ونئڻن جي چونڊي بعد مالڪ کي گهرجي ته ٻنيءَ ۾ چوپائي مال کي
ڇڏي، جيئن ڍور ڍڳا اهي مرضيل ٻج، ڪک ۽ پن کائي
ڇڏين ۽ ان سان گڏ جيڪي جيت زمين تي هجن، انهن کي
کُرن سان لتاڙي چپي ڇڏين. ان بعد ڪنهن تکي اوزار
يا ٽيڪم سان ونئڻاٺيون زمين کان هڪ انچ هيٺ وڍي
ڇڏي ته اهي وري ڦوٽهڙو نه ڪن. هنن کي خبر هئڻ
گهرجي ته ونئڻن جي ٿڏن يعني پاڙن اندر اُڏوهي ۽
ڪپهه جا ٻيا نقصانڪار جيت پلجن ٿا. خاص ڪري
گوگڙي جو گلابي ڪينئون. پوءِ زمين کي اونهون هر
ڏيئي هڪ پاڻي ڏيئي ڇڏجي ته زمين اندر ڪن ڪچرو
سڙي وڃي ۽ جيت پڻ تباهه ٿي وڃن. وٽ اچڻ بعد وري
زمين کي هر ڏيئي ڇڏجي ته اُس کائي.
ڪڪڙن پوکڻ کان اڳي ٻج کي ڪنهن صاف سڌيءَ زمين يا فرش تي تهه ڪري
پکيڙجي ۽ لڳاتار اُس ۾ ٻه-ٽي ڏينهن رکجي ته جيئن
انهن جي بَجِ تي جيتن جا جيڪي آنا وغيره هجن سي
پڻ چٽ ٿي وڃن. ٿي سگهي ته زراعت کاتي وارن کان
جيت-مار دوائن ۽ ولائتي ڀاڻ جي استعمال بابت به
وقت بوقت هدايتون حاصل ڪجن.
ڪارخاني مان ڪڪڙن جو ٻج خريد ڪرڻ وقت ٻج جي جنس کي ڪاٺ ۾ ٽُڪر
تي رکي ڪپ سان زور ڏيئي ڪپي ڏسجي. جيڪڏهن سؤ
(100) داڻن تي اسي داڻا ڀَريل هجن ته اهو ٻج
خريد ڪجي ۽ ڏنل هدايتن موجب في ايڪڙ اوترو ٻج
پوکجي. جيڪڏهن ٻج ڪسو هجي ته في ايڪڙ اندازو
وڌائجي. مٿي چيو اٿم ته ٻج پوکڻ کان اڳ اسان کي
9 کان 15 ڪلاڪ پاڻي ۾ پسائجي. بهتر ته آهي ته
ٻارهن ڪلاڪ پسائجي، وڌيڪ پسائڻ سان ڦوٽهڙو چڱو
نٿو ٿئي. پُسڻ بعد جيڪو ٻج پاڻي تي تري بيهي،
تنهن کي ڌار ڪري ساڙي ڇڏجي. پُسيل ٻج کي مٺي
مٽيءَ ۾ ملجي ته داڻا ڌار ڌار ٿين ۽ پوکڻ ۾
سهولت ٿئي.“
اتي مصري ڪڪڙي چيو ته ”مون ۽ سنڌي ڪڪڙي توکان پڇيو هو ته اسان
جي جنس کي سنڌ ۾ ڪڏهن پوکين، جو اسين پيدائش
وڌيڪ ڏيون ۽ هاڻي اهو به پڇان ٿو ته چونڊو ڪڏهن
۽ ڪيئن ڪجي. جو اسان جي ڦٽين جو اگهه به چڱو
ملي؟“ تنهن تي مون (امريڪي ڪڪڙي) وراڻيو ته
”ادا، اسان جي پوکڻ ۽ چونڊي بابت سنڌ جي زراعتي
کاتي وارن جون آزمودي بعد هي هدايتون جاري ڪيل
آهن. اسان جي پوکيندڙن کي گهرجي ته انهيءَ کاتي
وارن کان وقت بوقت هدايتون وٺندا رهن، جي مفت ۾
ملن ٿيون.
ونئڻن جي پوکڻ جو وقت:
1- ضلعو ٺٽو_____________ پهرين مارچ کان آخر مارچ.
2- ضلعو ٿرپارڪر____________ پهرين اپيل کان آخر اپريل.
3- ضلعو حيدرآباد___________ ڏهين اپريل کان پندرهين مئي.
7-4 (ضلعو نواب شاهه- ضلعو دادو،)
(ضلعو خيرپور، ضلعو سکر، ضلعو لاڙڪاڻو.) پهرين مئي کان
ڏهين جون.
ٻج جو اندازو في ايڪڙ
1- ديسي جنس- 8 کان 10 سير
2- مصري ۽ امريڪي جنس – 13 سير
چونڊي جو وقت:
(ضلعو ٺٽو – ٿرپارڪر-) پندرهين سيپٽمبر کان آخري آڪٽوبر.
الف (ضلعو حيدرآباد – تعلقو ٽنڊو محمد خان،)
(ضلعو ماتلي ۽ تعلقو کپرو)
(ضلعو سانگهڙ (کپري تعلقي کان سواءِ)، پندرهين آڪٽوبر کان
پندرهين ڊسمبر.
ب (ضلعو نواب شاهه –ضلعو دادو – ضلعو لاڙڪاڻو،)
(ضلعو خيرپور – جيڪب آباد.)
نوٽ:
1- ضلعي حيدرآباد، ضلعي سانگهڙ ۽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ سيپٽمبر مهيني
جي پهرئين اڌ بعد ونئڻن کي پاڻي ڏيڻ بند ڪجي.
سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ آڪٽوبر جي پهرئين اڌ ڌاري
پاڻي ڏيڻ بند ڪجي.
2- ونئڻن جي في ايڪڙ پيدائش سراسري طور پندرهن کان ويهه مڻ
ڦٽيون هئڻ گهرجي.
چونڊي وقت خيال ڪجي ته جيئن ٻوٽي تي ماڪ نه هجي، نه ته ڪپهه
خراب ٿي پوندي. بهتر آهي ته سج اُڀرڻ کان گهٽ ۾
گهٽ ٻه ڪلاڪ پوءِ يعني ماڪ سڪڻ بعد چونڊو شروع
ڪجي. پوکڻ لاءِ ٻج پهرئين چونڊي وارين ڦٽين مان
هٿ ڪجي.“
اتي ديسي ڪڪڙي عرض ڪيو ته اسان جي اها به بدبختي آهي جو ڪٿي ته
اسان کي ڇٽ- کيڙ رستي ٿا پوکين؛ تنهنڪري گُڏ ڪرڻ
۾ هڪ ته محنت وڌيڪ ٿئي، جو ڪوڏر ٿا ڪم آڻين؛ ٻيو
خرچ به وڌيڪ ٿو ٿئي، ۽ ٻج جو اندازو به ڏيڍوڻو
پوکيو ٿو وڃي.
”ادا، ناڙيءَ جي پوک بابت ته ڪجهه ٻڌاءِ.“ تنهن تي امريڪي ڪڪڙي
ٻڌايو ته ”اسان جي وطن مسسپي ۾ ونئڻن جي پوک ۾
هنجهه پکي ڇڏيندا آهن، جيڪي ونئڻن جي پنن وغيره
کان سواءِ، سمورا اُسرندڙ گاهه ڪچرا پوک مان
چونڊي کائيندا آهن. اهڙي طرح اهي گُڏ جو ڪم ڏين.
ادا، ديسي ڪڪڙا، تو جيڪي پڇيو آهي تنهن بابت سنڌ
جي زرعي کاتي وارن جون هن ريت هدايتون آهن.
زمين جي تياري ۽ ناڙي:
لوهي هر سان پنج يا ڇهه هر زمين کي ڏيئي يا ٽرئڪٽر سان زمين کي
ٻه هر ڏيئي، ڀتر ڀڃي سنهان ڪجن. ٻنيءَ کي ليول
ڪري ديسي هر سان ناڙي ٻڌي، سڌين قطارن ۾ ڇَٽَ
ڪجي. امريڪي ڪپهه ۽ مصري ڪپهه لاءِ قطارن وچ ۾
مفاصلو اڍائي کان ٻه فوٽ ۽ سنڌي ڪپهه لاءِ ٻن
کان ڏيڍ فوٽ رکجي. موسم جي اوائل ۾ اهو وڌيڪ
مفاصلو پر موسم جي پڇاڙيءَ ۾ گهٽ مفاصلو رکجي.
فصل ۾ ٻئي پاڻيءَ بعد ٽرڦالي يا ديسي هر سان گُڏ ڪجي ۽ جي ٿي
سگهي ته ٽئي پاڻيءَ بعد به گُڏ ڪجي. پوکڻ بعد
پهريون پاڻي چئن يا پنجن هفتن کان پوءِ ڏجي ۽
سڄيءَ مُند ۾ پنجن کان ست پاڻي، پندرهن کان ويهن
ڏينهن جي وقفي بعد ڏجن.“ اهو ٻڌي، مصري ڪڪڙي
امريڪي ڪڪڙي کان سوال پڇيو ته”ادا، اهي پوکڻ جا
مهينا ڇو ايترا ڦيري تي آهن؟“ تنهن تي امريڪي
ڪڪڙي ورندي ڏني ته ”ادا، اهو سڀ موسم جي ڦير
گهير تي مدار رکي ٿو.“
ادا، ونئڻن کي ڊگهي گرم موسم جي ضرورت آهي. ونئڻن جي وڌڻ واري
عرصي ۾ ڏينهن توڙي راتيون گرم هئڻ گهرجن، ٿڌيون
راتيون ۽ گرم ڏينهن ونئڻن جي اوائلي دؤر ۾
نقصانڪار آهن. جيئن ٻوٽو وڌي وڏو ٿئي ته پوءِ
ٿڌيون راتيون گوگڙن ۽ ٻج جي ٺهڻ ۽ وڌڻ ۾ مدد ڏين
ٿيون.
ونئڻن کي ڏنل هدايتن موجب پاڻي ڏجي. جيڪڏهن تمام گهڻو پاڻي ڏبو
۽ ڏينهن جهڙالا هوندا ته ٻوٽو پنن تي زور رکندو.
جيڪڏهن ان عرصي ۾ ڏينهن روشن هوندا ته ٻوٽي جي
واڌ چڱي ٿيندي. پوسل وارين زمينن ۾ ٻوٽو قد ڪونه
ڪندو ۽ ٻاٽي يا مکڙيون ۽ گوگڙا ڇاڻيندو. جيڪڏهن
فصل کي پورو پاڻي نه پهتو تڏهن به ساڳيون حالتون
نظر اينديون. ونئڻن ۾ چونڊي وقت جيڪڏهن برسات
سان گڏ سخت هوا لڳي ته ڦٽيون ڇڻي پونديون. گوگڙن
جهلڻ وقت جيڪڏهن ڏينهن جهڙالا هوندا ته ڦٽيون
اڌوريون کُلنديون. گهميل هوا پنن ۾ ڳاڙهه – پني
وڌائي ٿي.“
اتي مصري ڪپهه پڇيو ته ”پوءِ مون کي ڇو سڀ کان آڳاٽو ٺٽي ضلعي ۽
لاڙ ۾ پوکين ٿا؟ ادا، امريڪي ڪڪڙا، تنهنجي ۽
منهنجي فصل جو ٻوٽو آب و هوا جي اثر هيٺ اڪثر
ڪمزور رهي ٿو ۽ ادي، ديسي ڪڪڙي جو فصل سگهارو
ٿئي ٿو؟“ انهيءَ تي امريڪي ڪڪڙي وراڻيو ته ”ادا،
تنهنجي مصري ڪپهه جو ٻوٽو گهڻو گيل ٿو ڪري ۽
توکي ته ٽن کان اڍائي فوٽن ٿي ناڙي ڪجي تندرست
رهين. ان کان سواءِ تنهنجو ٻوٽو دير سان ڦٽيون
ٿو ڏئي. اسان جي ڦٽين جا چونڊا سخت سيءَ پوڻ کان
اڳ ۾ پورا ٿيڻ گهرجن؛ تنهنڪري توکي آڳاٽو پوکين
ٿا. باقي رهيو اسان ٻنهي جو نازڪ بدن هئڻ، ان جي
سلڻ جي مون ۾ سگهه ڪانهي. هاڻي اچو ته هن پڇندڙ
همراهه کي چئون ته امريڪي ونئڻن جي کيت ۾ وڃي
انهن ٻوٽن کان پڇي.