ڪارو تِر
غلام نبي مغل
ماني کائيندي، اوچتو هن جي اک
مانيءَ جي هڪ سڙيل، ننڍڙي، گول داغ تي وڃي کتي.
ماني هئي ڪڻڪ جي، رنگ هوس اڇو
–
اهو ڏسي، گلڻ جي دل ۾ آنڌ مانڌ ٿيڻ لڳي. نوران جي
گوڏن تائين کنيل سٿڻ جا پائنچا، اڇيون اڇيون ٽنگون
۽ ساڄي ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر ياد اچڻ
لڳس. گرهه نڙيءَ کان هيٺ ئي نه ٿي لٿس. ماڳهين
کائڻ بدران ڪلهوڪي ڳالهه ياد اچڻ لڳس.
نوران جي گوڏن تائين کنيل سٿڻ جا
پائنچا، اڇيون ٽنگون، ساڄيءَ ٽنگ جي بڪيءَ تي
چمڪندڙ ڪارو تر سندس ليٽڻ جو انداز....... دلو ڀر
۾ رکيو هو، هڪڙي ٽنگ گوڏي تائين پاڻي ۾ ٻڏل، ٻي
ڪناري تي ڇٻر تي رکيل، اکين ۾ ڪجل، سينڌ نڪتل، ڦڻي
ڪيل، ڳاڙها چپ، جن تي مرڪ
–
بس ڳالهه هئي اها، جنهن گلڻ کي پريشان ڪري ڇڏيو.
مڙس جي ماني زهر ٿي پئي. آخر هو به انسان هو. وڏي
ڳالهه ته نوجوان به هو. نوران کيس ڏاڍي وڻڻ لڳي
هئي. گلڻ پاڻ حيران هو ته ”هي مون کي ڇا ٿي ويو
آهي! نوران جنهن کي مون ڪنڌ ورائي ڪين ڏٺو، سا
هينئر ڇو دل ۾ سمائجي وئي آهي؟“ سوچيندي سوچيندي،
گلڻ رڳو انهيءَ ڳالهه کي پهتو ته ”ٻيلي، نوران جي
ڪاري تر مون کي پاڻ تي چريو ڪري ڇڏيو آهي!“
هن کي ائين گم سم ڏسي، ماڻس چيس،
”توکي ڇا ٿي ويو آهي؟ ماني به نه ٿو کائين!“ ايتري
۾ پڻس به ڪنهن ڪم سانگي اچي نڪتو، تنهن اهو ٻڌي
چيو، ماني اٿس ڍءُ تي ۽ موچڙو آهي گهٽ، سو ڇو ڪين
ٿيندو سڪيلڌو؟ آءٌ پيو ڏسانس، جي ڏسي ورتومانس، ته
اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندوسانس!“
پڻس بڪ شڪ ڪندو هليو، پر هيءُ
همراهه ماڳهين منهن سڄائي اٿي کڙو ٿيو. ماڻس ابا
–
پٽ ڪندي رهي، پر هي ٻڌي ڪٿي ٿو. بوڇڻ رکيائين ڪلهي
جتي وڌائين پير ۾، ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي، گهران نڪري
ويو.
گهران ته نڪتو ڪاٺين ڪرڻ لاءِ، پر
سيني ۾ باهه جي ڄڀي لڳي پيئي هيس، سا ڪٿي ٿي آرام
ڪرڻ ڏئيس. ايتري ۾ڏٺائين ته لطيفان، پيرن ۾ ڇير
پيل ڇم
–
ڇم ڪئي ته ڪنهن ريت هن کان پڇان، پر اڳيان هوءَ به
ڪا استاد گڏيس، ماڳهين اڳ وٺي اچي بيٺيس.
”ڪيڏانهن پيو وڃين، گلڻ؟“ لطيفان
ڏاڍي ناز وچان پڇيس
”شهر،“ گلڻ آهستي جواب ڏنس.
”منهنجي لاءِ ڇا آڻيندين؟“
”هن ڀيري پئسو خير ڪو آهي، باقي-“
”باقي باقي ڪجهه نه، رڳو هڪ ريشمي
رومال، عطر جي شيشڙي ۽ ڪجهه سوپاريون ضرور وٺي
اچجانءِ!“
”ائين چئي هوءَ پنهنجين ٻڪرين جي
ڌن ڏانهن وئي هلي. ڇاڪاڻ جو ماڻس اچي ات سهڙي هئي.
”رومال ۽ عطر! منهن به اٿس رومال
۽ عطر جهڙو!“ گلڻ پاڻ ئي پاڻ کلڻ لڳو.
جيئن پئي اڳيان وک کنيائين، تيئن
سندس خيال وڌيڪ ڊوڙندا ويا. گلڻ کي وري نوران جو
تر ياد اچڻ لڳو
–
ڪارو تر! گلڻ کي هڪ کٽڪو ٿيڻ لڳو: شايد نوران ساڻس
سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪري، ڇو جو هن کيس ڪهڙي نه
خراب نموني ڇڙٻيو هو. ويچاريءَ ڪيترا نياپا پڻ
موڪليس، پر هن ڪنڌ ورائي به ڪو نه ڏٺس. هن کي ته
بس لطيفان جي لنئون لڳي پئي هئي.
لطيفان!
”لطيفان، نوران کان وڌيڪ سهڻي
آهي. لطيفان جي چپن ۾ گلاب جي گلڻ جهڙي تزي آهي.
سندس گول گول وڏيون اکيون، وڏي پيشاني، گلابي رنگ
واري ساڄي ڳل تي تر...... پر نوران جي اڇيءَ
اڇيءَ، سنهڙن سنهڙن وارن سان ڀرپور بڪيءَ تي
چمڪندڙ ڪارو تر، لطيفان جي ڳل جي تر کان وڌيڪ ڪشش
رکي ٿو. نوران جو تر..... تر ته ڪونهي، ڄڻ ڪنهن
ريگستان جي وچ ۾ مٺي پاڻيءَ جو چشمو!“
لطيفان کي گلڻ سان محبت هئي، ۽
محبت به ڇو نه هجي، ٻنهي جي شاديءَ جي ڳالهه ذري
گهٽ پڪي هئي. پر هاڻي گلڻ کي افسوس ٿيڻ لڳو هو.
انهن خيالن ۾ گلڻ اڳيان وڌندو
رهيو. ڪهاڙي ڪلهي تي، بوڇڻ چيلهه ۾ ٻڌو پيو هوس،
پر سڀني خيالن جو مرڪز هو نوران جو ڪارو تر!
هلندي هلندي گلن کي ٻير هيٺان
نوران ڏسڻ ۾ آئي. گلڻ ته ڄڻ وري نئين سر سندس
سونهن تي اڪن ڇڪن ٿي پيو. هوڏانهن هن به، ٻير کي
ٽيڪ ڏيو، ڪچڙا ٻير اهڙي انداز سان پئي کاڌا جو
گلڻ ڄڻ ڪسجي ويو. پاڻ کي گهڻو ئي روڪيائين، دل
کي آٿت ڏنائين. پر همراهه آخر وڃي اڳيان بيٺس.
”ڪير؟ گلڻ! هتي آيو آهين؟ لطيفان
ٻيلي ۾ اٿئي!“
”تون به مون تي چٿرون ٿي ڪرين!“
”مان ڪير آهيان جو توتي چٿرون
ڪنديس.“
اهو ٻڌي، گلڻ ٿڌو ساهه ڀريو.
”ٿڌا ساهه پيو ڀرين، ڇو، لطيفان
ڪو ٻيو وڃي ڳوليو آهي ڇا؟“
”گهڙيءَ گهڙيءَ لطيفان جو نالو ڇو
ٿي وٺين؟“
”بيو ڪنهن جو وٺان؟“
”انهيءَ جو، جا منهنجين اکين ۾
توکي ڏسڻ ۾ ايندي.“
ايتري ۾ هڪڙي ڇيلي اچي نوران سان
راند ڪرڻ لڳي. راند ڪندي ڪندي، سندس سٿڻ جو پائنچو
گوڏي تائين مٿي کڄي ويو. بس گلڻ گهريو ئي اهو ئي
ٿي اها ئي اڇي اڇي ٽنگ، بڪيءَ جي وچ ۾ چمڪندڙ ڪارو
تر! اهو ڏسي، نوران شرمائجي وئي ۽ جلدي پائنچو هيٺ
ڪري ڇڏيائين.
شام ٿيندي وئي. گلڻ ڪاٺين جي ڀري
کڻي اچي گهر ڀيڙو ٿيو. بس، پوءِ ته ماڻس تي باهه
ٻاري ڏنائين ته ڪيئن به ڪري نوران سان شادي
ڪرائينم.
”مئا، مون کي بدنام ٿيڻو آهي ڇا؟
هوڏانهن ڪالهه به لطيفان جي ماءُ انهيءَ ڳالهه کي
چوريو هو!
”چئينس ته ڌيءُ رکي پاڻ وٽ، اسان
کي گهرج ناهي. تون اڄ ئي نوران جي گهر وڃ.“
”ڪو ڳهيلو آهين!......“
”بس، جيڪو آءٌ چوان ٿو، سو سمجهه
پٿر تي ليڪ آهي.“
ويچاري ماءُ کي اچي آنڌ مانڌ ٿي،
ته هاڻي ڇا ڪري. هوڏانهن پڻس تڻ تپائي ڇڏيا هئس.
مڙس سان ڳالهه چوريائين. سو ته اڳي ئي ڪو ڀريو
ويٺو هو. ماڳهين ڪهاڙي ڪلهي تي رکي چوڻ لڳو، ”اڃا
ڪٿي ڳالهه آهي. اڃا ته پنڌ به آهي پري، ۽ ڀري به
آهي ڳري. سڀاڻي چوندءِ ته پوري ڳوٺ سان پرڻاءِ!
آءٌ چوان ٿو، هن حراميءَ کي اصل گهران تڙي ڪڍي
ڇڏيانس! اجايو چئن ۾ بڇڙي ٿيندينءِ“ ماڻس جا ته
اهو ٻڌي ٺپ ئي ٺري ويا. پر هوڏانهن گلڻ به اٿندي
ويهندي ٿي وڙهيس. آخر جيجل جي روح ڇڪي ڏني، سو
هڪڙي ڏينهن لنگهي وئي نوران جي گهر، ٿوري دير
ترسي، وري جو گهر آئي ته گلڻ کي ڏسندي شرط چيائين
ته ”ابا، مبارڪون هجنئي، اڳئين خميس تي مڱڻو اٿئي
نوران سان!“ گلڻ اهو ٻڌي اصل خوشيءَ منجهان ٽپا
ڏيڻ لڳو ۽ ”واه ڙي امان، واه!“ چئي کڻي ڀاڪر
پاتائينس.
لطيفان جو ٻڌو ماڳهين خميس تي
مڱڻو، سو ويچاريءَ جا ته طاق ئي لڳي ويا. گهڻئي هٿ
هنائين، گلڻ کي آزيون نيزاريون ڪيائين، پر گلڻ ته
ڪنڌ ورائي به ڪين ڏٺس.
اڃا مڱڻي ٿئي مهينو کن به نه
لنگهيو هو، ته گلڻ وري ماءُ تي باهه ٻاري ڏني ته
اڳئين چنڊ تي شادي ٿئي.
شاديءَ کي ٻه هفتا گذري چڪا هئا.
گهوٽ ۽ ڪنوار، ٻئي خوش، ماءُ ۽ پٽ کي خوش ڏسي پئي
صدقا ڪڍيا. گلڻ جا ڏينهن عيد مثل هئا ۽ راتيون ته
سندس خوابن جو تعبير هيون.
نوران جي اڇيءَ اڇيءَ بڪيءَ تي
چمڪندڙ ڪارو تر
–
تر ته ڇا، سڄي ساري نوران ئي هميشه لاءِ سندس ٿي
چڪي هئي. گلڻ انهيءَ وچ ۾ تر کي ڪيترائي ڀيرا ڏسي
چڪي هو. ڪڏهن ته نوران کي چوندو هو، ”نوران، ننڍي
هوندي جيڪو مون توکي ساڄيءَ ٽنگ ۾ پٿر هنيو هو،
انهيءَ جو نشان ته ڏيکار.“ نوران، مشڪي، ڏاڍي
نزاڪت وچان سٿڻ جو پائنچو مٿي کڻندي هئي ته گلڻ
پٿر جي نشان کي ته ڏسندو ئي ڪو نه هو، پر اڇيءَ
بڪيءَ تي سنهڙن وارن جي وچ ۾ ڪاري تر کي ڪيتريءَ
دير ائين ڏسندو رهندو هو. نوران هن کي ائين
گهوريندي ڏسي پڇندي هيس، ”ڇا پيو ڏسين؟“ گلڻ کي ڄڻ
ڪو ننڊ مان هوشيار ڪري ڇڏيندو هو، ۽ جلدي چوندو
هو، ”نه نه، ائين ئي پئي ڏٺم“ اهو ٻڌي، نوران ماٺ
ٿي ويندي هئي، ۽ گلڻ کي ڏاڍي حيرت سان ڏسندي هئي.
هڪڙي ڏينهن گلڻ منجيءَ تي ويٺو
هو. لسيءَ جو ٽولو، ٻاجهر جي ماني اڳيان رکي هيس.
نوران هيٺ ويٺي هٿ منهن ڌوتو. منهن ۽ هٿ ڌوئي،
نوران پير ڌوئڻ لڳي. جيئن نوران سٿڻ جو پانئچو مٿي
کنيو، ته گلڻ جي نظرن اڳيان وري به اڇيون اڇيون
ٽنگون، ۽ ساڄي ٽنگ جي بڪيءَ تي چمڪندڙ ڪارو تر اچي
ويو. گلڻ جون اکيون وڃي تر ۾ کتيون. وري هيڏانهن
هوڏانهن ڏٺاين
–
ماڻس بيٺي هئي، نه ته اٿي وڃي تر چميس ها. ايتري ۾
نوران گوڏن تائين ٽنگون ڌوئڻ لڳي.
گلڻ کي اهو ڏسي ڏاڍو عجب لڳو ته
پاڻي پوڻ ڪري هڪ داغ وانگر ميٽجي ويو.
”اڙي، هيءُ ڇا؟“
”جي-“ نوران ڏانهس ڏسي چيو.
”هيءُ تر ڪيڏانهن ويو؟“
”تر؟ هيءُ ته هٿرادو هو. آءٌ ڪجل
سان ٺاهيندي آهيان.“
”ڇو؟“ گرهه گلڻ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي
پيو.
”بس مون کي وڻندو آهي. لطيفان جي
پنيءَ تي مون تر ڏٺو هو. اهو ڏسي آءٌ به ٺاهڻ
لڳس.“
اهو ٻڌي، گلڻ ويچاري جون متيون
منجهي ويون ۽ ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيس ته ڇا ڪري،
اڃا گلڻ اتي ئي ويٺو هو، ته ڏٺاين ته نوران سامهون
کٽي تي ويهي. ڪجل سان وري به پنهنجيءَ اڇيءَ اڇيءَ
ٽنگ جي بڪيءَ جي وچ ۾ ساڳيو تر ٺاهڻ لڳي.
(مهراڻ: 4
–
1960ع)
|