ويو هئس. وڏيري هن کي ڏسندي ئي بُجن ۽ گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو:

”اڙي سوئر جا ڦر، تو منهنجي ڌراڙ کي گاريون ڏيئي، مينهون پوڙائي ڪڍيون. جيئن نٿو ڪڇان ته مٿي تي چڙهي ويا آهيو.....“

؟سائين س{و سال محنت ڪريون، اها هڪ پل ۾ برباد ٿيو وڃي..........“ڏني ڪوشش ڪري ٻه ٽي لفظ نڙيءَ مان ڪڍيا.

”ڪميڻا، ٻني ڪا پڻهين جي آهي ڇا؟“ وڏيرو تپي باهه ٿي ويو. هو ڪرسي تان اٿي بيهي رهيو، ”اڙي علو، وارو ڪر، وٺينس ڀيڻسان کي...... ڀيڻيان ٻڌين ڪونه ٿو، اڙي سگهو ٿي، ڪين ڪريان تو کي به سڌو!“ وڏيري جو دڙڪو ٻڌي هو اڳتي وڌيو، هن ڏني ڏانهن نهاريو، هن جون نماڻيون، ڊنل اکيون ڏسي هو پهاڙ وانگر هڪ هنڌ ڄمي ويو.

”بدو، اڙي او بدو! اڙي تون اچي مزو ڏيکار!“ بدو هن کي تيز تيز نظرن سان گهوري ڏٺو. ڏني جي مڙده دل ۾ ساهه پئجي ويو، هن زبان ڦيري چپن کي آلو ڪيو. وڏيري بيوس ٿي ماڻهن ڏانهن نهاريو، هو تيز نظرن جو تاب جهلي نه سگهيو. هن ڏني کي ڏٺو، هن کي محسوس ٿيو ته ڏني ۾ هڪ ڦيرو اچي چڪو هو، سڀني هارين ۾ ڦيرو اچي چڪو هو. هو پٺيان هٽيو، ۽ هارايل جواري وانگر پاڻ کي ڪرسي تي کڻي ڇڏيائين.

رت جو ريج

”ڍڳن ڪم ڪرڻ کان ناڪار ڪئي آهي.صفا پڙ ڪڍي بيهي رهيا آهن.“ اها خبر سڄي ڳوٺ ۾ وڄ وانگر پکڙجي ويئي. جتي به - عاروءَ جي هٽ ۾، ڳوٺ واري پڙ ۾، جهر جهنگ ۾- ٻه ڄڻا پاڻ ۾ گڏيا ٿي ته اها ئي مقال هئي. جڏهن ڪا خاص ڳالهه ٿيندي هئي ته سڀ ڳوٺاڻا مڙي سڙي اچي عاروءَ جي سوڙهي هٽ ۾ گڏ ٿيندا هئا. اڄ ته عاروءَ جي رڙ مٿي رڙ هئي: ”ٻيلي مون مسڪين جو هٽ ٿا ڀڃو....“ پر ڪنهن به هن جي رڙين تي ڌيان ڪونه ٿي ڏنو. سڀني جي وات ۾ رڳو ڍڳن جي ئي مقال هئي.

خيري کي ڍڳن تي ڏاڍي ڪاوڙ هئي. انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو. چي: ”هنن بيوقوف  ڍورن جو دماغ اچي خراب ٿيو آهي. چون ٿا ته اسان کي به اوهان جهڙو ساهه آهي، گهڻو وقت ظلم سٺاسين، هون....“

”پر ير، هنن اهڙيون ڳالهيون سکيون ڪٿان آهن؟“ چاچي مٽر کي ان ڳالهه تي ڏاڍو عجب هو، هر هر اها ڳالهه ٿي ڪيائين.

”چاچا، سڄي دنيا سجاڳ ٿي ويئي آهي. ڪتا به ماڻهن سان گڏ کائن پيئن ۽ گڏ رهن ٿا. هي ته پوءِ به وڏي ڪم وارا جانور آهن،“ هڪ نوجوان وراڻيو.

”تون چپ رهه!“ولوءَ هن کي ڇڙٻ ڏيئي چيو. ”اوهان ڇورن ئي هنن کي کاريو آهي. اهڙيون اهڙيون اجايون ڳالهيون ڪري هنن بيوقوف ڍورن جي مٿي ۾ الائي ڪهڙو واءُ ڀري ڇڏيو اٿؤ.“

”مون وارو ڪانورو ڍڳو ٿو مون کي چئي،‘ ته سائين اسين پنهنجو رت ولوڙي اوهان جي لاءِ روزي پيدا ڪريون، ۽ اسان کي سڪل گاه به موچڙن کائڻ کان پوءِ ملي....“

”ٻيلي وڏا سچ چئي ويا آهن قيامت ويجهي آهي. ڀلا هنن بيوقوفن کي ڪير سمجهائي ته خدا پاڪ جلشانہ هر شيءِ کي پنهنجي پنهنجي  جاءِ تي پيدا ڪيو آهي. ائين ته دنيا جو ڪاروبار هلي پيو.“

” ته چاچا اها ڳالهه به خدا هنن جي دماغ ۾ پيدا ڪئي آهي، ته هاڻي اوهان به سجاڳ ٿيو. خدا ئي ته هنن کي اهو عقل ڏنو آهي،ٻيو ڪنهن کي طاقت آهي،“ ساڳئي نوجوان وري چيو.

”ماٺ ڪر ڇورا، ڪفر ٿو بڪين!“ هڪڙي پوڙهي چيو. گهڙي کن لاءِ ماٺ ٿي ويئي.

”آخر هنن ڍڳن کي ڪهڙي سيکت ڏجي، موچڙا ته روز ٿا کائن!“ هڪڙي ڄڻي پڇيو.

”ٻيلي منهنجون ٻانهون ته اڃا تائين ساڻيون آهن: ڪلهه ڍڳن کي جيڪا مار ڏني هئيسين تنهن ته مرڳو هڻي اسان کي بيمار ڪري وڌو آهي،“ خيري ڪنجهندي  چيو.

”مون سان پاڻ اهو حال آهي. ڪلهه سڀني کي پڪ ٿي ويئي ته موچڙن سان هو ڪڏهن ڪونه سڌرندا. ٻيو ڪو علاج ڳوليون.“

”ڏهه پندرهن ڄڻا گڏجي هنن کي سمجهائڻ ويا آهن، ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي.“

پر سڀني جو اهو خيال هو ته ڪلهه ايتري مار سان به ڪونه مڃيائون، سو سمجهائڻ سان ڪٿي سمجهندا. سڀني کي ڏاڍا خار هئا. ڪنهن دڙڪا پئي ڏنا، ته ڪنهن گاريون پئي ڏنيون، ۽ ڪنهن کي وري ڊپ پئي ٿيو. ”ڍڳن ڪيترن ڏينهن کان گوهي هنئي آهي، پوک ڪانه ٿيندي، وڏيرو لاه ڪڍي ڇڏيندو.“

”سلام ماليڪم “ ٻاهران ايندڙ هڪ همراهن سهڪندي سلام ڪيو. ماناري ۾ ڄڻ ته ڪنهن جو هٿ لڳي ويو هو ۽ مکين جي ڀڻ ڀڻ تيز ٿي ويئي.

”پيرل، ڪر خبر؟“ هڪڙي همراه تڪڙ مان پڇيو.

”خبرون ڪهڙيون! سهي جون ٽنگون ٽي، اصل پوري ڳالهه ئي نٿا ٻڌن. چون ٿا ته اوهان اسان کي گهڻا ڏينهن ڀنڀلايو ۽ ٺڳيو آهي. هاڻي اسان کي به ڄاڻ پئي آهي ته اوهان اسان کي ڦري لٽي عيش ٿا ڪريو. هر ڪاهي ڪاهي، ٻنيون کيڙي، ان ڳاهي ڳاهي، ڪلها گسائي مريو وڃون. هون!“  پيرل ڍڳن کي گار ڏني.

”مٽر واري مرگهيل ڳاڙهي ڍڳي جي ڳالهه ٻڌي هيئي؟ چي: ’اسين ته جيئري مئا پيا آهيون، اسان جو موت ماڪوڙي جي موت جي برابر آهي، ان ڪري ڇو نه پنهنجو بيڪار رت ڏيئي پوين کي سکي ڪريون،“ عارب چيو.

”ها يار! اهو مرگهيل ڳاڙهو وڏو شرارتي آهي. حال ڏسينس ٿو: مٽر جي مار ماس ته ڳاري ڇڏيو اٿس، باقي ٺلهو ڇوڙهو وڃي رهيو آهي، تڏهن به ڪا لچائي ڇڏي ٿو،“ ولوءَ خار کائيندي چيو.

”سو ته ٺهيو. وٺو ان ڳالهه کي ته هاڻي ڪجي ڇا؟“

”ڪبو وري ڇا! آئون ڍڳن جي وڏن کي دڙڪو ڏيئي آيو آهيان ته پنهنجن ڇورن کي سمجهايو، اسين پوءِ به پنهنجا آهيون، ماري ڇانو ۾ رکنداسين، پر جيڪڏهن وڏيري کي خبر پئي ته ڄاڻ ڳجهن جي لاءِ مڪو متو،“ پيرل ٻڌايو.

”وڏيرو!“ خيري کان ذري گهٽ رڙ نڪري ويئي، ”وڏيرو ته اڳئي اهڙي موقعي جي تاڙ ۾ آهي ته ڪو وجهه وٺي اسان سڀني کي پنهنجي موروثي ٻنين تان بيدخل ڪري، پنهنجن کي نوازي. حال اڳئي ڏسو پيا ته روز روز اسان جون ٻنيون وڏيري  جي ٻاهران آيل ڇاڙتن ۽ خوشامدڙين جي قبضي ۾ اينديون پيون وڃن. ٻني ٿئي يا نه ٿئي، پر وڏيري کي پنهنجو حصو ضرور کپي. اهو اسان کي ڪيئن به پني سني ڏيڻو آهي.“

”سچ ٿو چئين!  هاڻي ته اچي ٻن باهين جي وچ ۾ ڦاٿا آهيون، جي ڍڳن کي ٿا مڃون ۽ ڇوٽ ڇڏيون ته سمورو ڪم اسان کي ڪرڻو پوندو، جي وڏيري کان مدد ٿا گهرون ته مرڳو ٻنين تان هٿ ٿو کڻڻو پوي. ڪجي سو ڪجي ڪيئن!“

”وڏيري جي حڪم تي ڍڳن تي اڳئي ڪي ٿورا ظلم ڪونه ڪيا اٿئون. ان ڳالهه ته ڍڳن کي هيڪاري بر ڪري ڇڏيو آهي.“

”پوءِ چاچا، ٻنين ڦرائڻ کان بهتر ائين نه ٿيندو ته ڍڳن سان ٺاهه ڪريون. ڍڳن هميشہ اسان تان سر ڏنا آهن. پر اسين آهيون جيڪي پاڻ ته ظلم ڪريون پر ڌارين کان به مارايون. اهو ته پنهنجي پيرن تي پاڻهي ڪهاڙو ٿا هڻون،“ نوجوان چيو.

”نه نه ! ائين نه ٿيو آهي، نه ٿيندو. هنن بيوقوف ڍورن هٿان پاڻ کي هيسايون؟ ائين وري ڪيئن ٿيندو. پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڪونه لڄائينداسون. هنن ڍورن کي سبق سيکاريون. پوءِ جيئن خدا کي منظور هوندو،“ پوڙهي سختيءَ سان چيو.

”پوءِ ڀلي کڻي اسان جا بازو ڪٽجي وڃن، اسان جي ٻنين تي ڌاريا قبضو ڪري اسان کي دربدر ڪن.“

”چڱو چڱو،گهڻي بڪ نه ڪر،“ پوڙهي ڪاوڙجي چيو.

 

”اجائي بڪ نه ڪريو،“ هڪڙي هڏن جي پڃري، پوڙهي ڪمزور ڍڳي ڪاوڙجي چيو.” ڇو اچي کريا آهيو، پنهنجن ابن ڏاڏن کي ڏسو، ڪنهن به ائين ڪونه ڪيو، پنهنجن ڌڻين سان ٿا منهن ڏيو. توبه، توبه، ابا خدا شل ڪا ساڃنهن ڏئي اوهان جواڻن کي.“

”هائو چاچا، اهو سڀ ٺيڪ، پر تو ڪڏهن پنهنجي حياتي بابت سوچڻ جي تڪليف ورتي آهي. نه، ڇو ته اسان جي عقل تي، اکين تي،کوپا چاڙهيا ويا آهن، جيئن اسان کي ڪجهه به نظر نه اچي ۽ چاڪيءَ جو چڪر هلندو رهي. اسان جون اکيون بند آهن ته اسان جو جسم به باند آهي. تو ڪڏهن سوچيو آهي، توکي ڪڏهن اهو احساس ٿيو آهي ته اسان کي ڪهڙي طرح ڌوڪو ڏنو وڃي ٿو، ڪيئن لٽيو وڃي ٿو، اسان جو رت ڪهڙي طرح چوسيو وڃي ٿو. اسان کي سوچڻ کپي. چاچا، اسان کي سوچڻ کپي،“ هڪڙي نوجوان ڍڳي جوش مان چيو.

”اسان جي ڳچين ۾ صدين کان غلامي جو ڳٽ پهريل آهي. ان ڪري ٿوري ٿوري ڳالهه تي به اوهان کان ڇرڪ نڪريو وڃي. ان خوف ته اسان کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. ظالم اسان جي خوف مان فائدو وٺي، اسان تي اڃا به وڌيڪ ظلم ڪندا رهن ٿا. صديون گذري ويون، پر اهو ئي چاڪيءَ جو چڪر، اهوئي هر، اها سٽ سٽ جي راند، پوءِ هاڻي اسان ڪجهه سجاڳ ٿيا آهيون ته اوهان وڏن کي ڏڪڻي وٺي ويئي آهي. اسان سور سهون پيا، موچڙا ته کائون پيا، پر ان ۾ خوش آهيون ته اسان جون زندگيون ڪني پاڻيءَ جي دٻي وانگر ماٺيڻيون ۽ خاموش آهن،“ ڪانوري ڍڳي چيو.

مرگهيل ڳاڙهي ڍڳي، جنهن چپ  چاپ نظرون هيٺ کپائي نوجوان ڍڳن جون جوش ڀريون ڳالهيون پئي ٻڌيون، ٻين ڏانهن مهڙ ڪري چيو: ” ڀائرو، ان ۾ اسان جي وڏن جو ڪو ڏوه ڪونهي، اصل ۾ هنن کي بهتري جي ڪا اميد ڪانه هوندي آهي، ان ڪري هنن کي يقين هوندو آهي ته هر ڦيرو سندن مشڪلات ۾ واڌارو ڪندو.“

”پر چاچا، موت ئي موت تي فتح حاصل ڪندو. پوين کي سکي رکڻ لاءِ، وري جيئري ٿيڻ جي لاءِ، اسان مان هزارن کي مرڻو پوندو.“

”پر ابا، مالڪ دڙڪو ڏيئي ويا آهن ته اسان وڏيري کان مدد وٺي اهڙي سيکت ڏينداسين جو اوهان جا پويان به ياد ڪندا،“ پوڙهي ڍڳي ڊپ وچان چيو.

”هميشہ ائين ٿيندو رهيو آهي. پر اسان جا ڌڻي اهو نٿا سمجهن ته ائين هو پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي ڪهاڙو ٿا هڻن. چاچا، اوهان به وقت ڏٺو آهي. جڏهن به اسان جي مالڪن پنهنجن کي هيسائڻ ۽ ظلم ڪرڻ لاءِ ڌارين کان ڪا مدد گهري ته پنهنجو تڏو به وڃائي ويهي رهيا.“

”اسان جا مالڪ پاڻ ته اونڌاهي ۾ آهن پر گهرن ٿا ته ٻيا به اونڌاهي ۾ رهن. عقل جي روشني ته ڏينهون ڏينهن وڃي پکڙبي، پوءِ جيڪو ان روشني جي سامهون هٿ ڏيندو اهو پاڻ اونڌاهي ۾ رهندو،“ مرگهيل ڳاڙهي چيو.

”اسين ته پنهنجو وقت کائي آياسين. جيڪڏهن اوهان حق تي آهيو ته خدا اوهان جي مدد ڪندو،“ پوڙهي ڍڳي لاچار ٿي چيو.

هارين جي رهيل سهيل اميد به ختم ٿي ويئي. نيٺ هنن فيصلو ڪيو ته وڏيري کان مدد گهرڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حيلو ڪونهي.

هو ڊڄندا ڊڄندا، ڏڪندا ڏڪندا، وڏيري جي عاليشان اوطاق ۾ گهڙيا. وڏيرو ڦوڪيو ڀريو هڪ وڏي ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو هو. هن جي چوڌاري خوشامدڙيا ميڙ ڪري ويٺا هئا،  ننهن کان چوٽيءَ تائين وڏيري تان ذري گهٽ قربان پئي ٿيا. هارين تي نظر پوندي ئي هنن جون اکيون بگهڙ جي اکين کان به تيز چمڪي اٿيون.

”سائين، سلام ماليڪم. وڏيري صاحب جو، سندس آل اقبال جو خير هجي،“ سڀني ٻاهران ايندڙن گڏجي وڏي نياز ۽ نوڙت سان چيو.

”هون؟“ وڏيري ڪاري نانگ واري ڦوڪ ڏني.

”ڪهڙي ڪم سان آيا آهيو؟“ هن رعب سان پڇيو.

”سائين، اسان جي ڍڳن اسان سان کلي کلائي بغاوت ڪئي آهي. هنن ڪم ڪرڻ ۽ اسان جي حڪم مڃڻ کان صفا ناڪار ڪئي آهي. اسان هنن کي سائين جن جو به ڊپ ڏنو، پر هو ضد تان لهن نٿا،“ پيرل ادب جا هٿ ٻڌي عرض ڪيو.

”هون؟ هنن بيوقوف جانورن جي خالي مغز ۾ اها هوا ڪنهن ڀري آهي، ۽ اوهان جانورن کي به نٿا سمجهائي سگهو، بس ذري ذري تي ڀڳا بيٺا آهيو اسان وٽ. اسان اڳئي چيو هو ته هاڻي اوهان به پنهنجن ڍڳن وانگر نڪما ۽ نااهل ٿي چڪا آهيو. اوهان ۾ ڪو به افعال ڪونهي. اوهان کان محنت پڄي ڪا نه ٿي، ۽ اصل جاهل آهيو. اوهان کي نون طريقن سان پوک ڪرڻ نٿي اچي. انهن ٻنين مان اسان کي ڇا ٿو حاصل ٿئي! ان ڪري اسان اڳئي ٿي چيو ته هاڻي اهي ٻنيون ٻاهران آيل محنتي ۽ هوشيار ماڻهن کي ڪرڻ گهرجن. اوهان ته هڻي ٻنين جو خانو خراب ڪري ڇڏيو آهي.“

”پر سائين، ورهين کان وٺي اسان جا ابا ڏاڏا اهي ٻنيون آباد ڪندا آيا آهن. نوان طريقا اسان به سکي سگهون ٿا.“

”بس بس، گهڻي بڪ نه ڪر. پنهنجين زبانن کي هميشہ بند رکو.“ هن ڳالهه ڪٽيندي چيو.”هنن بيوقوف جانورن جو دماغ به اوهان خراب ڪيو آهي. هنن سان گڏ اوهان کي به اهڙي سيکت ڏيڻ گهرجي جو سڄي عمر ياد رکو.“ هن پنهنجن ڇاڙتن کي اشارو ڪيو جيڪي اڳئي ڏاٺون تيز ڪري ويٺا هئا. رڳو گرهه وجهي چٻاڙ ڏيڻ جي دير هئي. ڳوٺاڻن بيوس ٿي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو. هنن جي هٿان مان ڄڻ ته ڪا شيءِ ڪري پئي. هو ائين قدم کڻڻ لڳا ڄڻ ته قتل ٿيڻ وڃي رهيا هئا.

”تيز هلو، پيرن ۾ ٻيڙيون اٿو ڇا؟“هنن کي رڍن وانگر زور زور  سان پٺيان ڌڪيو ويو.

جوان ڍڳا ڍڳيون، نوجوان وهڙا وهڙيون، پري پري کان ڪهي پنهنجن کيتن کي بچائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا. ڪنهن وڏي عمر واري ڍڳي گذريل وقت جا سور پئي رنا، ته ڪنهن نوجوان ڍڳي مستقبل جا شاندار خواب پئي ڏٺا، ته ڪنهن پڪي پختي ڍڳي سڀني ۾ جوش پئي ڦوڪيو.مرگهيل ڳاڙهو ڍڳو سڀني جي اڳيان اڳيان هو. هو زور زور سان چئي رهيو هو: ” اسان کي هميشہ عقل کان ڪورا ۽ ذهني غلام سمجهيو ويو آهي، اسان کي اونداهي ۾ رکيو ويو آهي. پر هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجن دشمنن، پنهنجن آقائن تي، اهو ثابت ڪريون ته عقل ۽ ڄاڻ جي روشني کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. اسان حق ۽ سچائي کي پرکي ۽ پروڙي ورتو آهي.... ساٿيو، اوهان کي خبر آهي ته اوهان جي ڪهڙي قيمت آهي. ان قيمت کي نه مڃو، جيڪا اوهان جي رت چوسيندڙن اوهان جي مقرر ڪئي آهي. اوهان کي خود پنهنجي قيمت لڳائڻ گهرجي- اصلي قيمت ته اوهان جي اندر آهي....“

سڀني ڍڳن ۾ زبردست جوش ۽ ولولوڀريل هو. هو سر تان آهو لاهي آيا هئا. هو صدين کان پوءِ سجاڳ ٿيا هئا، ۽ چاڪيءَ جي چڪر کي ڊاهڻ لاءِ، سر جي قرباني ڏيڻ لاءِ، ڌارين کان کيتن کي بچائڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيا هئا.

دشمن پريان ڌوڪيندو اچي رهيو هو. دشمن کي ڏسي جوش وچان ڍڳن جو وار وار اُڀو ٿي ويو. ڳاڙهي ڍڳي هڪل ڪري چيو: ”ساٿيو متان ڪنهن شيءَ کان ڊنا آهيو. ڀلا اسان جي زندگي کان وڌيڪ خوفناڪ ۽ ڪڙي شيءَ ٻي ڪهڙي هوندي! اها ڪڙاڻ جيڪا روزانو اسان جي دل کي ٽڪر ٽڪر ڪريو ڇڏي! شاباس ساٿيو، سڀ گڏجي هڪ مضبوط طاقت بنجي وڃو،“

دشمن کي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تاءِ ڄر کڻي ويئي. هنن هارين کي ڌڪي اڳيان ڪري هڪ زوردار حملو ڪري ڏنو.

”هاڻي پنهنجي پرائي کي نه ڏسو، رت جا دريا به سچائي نٿا ٻوڙي سگهن،“ ڍڳن جي اڳواڻن نعرو هنيو.

۽ پوءِ جنگ شروع ٿي ويئي. هزارن جا ڪنڌ ڪرندا رهيا، لکين ڳاٽ اوچا ٿيندا رهيا. رت جون نديون وهي اٿي هليون. آسمان سڄو ڪارو ٿي ويو، ڄڻ ته قيامت اها هئي، اهو ئي محشر هو، ۽ ظالمن جو پڇاڻو ٿي رهيو هو. صدين جي ستايل، سڪل ۽ ٺوٺ زمين کي رت ڳاڙهو ۽ آلو ڪري ڇڏيو ۽ ان کي ڄڻ ته رت جو ريج ملي ويو__ هڪ نئين سگهه، هڪ نئين طاقت ملي ويئي.

زندگي – ٿوهر جو وڻ!

هيڏانهن اچ، هن پٿر تي چڙهي ويهه. شام جي سمي هتان دريا جو نظارو ڪهڙو نه وڻندڙ پيو لڳي! سج ٿڪل ٽٽل مسافر وانگر رڙهندو جبلن جي ٻئي ڀر وڃي رهيو آهي. لڙ پاڻيءَ ۾ نيري آسمان جي عڪس شام کي ميرانجهڙو ۽ لڙاٽيل بڻائي ڇڏيو آهي، ڪڪر به ميرانجهڙا آهن. ڇا ٿو چئين، ماحول بيحد اداس ۽ ٻڏل آهي. هوندو! مون کي ته شام جو اهو روپ بيحد وڻندو آهي. مون کي لڳندو آهي ته ان ميرانجهڙي نيراڻ ۾ گم ٿي ويو آهيان، منهنجو وجود ان شام کان الڳ ڪونهي، پر مان به ان جو هڪ حصو آهيان، منهنجو روح ميرانجهڙي پاڻيءَ ۾ ٽٻي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي ته ٻانهون پکيڙي، اکيون پوري ان لسي فرش جهڙي پاڻيءَ تي ليٽي پوان، ۽ لهرون هندوري وانگر مون کي لوڏينديون، پاڻ سان گڏ وٺي ڪٿي پري، تمام پري وڃي ڇڏين. تو کي منهنجين ڳالهين تي عجب پيو لڳي. منهنجي عمر اهڙين ڳالهين ڪرڻ جي لائق نه آهي، اهو ته بيپرواهي ۽ البيلائي جو وقت هوندو آهي. مون کي اهو احساس زهر سان ڀريل خنجر وانگر چڀي رهيو آهي، پر ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو به ناهي. هي دور سڀ کان زياده هنگامه خيز دور آهي ۽ شايد انتها کي تمام ويجهو! انسان ويچارو ته هميشہ کان ڪٺ پتلي بنيو رهيو آهي، پر هن وقت ڪٺ پتيلن جي ناچ ۾ تمام گهڻي تيزي اچي ويئي آهي. ايتريقدر جو انسان پنهنجو پاڻ کان به وڃائجي ويو آهي. تون بور ته ڪونه پيو ٿين! مان ڄاڻان ٿو ته تون ضرور ائين چوندين: ته نه نه تنهنجون ڳالهيون دلچسپ آهن. منهنجا ڀاءُ، اها ڪيڏي نه وڏي زيادتي آهي جو انسان ڪنهن نه ڪنهن ڊپ وچان پنهنجي من جي ڳالهه صاف صاف نٿو چئي سگهي. ويچارو انسان! نه ادا، مان ڳالهه کي ڦيرايان ڪونه پيو. اوهان کي شايد غلط فهمي ٿي پئي آهي. مان شام جي ان منظر ۾ وڃائجي الائي ڇا ڇا چئي ويس. ذهني پريشانيون ۽ الجهنون ته اڄ جي انسان جي لاءِ هن دور جا خاص تحفا آهن. چاهي دنيا جون ٻيون شيون ڪن ماڻهن کي زياده نصيب هجن ۽ ڪي انهن جي لاءِ سڪندا رهن، پر ذهني پريشانيون ۽ الجهنن جي سوکڙي هر انسان کي عطا ٿيل آهي. مان به چاهي دنيا جي ٻين معاملن ۾ بدنصيب هجان، پر ان سوکڙي جي مون وٽ ڪمي ڪانهي. تنهنجي همدردي ۽ خلوص جي لاءِ مهرباني، پر مان تو کي آخر ڇا ٻڌايان! دراصل مون کي پاڻ بابت ٻڌائيندي ڪجهه عجيب پيو محسوس ٿئي. اوهان پهريان ماڻهو آهيو، جيڪي منهنجي ذات ۾ ايڏي دلچسپي وٺي رهيا آهيو، نه ته منهنجا دوست مون کي هڪ اهڙو ماڻهو سمجهندا آهن، جيڪو انهن ڳالهين کان اڃا بيخبر ۽ اڻ واقف آهي. مان ننڍي هوندي کان ئي زماني جي ڏاڍاين جو شڪار بنجي ويس. منهنجي معصوم دل زخمن وچان چور چور ٿي ويئي. منهنجي دل جو درد دونهن وانگر اندر ئي اندر سڏڪندو ۽ گهٽجندو رهيو. بدقسمتي  سان اهو دونهن ڪنهن به طريقي سان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهي. مان چالاڪ ۽ ڦڙت ڪونه آهيان، ان ڪري سٺن دوستن پيدا ڪرڻ جي مون ۾ صلاحيت ڪانهي. مان ڪنهن جي قريب وڃڻ نه چاهيندو آهيان، ۽ چاهيندو آهيان ته شروعات ٻيو ڪري، شايد ان عيوض اهو دوست مون کي فقط پنهنجي دل جي درد هلڪي ڪرڻ جو هڪ ذريعو سمجهندو آهي. مان گهڻو ڳالهائڻ  ڪونه ڄاڻان، منهنجا دوست شايد گهڻو ٻڌڻ ڪونه ڄاڻندا آهن. ان ڪري هو رڳو ڳالهائيندا ۽ مان رڳو ٻڌندو رهندو آهيان. مون کي ڳالهين ڪرڻ جو ڍنگ ڪونه اچي، ۽ مون کي ڪجهه هٻڪ پڻ محسوس ٿيندي آهي. مان تمام ٿور ڳالهائو، لڄارو ۽ ڪي قدر احساس ڪمتري ۾ مبتلا آهيان، ان ڪري گهڻن ماڻهن کي مون بابت غلط فهميون هونديون آهن. مون ۾ اخلاقي جرئت ڪانهي جو ڪا ڳالهه صاف صاف چئي سگهان. ڪڏهن ڪڏهن منهنجون شڪايتون ۽ مون سان ٿيل زيادتيون به اٽلو منهنجو ئي ڏوهه بڻجي وينديون آهن. بدقسمتي سان مان حد کان زياده جذباتي ۽ حساس ماڻهو آهيان، ۽ متاثر به جهٽ ۾ ٿي ويندو آهيان. مون کي قدرت ٻي ته ڪا به خوبي ڪا نه بخشي آهي سواءِ هڪ حساس ذهن ۽ سوچ جي. ڪنهن معمولي ڳالهه يا حرڪت تي به سوچيندو ئي رهندو آهيان، پڇتائيندو ئي رهندو آهيان. اها سوچ منهنجي ذهن تي هڪ بار ۽ هڪ عذاب بنجي پوندي آهي. سوچ مون کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو آهي، ان جو عذاب جهنم کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ ڪينهي. ڪاش! قدرت مون کان سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جون صلاحيتون کسي وٺي.

بس گهڻو ٿيو دوست، مون کي منهنجي ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي ماضيءَ تي نگاه وجهڻ لاءِ مجبور نه ڪر. منهنجي ماضي ۽ حال ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي. مان ان ڄار ۾ اهڙو ته ڦاسي چڪو آهيان جو جيئن ڇڏائڻ جي لاءِ ڦٿڪان ٿو تيئن ٿو ڦاسان. منهنجي عمر ڪا گهڻي ڪانهي. پر ان عمر ۾ به مون گهڻو ئي ڪجهه سٺو آهي. مان تمام جلد وقت جي چڪيءَ ۾ پيسجي ويس. مون بيپرواهي ۽ البيلائي جو وقت ڏٺوئي ڪونه. مان فطري عمر ماڻي نه سگهيس. الا، مون گلشن ۾ اڃا پير مس رکيو هو ته ڪنڊو چڀي ويم.  تڏهن منهنجي زندگي ۾ جواني جو واچوڙو اڃا اٿيو مس هو. منهنجي من جي امنگن مس اڇلون ڏيڻ شروع ڪيون هيون، ۽ هن سان به ساڳي حالت هئي. تون ڄاڻڻ ٿو چاهين ته اها ڪير هئي! هوءَ منهنجي هڪ ويجهي مائٽ هئي. جڏهن اسان کي هوش ئي ڪونه آيو هو، ته مائٽن اسان جي سڱاوتي ڪري ڇڏي. پوءِ حالتون اهڙيون بڻيون جو وڏن جا پاڻ ۾ اختلاف ٿي پيا، ۽ هو ڳوٺ مان لڏي هڪ وڏي شهر ۾ وڃي ويٺا. منهنجي ذهن ۾ فقط ان ڇوڪريءَ جي ياد باقي وڃي بچي، جنهن سان راند ڪندي ڪندي کيس ماري ڀڄي ويندو هوس. امان کان هن بابت ڳالهيون ٻڌي منهنجي معصوم دل ۾ هن کي ڏسڻ جو شوق زور سان جاڳي اٿيو.  مان هڪ ڏينهن گهر ۾ ڪنهن کي به بنا ڪجهه ٻڌائڻ جي اتي وڃي نڪتس. گهڻي عرصي کان پوءِ پنهنجو هڪ عزيز ڏسي هنن مون کي ڏاڍو قرب ڏنو- ۽ اتي مون هن کي ڏٺو. الائي ڇو، جڏهن هن سان نظرون  ملنديون هيون ته مون کي ڪجهه عجيب محسوس ٿيندو هو. ڄڻ ته بت ۾ ڪرنٽ ڍوڙي ويندو هو. ۽ مٺيون مٺيون ڪتڪتايون ٿيڻ لڳنديون هيون. شروع ۾ هوءَ يڪدم گهٻرائجي ۽ شرمائجي ويندي هئي. ڳچ وقت کان پوءِ هوءَ مون سان منهن جهلي ڳالهائڻ لڳي. پوءِ هوءَ معصوميت ۽ سادگيءَ سان منهنجين اکين ۾ ڏسندي رهندي هئي. مون کي هڪ عجيب مزو محسوس ٿيندو هو. جڏهن هن جا گلاب جي پنکڙين جهڙا چپ لرزڻ لڳندا هئا ته اوچتو گهٻرائجي  نظرون هٽائي ڇڏيندي هئي. هونئن هوءَ تمام گهڻي چلولي هئي، ۽ مان تمام گهڻو سنجيدو. پر هن سان گڏ مان به چلولو ۽ هڪ ٻار بنجي ويندو هوس. هن جو منهن ۾ گهنڊ وجهي ’ائي هان‘ چوڻ جو انداز منهنجي دل کي ڄڻ ته مٺ ۾ جهلي هڪ عجيب مزي سان نپوڙي ڇڏيندو هو. هوءَ مون کي ٻهراڙيءَ جو ڄٽ ڪوٺي چيڙائڻ جي ڪوشش ڪندي هئي. مان ڪوشش ڪري ڪاوڙجي پوندو هوس، ته هوءَ يڪدم سنجيده بنجي ويندي هئي، ۽ هڪ عجيب پياري نموني سان معافي وٺندي هئي: ’ڪاوڙجي پيو آهين؟ مون سان به ٿو ڪاوڙجين، مون ڏانهن ته نهار...‘۽ منهنجي دل چاهيندي هئي ته هن جي ڍنڍ جهڙين وشال اکين ۾ ٽٻي هڻي گم ٿي وڃان.

مون کي نيٺ ته ڳوٺ موٽي وڃڻو هو. جڏهن هن کي اها خبر پئي ته مان ڳوٺ وڃي رهيو آهيان، تڏهن هن جو گلاب جهڙو منهن ڪومائجي ويو. ٻئي ڏينهن صبح جو هن جون ٿڪل ۽ ڳاڙهيون اکيون ڏسي مان سمجهي ويس، ته هوءَ رات جو دير تائين روئندي رهي آهي. مون سندس اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو:’ڀانيان ٿو ته رات ننڊ ڪانه آئي اٿئي، سڄي رات رنو اٿئي....‘

هن جي چپن تي هڪ اداس مرڪ پکڙجي وئي. چيائن: ’مان ڀانيان ٿي ته تون به رات ڪونه ستو آهين؛ پر تو کي ته ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ ننڊ ڪانه آئي هوندي.‘ مان هن جي اکين جي گهرائيءَ ۾ ٻڏي ويس. جنهن وقت وڃي رهيو هوس،  ته هن ٿانو پئي مليا. هن جو ڪنڌ هيٺ جهڪيل هو.  مون ويجهو وڃي کيس سڏيو. هن ڪنڌ مٿي کنيو ته مون ڏٺو: هوءَ روئي رهي هئي، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ڀريل جام وانگر پئي ڇلڪيا. ڪيڏو نه زهر ڀريل آهي انهن يادن ۾! مون کي انهن گذريل گهڙين کان، جيڪي عام طور حسين ۽ رنگين گهڙيون سڏيون وينديون آهن، نفرت آهي. هاڻي مان ان پيار کي ٻاراڻي ۽ بيوقوفي ٿو سمجهان، پر تڏهن به ان جي زهر کي ڪنهن به حالت ۾ پاڻ مان ڪڍي نه سگهيو آهيان. هاءِ وقت جو اهو ستم! مون اهو ڪونه سوچيو هو ته شهري ۽ ڳوٺاڻي ماحول جي ڪري اسان ۾ وڏو فرق آهي. منهنجا مائٽ ان قابل ڪونه هئا جو اهڙي ڇوڪري کي پنهنجي گهر آڻڻ جي لاءِ فقط سوچي به سگهن.

جڏهن مان ٻئي ڀيري هنن وٽ ويس، ته اڳين تڪلف واري فضا ختم ٿي چڪي هئي. مون کي پنهنجي حيثيت جو احساس ڏياريو ويو. ڄڻ ته ڪنهن مون کي هڪ نهايت حسين ۽ پيارو خواب ڏسندي ننڊ مان ڇڪي اٿاري ڇڏيو ۽ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. اٿارڻ واري ويچاري جو ڏوهه ڪهڙو!  مان پاڻ تي روئي ويٺس.

حد کان زياده حساس۽ جذباتي هئڻ جي ڪري پنهنجون گهرو مشڪلاتون ۽ آسپاس جو ماحول ڏسي منهنجي دل ۾ هڪ قسم جي نفرت اڀرڻ لڳي مون وچولي طبقي جي هڪ سٺي حيثيت واري گهر۾ جنم ورتو. تو کي  خبر هوندي ته اهڙي گهر کي سماج ۾ عزت جي نگاه سان ڏٺو ويندو آهي. ان ڪري هن کي پنهنجا عجيب قدر هوندا آهن، جن کي کڻي ڇا به ٿي پئي پر هٿان نه ڇڏيندو. منهنجي تربيت به ان ماحول ۾ ٿي. مون جڏهن اک کولي تڏهن منهنجو والد هڪ وڏو ماڻهو هو، ۽ مائٽ پڻ وڏين ملڪيتن وارا هئا. پوءِ زماني جي گردش جي ڪري حالتن ۾ ڦيرو اچي ويو. پر مشڪلاتن ۽ خراب حالتن جي باوجود اسان پنهنجي ڪوڙي انا کي قائم رکندا آياسين. منهنجي ننڍپڻ جي تربيت ۽ هوش ۾ اچڻ بعد پاڻ کي هڪ سٺي خاندان جو فرد سمجهڻ، آسپاس جو ماحول،  فطري رجحان، ۽ ان بعد خراب حالتن ۽مشڪلاتن هوندي به آرام سان  گهر ۾ ويٺو رهڻ_ انهن سڀني ڳالهين گڏجي مون تي الائي ڪهڙا ڪهڙا اثر ڇڏيا. مون پنهنجي طبقي جي ڇوڪرن سان گڏ اٿڻ ويهڻ چاهيو ٿي پر ان قابل نه هوس. مٿئين طبقي سان تعلق رکندڙ چاهي فقط نالي ۾ ئي سهي، پر هيٺئين طبقي وارن سان گڏ اٿڻ ويهڻ عيب سمجهندا آهن. مان ڄڻ ته آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ ڦاٿل هوس. نفسياتي طور مون تي انهن ڳالهين جو تمام گهڻو اثر ٿيو. مان ڪڏهن ڪڏهن روئي پوندو هوس، ته اهڙي گهر ۾ ڇو پيدا ٿيس.  جيڪڏهن ڪنهن غريباڻي گهر ۾ ڄمان ها ته ذهني ۽ طبقاتي الجهنن کان ته ڇٽي پوان ها. اهي ئي ڪارڻ هئا جن جي ڪري پاڻ، پنهنجي گهر بابت ۽ مٿئين طبقي بابت منهنجي دل ۾ نفرت شدت اختيار ڪندي ويئي.

دوست، مان ڀٽڪيل هوس، ته مون کي هڪ راهه نظر آئي. مون جذباتي بنجي سمجهيو ته اها ئي صحيح راهه آهي، نجات انهيءَ ۾ آهي. وقت ۽ حالتن مون تي ڪي نظريا مڙهي ڇڏيا. مون سوچيو ته اڄوڪي سماج ۾ مون جهڙا لکين ماڻهو سڙندا، پچن ۽ تڙپندا رهندا، جيستائين هي نظام نه بدليو آهي. مون مقصد کي ئي سڀ کان اوچو تصور ڪيو. پيار ۽ محبت کي هڪ اجائي ڳالهه ۽ سطحي جذباتيت سمجهڻ لڳس. مون سوچيو ته اهو ذهني عيش آهي، دنيا جي تلخ حقيقتن کان فرار آهي. سڄي جهان جو درد منهنجي دل ۾ اچي سمايو، ۽ مون پنهنجي ذات کي وساري ڇڏيو. مون وٽ فقط دوربين هئي جنهن سان پري پري ڏسي سگهيس ٿي؛ پر دوربين سان گڏ مون کي خودبين ملي نه سگهي جو پنهنجي اندر ۾ به جهاتي پائي سگهان. حالتن جي ڪري مان انتها پسند بنجي ويس. حقيقت ۾ مان هڪ عملي ماڻهو نه هوس، منهنجي طبيعت ۽ فطري رجحان انهن نظرين کان مختلف  هئا. مون ته روح جي شانتي جي لاءِ سوچيو هو، پر شانتي ڪٿي ٿي نصيب ٿئي. مان ڄڻ ته پاڻي جي تلاش ۾ رڻ جهاڳيندو رهيو هوس، هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو، پريان اڇ ڏسي ان ڏانهن ڊڪندو رهيس پر سواءِ سراب جي ٻيو ڪجهه به نصيب نه ٿيو. تڏهن مون ڄاتو ته منهنجي زندگي رڻ ۾ بيٺل ان ٿوهر جي وڻ وانگر آهي، جنهن کي پاڻي جي ڪا به ضرورت نه هوندي آهي؛ جنهن جي ڪا به اهميت ڪانه هوندي آهي؛ ۽ جنهن ۾ ڪنڊن کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين هوندو آهي.

نه، مون ۾ ايترين تلخين سهڻ جو تاب ڪونهي، همت ڪانهي. مان ڄڻ ته هڪ طوفان ۾ وڪوڙيل آهيان جنهن منهنجا سمورا هوش حواس  گم ڪري ڇڏيا آهن.  جيڪي دير سان ٿيڻ کپندو هو. سو تمام جلد ٿي ويو.  ان بيدرد وقت منهنجي اندر جا اُڌما  دٻي ڇڏيا، منهنجي روح  جي رڙين جو گلو گهٽي ڇڏيو.

خدا؟. نه دوست مون کي تنهنجي رحيم ڪريم خدا تي ڪو به يقين ۽ ڀروسو نه رهيو آهي. دراصل حالتن ئي مون کي مجبور ڪيو آهي ته ائين سمجهان. ٿي سگهي ٿو ته مان ڀٽڪيل هجان، پر ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه! مون کي به زندهه رهڻ جي آرزو آهي، مون کي به زندگيءَ سان پيار آهي، جيتوڻيڪ منهنجي زندگي بلڪل خالي ۽ پراڻي بوتل وانگر ٿي وئي آهي. مان روئڻ ٿو چاهيان پر روئي به نٿو سگهان. منهنجا سڏڪا گهٽجي گهٽجي دم ڇڏي چڪا آهن.... مان اهي گهاءُ ڏسڻ ٿوچاهيان جيڪي هڪ مختصر  وقت ۾ مون کي پهتا. معاف ڪجو،  مان شايد ڪجهه جذباتي بنجي ويس. دوست، هن وقت منهنجون حالتون هڪ ئي هنڌ کتيون بيٺيون آهن. ان بي رنگي، يڪسانيت ۽ هڪڙي قسم جي جمود مون کي پنهنجي زندگيءَ کان ئي بور ڪري ڇڏيو آهي. منهنجو روح ته اصل ۾ ڀٽڪندڙ آهي، ۽مون ڄڻ ته ان کي هڪ ئي هنڌ قيد ڪري رکيو آهي. مان چاهيان ٿو ته هڪ سيلاني، هڪ سياح بنجي ڀٽڪندو وتان، رلندو وتان.

آسي

هن جي فضل خان سان ڏاڍي دل هوندي هئي. فضل خان به ڪو هن کي گهٽ ڪونه ڀائيندو هو، ان ڪري هو جڏهن ٻاهر ويندو هو ته هوءَ بي آرام ٿي پوندي هئي. هن کي هڪ اڻ ڄاتو ڊپ ٿيڻ لڳندو هو. هڪ رات فصل خان کي مٺ ڀيڙ ڪندي هن چئي ڏنو:

”تون ڪيڏانهن ٻاهر ٿو وڃين ته...“

”ته!.....خير ته آهي؟“ فضل خان هن کان پيار مان پڇيو.

”مون کي ڊپ ٿو ٿئي!“ هن هٻڪندي هٻڪندي چيو.

”ڇا جو ڊپ؟...“ فضل به گهٻرائجي پيو.

”بس.... تون ٻاهر ويندو آهين ته مون کي سک ڪونه ايندو آهي، الائي ڇو....“

”چري!  اها به ڪا ڳالهه آهي،“  فضل خان پيار مان هن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي چيو. هن پنهنجو مٿو فضل خان جي سيني تي رکي ڇڏيو.

هوءَ غريب مائٽن جي ڌيءَ هئي، پر هئي فضل خان جي ذات جي. هن جا مائٽ فضل خان جا هاري ته ڪونه هئا، پر سال به سال لاباري ڪرڻ جي لاءِ سندس ڳوٺ ايندا هئا. فضل خان جڏهن آسيءَ کي پهريون ڀيرو سنهري سنگ لڻندي ڏٺو، تڏهن ڄڻ پنهنجي دل لڻائي ويٺو.

آسيءَ جا مائٽ پاڻ کي وڏن ڀاڳن وارا سمجهڻ لڳا، جڏهن فضل خان هنن کان آسي جو سنڱ گهريو، آسي به گهٽ خوش ڪانه هئي، ۽ فضل خان جي پيار ته هن جي خوشي کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. پر ڪڏهن ڪڏهن هوءَ وياڪل بنجي ويندي هئي؛ هن کي ڪنهن ڪنهن وقت اها ڳڻتي کڻي ويندي هئي ته ڪٿي فضل خان ٻي شادي ته ڪا نه ڪندو. سندس پيءُ به ته پنج شاديون ڪيون هيون.......

’نه نه، وڏيرو مون کي ايترو ڀانئين ٿو، ائين ڪڏهن نه ڪندو....‘ هوءَ پاڻ کي ڏڍ ڏيندي هئي.

حاجي فضل خان پنهنجي تر جو هڪ وڏو زميندار هو. پنهنجن سمورن ڀائرن کان وڌيڪ باهمت ۽ هلندي پڄندي وارو هو. سڀني ڀائرن مان هو ئي هڪ پڙهيل ڳڙهيل هو. پيءُ جي جيئري هوندي پنهنجي وڏي سوٽ سان گڏجي حج به ڪري آيو هو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ هن جا ڀائر پاڻ ۾ وڙهي اجايا خرچ ڪري کٽي پيا. فضل خان کي اها ڳالهه ڪانه وڻي ته سندس وڏن جي ٻني ڌارين جي قبضي ۾ وڃي، ان ڪري سموري ٻني هن پاڻ خريد ڪئي. وري جڏهن اڀرندي پاسي بيراج کليو ته هن يڪدم اتي به زمين خريد ڪئي. انهن جي واري ڦيري به کيس ئي ڪرڻي پوندي هئي. پر آسيءَ کي اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي ته حاجي اتي هفتن جا هفتا وڃي ويهي رهي. آهستي آهستي هن کي محسوس ٿيڻ لڳو ته، ”جڏهن هوءَ نئين پرڻجي آئي هئس ته حاجي جي هن سان ڪيتري نه دل هوندي هئي. يڪا ٽي مهينا ڪيڏانهن به ٻاهر ڪونه ويو هو. ان کان پوءِ ويندو ته هو، پر وري جلدي موٽي ايندو هو.  جڏهن پهريون ٻار ڄائو ته هو ڪيترو نه خوش ٿيو هو، اهو سڄو ڏينهن گهر مان ٻاهر نه نڪتو. پهريون ٻار جڏو هو، پر وڏيري جي منهن تي سر به ڪونه پيو ۽ جڏهن ٿورن مهينن کان پوءِ اهو ٻار مري ويو، ته هن روئڻ سان ڪم ڪري ڇڏيا.  پر پوءِ آهستي آهستي هن ۾ ڦيرو ايندو ويو، ظاهر ظهور ته نه، پر آسيءَ کي محسوس ٿيڻ لڳو. ’ٻاهر به ته گهڻا ڏينهن لائيندو آهي، ان جو آخر ڪهڙو ڪارڻ آهي!‘هوءَ وڌيڪ سوچي ڪانه سگهندي هئي.

هوءَ ويٺي ويٺي ڪنهن خيال ۾ ٻڏي ويندي هئي ۽ هن جي اکين مان ڳوڙها ٽمڻ لڳندا هئا. ڳوڙهن جو ته دريا هو هن جي اکين ۾ جيڪو جهٽ ۾ اٿلي پوندو هو. جڏهن کان هن جو اولاد لاڳيتو ڪونه بچيو، تڏهن کان ڳوڙهن جو دريا هميشہ اٿل ۾ رهندو هو. هن کي پڪ ٿي ويئي ته هاڻي هن جو ڪوبه ٻار ڪونه بچندو. هوءَ پاڻ کي بي ڀاڳي ڪوٺي روئڻ لڳندي هئي ۽ حاجي هن کي پرچائيندي، ماٺ ڪرائيندي ٿڪي پوندو هو.

”ايترا لڙڪ ڪٿان آيا، آسي! ايڏيو ته نه رو.“

”پنهنجي ڦٽل ڀاڳ تي روئان نه ته ڇا ڪريان؟....“

”چري، اجايو روئي پئي پاڻ کي هلاڪ ڪرين! تنهنجو ڀاڳ ڇا ۾ ڦٽل آهي؟“

”ڦٽل ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ خدا جيڪي ڏئي، سو يڪدم ورائي وٺيو وڃي. منهنجي ڀاڳ جهڙو شل خدا ڪنهن جو نه ڪري....“ هوءَ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي ۽ پيرن فقيرن کي ستائيندي رهي، پڙ باسيندي رهي. نيٺ هن کي هڪڙو سگهو سيتو پٽ ڄائو. هن  خدا کي ڏاڍو ٻاڏايو ته اهو پٽ کيس بخشي ڏي. جڏهن هن جو پٽ ڪجهه وڏو ٿيو، ته وڏي ڌام ڌوم سان پير تي پڙ چاڙهيو ويو. آسي ته خوشي ۾ ڪا نه ٿي ماپي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com