سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ايسپ جون آکاڻيون

باب: --

صفحو :3

 

(35) آکاڻي شينهن ۽ ڊولفين جي

هڪڙو شينهن درياءَ جي ڪنڌيءَ تي پئي گهميو سو ڇا ڏسي ته هڪڙو ڊولفين، درياءَ جي مٿان، اُس ويٺو کائي! ڀانيائين ته هن سان ياراڻي پايان؛ تڏهن چيائينس ته ”آءٌ مرن جو بادشاهه آهيان، تون مڇين جو بادشاهه آهين، تنهنڪري جيڪر پاڻ ۾ دوستي رکون ته چڱو“. ڊولفين چيو، ”واهه، ٻيو ڇا گهرجي!“ ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا، ته هڪڙي ڏينهن شينهن جي اَچي ڪنهن جهنگ جي ڍڳي سان جهيڙو لڳو، تڏهن ڊولفين کي هڪل ڪيائين ته ”يار، اچي رَس! وقت اِهو اَٿئي!“ پوءِ ڊولفين هن جي واهر ڏيڻ لاءِ گهڻئي مٿان هيٺان؛ تڏهن شينهن چيس ته ”ٻيلي، تو مون ساڻ ڏاڍو ڊوهه ڪيو“. ڊولفن وراڻي ڏنس ته ”ان ۾ منهنجو ڏوهه نه ڄاڻج، پر منهنجيءَ ذات جو ڀائج؛ ڇاکئون ته جيتوڻيڪ درياءَ ۾ منهنجو ڏاڍو زور ٿو هلي، پر پٽ تي آءُ بيوس آهيان، ڪي ڪري نٿو سگهان!“

نصيحت:- اَول ته ماڻهوءَ جي ذات ڪذات ڏسجي، پوءِ ويچار ڪجي ته ”هيءُ مون کي مهل سر ڪم ايندو، ۽ سڏ ۾ سڏ ڏيندو يا نه؛ تنهن کان پوءِ ان سان ياراڻي رکجي.“ نانءُ بڙا،  ديهه ويران“- رڳو اُن جو نالو ٻڌي ۽ زور وارو ڏسي، اُن سان دوستي رکڻ منجهان ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ اُهو اهڙو آهي جو پوءِ مهل سر ڊولفين وانگي پير ڪڍي بيهي رهندو.

 

(36) آکاڻي ماکيءَ جي مک ۽ ڀونئرن ۽ چيلاٽي جي

ڪن ماکيءَ جي مکين، ڪنهن پوري وڻ جي ٿڙ ۾ مانارو جوڙيو هو، ڀونئرن چيو ته ”اهو مانارو اسان ٻڌو آهي، ۽ اسان جو آهي“. نيٺ اهو رڳڙو چيلاٽي وٽ وٺي آيا ته ”تون اسان جو نياءُ ڪر“. هن کي هنن ٻنهن سان سڃاڻپ ٿوري هئي، تنهن لاءِ چيائين ته ”ڇڪيندڙ ۽ ڇڪيل جو رنگ ۽ ڊول سو اهڙو هڪ جهڙو آهي، گمان پيو پوي ته نه ڄاڻان مانارو مِلڪ ڪنهن جي آهي! ۽ چڱو ڪيو جو هي رڳڙو مون وٽ آندو، هاڻي ڏسو، ته آءٌ ڪهڙو پورو مانارو ٿو ڪريان: اوهين ٻئي ڌريون هڪڙو هڪڙو مانارو جوڙيو، ۽ نئين ميڻ به جوڙيو، ته پوءِ پاڻهي خبر پوندي ته سچ هيءُ ڪنهن جو مال آهي“. ماکيءَ جي مکين خوش ٿي اها ڳالهه مڃي، پر هُن ٻيءَ ڌر نه مڃي. تڏهن چيلاٽي فتويٰ ۽ فيصلو ٻڌاين ته ”هاڻي پڌرو ٿيو، جو هيءُ مانارو ڪنهن جو جوڙيل آهي، ۽ ڪنهن کان جڙي نٿو سگهي- ۽ عدالت منجهان حڪم جاري ٿو ڪجي، ته ماناري جي ميڻ ماکيءَ جي مکين جي مِلڪ آهي!“

نصيحت:- ڪي ڪي چٻارا ماڻهو ڪوڙا معاملا ڪري ماڻهن کي وڃي سرڪار ۾ چاڙهيندا آهن، ۽ ڪين ڄاڻندا آهن ته ٻيلي هيءُ عدالتخانو نياءَ جو گهر آهي، هن ۾ ڪوڙ، ڪوڙ ٿيندو، ۽ سچ، سچ ٿيندو. پوءِ جڏهن حاڪم ويهي نياءَ ڪندو آهي، تڏهن کير، کير ٿي پوندو آهي. شي مالڪ جي مالڪ کي ملندي آهي، ۽ چٻارو، ڦڪو ٿيو، هٿ ٺوڪيندو، هليو ويندو آهي- ”ڪارو منهن ڪتي جو، رٻ اوتري جي اوتري!“ تڏهن ماڻهوءَ کي گهرجي ته ڪنهن تي به ڪوڙِ چٻ نه ڪري، ته پوءِ ڀونئرن وانگي ڦڪو نه ٿئي.

 

(37) آکاڻي شڪار ڪندڙ شينهن ۽ گڏهه جي

هڪڙي شينهن ۽ گڏهه، پاڻ ۾ پهه ڪيو ته اسين گڏجي شڪار تي هلنداسون؛ پوءِ ويندي ويندي وڃي ڪنهن غار وٽ پهتا. ڇا ڏسن ته منجهس گهڻيئي سرهه ويٺا آهن!شينهن، غار جو منهن جهلي ٿي بيٺو، ۽ گڏهه اندر بيهي، اِٽون هڻڻ ۽ هينگڻ لڳو، ۽ منجهن اهڙو رولو وجهي ڏنائين، جو هنن کي ٻاهر نڪرڻو پيو. پوءِ جڏهن شينهن گهڻن کي جهليو، تڏهن گڏهه ٻاهر نڪري چيس ته ”ڏٺئي، ڪهڙي ويڙهه ڪيم، ۽ ڪيئن سرهن کي ڀڄايم!“ شينهن ورندي ڏنس ته ”ٻيلي برابر ٿو چوين؛ سچ  ڪري پڇين، ته جيڪڏهن مون کي به سڌ نه هجي ها ته تون ڪو گڏهه آهين، ته جيڪر آءٌ به توکان پيو ڊڄان ها!“

نصيحت:- عقل وارا ماڻهو جي ٿيندا آهن: سي بي عقل منجهون به پنهنجو مطلب ڪڍي وٺندا آهن: پوءِ هو ڀلي پيو ٻٽاڪ هڻي، هو ماٺ ڪيو ويٺا ٻڌندا آهن؛ پوءِ هو انهيءَ ۾ ئي مگن رهندو آهي-جئن ته ”چري ڦِٺ ۾ ئي خوش!“

 

(38) آکاڻي لوڪڙ ۽ ڄاهي جي

هڪڙو لوڪڙ نديءَ جي پار ٿي ويو، سو تِک ۾ وهندو وهندو ڪنهن سوڙهي هنڌ ڦاسي پيو، ۽ ڳچ تائين مٿا هنيائين، پر اتاهون نڪري نه سگهيو، ۽ لڱن تي لکين ٻگهيون اچي مِڙيس. ايتري ۾ هڪڙو ڄاهو اچي اتان لنگهيو، تنهن کي هن جو هڪڙو ڄاهو اچي اتان لنگهيو، تنهن کي هن جو حال ڏسي ڪهل پيئي، ۽ پڇيائينس ته ”هي ٻگهيون جي توکي هيئن ستائين ٿيون، تن کي ڪڍي ڇڏيان؟“ لوڪڙ چيس ته ”ڀلائي ڪري نه ڪڍجو“. ڄاهي پڇيس  ”ڇو؟“ وراڻي ڏنائينس ته ”هاڻي جي ٻگهيون لڱن تي پيون آهن، سي ڍاپيون ويٺيون آهن-۽ رت ٿورو ٿيون پيئن، پر جيڪڏهن اوهين هنن کي ڪڍندؤ، ته ٻيون نيون ٻگهيون جي اچي لڱن تي چنبڙنديم، سي هڪڙو ڦڙو رت جو به نه ڇڏينديم!“

نصيحت:- جنهن سنگتيءَ اسان وٽ رهي، گهڻا ڏينهن- کاڌو پيتو هوندو، تنهن کي جيڪڏهن ڪڍي ڇڏبو، ته ٻيا اهڙا اچي لڳندا، جي انهيءَ اڳئين سنگتيءَ کان به واڌو ڦريندا، بلڪ جيڪي رهيو کهيو ڏسندا، سو به تڳائي ويندا؛ تنهنڪري اڳئين سان نڀائڻ چڱو آهي.

 

(39) آکاڻي بگهڙ ۽ ريڍار جي

هڪڙو بگهڙ، گهڻن ڏينهن توڻِي، رڍن جي هڪڙيءَ ڇانگ وٽان پيو لنگهندو هو. هنن کي ڪڏهن ڇيهو ڪونه رسايائين، پر ريڍار جو منجهس ڏاڍو گمان هو؛ اُهو وجهه ڏسيو ڏانهس پيو نهاريندو هو. بگهڙ ڪيترن ڏينهن تائين ان جي ڌڻ جي پٺيان لڳو وتندو هو؛ ريڍار ائين ڪين ڄاڻندو هو، ته ڪنهن به طرح هن کي ڏکوئڻ جي نيت آه؛ تنهنڪري هو ڄاڻندو هو ته منهنجو سڄڻ آهي ۽ ويري ڪين آهي. هڪڙي ڏينهن ڪوشهر ۾ ڪم پيس؛ تڏهن پنهنجو ڌڻ بگهڙ جي حوالي ڪري ويو. بگهڙ کي وجهه ملي ويو، تنهن نه ڇڏي جا رڍ هڪڙي-سڀني کي ڏاڙهي ڦاڙي ڇڏيائين! ريڍار جان وري اچي ڏسي ته مار! رڍون ته سڀ ڏاڙهيون ڦاڙيون پيون آهن! سو پنهنجي دل ۾ چوڻ لڳو ته ”ڪهڙي نه بيوقوفي ڪيم“ جو بگهڙ کي ڇڪي رڍون ڏنيم؛ هاڻي چڱو ٿيو، جهڙيءَ جُٺ جا لائق هوس تهڙي جٺ ٿي اٿم“.

نصيحت:- هن سمي ۾ گهڻا ويري اهڙا آهن، جو ٻاهران منهن جا مٺا، ٻيو اندر ۾ رڳيون ڇريون هونديون اٿن: ”ظاهر بمثل شکر، باطن بمثل مار“- تن تي سياڻن کي گهرجي ته اعتبار نه رکن، ۽ انهن جي مٺين ڳالهين تي نه لڳن، نه ته هو، بگهڙ وانگي، ٻاهران پنهنجي سڄڻپائي ڄاڻائي ڄاڻائي، نيٺ هڪڙي نه ٻئي ڪبو. بُري مان ڀلائي ڪڏهن به ٿيندي آهي-جئن فارسيءَ واري چيو آهي ته ”عاقبت گرگرداه گرگ شود، گرچه باآدمي بزرگ شود“.

 

(40) آکاڻي واٽهڙن ۽ ڪهاڙي جي

هڪڙا ٻه ڄڻا، گڏجيو واٽ وٺيو پئي ويا، ته ويندي ويندي منجهائن هڪڙي ڄڻي ڪهاڙو لڌو، تنهن کڻي چيو ”يار، ڏس ته مون ڇا لڌو آهي!“ تڏهن هن ٻئي چيس ته ”اِئين نه چئو ته ”مون لڌو آهي“، پر چئو ته اَسان لڌو آهي“. ٿورن ڏينهن کان پوءِ، جن جو ڪهاڙو هو تن اَچي سڃاتو، ۽ جنهن جي هٿ ۾ هو، تنهن تي چوريءَ جي تهمت رکيائون. تڏهن اُن واٽهڙوءَ پنهنجي سنگتيءَ کي چيو ته ”هاڻي اَسين مُٺاسون!“ تنهن تي هن ٻئي چيس ته ”اِئين نه چئو ته  ”اَسين مٺاسون“ پر چئو ته ”آءٌ مٺس“- ڇاکئون ته جيڪو پنهنجي سنگتيءَ کي ڦر ۾ ڀائيوار نه ڪندو، سو ائين نه ڄاڻي ته ڪو اُهو ساڻس جوکي ۾ شريڪ ٿيندو!“

نصيحت:- گهڻا ماڻهو اهڙا آهن، ته جڏهن ايندي جو ڪم ڏسندا آهن، تڏهن چوندا ته ”هيءُ رڳو منهنجو آهي، ۽ هن ۾ ٻئي ڪنهن جو واسطو ئي ڪونهي“، ۽ ڪنهن سنگتيءَ کي پير کوڙڻ نه ڏيندا آهن. پر وري جڏهن اُنهي کٽئي مان وٽيو ٿي پوندو آهي، ۽ ڪانه ڪا آفت اچي ڪڙڪندي اٿن، ته پوءِ پيا سنگتي ڳوليندا آهن، ۽ چوندا آهن ته ”فلاڻو مون سان ڀائيوار هو، ۽ فلاڻي جو به هن ۾ واسطو آهي!“ پر ماڻهوءَ کي گهرجي، ته جي ڪنهن سان سنگت ڪري، ته کٽئي توڙي ڇِيهي ۾ اُن کي پاوءُ ڏئي، ۽ مٿئين واٽهڙو وانگي نه ڪري؛ نه ته سندس جيڪو سنگتي هوندو، سو اوکيءَ ۾ پاڻ ڪڍائي ويندس.

 

(41) آکاڻي عقاب ۽ ڪانگ جي

هڪڙو عقاب پکي، ڪنهن اُٿاهينءَ ڇپ تان، جهٽ هڻي، ڪنهن گهيٽي کي کڻي ويو. هڪڙي ڪانوَ، هيءَ ڪارستاني ڏسي، ڀانيو ته آءٌ به ائين ڪريان؛ تنهنڪري پنهنجي وس پڄندي ڪنهن گهيٽي تي جهٽ هنيائين؛ پر سندس نُنهَن گهيٽي جي اُن ۾ چنبڙي پيا! پوءِ گهڻيئي مٿا هنيائين ۽ ڦٿڪيو ته ڀڄان، پر ريڍار ڏسي ورتس ۽ اچي جهليائينس، ۽ کنيڙاٽيون ڪپي، نماشام جو گهر ڇوڪرن وٽ کڻي آيس. ٻارن پڇيس ته ”بابا، هي ڪهڙو پکي آهي، جو اڄ اسان لاءِ آندو اٿوَ؟“ ورندي ڏنائين ته ”جي هن کان پڇندو، ته هيءُ ته چوندو جو آءٌ عقاب پکي آهيان: پر جي مون کان پڇو، ته ڪانو، ڪانو جو پٽ اٿُو!“

نصيحت:- ڪو وڏو ماڻهو ۽ زور وارو هوندو، تنهن جا ڪم ڏسي ڪو غريب ۽ هيڻو ماڻهو اُن جي ريس ڪندو، ۽ چوندو ته آءٌ اهڙا ڪم ڪريان، ۽ هن سان ڪلهو هڻان، ته اها ڳالهه ڪڏهن ٿيڻي نه آهي: ڇو جو اهُو هڪڙيءَ نه ٻيءَ مهل هن ڪانوَ وانگي ڦاٿو رکيو هوندو، ۽ اُن جي سياڻپ خواهه ڏاهپ ڪنهن ڪم نه ايندي آهي. پوءِ، اهڙو سوگهو ٿيندو آهي، ۽ مڙيئي واهون بند ٿي وينديون اٿس، جو نه هيڏانهن وڃي سگهندو آهي، نه هوڏانهن-جيئن ته چيو اٿن ته ”ڏاهو ڪانوَ ٻه ٽنگو ڦاسي!“

(42) آکاڻي گڏهه ۽ سندس ڌڻيءَ جي

ڪنهن ڪنڀر وٽ هڪڙو گڏهه هوندو هو، سو ڏهاڙي مٿس بيحد بار لڏيندو هو، تنهن ڪري اُهو ڏاڍو هيڻو ٿي ويو. پوءِ هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو، جو ڌڻي ڏهاڙيءَ کان گهڻو بار مٽن دلن جو مٿس لڏيو. گڏهه جي رقم ته اڳي ئي چٽ ٿي پيئي هئي. باقي وري جا واٽ هئي، سا به هيٺ مٿي ۽ کڏون کوٻا هئي، تنهنڪري ٿاٻو آيس ۽ ڌڪ کائي ڪِري پيو؛ ۽  مٿس جيڪي ٿانوَ-ٿپا، ٺڪر-ٺوڪر هئا، سي سڀ ڀڄي ٽرڙ ٿي پيا. ان مهل سندس ڌڻيءَ کي جي اچي ڪاوڙ لڳي، تنهن اهڙيءَ ته بيرحمي ۽ ڪٺورتائيءَ سان موريس، جو رني وٺي! اَي بيرحم، زبان جو ٿيو، تنهن جو مون تي ناحق ٿو ڏوهه رکين؛ سچ ڪري پڇين، ته ڏوهه تنهنجو آهي: ڇاکئون ته ڪنجوسائي ڪري منهنجي خوراڪ گهٽايئي، ۽ مون تي منهنجي سگهه کان ٻاهر بار لَڏيئي، تنهن سبب ڪري آءٌ ڪريس.“

نصيحت:- جو بخيل آهي، سو پنهنجي ڌن بچائڻ لاءِ جو اُپاءُ ڪندو آهي، انهيءَ اپاءَ منجهان گهڻوڪري اُن جي ڌن جو ناس ٿيندو آهي- ”اُپاءَ منجهان گهڻو ڪري اُن جي ڌن جو ناس ٿيندو آهي- ”سيخيان نه اموال بر ميخورند، بخيلان غم سيم و زر ميخورند“.

 

(43) آکاڻي پرئي مڙس ۽ ملڪ الموت جي

هڪڙو پريو مڙس، ڪاٺين جي ڏاڍي ڀري کڻي، ڪنهن ڏوراهين پنڌ آيو ٿي، سو ايندي ايندي واٽ ۾ اچي ٿڪو تڏهن، ڀري مٿي تان لاهي، هيٺ رکي ويهي رهيو، ۽ موت کي سڏ ڪيائين ته ”مون کي هنن ڏکن ۽ سورن کان ڇڏاءِ.“ اُنهيءَ مهل اُن جي سڏ تي ملڪ الموت اچي ڏيکاري ڏنس، ۽ پچيائينس ته ”ڇا گهرجيئي؟“ هن موت جي ڀيانڪ شڪل جا ڏٺي، سو هن جون ٻه به ويون، ڇهه به ويون. پوءِ ڳچ تائين ڏڪي ڏڪي ورندي ڏنائينس ته ” سائين، آءٌ هيڻوهوس، منهنجي ڀري مٿي تان ڪري پيئي، تنهن ۾ هٿ وجهائڻ لاءِ سائينءَ کي سڏ ڪيم، ٻيو منهنجو ڪو ڪم نه آهي!“

نصيحت:- ماڻهن کي اهڙي عادت پئجي ويئي آهي، جو موت سان به چرچي ڪندي ڪين ٿا ڊڄن. جي کين ٿورو گهڻو ڏک اچي لڳندو، ته چوندا ته ”هن جيئڻ کان مرڻ ڀلو آهي.“ پر اهو مڙيوئي موت اچڻ تائين؛ جنهن ساعت موت آيو، تنهن ساعت وري ڀائيندا ته ڪو ڏهاڙو اڃا سنسار ۾ گذاريون. جن جا هڏ وڃي باقي رهيا هوندا، ماس سڀ ڇڻي ويو هوندن، ۽ سوين سور پيا ڀوڳيندا، سي به جيئڻ جي آس ڪين ڇڏيندا؛ تڏهن جيڪي جوانيءَ جي زور ۾ هوندا تن کي ڪيتري آس هوندي! موت ته يقين اچڻو آهي؛ اُن ۾ ته ڪو شڪ نه آهي-ائين ڄاڻي، جڏهن اهو چي ٿو تڏهن جيڪي اُن کان منهن نٿا موڙين، تن کي عقل وارو ڄاڻڻ گهرجي.

 

(44) آکاڻي گڏهه ۽ سندس ڌڻيءَ جي

ڪنهن باغائيءَ وٽ هڪڙو گڏهه هو، تنهن کي ڪم گهڻو هوندو هو، ۽ کاڄ ٿورو ملندو هوس، تنهن لاءِ پِير کي عرض ڪيائين ته ”باغائيءَ جي نوڪريءَ مان ڪڍي ٻيو ڪو ڌڻي ڏينم“. تنهن اُن جي بي شڪريءَ تي ڪاوڙجي، ڪنڀر جي نوڪري ڏياريس، اُتي وري اڳ کان به واڌو بار ڍوئڻو پيس. تڏهن اُتي وري پير کي سوال ڪيائين، تنهن وري موچيءَ جي نوڪريءَ ۾ رکرايس. پوءِ اهڙي بڇڙي نوڪريءَ ۾ رهي، گڏهه پنهنجي ڌڻيءَ جو ڪم ڏٺو نه اهو ڏهاڙي ڇاڇا ڪندو آهي، تڏهن ڪرڪي چوڻ لڳو ته ”الله، هاءِ نصيب! جيڪڏهن پنهنجي پهرئين ڌڻيءَ وٽ ويٺو رهان ها، ته چڱو هجي ها؛ ڇاکئون ته هاڻوڪي ڌڻي، جيئري ته هيترو ڪم ٿو ڪرائيم، پر مئي کانپوءِ کل به ڪين ڇڏيندم!“

نصيحت:- جو هڪڙو هنڌ نه رهندو سو ٻئي هنڌ به ڪين ريجهندو. مطلب آهي ته انسان کي مڙيوئي ڌڻيءَ جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي، ۽ جنهن حالت ۾ اُهو رکي، تنهن ۾ شڪر ڪري رهي. جو بي شڪ ٿي صاحب کي سندائي  ٿو، سو وري اهڙيءَ آفت ۾ ٿو پوي، جو اڳئين حالت کي پيو سڪي.

 

(45) آکاڻي شينهن ۽ ڪئي جي

هڪڙو شينهن، اونهاري جي ڏينهن ۾، ُس کان ماندو ٿي، شڪار کان ٿڪجي، جهنگ ۾ ڪنهن وڏي ٻٻر جي ڇانوَ ۾ وسرام لاءِ ستو پيو هو. اُتي ڪئا اچي ڏاڍي کنڌ کنڌ ڪرڻ لڳا. تنهن تي  شينهن جاڳي هڪڙي ڪُئي کي چنبي ۾ جهليو؛ ۽ جيڪر چيري وجهيس ها، پر ايتري ۾ هن ڪُئي گهڻي وينتيءَ سان عرض ڪيس ته ”سائين، اوهين وڏا ۽ سڀني چپاين جا راجا، آءٌ اوهان جي اڳيان جيتامڙو  منهنجي ڪُٺي مان ڀلا اوهان کي ڇا هٿ ايندو، ۽ مون کي جيءَ دان ڏيڻ اوهان کي لائق آهي“. اها ڳالهه ٻڌي، شينهن کي ڪهل پيئي ۽ ڇڏي ڏنائينس. تنهن کان هڪڙو ڏينهن پوءِ، اهو شينهن جهنگ ۾ پئي گهمي، ۽ انهيءَ ٻٻر جي وڻ وٽ هڪڙي شڪاريءَ ڄار وڌي هئي، تنهن ۾ اچي ڦاٿو. انهيءَ مهل، پنهنجي وت سارو، جيڪي مٿا هڻڻا هئس سي هڻي بيٺو، پر نڪري ڪين سگهيو. پوءِ نراس ٿي، ڏاڍي زور مان گجگوڙ ڪيائين-سا ٻڌنڌي ئي، هو ڪئو وٽس ڊوڙندو آيو ۽ چوڻ لڳس ته ”راجا، متان ڊنا آهيو، سانت ڪريو.“ ائين چئي، انهيءَ ڪئي پنهنجي ڏندن سان ڄار جون ڳنڍيون ڪتري، شينهن کي ڇڏائي ڇڏيو.

نصيحت:- وڏا وڏا جي ٿيندا آهن، تن جا به ننڍن جي هٿان ڳرا ڳرا ڪم ٿيندا آهن؛ تنهنڪري، جيڪي پاڻ کئون هيڻا هجن، تن تي پنهنجي پريت سان رحم ڪبو رهجي. ڪنهن نه ڪنهن وير، ننڍي جي هٿان به ڀلائي ٿيندي آهي. ماڻهوءَ جو اقبال سدائين هڪ جهڙو نه رهندو آهي- جڏهن اها ڳالهه ائين آهي، تڏهن اسين سڀني سان چڱي طرح ڇو نه هلون؟ پنهنجي هلنديءَ چلنديءَ، جي ماڻهن سان ڀلائي ٿي اچي، ته ماڻهو به جيڪر اسان کي وقت سر ڪم اچن؛ جي سڀيئي جيڪر ڪم نه اچن، ته هڪڙو نه هڪڙو حق

شناس مڙيوئي نڪري ئي نڪري، ته اُنهيءَ هڪڙي جي واهر سان اسان جا جيڪر سڀ سور لهي وڃن.

”ڀلا ڪر ته ڀلا ٿيويئي،

سودا ڪر ته نفعا ٿيويئي.“

 

 

)46) آکاڻي ڪڇونءَ ۽ عقاب پکيءَ جي

هڪڙو ڪَڇُون، ڌرتيءَ تي هلي هلي، ڪڪ ٿي پيو. تنهن جي دل چيو، ته اُڀ ۾ رهي ڏسجي ته هن دنيا جو تماشو ڪهڙو آهي. سو پکين کي چوڻ لڳو ته ”ٻيلي، جيڪو مون کي اُڀ گهمائيندو ۽ جهان جا تماشا ڏيکاريندو، تنهن کي ڌرتيءَ ۾ جواهرن جون کاڻيون، جي معلوم اٿم، سي ڏيکاريندس!“ عقاب پکيءَ اها ڳالهه مڃي، ڪڇونءَ کي اُڀ مان دنيا جو سڀ تماشو ۽ مزو ڏيکاريو؛ پوءِ چوڻ لڳس ته ”هاڻي تنهنجون جواهرن جون کاڻيون ڪٿي آهن، سي مون کي ڏيکار“. تڏهن ڪڇون ککو وکو ٿي، موڳن وانگر ماٺ ڪري ويهي رهيو. اهو حال ڏسي، عقاب ڪاوڙيو ۽ ان جي ڪُنئرن ڪُنئرن سنڌن ۾ چنبا وجهي، انهيءَ دم ماري وڌائينس.

نصيحت:- جيڪو پنهنجو چئي وانگر نه ڪندو آهي، تنهن جي نيٺ خراب ٿيندي آهي. وڏو ماڻهو هوندو ته اُن جو به مان گهٽبو آهي، ۽ بلا ۾ ڦاسندو آهي؛ ۽ جيڪي رڳا ٻٽاڪي ٻين کي ٺڳڻ ڀائيندا آهن، تن جي ته موڙي ئي ناس ٿيندي آهي، ۽ ڪڏهن ته ساهه به هليو ويندو اٿن. تنهن ۾، ڳالهه جيڪا هجي سا ڪجي- ڪوڙ ڪيترو هلندو! چوندا آهن ته ”ڪوڙي جي ڊوڙ آهي کُڏ تائين“.

 

(47) آکاڻي خرچ جي

هڪڙي خچر کي داڻو ملندو هو، مُوو، ۽ ڪم ڪرڻو پوندو هوس ٿورو، سو ٿوري گهڻين ڏينهن اچي متو، ۽ جيڏانهن وڻندو هوس، تيڏانهن ٽپندو وتندو هو، تنهن کي ڪنهن چيو ته ـتون گهوڙي جو ٻچو آهين! سو گهوڙو به ڪهڙو؟ نه جهڙو تهڙو پر شرطن کٽڻ وارو!“ اها ڳالهه دل ۾ رکي، خچر کي پڪ ٿي ته ڪم ڪو پئجي ويو، ته انشاء الله تعاليٰ، ڪيڏي به منزل هوندي، ته لنگهي وڃي پار پوندس! ٿورا گهڻا ڏينهن گذريا، جو هڪڙو ڏينهن اُن جو ڌڻي مٿس چڙهي ڪنهن ضروري ڪم لاءِ ويو ٿي، تنهن اُن کي هلڻ جي واسطي ڏاڍا چاهبڪ هنيا، تڏهن خچر واٽ تي هلندي هلندي اچي ڏاڍو ٿڪو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته ”اڙي، هاڻي تنهنجو اهو زور ڪاڏي ويو؟ تڏهن انهيءَ مان ائين ٿو ڀائنجي ته تنهنجو پيءُ گهوڙو نه هو، گڏهه هو!“

نصيحت:- جيڪو پنهنجن وڏن جي نالي تي پاڻ کي وڏو چوائيندو آهي، تنهن کي بيوقوف سمجهيو. جيڪي تحقيق وڏا ماڻهو آهن، سي پنهنجي ناموس ڪري ئي پاڻ وڏا آهن. جيڪو پاڻ هلڪو هجي ۽ ڪري سو پيءُ ڏاڏي جي نالي تي پاڻ کي وڏو چورائي، ته اُها وڏائي ان کي نه ملندي آهي، اٽلندو ئي هلڪائي ٿيندي اٿس.

 

(48) آکاڻي ڪاڻيءَ هرڻيءَ جي

هڪڙي ڪاڻي هرڻي، ڏهاڙي درياءَ جي ڪنڌيءَ تي چرندي هئي. تنهن جي دل ۾ آيو ته ”چرڻ مهل ڪاڻي اک درياءَ جي پاسي، ۽ سڄي اک ڌرتيءَ جي پاسي ڪريان، ته جيڪو مارڻ اچيم، تنهن جي انهيءَ ساعت سڌ پئجي وڃيم“. اهو ٺهراءُ ڪري، پاڻ کي ڄاڻندي هئي ته ”هاڻي مون کي ڪهڙو ڀؤ آهي!“ پر ان کي هڪڙو شڪاري گهڻن ڏينهن کان پيو تڪيندو هو، جنهن جي هٿ ۾ ڪين ايندي هئي. تڏهن هو هڪڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي، هري هري، پاڻيءَ واري پاسي جا اک هيس تنهن ڏانهن ڦير آيس، ۽ چتائي چتائي ٺڪاءُ ڪرايائينس بندوق. پوءِ ساهه ڏيڻ مهل اها هرڻي هيئن چوڻ لڳي ته ”اي ڌڻي، تون ڏاڍو بي انت آهين: جنهن پاسي کان ڳڻتي هيم، اُتان جوکو ئي ڪونه رسيم، ۽ جنهن پاسي ڀو ئي ڪونه هوم، تنهن پاسي کان ساهه ويم!“

نصيحت:- هن دنيا فانيءَ جي پٺيان طرح طرح جا ڀؤ لڳا پيا آهن، انهن کان بچڻ لاءِ اسين گهڻو ئي مٿو هڻون، ته به اهڙي واٽ ئي ڪانهي، جنهنڪري پٽيءَ ڇٽي پئون. جي جوکا پڌرا آهن، تن کان ته پاڻ بچائي ٿا سگهون، پر جيڪي جوکا اسان کي ڏسڻ ۾ ئي نٿا اچن، اهڙا سوين اسان جي چوڌاري ڏسڻ پيا آهن، تن کان اسين ڪيئن ڇٽنداسون. تنهن ۾، ڪو ڪونه ڀانئي ته ”آءٌ بيخوف آهيان!“ يا جي ڪو خوف هجيس، ته بيخوف ٿيڻ جي واسطي اجايا مٿا هڻڻ نه گهرجنس. جڏهن بيخوف ٿيڻ پنهنجي وس نه آهي، تڏهن رات ڏينهن اُن جي ڳڻتي ڪرڻ بي عقلي آهي. تڏهن جنهن کي خدا عقل ڏنو آهي، تنهن کي ائين ڪرڻ مناسب نه آهي. تنهن تي چيو اٿن ته ”ستن ڪوٺين ۾ کڻي ڪو پاڻ لڳائي، ته به کُٽيءَ کان ڪونه بچي“.

 

(49) آکاڻي پيٽ ۽ ٻين لڱن جي

ڪنهن سمي ۾، پيٽ کان ڪو ڪم ٿي ويو، تنهن تي ٻين لڱن کي چڙ آئي؛ هيءَ ڳالهه چڱي نه آهي ته اسين محنتون ڪري ڏک پِٽي پيدا ڪريون، ۽ هيءُ پيٽ نڪمو ويٺو کائي!“ انهيءَ ڳالهه کان ارها ٿي، انجام ڪيائون ته ”اڄ کان پوءِ هن کي کاڄ پيڄ پٽيءَ ڪين ڏينداسون، ۽ پاڻهين پنهنجي ڪمائي ڪري کائيندو!“ تن مان هٿن پڪو انجام ڪيو ته ”جي هيءُ بک سان مرندو پيو هوندو، ته به هن جي بچائڻ لاءِ هڪڙي آڱر به نه چورينداسون!“ ۽ وات چيو ته ”جان ڪِي جئندس، تان ڪِي جي ذرو کڻي هن جي کِيان ته گُنگو ٿيان!“ ۽ ڏندن چيو ته ”جي اسين رتي کڻي هن لاءِ چٻاڙيون، ته شال اسين ڀڄي ڀري وڃون!“ پوءِ پنهنجو اهو ٻول تيسين پورو ڪيائون جيسين انهن جو ماس هڏن کان ڌار ٿي پيو، ۽ گوشت سڀئي ڇڻي ويو، ۽ نستا ٿي رهيا؛ تڏهن سمجهيائون ته پيٽ کان سواءِ ڪم ڪو نٿو ٿئي، ۽ جتوڻيڪ هو آرسي ۽ نڪمو ڏسجي ٿو؛ ته به سڀني جي چڱائي لاءِ گهڻي مدد ڪري ٿو.

نصيحت:- رعيت سرڪار کي ڍل جي پئسن ڏيڻ لاءِ ارهي ٿئي، ته اها بي عقلي آهي؛ ڇاکئون ته جي رعيت سرڪار کي پئسا نه ڏيندي، ته راجا رعيت کي ڪٿان سنڀاليندو؟ ڏاڍائي وڌي ويندي، ۽ ڏينهن ڏٺي جو چور ڦري ويندا، ته ڪو ڪنهن جي ڪين اُنائيندو. ائين ٿيڻ کان، راجا ۽ رعيت، ٻئي هڪدم ناس ٿي ويندا. تڏهن راجا پيٽ وانگر آهي ۽ رعيت ٻين لڱن جهڙي آهي. جيڪڏهن راجا کي رعيت ڍل نه ڏيندي ته پيٽ کي جئن هٿن ۽ ٻين لڱن مدد نه ڏيئي پاڻ کي نستو ڪيو، تيئن رعيت به رائر نه ڏيڻ ڪري پاڻ کي هلاک ڪندي.

 

(50) آکاڻي مکين ۽ ماکيءَ جي دٻي جي

ڪنهن پساريءَ جي هٽ تي، هڪڙو ماکيءَ جو دٻو اُونڌو ٿي پيو، تنهن تي هزارين مکيون اچي چوڌاري مڙيون؛ جيسين اُن ۾ هڪڙو ڦڙو به نه ڇڏيائون، تيسين منجهونس نه نڪتيون. نيٺ سندن پير اهڙا ڦاسي پيا جو اتان اُڏامي نه سگهيون؛ تڏهن انهيءَ مٺي سواد جي آهيءَ ۾ اچي چوڻ لڳيون؛ ”اڙي اَلا! اسان کي ڪهڙي نڀاڳ کنيو، جو راهه ويندي هڪڙيءَ گهڙيءَ جي سک جي لالچ تي پنهنجو ساهه ڏنوسون!“.

نصيحت:- هيءَ دنيا جا آهي، سا ماکيءَ جي دٻي وانگر آهي؛ ۽ اُن جون جيڪي عيش عشرتون ۽ نعمتون آهن سي ماکيءَ جي مثال آهن- تن جي مٺي سواد ۾ لکين ماڻهو مکين وانگي ڦاسي ويا آهن. پر، ڏاهن ماڻهن جو ڪم نه آهي، ته هڪڙيءَ گهڙيءَ جي سک لاءِ پاڻ کي ڄمار سوڌو ڏک ۾ وجهن.

”مکهي بيڻهي شهد پر پنکهه گئي لپٽاءِ،

هاتهه ملي اور سر دهني لالچ بري بلاءِ“.

 

(51) آکاڻي چيچاٽ ڪندڙ ڦيٿن جي

ڪن ڍڳن ڪنهن  اَوکيءَ واٽ تان گاڏي ٿي ڇڪي؛ تڏهن ڦيٿا ڏاڍا چيچاٽ ڪرڻ لڳا، تنهن تي گاڏيواڻ گاڏيءَکي چيو ته ”جيڪي سڄو بار کنيو ٿا هلن، سي ماٺ ڪيو پيا وڃن، ۽ تون ڇاڪاڻ ئي ڪِنجهين ۽ ڪُرڪين!“

نصيحت:- ڪيترا اهڙا کانڌ وارا ۽ برباد ماڻهو ٿيندا آهن، جو ڪيڏو به بار مٿن اچي پوندو آهي، ته سر ڏيئي بيهندا آهن، ۽ هڪڙي ڀڻڪ به واتون ڪين ڪڍندا آهن؛ ۽ گهڻا ته اهڙا آهن، جو نه هٿ گسين نه پير گسين، ته به پيا گهوڙا گهوڙا ڪندا آهن. سا اِها عادت چڱي نه آهي-چيو اٿن ته ”صبر جنهين جي سر، تير نه گسي تن جو“.

 

(52) آکاڻي رڇ ۽ لوڪڙ جي

هڪڙو رڇ، ماڻهن سان پنهنجي گهڻي پريت ڄاڻڻ لاءِ، ڪڏهن ڪڏهن ويهي ٻٽاڪ هڻندو هو ته ”ماڻهن سان منهنجي اهڙي دل آهي، جو مئل ماڻهوءَ جو به مڙهه آءٌ ڪڏهن ڪين ڦاڙيندو آهيان!“ تنهن تي لوڪڙ کلي چيس ته ”سچ، انهيءَ ۾ جڏهن سواد ڪونهي، تڏهن ويجهو نٿو وڃينس، پر جي جيئرو هٿ لڳيئي، ته ڪڏهن ڪين ڇڏيندس!“

نصيحت:- هيءَ ڳالهه اُنهن سان ٿي لڳي، جي ڏاڍا رشوتخور ٿيندا آهن، ۽ ظاهري ڪو ٿوري رشوت آڇيندو اٿن ته ڪين وٺندا آهن، پر ڪٿان ڪو ھڦو لڳي ويندو اٿن ته لنگهائي کڻي اندر رکندا آهن، ۽ ماڻهن ۾ چوندا آهن، ته ”اسان جهڙو امين ئي ڪونهي“- ”ڪوڏي حرام، بجڪو حلال!“

 

(53) آکاڻي ڪتي، ڪڪڙ ۽ لومڙ جي

هڪڙو ڪتو ۽ هڪڙو ڪڪڙ، پاڻ ۾ سينڌ رکي، اُٿي ڪنهن پاسي گڏجي هليا. ويندي ويندي ڪنهن اُٿي ڪنهن پاسي گڏجي هليا. ويندي ويندي ڪنهن جهنگ ۾ رات پين، تنهنڪري، ڪڪڙ اُڏامي وڃي ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تي ويهي رهيو، ۽ ڪتو ته انهيءَ وڻ جي هيٺان سمهي پيو. جڏهن رات وهاڻي؛ ۽ پڙهه ڦٽي، تڏهن ڪڪڙ پنهنجي دستور وانگر، زور ڏيئي ”ڪڪڙو ڪو“ ڪرڻ لڳو. اتي، هڪڙي لومڙ کي کڙڪ پئجي ويئي، ته هن وڻ ۾ ڪو ڪڪڙ آهي، ڀانيائين ته جهلي کاوانس-

ٻڌي ٻانگ ڪڪڙ جي ٿي، لالچ ڪنهن لوڪڙ کي؛ سو ڪري دلبو دل ۾، ڊوڙيو تنهن وڻ ڏي؛ ڀانيئين ترت جهلي، ڪريان ڪباب ڪڪڙ کي. تڏهن انهيءَ وڻ هيٺان اچي، بيهي چوڻ لڳس ته ”تون ڏاڍو سهڻو ننڍڙو پکي آهين، ۽ ٻين ساهه وارن کي پاڻ تو کان فائدو ٿو رسي، هاڻي هيٺ لهي اچ، ته فجر نماز گڏجي پڙهون“. ڪڪڙ ورندي ڏنيس ته ”واهه جي پڙهنداسون، پر اِنهيءَ وڻ جي پاڙ ۾ ٻانگو ستو پيو اٿئي، تنهن کي اُٿار ته اُٿي ٻانگ ڏئي“. لوڪڙ جيئن ان کي سڏڻ ويو، تيئن ڪتي نڪري ڪڇيو نڪي پڇيو، اُٿندي ئي ٿيو کڙو، وجهندي ئي وات ڳچيءَ ۾ ، اُتي جا اُتي رقم پوري ڪري رکيائينس!

نصيحت:- انسان جو به مَٺگهرو نه ٿئي، نه ته پاڻ هلاک ٿيندو. جيڪو ٻئي جي واسطي کڏ کڻندو آهي. سو پاڻ اُن ۾ پوندو آهي- جيئن ته فريدي صاحب چيو آهي:

”فريدا جو تنهنجي کڏ کڻي، تون تنهنجي واٽ سوار، اُهو پاڻهين پوندو کڏ ۾، تون لنگهي پوندين پار“.

 

 

(54) آکاڻي شهر جي ڪئي ۽ ٻهراڙيءَ جي ڪئي جي

هڪڙو سادو ۽ ڀورڙو ٻهراڙيءَ جو ڪُئو هوندو هو، تنهن جي گڏجڻ لاءِ، هڪڙو سهڻو ۽ سگهارو شهري ڪُئو ويو. تنهن جي هن سان ننڍي هوندي کان سينڌ هوندي هئي؛ تنهنڪري ٻهراڙي جي ڪُئي هن ڪُئي جون چڱيون چڱيون ۽ وڏيون وڏيون خدمتون ڪيون. جيڪي شيون گهر ۾ هڪيون هئس، سي، ۽ اوسي پاسي جي پوکن مان ڪُئنرا ڪُئنرا سنگ، ۽ جَوَن جو اَٽو، ۽ مانيءَ جو ڀور، ۽ پوءِ هڪڙو چڱي پڪل صوف جو ٽڪرو مهمان جي اڳيان رکيائين. انهيءَ طرح، ڳوٺ مان جيڪي جنسون هٿ لڳيس، سي ڏک پِٽي، مٿا هڻي، پيدا ڪيائين؛ پوءِ به چيائين ته متان هن کي ٿورو ٿئي، تنهن لاءِ پاڻ اُن مان ڪين کاڌائين؛ پر اُن جي سنگت جي سانگي ڪڻڪ جا ڪانا ويهي چٻاڙڻ لڳو. مگر هن شهري ڪُئي کي ڪابه شي ڪانه وڻي. تڏهن ٻهراڙيءَ جي ڪُئي کي چوڻ لڳو: ”اي يار، جي موڪل ڏين ته دل کولي ڳالهه ڪريان؛ ڀلا ههڙيءَ بڇڙِيءَ جاءِ ۾ تون ڪيئن ٿو گذارين! هيءَ جهنگ ۽ چوڌاري گاهه ۽ وڻ ۽ جبل ۽ ليون-انهن کانسواءِ ٻيو ته ڪي به ڪين ٿو ڏسڻ ۾ اچي، تڏهن جيڪس پکين جي چون چون توکي ماڻهن جي ڳالهائڻ کان مٺي ٿي لڳي، ۽ هي سڃو پٽ راڄ درٻار کان گهڻو ٿو وڻي: تنهن ۾، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو سچ ڪري ڄاڻ، ۽ شهر ۾ هل، اتي ڏاڍو سکي رهندين ۽ هاڻي ڳڻتي ڪانه ڪر، سگهو هل-هن جهان فانيءَ ۾ اک ڇنڀ رهڻو آهي، ان ۾ جيڪو دم گذارجي، سو خوش گذارجي!“

اهڙيون اهڙيون مٺيون ان جون ڳالهيون ٻڌي، ٻهراڙيءَ جي ڪُئي جي دل سُرڪي؛ پوءِ ٻئي اتان نڪتا، ۽ رات پيئي، تڏهن وڃي شهر ۾ گهڙيا، اڃا اڳڀرا ويا، ته هڪڙي وڏي حويلي ڏٺائون؛ اتي هڪڙو ڏينهن اڳي وهانوَ جو سانباهو ٿيو هو؛ انهيءَ حويليءَ ۾ وڃي بورچيخاني ۾ بيٺا؛ اتي طرحين طرحين جون شيون رکيون هيون، ۽  پهر ڪابه ڪانه هئي، اهو حال ڏسي ٻهراڙيءَ جو ڪُئو ڏاڍو سرهو ٿيو. تڏهن شهر جو ڪُئو چوڻ لڳس ته ”ادا؛ اوهين هاڻي اندر اچي ويهو، آءٌ هڪڙي هڪڙي شي اوهان کي آڻي ڏيندو ٿو وڃان، سان چکيندا، مون کي ان جو سواد ٻڌائيندا وڃجو.“ پوءِ اتي جيترا ڦل، مٺايون ۽ ميوا هئا، تن مان اُهو شهر جو ڪُئو هڪڙي هڪڙي شيءِ آڻي ڏيندو پئي ويس سا چکي، اکيون ٻوٽيو، هاءِ هاءِ، ڪهڙي نه مٺي آهي!“ ائين چيو، اُهو ٻهراڙيءَ جو ڪُئو اُن جي واکاڻ مان ڍاپي ئي نه پيو. انهيءَ طرح، هڪڙيءَ گهڙيءَ تائين اهڙيءَ خوشيءَ ۾ وقت گذاريائين، جنهن جي ڳالهه ڪري نٿي سگهجي. ايتري ۾، ڪنهن بورچيخاني جو در پٽيو، ان جو کڙڪو ٻڌي، ٻئي ڄڻا ٽپڪ ٽپڪ ڪري ڪنهن ڪنڊ ۾ وڃي ويٺا. تنهن وچ ۾ هڪڙا ٻه ٿلها متارا ٻلا پڻ اتي آيا؛ تن اچي ڏاڍو ڀيانڪ آواز ڪيو، سو ٻڌي ٻهراڙيءَ جي ڪُئي جو هِنيون اچي ڏاڍو ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳو؛ پوءِ آهستي آهستي شهر جي ڪُئي کي چوڻ لڳو ته ”ادا، اِهو جو تنهنجي شهر جو سک آهي، سو اهو توکي شال نيبهه ٿئي: اسان کي اُها پنهنجي ٻهراڙي چڱي آهي، اتي جي پوکن جا سنگ مون لاءِ بس آهن؛ ۽ رات ڏينهن پنهنجو ساهه هيبت ۾ وجهي، اهڙا ميوا مٺايون کائڻ، سي مون کي نه گهرجن.!“

نصيحت:- گذران جيترو ڌن، کاڄ، گهر ۽ سامان اِهي سڀ سدائي کڻي هجن، پر سانت هجي ته اُن ۾ سک آهي. ۽ جيڪڏهن  ڌن گهڻو، مٺا طعام ۽ وڏا وڏا محل ۽ شهرن ۾ گهر، ايترا سڀ پدارٿ موجود هجن، پر آرام نه هجي، ته اهي مڙيئي هڪڙي ڪسيري جي ڪم جا! تحقيق انهن ۾ ڪو سک نه آهي-جيئن ته چوندا آهن: ”اُهو سون ئي گهوريو جو ڪَن ڇني“.

 

(55) آکاڻي لنڊي لومڙ جي

ڪو لومڙ ڪنهن لوهه جي پڃري ۾ اچي ڦاٿو هو، سو پڇ ڪپائي اُٿي ڀڳو؛ ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو: چيائين، ”سر تي اچي بلا پيئي هئي، پر پُڇ ڏني ئي ٽري ويئي!“ پوءِ هو پنهنجي سنگت ۾ وڃڻ لڳو، ته اتي ”لنڊو لنڊو“ ڪري چيڙائڻ لڳس؛ تڏهن دل ۾ چيائين ته ”هن کان مران ها ته اُهو چڱو هجي ها، پر هيءَ جٺ ڏاڍي بڇڙي! هاڻي ٻيو بلو ڀيڻي ڪونهي، پر اهڙي ڪا تجويز ڪجي، جنهن ۾ پاڻا سونهن نڪري“. اهو ويچار ڪندي هڪڙي رٿ سجهي آيس ته ”لومڙن جي جيڪا سنگت آهي تنهن کي گڏ ڪريان، ۽ انهن کي چوان ته مون پنهنجو پُڇ ڪپائي، هيءَ هڪڙي نئين طرح جي سونهن ڪڍي آهي، هيءَ ڏاڍي عمدي طرح جي سونهن آهي، تنهن ڪري اوهان سڀني کي به ائين ڪرڻ کپي“. اها ڳالهه ڳڻي، لومڙن جي منڊلي ميڙي؛ تنهن جي اڳيان بيهي نئينءَ طرح جو وعظ ڪرڻ لڳو: ”يارو، هن پڇ کان اسان کي ڪو فائدو نه آهي، تنهن ۾ خصوصاً لومڙن جو پڇ ته اهڙو ڳورو آهي، جو رکائي وٺي! تنهن لاءِ پڇ بنا رهڻ ۾ هڪڙي ته سونهن، ٻيو جي ڀڄڻو يا پاڻ سنڀالڻو هجي، ته انهيءَ دم ٿي سگهي. مون اها ڳالهه اول پنهنجي دل ۾ ڳڻي، پوءِ پاڻهين پڇ ڪپي ڇڏيو، تنهن کان ڏاڍو سکي ٿيس-اهڙو جو مون جنم پائي اهڙو سک ڪڏهن به نه ڀوڳيو هوندو!“ ائين چئي، سڀني ڏانهن نهارڻ لڳو، ته هاڻي هنن منجهان ڪيترا ٿا منهنجا مريد ٿين. ايتري ۾ هڪڙو لوڪڙ منجهن ڏاڍو تريناڪ هو؛ تنهن اکيون ڦرڙائي وراڻي ڏنيس ته ”ميان، هاڻي انهيءَ پنهنجي وعظ کي ويڙهي رک؛ اوهان کي بلاشڪ پڇ ڪپئي منجهان فائدو ٿيو هوندو، ۽ اسان تي به جڏهن ڪا اهڙي حالت اچي پوندي، تڏهن اسين پاڻيهي پُڇ ڪپائي ڇڏينداسون“.

نصيحت:- جيڪڏهن سڀئي ماڻهو، لوڪڙ وانگي پنهنجي پهري سجاڳ هوندا ته بي سبب ٻئي ڪنهن جي نئينءَ ڪڍيل ڳالهه تي ڪين لڳندا؛ ۽ گهڻو ڪري جڏهن ماڻهو ڪو نئون دستور ڪڍن، تڏهن ڏسجي ته جيڪڏهن ان ۾ ڪو سبب نه آهي، ته ڄاڻجي جو پنهنجي مان ملڻ يا عيب لڪائڻ لاءِ ڪڍيو اٿن.

 

(56) آکاڻي ڪڙميءَ ۽ لقلق پکيءَ جي

ڪنهن ڪڙميءَ جي پوک تيار ٿي، داڻا لهي رهيا هئا، تنهن تي هنس ۽ ٻگهه پکي گهڻا اچڻ لڳا. تڏهن هن ڇا ڪيو، جو ٻنيءَ ۾ ڄار وجهي گهڻن هنسن ۽ ٻگهن کي ڦاسايائين، تن سان هڪڙو لقلق پکي به سک سانگي اچي سهڙِو هو، سو به ڦاسي ويو. تڏهن اُهو لقلق پکي ڪڙميءَ کي ليلائي ٿو چوي ته ”ٻيلي! مون کي مارين متان، جو آءٌ نه آهيان هنس نه آهيان ٻگهه پکي، غريبڙو لقلق پکي آهيان! آءٌ ڏاڍو ديندار آهيان ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ کي ٻڍاپڻ ۾ پنهنجيءَ پٺ تي چاڙهي گهمائيندو آهيان-۽ آءٌ هيئن، آءٌ هيئن“. تڏهن ڪڙمي ٿو چويس: ”اڙي، اها ڳالهه مڙيائي سچي هوندي، پر هينئر بڇڙن جي سنگت ۾ تون منهنجي هٿ آيو آهين؛ تنهن ۾ توکي به انهن جهڙي سيکت ڏيڻ گهرجي“.

نصيحت:- بڇڙن جي سنگت ۾، چڱا به ڏک ڀوڳيندا آهن، ۽ جنهن اَفق ۾ اُهي پوندا آهن، تنهن ۾ هو به پوندا آهن. چوندا آهن ته ”سُڪن گڏ آلا به ٻري ويندا آهن“.

 

(57) آکاڻي شينهڻ جي

ڪنهن وير، سڀني مرن پاڻ ۾ ويٺي اِها ڳالهه ڳڻي ته اولاد ڪنهن جو گهڻو ٿيندو آهي. ائين ڳڻندي ڳڻندي، شينهڻ کان پڇيائون ته ”خبر ڪر ته تون ڀيري ڀيري  ڪيترا ٻچا ڄڻنيدي آهين؟“ تنهن سُنهن ۾ گهُنڊ پائي ورندي ڏني ته ”هڪڙو-پر اُهو هڪڙو شينهن آهي!“

نصيحت:- گهڻن ڪپٽن کان، هڪڙو سپٽ چڱو آهي.

 

(58) آکاڻي ڪاٺين جي ڀريءَ جي

هڪڙي ڪڙميءَ جي گهر، ڏهاڙيء چٽاڀيٽي لڳي پئي هوندي هئي، ۽ هيءُ جيترو به هنن کي وات سان سمجهائي سمجهائي بيهي رهيو، پر هنن کي اثر ٿئي ئي ڪونه. تڏهن ڀانيائين ته هنن کي ڪو هٿن تي پرتوو ڪري ڏيکاريان،. ته ڪي من هي سمجن. سو پوءِ پٽن کي سڏائي چيائين ته ”ڳچ جيتريون ڪاٺيون مون وٽ کڻي اچو“. تن ڀري ٻڌي آڻي پيءُ وٽ رکي، تنهن تي پيءُ چين ته ”کڻي هن ڀريءَ کي ڀڃو“. سي سيڀئي جيڪي مٿا هڻڻا هئن، سي هڻي بيهي رهيا، ته ڀلا ڀري ڪٿان ٿي ڀڄي! پوءِ پڻهن ڀري ڇوڙي، پرزا پرزا ڪري رکيو. تڏهن پڻهن چيو ته ”سو ابا، جيستائين پاڻ ۾ گڏيا پيا گذاريندو، تيستائين ڪو اوهان جي وار جو به نالو نه ڳنهي سگهندو؛ ۽ جي پاڻ ۾ وڙهي ۽ وڇڙي ڌار ٿيو، ته پوءِ جيڪو سو هنن ڪاٺين وانگر ويندو ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪندو“.

نصيحت:- گهڻيون آڪهيون اهڙيون آهن، جن ۾ ٻارهوئي گهَپي ۽ چٽاڀيٽي پيئي هلي؛ پوءِ ٻيا ڌاريا اچيو اُنهن کي ڦريو کايو وڃن. جيڪي پاڻ ۾ سلوڪ ۽ محبت رکندا آهن، يا جن جو پاڻ ۾ اتفاق آهي، سي سدائين سکي رهندا آهن، بلڪ ڪو مٿن غالب به پئجي ڪونه سگهندو آهي.“ جيڪي اتفاق ۾ آهي سو نفاق ۾ نه  آهي“.

 

(59) آکاڻي ماڻهوءَ ۽ شينهن جي

ڪنهن سمي، هڪڙو ماڻهو ۽ هڪڙو شينهن گڏجي مسافريءَ تي هليا. پوءِ، هڪڙي ڏينهن اچي پاڻ ۾ هوڏيا ته اسان مان ڏاڍو ۽ سورهيه ڪير آهي، ۽ تکو ڳالهائيندي ڳالهائيندي سندن جهيڙو اچي وڌيو. پر اوچتوئي واٽ تي ڪا مورت ڏسڻ ۾ آين، جنهن ۾ ڪو ماڻهو، ڪنهن شينهن کي گهوگهو ڏيو، مٿس چڙهيو ويٺو هو. تڏهن اُن مسافر شينهن کي چيو ته ”اسان جي ڏاڍائيءَ جي شاهدي ٻي هن کان وڌيڪ ڪٿان ملندي؟“ تنهن تي، شينهن ورندي ڏنس ته ”اِها اوهين کنڊ ٿا کائو: جيڪڏهن اسين نقاش هجون ها، ته اِهو جو هڪڙو شينهن ماڻهوءَ جي پير هيٺان ٿو ڏسين، تنهن جي بدران ويهه ماڻهو جيڪو شينهن جو چنبي هيٺ ڏسين ها!“

نصيحت:- جيڪي پاسخاطري ڪندڙ ٿيندا آهن، سي پنهنجي طرف جي ماڻهن جي ڳالهه تي ويساهه رکي، اڪثر اُنهن جي وڏائي ۽ ٻين جي گهٽيائي ڄاڻيندا آهن. تنهن لاءِ، مدعيءَ ۽ مدعياعليه جي ڳالهين ٻڌڻ ڌاران ڪا ڳالهه نبيرڻ نه گهرجي.

 

(60) آکاڻي ٻن واٽهڙن ۽ رڇ جي

هڪڙا ٻه ڄڻا، ڪاڏي پري پرڏيهه اُٿي هليا. تڏهن پاڻ ۾ اهو ٻول ڪيائون ته ”ٻيلي، جيڪڏهن ڪو واٽ تي ڏک يا ڪا آفت پهتي، ته هڪ ٻئي کي ڇڏي ڪين وينداسين“. اڃا سڏ پنڌ نه ويا، ته هڪڙو رڇ ڊوڙي مٿن ڪاهه ڪري آيو؛ تڏهن منجهون هڪڙو ڄڻو، جو بت ۾ سنهڙو ۽ ڦڙت هو سو ڊوڙي ٽپا ڏيئي هڪڙي وڻ تي چڙهي وڃي ويٺو، ٻيو بت ۾ هو ڳرو، تنهن ويچاري کان ڊوڙيو نه ٿيو، سو پنهنجو ساهه ماري، ڌرتيءَ تي بيهوش ٿي ليٽي پئجي رهيو. تڏهن رڇ وٽس اچي، ڪن سان نڪ لائي، سُنگهي ڏٺس. ڀانيائين ته هيءُ مردو آهي، تنهنڪري هن کي ايذاءُ ڪونه ڪيائين-پوءِ ته هليو ويو. رڇ جي وڃڻ کان پوءِ، هو وڻ تي چڙهيل واٽهڙو هيٺ لهي هُن ٻئي کان کِلي کِلي ٿو پڇي ته ”ادا، رڇ توسان ڪن ۾ ڪهڙي ڳالهه ٿي ڪئي-ڇاکئون ته مون وڻ تان بيٺي ڏٺو“. تنهن وراڻي ڏنيس ته ”ادا، رڇ مون کي ٻيو ته ڪين ٿي چيو، باقي چيائين ته اڳتي تو جهڙي لچ جي ڳالهه تي ڪڏهن ويساهه رکڻ نه گهرجي!“

نصيحت:- جڏهن اسان کي احتياط نه هوندو آهي، تڏهن ماڻهو چڱيءَ طرح پريت ڏيکاريندا آهن، ۽ اهڙي ڳالهه  ڪندا آهن، جنهن تي جيڪر ويساهه اچي وڃي؛ پر اوکيءَ ۾ ڪم اچڻ ورا، ڪي ورلي ملندا آهن. جيڪي جهان جي ريت ڄاڻندا آهن، سي اهڙيءَ ڳالهه تي پت ڪين ڪندا-چيو اٿن ته ”سچو سڄڻ اهو جو اوکيءَ ۾ ڪم اچي“.

 

(61) آکاڻي شينهن، گڏهه ۽ لوڪڙ جي

ڪنهن سمي، شينهن، گڏهه ۽ لوڪڙ، انهن ٽنهين، پاڻ ۾ انجام ڪيو ته اسين گڏجي شڪار تي هلون، ۽ جيڪي هٿ لڳي، سو ورهائي کڻون. پوءِ هڪڙو ٿلهو متارو هرڻ ماريائون، تنهن جي ڀاڱن ڪرڻ لاءِ شينهن گڏهه کي چيو، تنهن تي گڏهه برابر ٽي پتيون ڪيون. اهو حال ڏسي، شينهن کي اچي ڪاوڙ چڙهي، تنهن اک ڇنڀ ۾ گڏهه جا آنڊائي ڪڍي ڇڏيا. پوءِ وري شينهن لوڪڙ کي چيو ته ”تون ورهاءِ“. تنهن ويچاري هڪڙو ننڍڙو ٽڪر ڪپي، شينهن کي چيو ته ”اي راڄن جا راجا، مون کي هيءُ جهجهو ئي ٿيندو، باقي سڀو ئي سائين صحت ڪري“. شينهن ڏسي مٿس راضي ٿيو، ۽ پڇڻ لڳس ته ”ڀائي، هيءَ اجائن جي پسنديءَ جهڙي ريت توکي ڪنهن سيکاري؟“ تنهن وراڻي ڏني ته ”سائين، جي سچ ڪري پڇو، ته انهيءَ بابت منهنجو اُستاد اهو گڏهه اٿو، جو سامهون پيو آهي“- جئن ته چيو اٿن جو ”هڻ ڌيءَ کي ته سِکي نُنهن!“

نصيحت:- جيڪي ماڻهو دل لائي نصيحتون وٺندا آهن، سي ماڻهن جا لڇڻ ڏسي گهڻيون ڳالهيون سکندا آهن. اڳئين جڳ جي ماڻهن جون ڳالهيون، ۽ هاڻوڪي جڳ جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻولهيون ٿينديون آهن، تن جو وچار کڻي ڪجي، ته جيڪر اُن کان اسين پنهنجي هلت چلت جي واسطي گهڻن ئي پرين جا مثال سکون، اُن کان جيڪر فائدو ٿيئون. ٻين کي اُٿل ۾ لڙهندو ڏسي، اُن کان اسان کي پنهنجي بچاءُ جي واٽ هٿ لڳندي آهي. جڏهن ٻئي کي ٿاٻو کائيندو ڏسبو آهي، تڏهن پاڻ سنڀالي هلبو آهي: تنهنڪري جيڪي ماڻهو اهڙين ڳالهين جو خيال ڪري هلندا آهن، تن کي انديشو رهندو آهي ته پاڻ کان وڏن ۽ پاڻ جهڙن، ۽ پاڻو ننڍن سان ڪيئن هلجي.

 

(62) آکاڻي اڱر وڪڻندڙ ۽ کٽيءَ جي

هڪڙو اڱرن وڪڻڻ وارو ڪنهن شهر ۾ ڪرت لاءِ ويو هو، اتي سندس ڳوٺ جي هڪڙي کٽيءَ جي ۽ اوڻ جي اچي پاڻ ۾ پريت ٿي. پوءِ هڪ ٻئي کان خبرون چارون پڇندي پڇندي، گهر جي جاءِ پڇيائون؛ تڏهن آڱرن وڪڻندڙ، کٽيءَ کي چيو ته ”ادا، تنهنجو گهر ڪم جو ئي ڪينهي، منهنجي گهر اچي ٽِڪ“. کٽيءَ چيس ته ”يار، تنهنجي گهر ٽڪان؛ ته جيڪي ڪپڙا آءٌ صبح جو ڌوئي آڻي رکان، تن کي تنهنجي اڱرن جي دز جيڪر سانجهيءَ ٿيڻ کان اڳي ئي ڪارو ڪري رکي- پوءِ تڏهن ڪم ڪيئن ٺهي!“

نصيحت:- هن جڳ ۾ ڪنهن سان سنگت ڪجي، ته چڱي طرح ويچار ڪري، ڏسي وائسي ڪرڻ گهرجي. اسين گهڻو ئي عقل وارا کڻي هجون، پر بي عقل جي سنگت ۾ رهجي، ته اُهو پاڻ جهڙو ڪري ڇڏي. تنهن ۾، جيڪي سياڻا ۽ پنهنجو خير گهرندڙ آهن، تن کي بيمروت کان پري رهڻ گهرجي، اُنهن جي سنگت مان سمورو ناس ٿيندو آهي؛ اُنهن جي سنگت ڪري پاڻ اڇو هجي، ته به ماڻهو ڪڏهن ائين ڪين ڄاڻندا- جيئن ڪو ڪلاڪ جي گهر مان کير پي کڻي نڪري ته به ماڻهو مڙيوئي چوندا ته هي دارون پي نڪتو آهي. ماڻهو ايترو پڇن ئي ڪين ٿا ته هنن ۾ ڪارو ڪهڙو ۽ اڇو ڪهڙو، اڇا ڪارا پوءِ سڀ گڏجيو وڃن، آبرو جا ماڻهوءَ جي آهي، سا به نرمل تلاءَ جي پاڻيءَ جهڙي آهي؛ سو جڏهن ڳوٺ جي ڪِني پاڻيءَ سان گڏ وهندو آهي، تڏهن گندو ٿي پوندو آهي. اهڙيءَ طرح، بڇڙن جي سنگت ڪرڻ کان آبرو به خراب ٿي ويندي آهي.

 

(63) آکاڻي نيهي شينهن جي

هڪڙي ٻيلاريءَ جي ڌيءَ ڏاڍي سهڻي هوندي هئي، تنهن کي ڏسي، هڪڙو شينهن مٿس عاشق ٿي پيو، تنهن ڀانيو ته هيءَ ڇوڪر ملي ته جيئبو، نه ته جيئڻ ڪونهي! تنهن اُمالڪ اها ڳالهه وڃي نينگر جي پيءُ سان ڪئي، ۽ چيائينس ته ”تون مون کي اُٿي پنهنجو ناٺي ڪر“. اها بيوقوفيءَ جي ڳالهه ٻڌي اُن جي پيءُ دل ۾ ويچار ڪيو ته آءُ جي هن کي ”نه“ چوندس ته هيءُ مون کي هن ساعت ماري کائي ڇڏيندو؛ تنهن لاءِ آنهن ڪري، حڪمت سان، هن کي ڦاسائجي“. پوءِ شينهن کي سمجهائڻ لڳو ته ”سائين اها ڳالهه ته چڱي آهي، ۽ آءٌ اوهان کي ڇوڪر ڏيان پر مون کي ڪي اوهان کي چوڻو آهي: هڪڙو ته ڇوڪر منهنجي تمام نازڪ آهي، اوهان جا ڏند نُنهن ڏاڍا تکا آهن؛ تنهنڪري هوءَ ڏاڍي ڏکي ٿيندي پوءِ هاڻي تنهن جي ڪهڙي صلاح ڪجي؟ ڀلا اوهان چوندو، ته اسين هن کي سنڀالينداسين؛ پر سو نه اوهين پنهنجي پاران ڪندو، ته به هن جي دل ڀوسو ويندو، ڪينيڪي، ۽ جي هن کي ڀو پوندو ته پوءِ توهان کي ڪهڙو سک ٿيو-انهيءَ ڳالهه جو ذرو وچار ڪريو. تنهن لاءِ، منهنجو چوڻ ايترو آهي ته مون کي ڇڏيو، ته اوهان جا اوترا نُنهن ۽ ڏند ڪڍي وٺان، پوءِ آءٌ ڇوڪر کڻي اوهان کي ڏيان“. شينهن سونهن تي مُٺو پيو هو، تنهن چيو ته ”انهيءَ ۾ ڇا آهي!“ پوءِ ٻيلاريءَ انهيءَ دم نُنهن ۽ ڏند ڪڍي ورتس، تنهن کانپوءِ ، هڪڙي ٿلهي لٺ کڻي ٺڪاءُ ڪرايائينس ڪاپار ۾، جنهنڪري هو انهيءَ ساعت مري ويو.

نصيحت:- عشق ڏاڍو انڌو آهي. جيڪو عشق جي وس ٿيندو آهي، سو کڻي سورهيه ۽ بهادر هجي، ته به مڙيوئي ناس ٿيندو: ۽ جيڪو وري ويريءَ جي مٺين ڳالهين تي لڳي، پنهنجي بچاءَ جا هٿيار ڇوڙي کڻي اُن کي ڏيندو آهي، سو ته ايئن ئي ٻِڌي موڙي ويندو آهي!

 

 

(64) آکاڻي انڌي ۽ پنگلي جي

هڪڙو انڌو، واٽ وٺيو پئي ويو. تنهن کي هڪڙي هنڌ ڏکيو رستو آيو. اُتي هڪڙو پنگلو گڏيس، تنهن کي چيائين: ادا، مون کي هي ڏکيو رستو نه لنگهائي اڳڀرو ڪري ڇڏين!“ پنگلي وراڻي ڏنس ته ”يار مون کان ڀلا اهو ڪم ڪٿان ٿي سگهندو: آءُ پاڻ ئي ڏاڍن سورن سان ٿو هلان، سو ٻين کي ڪيئن اڳڀرو ڪري سگهندس-او خويشتن گم است گرا رهبري کند، يعني جو پاڻ موڙهيل آهي، سو ٻئي کي ڪٿان واٽ ڏيکاريندو! باقي هڪڙي رٿ ڏسجي ٿي، سا هيءَ آهي، جو تنهنجا هٿ پير سڄا آهن، تنهن ڪري تون مون کي ڪلهن تي چاڙهي هل ته آءُ توکي دڳ لائي ڇڏيان: ائين ڪرڻ کان منهنجيون اکيون تنهنجي ڪم اينديون، ۽ تنهنجا پير منهنجي ڪم ايندا- انهيءَ رٿ سان اسين ٻئي ڄڻا سکيا سهنجا لنگهي هلي پار پونداسون“ انڌي ورندي ڏنس: ”يار، ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿيئي، پاڻ هڪ ٻئي جي ڪم اچون ته چڱو آهي.“ ائين چئي، انڌو پنگلي کي ڪلهن تي چاڙهي هليو، ۽ هڪ ٻئي جي مدد سان اُنهيءَ ڏکيءَ واٽ کان ٻئي ڄڻا لنگهي وڃي پار پيا.

نصيحت:- هيڪلي ماڻهوءَ کان سڀ ڪم ڪين ٿيندو. سڀني کي هڪ ٻين ۾ گتي پيئي پوي. جئن اسان کي گتي پوندي آهي، اهڙيءَ طرح ٻين کي به پوندي آهي- ائين دل ۾ ڄاڻي هڪ ٻئي کي مدد ڏيڻ گهرجي. پوءِ جي هڪڙي مان ٻه ٿيا، ته پوءِ جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندا، تنهن کي انشاالله تعاليٰ نيئي پورو ڪندا- جئن ته چوندا آهن ”ٻه ته ٻارنهن!“ فارسيءَ واري به چيو آهي، ”دو دل يک شود بشکند کوه را“، يعني  ٻه ڄڻا هڪ مٺ ٿين، ته ڏونگر کي ڏاري وجهن.

 

(65) آکاڻي واءُ ۽ سج جي

ڪنهن وير، واءُ ۽ سج اچي پاڻ ۾ هوڏيا. واءُ چئي ”منهنجو زور واڌو“، سج چئي ”منهنجو واڌو!“ ايتري ۾، هڪڙو واٽهڙو لبادو ڍڪيو اُتان پئي ويو؛ تنهن کي ڏسي ٻنهي ڄڻن ٻول ڪيو، ته جيڪو هن جي بت تان لبادو لهرائيندو، سو زور وارو چئبو. تڏهن پهريائين واءُ نڪتو، سو لبادي لهرائڻ جي واسطي جيئن جيئن زور سان لڳو، تيئن تيئن واٽهڙو ويو لبادي کي ڏاڍيان بت سان جڙيندو-نيٺ واءُ ته پنهنجو زور هلائي ٿڪو، ۽ سج نڪري اڳي ٿيو. تنهن پهريائين هيئن ڪيو، جو اُڀ ۾ جو جهڙ ٿيو بيٺو هو، تنهن کي لاهي پري ڪيائين؛ پوءِ هير هري پنهنجو توَ واٽهڙوءَ جي بت تي وڌائين، تنهن ڪري اُهو ڳچ تائين ڪارهي ۾ ڏاڍو بي آرام ٿي هلاک ٿيو، پوءِ ته لبادو لڱن تان لاهي کڻي ڦٽو ڪيائين، ۽ پاسي کان هڪڙو وڻن جو جهڳٽو بيٺو هو، تنهن جي هيٺان وڃي ٿڌيءَ ڇانو ۾ ويهي رهيو.

نصيحت: ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪا بڇڙي عادت هوندي آهي، تنهن جي ڇڏائڻ جي واسطي جيڪڏهن ڪو هوڏ ڪندو ته آءُ هن کان اها عادت ڇڏئيندس، ته اُهو ڇڏيندو ته ڪين آهي، پاڻ جنهن هاج جي منع ٿيندي اٿس، سا زور ڪري به ڪندو آهي: پر جيڪڏهن مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري ۽ اتڪل سان اُها عادت ان کان ڇڏائبي، ته اُهو ڇڏي ڏيندو.

 

(66) آکاڻي ڪڙمي ۽ سندس پٽن جي

هڪڙو ڪڙمي مرڻينگ هو، تنهن جي دل ۾ آيو ته ”اڄ سوڌو جيڪو ڪم آءُ ڪندو آهيان؛ اُهو ڪم مون کان پوءِ سدائين منهنجا پٽ ڪندا رهن ته چڱو“. پوءِ هيءُ رٿ ڪيائين، جو سڀني پٽن کي پنهنجي منجي وٽ سڏائي، چيائين ته ”ابا، منهنجي جيڪا موڙي آهي، سا اهي ٻنيون ۽ باغ آهن، اوهين مڙيئي اُن جا گڏ مالڪ آهيو. ٻيو ته جيڪو منهنجو پئسو ڪوڏي آهي، سو به اتي ڪٿي ٻنيءَ ۽ باغ ۾ پوريو پيو اٿوَ، تنهنڪري، اوهين اهي ٻنيون هٿون نه ڇڏجو.“ اها ڳالهه ٻڌي، پٽن کي پڪ ٿي ته اسان جي پيءُ ڪو خزانو هن ٻنيءَ ۾ پوري رکيو آهي، انهيءَ ڪڙميءَ جي مرڻ پڄاڻا، انهن اُها ٻني کيڙڻ شروع ڪئي-هٿ هٿ جيتري کوٽي ڏٺائون، پر ڪي ڪين هٿ آين، باقي ڌرتيون چڱيون کوٽيائون، تنهنڪري اُنهي ٻنيءَ مان ڏهوڻو اَن پيدا ٿين؛ ۽ هنن کي ڏاڍا پيسا هٿ لڳا. اُنهن ڇوڪرن منجهون هڪڙو ڏاهوهو، تنهن چيو ته ”ابي جو چيو هو ته ٻنيءَ ۾ خزانو اٿو-سو اهو هوندو!“

نصيحت:- جتي هنر ۽ ڪشالو ٻئي آهن، اتي ڌن جو نفعو ضرور ٿيندو آهي. اُدمن ۾ ٻنيءَ-ٻاريجهڙو ٻيو اُتم آهي ئي ڪونه. سو، جيڪو پنهنجي سر ڪم ڪندو آهي، تنهن کي ڦل حاصل ٿيندو آهي-اُنهن کان هڪڙو ته ماڻهو چڱو ڀلو هٿو رهي، ٻيو هن جهان ۾ گذران جي واسطي جا شي کپي، تنهن جي ڪاڻ ئي ڪانه ٿي رهي. تنهن لاءِ، ٻنهي-ٻار ڏاهن کي گهڻيءَ سڪ سان ڪرڻ گهرجي؛ڇو ته ڪو ڪيل ڪشالو ڪڏهن ڪين اجايو ويندو آهي. اها هڪڙي اهڙي ڪرت آهي، جنهن جي نفعي جو ته فڪر ئي ڪونهي. اهڙيءَ ڪِرت ڪندڙ کي چور ڦُري نٿا سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com