سيڪشن؛ سائنس

ڪتاب: بدن ۽ ان جو ڪم

باب:  ٽيون

صفحو :6

تنتي سرشتو

جيڪڏهن آءٌ ائين چوان ته جسم جو مالڪ آءٌ آهيان ته انهيءَ ۾ ڪو واڌارو ڪونه ٿيندو، ڇو ته آءٌ ئي جسم تي حڪمراني ڪندو آهيان. آءٌ هن کي بک، ڏک، ڏسڻ، چکڻ، سنگھڻ، ٻڌڻ، سوچڻ، ياد ڏيارڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن ۾ مدد ڪندو آهيان. مان خاڪي ۽ اڇي رنگ جي خلين جو ٺهيل آهيان ۽ وزن ٽي پائونڊ ٿيندم. منهنجيون سڄي جسم ۾ بي شمار تارون وڇايل آهن، جيڪي جسم جي هرهڪ حصي جي خبر چار لهي مون کي يعني منهنجي مرڪز ۾ پهچائينديون رهنديون آهن. انهن مان هڪڙيون تنتون اهي آهن، جيڪي جسم جي چمڙيءَ جي اندر ذري ذري ۾ ٿين ۽ انهن جي جسم جي پڇڙين ۾ وري سنهيون ڳوٿريون ٿين. جڏهن به ڪا شيءِ چمڙيءَ کي لڳندي آهي ته انهن تنتن جي پڇڙين تي زور اچڻ ڪري، شيءِ  جي لڳڻ جي خبر تنت تان هليو اچيو مون تائين پهچي، پر جي منهنجي انهيءَ حصي جون تارون ڪپجي يا خراب ٿي وڃن ته اتي ٽانڊي رکڻ سان به خبر ڪانه پويم. پير ننڊ ڪري ويندو آهي، سو به انهيءَ ڪري جو هنن تنتن تي گھڻو زور اچي ويندو آهي.

مون کي ٻئي قسم جون تنتون به ٿين، جيڪي مون مان نڪري اچي مشڪن ۾ کٽن، اُهي مشڪن کي سُسڻ ۽ ڦنڊڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. جي اهي تنتون خراب ٿي پون جيڪر جسم جو اهو حصو سڪي پوي.

مان جيئن ته جانڻ جي جسم جو ڄڻ ته حاڪم آهيان، ان ڪري سڀ کان مٿي آهيان. منهنجو گھر به هڪ قلعي جھڙو آهي. مون کي کوپريءَ جو هڏو هميشه سانڍيندو رهي ٿو، جيڪو انچ جي چوٿين حصي جيترو ٿلهو آهي. انهيءَ ۾ اندر وري هڪ پاڻياٺ اٿم، جيڪا ڌڪن ڌومن کان مون کي بچائيندي رهندي آهي.  منهنجو رت وري مون لاءِ هڪ چوڪيدار جو ڪندو رهندو آهي. هو منهجي لاءِ نقصانڪارشين کي اندر اچڻ نٿو ڏئي ۽ فائدي واريون شيون اندر کنيو اچي.

منهنجي تنتن جي بناوت به عجيب آهي. مون کي ٽيهه هزار تنتون آهن، جي سڄي جسم ۾ پکڙيل آهن. توهان، جي ڪنهن باغ مان ڇٻر جو ٻُڙو ڇڪي ڪڍندا ته توهان کي ان جون هزارين پاڙون ۽ شاخون نظر اينديون. ساڳيءَ طرح منهنجي هر هڪ تنت به ڪيترن ئي پاڙن ۽ شاخن جي ٺهيل آهي. منهنجون اهي ٽيهه هزار تنتون وري سٺ هزار حصن يا شاخن ۾ ورهايل آهن.

وڌيڪ سولائيءَ سان هن طرح کڻي سمجھو ته منهنجي اهڙي هر هڪ تنت ڪوريئڙي جي ڄار وانگي آهي، جيئن ڪوريئڙو پنهنجي ڄار جي وچ ۾ هجي ته اهو ٿيو تنت جو وچ ۽ باقي ڄار ٿيو تاندورا ۽ اهي اڳتي هلي وري سنهين فتيلن ۾ ورهايل ٿين، پوءِ اهي تمام تيزيءَ سان هر هڪ عضوي ۽ حصي جو احوال اک_ ڇنڀ ۾ مون کي پهچائينديون رهنديون آهن. سندن پيغام موڪلڻ جي رفتار تمام تيز آهي.

جسم جي ٻين عضون ۽ حصن جا خليا جڏهن ڳرندا، گسندا ۽ ختم ٿيندا آهن، تڏهن اهي نوان خليا پيدا ڪندا آهن، پر آءٌ ائين ڪونه ڪريان. جي منهنجي ڪنهن حصي جا خليا مري وڃن ته پوءِ اهي نئين سر ڪونه ٺهن. ڪڏهن هئين به ٿيندو آهي ته مون کي جڏهن ميڄالي تي سخت ڌڪ لڳندو آهي،  تڏهن اهي خليا، جيڪي مري ويندا آهن ته پوءِ انهن جي جاءِ ڀرپاسي وارا خليا والاري، انهن جو ڪم آهستي آهستي سکي ۽ سمجھي پاڻ شروع ڪندا آهن. جانڻ هن وقت به پنهنجا خليا وڃائيندو رهي ٿو، پر هو جڏهن پنجٽيهن سالن جي عمر جو ٿيندو ته منهنجا هڪ هزار خليا روز ناس ٿي ويندا. ائين هڪڙا مرندا ويندا ته ٻيا انهن جي جاءِ والاري، سندن ڪم سنڀاليندا رهندا آهن.

مان به هڪ عجيب شيءِ آهيان. توهان جي مون کي کولي ڏسندا ته توهان کي رڳو وروڪڙ ڏسڻ ۾ ايندا ۽ اهي ٽن  ڀاڱن ۾ ورهايل هوندا. انهن کي عام طرح وڏو مغز، ننڍو مغز ۽ مستطيل مغز چون.

منهنجو وڏو حصو يعني مغز توهان کي وري ٻن حصن ۾ ورهايل نظر ايندو، جن مان هڪ کاٻي پاسي وارو ۽ ٻيو ساڄي پاسي وارو آهي. جسم جي ساڄي پاسي حصي وارو ڪم منهنجو کٻو پاسو سنڀالي ۽ کاٻي پاسي وارو ڪم وري ساڄو پاسو هلائي. ساڄي هٿ سان ڪم ڪندڙن کي به کاٻو پاسو هلائيندو آهي ۽ ساڳئي نموني سان وري کاٻڙن تي ساڄو پاسو حڪمراني ڪري.

تازين جانچن جونچن مان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته منهنجو کاٻو پاسو انسان کي گھمڻ، ڳالهائڻ، حساب ڪتاب_ ڪرڻ، خوشي، ڏک، ڪاوڙ ۽ رحم ۾ مدد ڪندو آهي. منهنجو ساڄو پاسو گھڻو ڪري چپ رهندو آهي، هو رڳو خاص ڳالهين ۾ انسان جي مدد ڪندو آهي، جھڙوڪ فيصلا وغيره ڪرڻ.

منهنجي ننڍي ڀاڱي يا ننڍي مغز جو ڪم آهي مشڪن کي رس ۾ هلائڻ، جئين ائين نه ٿئي جو جڏهن انسان هلي ته سندس هڪ ٽنگ اڳتي هلي ۽ ٻي پوئتي يا ٿاٻا کائي ڪري پوي.

منهنجو ٽيون حصو يعني مستطيل مغز يا مڻڪو آهي. هي وري خود ڪار مشڪن جي ٺهيل عضون، جيئن ته دل، ڦڦڙ ۽ آنڊن وغيره جو ڪم هلائيندو آهي. ان ڪري هاضمي، رت جي دوري ۽ ساهه کڻڻ جو منهنجي هن حصي تي گھڻو مدار آهي. جي اوچتو ڪو جوکو رسيس ته دل بيهي رهندي ۽ ساهه کڻڻ بند ٿي ويندو. ڦاسي اچڻ ڪري جو ماڻهو اک-ڇنڀ ۾ مري ويندو آهي، سو به انهيءَ مڻڪي جي ٽُٽڻ ڪري.

منهنجي مدد لاءِ هڪ ٻي ڏوري به آهي، جيڪا مغزي ڏوري سڏجي ٿي. اهو هن ڪري، جو هيءَ مڻڪي جي سَنڌ وٽان هلي ٿي ۽ پُٺيءَ جي ڪنڊي يا ڪرنگھي مان هيٺ لهي ٿي. هيءَ  ارڙهن انچ کن ڊگھي ۽ آڱر جھڙي ٿلهي آهي. هن جا ڪم آهن تنتن جون خبرون مغز ڏانهن موڪلڻ،  مغز جا حڪم مشڪن ڏانهن نيڻ ۽ ڪٿي سور ٿيندو ته هڪدم خودمختار ٿي مغز وانگي تنتن  کي چورڻ ۽ طاقت ڏيڻ جو ڪم به هيءَ ڪري. جانڻ کي جڏهن پير ۾ ڪو مڇر چڪ پائيندو آهي، تڏهن هڪدم سندس پير پاڻهي چُري ويندو آهي. اهو ڪم مغزي ڏوريءَ رستي ٿئي ٿو.

 

هائيپو ٿيلامس

مان به جسم جو هڪ اهم ۽ ضروري عضوو آهيان. منهنجي لاءِ هن ڪڏهن سوچيو به ڪونهي، جڏهن ته آءٌ چوويهه ئي ڪلاڪ پنهنجو ڪم باقاعدگيءَ سان ڪندو رهندو آهيان. مان هائيپوٿيلامس آهيان. منهنجن مکيه ڪمن مان هڪ ڪم اهو به آهي ته آءٌ جسم جو توازن برقرار رکان. انهيءَ کان سواءِ آءٌ ميڄالي ۽ بدن جي ٻين حصن کي اهو پڻ ٻڌائيندو رهندو آهيان ته کين ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙا نياپا بدن جي حصن مان پهچندا رهن ٿا، جنهن جي ڪري جانڻ بُک، اُڃ، گرمي ۽ سرديءَ جو بچاءُ ڪندو رهندو آهي. خوف جي حالت ۾ هو انهيءَ جو صحيح رد عمل ڏيکاريندو آهي. مطلب ته هرهڪ ڪم ۾، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ آءٌ سندس مدد ڪندو رهندو آهيان.

آءٌ جانڻ جي دماغ جي ٻين حصن جيترو ذهين ڪونه آهيان . آءٌ نڪي سوچيان ٿو ۽ نه ئي ويچار ڪريان ٿو. آءٌ ڏسڻ ۾ بلڪل بي اثر آهيان. منهن جي رهڻ جو هنڌ ميڄالي جي هيٺان آهي يا توهان کي گھڻي ڀاڱي مغز جي وچ ۾ نظر ايندس. منهنجو رنگ گلابي اڇو آهي ۽ مغز جي ٽين سوين پتيءَ جيترو آهيان، پوءِ به مون کي جسم جي ٻين سڀني حصن کان وڌيڪ رت ملندو آهي. مان سڀني کان حساس آهيان ۽ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح تنتي سرشتي سان لاڳاپو اٿم. آءٌ پنهنجي ڪم ۾ بلڪل ڀڙ آهيان. مثال طور، جسم جي  گرميءَ جو درجو هميشه ۽  هر هنڌ برقرار رکندو آهيان، پوءِ ڀلي ماڻهو سڀ کان وڌيڪ ٿڌي علائقي سائبيريا ۾ ئي ڇو نه هليو وڃي يا اهڙي هنڌ جتي سخت گرمي هجي، جھڙوڪ: جيڪب آباد، تڏهن به هر حالت ۾ ۽ هر هنڌ آءٌ سندس جسم جو گرمي پد 4ء18 ڊگريون فارن هائٽ رکندس. مان جي صحيح نموني سان ڪم نه ڪريان ۽ گرميءَ جون ٻه يا ٽي ڊگريون هيٺ مٿي ٿي وڃن ته جيڪر انسان مري وڃي.

جيڪڏهن رت جو ڪجھ گرمي پد عام گرميءَ جي ڊگريءَ جو ويهون حصو به وڌي ويندو ته آءٌ هڪدم جسم ۾ حڪم موڪليندو آهيان ته سڄي جسم جون رت-نليون پنهنجا منهن ۽ مٿاڇرا کولي ڇڏين، انهيءَ سان گڏو گڏ پگھر جي هزارين غدودن کي به ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيندو آهيان، پوءِ هو پنهنجيون پاڻياٺيون ڪڍي، رت_ نلين جي مدد سان، رت جي وڌيڪ گرمي ڪڍي ڇڏيندا آهن ۽ جسم مناسب حد تائين ٺري ٿڌو ٿي پوندو آهي. ساڳئي وقت آءٌ جسم کي اهو به حڪم ڪندس ته هو اونها ساهه کڻي ۽ گھڻي گرمي ائين به خارج ڪندو رهي.

ساڳئي طرح، جيڪڏهن جسم جو گرمي پد، ڊگريءَ جي ويهين حصي جيترو به گھٽجي ويندو (جيئن گھڻو ڪري سياري ۾ ٿيندو رهندو آهي) ته آءٌ هڪدم جيري جي جاچ ڪندس ۽ ڏسندس ته هو رت ۾ گھڻو مٺاڻ وهائي ٿو يا نه، ڇو ته رت جو مٺاڻ مشڪن لاءِ ٻارڻ وانگر ڪم ڪري ٿو. انهيءَ کان سواءِ جسم جي پگھر جي غدودن جا منهن به بند ڪرائي ڇڏيندو آهيان ته جيئن جسم جي گرمي برقرار رهي.

آءٌ جسم ۾ پاڻيءَ جو وزن به برقرار رکندو آهيان، ڇو ته جانڻ بنيادي طرح سان پاڻيءَ جو هيراڪ آهي ۽ انهيءَ کان سواءِ هو زندهه رهي نٿو سگھي. جانڻ جڏهن ننڍو هو، تڏهن هن جي جسم ۾ پنجهتر سيڪڙو پاڻي هو، جڏهن جوان ٿيو،  تڏهن پنجاهه سيڪڙو پاڻي هوس. هر روز هو ڪيتروئي پاڻي ڦڦڙن، پگھر ۽ پيشاب جي صورت ۾ ڪڍندو رهندو آهي. انهيءَ مان جيڪڏهن هو پنجون حصو پاڻي به وڃائي ويهي ته شايد مري وڃي.

توهان ڀانئيندا هوندا ته جانڻ کي بُک جو احساس به پاڻهي ٿيندو هوندو، پر حقيقت ائين نه آهي. اهو مان ئي آهيان، جو کيس بک جي خبر ڏيندو آهيان. مان کيس اهڙي خبر، ماني کائڻ جي وقت کان ٿورو اڳ ۾ ڏيندو آهيان. اهڙيون خبرون مون کي جانڻ جي هر هڪ حصي مان ملنديون رهنديون آهن. جڏهن سندس رت جو دورو سست ٿي ويندو آهي ۽ هلڪو هلڪو ٿَڪ سندس مشڪن کي ساڻو ڪري وجھندو آهي، تڏهن آءٌ حڪم ڪندو آهيان ته هاضمي جون رسون ۽ پِڪَ گھڻي ٿئي، معدو پنهنجو ڪم تيز ڪري ڇڏيندو آهي ۽ زبان جون چکڻ واريون مکڙيون وڌيڪ حساس ٿي وينديون آهن. انهيءَ وقت جانڻ کي اها خبر پوندي آهي ته هو بکيو آهي ۽ کيس کاڌو کائڻ کپي.

اهڙو ڪرشمو منهنجي خلين جي ميڙ جي وچئين حصي ۾ رکيل آهي، جو انهن مان جيڪڏهن هڪڙو ميڙ خراب ٿي پوي ته جانڻ کي اها خبر ئي نه پوندي ته هو ڪيترو کائي ۽ ڪڏهن بس ڪري، بس پوءِ هو کائيندو ئي کائيندو رهندو. اهڙي نموني سان ٻئي قسم جي خلين ۾ جيڪڏهن خرابي ٿي پوي ته هو وري کائڻ ئي ڇڏي ڏيندو.

انسان ۾ ٻار ڄڻڻ جي خواهش به مان ئي پيدا ڪندو آهيان. انهيءَ ڪم ۾ آءٌ اڪيلو ڪونه آهيان، مون سان گڏ سڄو ميڄالو پڻ آهي، پر ايترو ضرور آهي ته اسان مان ڪوبه هڪ اڪيلو  اهو ڪم ڪري نٿو سگھي ۽ اسين گڏجي سڏجي اها خواهش پيدا ڪندا آهيون.

خير! منهنجو انهيءَ ڳالهه سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي ته جسم کان ٻاهر ڇا پيو وهي واپري. منهنجو ڪم رڳو اندريون نظام سنڀالڻ ۽ هلائڻ آهي. مون کي ڪنهن به شيءِ جي پرواهه ڪانه آهي، جو آءٌ ڍڪيل ۽ بچيل آهيان. رڳو جنهن ڳالهه کان ڊپ ٿيندو اٿم، اها آهي ته منهنجي اوس پاس ۾ ڪي اهڙا ڳوڙها نه پيدا ٿي پون، جيڪي جانڻ جي ميڄالي لاءِ ڪو آزار بنجي پون يا ڪڏهن سندس رت جي وهڪ نه بند ٿي وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org