سيڪشن؛    سفرناما

ڪتاب: سير ريگستان

باب: --

صفحو :3

ڪڇ جو رڻ

 

 ڪيترين روايتن موجب راجپوتانا، ڪڇ ۽ ٿر جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا. جتي هينئر خشڪي آهي، اتي ڪنهن وقت سمنڊ جو پاڻي لهرون هڻندو هو. بعد ۾ زمين جي زلزلي سبب  زمين مٿي  چڙهي آئي، سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو ۽ خشڪي جا ڀاڱا عيان ٿي بيٺا. ليڪن ڪڇ جي رڻ واري زمين اڃا  هيٺ هئي ۽ اهو عربي سمنڊ وارو ڀاڱو هو. ان وقت سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ  هاڪڙو نالي پنجاب مان نڪري، عمرڪوٽ جي اڀرندي پاسي لنگهي، ننگرپارڪر  وٽان وهي، ڪڇي جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. مطلب ته ڪنهن وقت  ڪڇ جي رڻ ڏانهن مٺي درياءُ جو منهن هو ته ڪنهن وقت  کارو سمنڊ هو.  تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي سن کان انداز سوا ٽي سئو  ورهيه اڳي جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو ٿي، تڏهن اتي پاڻيءَ جون ڇوليون پئي لڳيون. ڪي صديون پوءِ به اتي پاڻي بيٺل هو. سن 1024ع ۾ محمود غزنوي عليه الرحمة سومناٿ جي مندر تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ جڏهن ڪڇ جي رڻ مان ٿي لنگهيو، تڏهن هر هڪ شخص کيس اهو ڊپ ٿي ڏنو ته هتي جون لهرون تنهنجو لشڪر لوڙهي  ڇڏينديون. ان بعد شايد جلد ئي پاڻي خشڪ ٿيو ٿو ڏسجي. جو سن  1362ع ۾ سلطان فيروز  شاهه جي لشڪر ڪيتريون راتيون رڻ ۾ گذاريون ۽ پاڻيءَ جو ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيل آهي.

ڪڇ جو رڻ اڀرندي کان الهندي ڏانهن 80 ڪوهن ۽ اتر کان ڏکڻ کان 38 ڪوهن ۾  سڃ ئي سڃ لڳايو بيٺو آهي. ٽاڊ راجستان گجراتي ڀاڱو پهريون ڇپايل ستو ساهتيه پستڪاليه احمد آباد سنبت 1982 ع ۾  ڄاڻايل آهي ته هن جي ڊيگهه 150 ميل ۽ ويڪر ڀڄ کان ٻلهياري تعلقي ڏيپلي تائين 80 ميل آهي.

سنڌ جي تاريخ مرحوم مرزا قليچ بيگ جي 1903ع ۾ لکيل آهي ته سموري پکيڙ جملي 7 هزار چورس ميل آهي. مگر ائين سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو سنه 1362ع ۾ انهيءَ سموري ايراضي ۾ پاڻيءَ اصل ڪو نه هو. اڄ تائين  ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڳوٺ رحمڪي بازار جي ويجهو پراڻ موجود آهي. پراڻ لفظ جي معنيَ پراڻو درياءُ آهي.

هن وقت ڦليلي واهه حيدرآباد جي اوڀر طرف کان وهي، هن پاسي اچي ڇوڙ ڪري ٿو. اڳي جڏهن سنڌو ندي هتان وهندي  هئي تڏهن ڪڇ جي رڻ مان دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا جي رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري تعلقي ڏيپلي وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا. جنهنڪري اهي بندر هئا، گلزار نثر صفحي 148-149 ۾  ڄاڻايل آهي ته سنڌو نديءَ جو پاڻي گهاري سيخاڻي تعلقي بدين وارو رڻ پسائي اچي لکپت تائين پهچندو هو.

 هن وقت رڻ جو گهڻو ڀاڱو  سڪو پيو آهي صرف ڪٿي ڪٿي رڃ  ڏسڻ ۾ ايندي آهي. خصوصاً جڏهن پوٽو تپندو آهي تڏهن پريان پاڻيءَ جو ڏيکاءُ نظر ايندو آهي ۽ ويچارا هرڻ انهيءَ ڪوڙي ڏيک تي پاڻيءَ جي آسري تي ڊوڙي ڊوڙي ساهه ڏيندا آهن. واقفڪار کان سواءِ ڪهڙو به ماڻهو هوندو ته هو هن ڪوڙي ڏيک کي حقيقت سمجهي ويهندو. ٿر ۽ ڪڇ جي وچ ۾ آمدرفت اٺن جي ذريعي ٿئي ٿي، مگر برسات جي موسم ۾ رڻ سڄو پاڻي سان ڀرجي ويندو آهي ۽ ڪن ڪن هنڌن تي چئن بلڪ پنجن فوٽن تائين پاڻي ڪٺو ٿي ويندو آهي.

ڪي هنڌ رڻ ۾ اهڙا به آهن جتي گرڻيون يا ڌٻڻيون آهن، جن ۾ جيڪڏهن ڪو بدقسمتيءَ سان ماڻهو يا جانور گپي پيو ته نڪرڻ ئي محال آهي.  جيئن جيئن نڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ايندي تيئن تيئن وڌيڪ گپندو ويندو،  تان جو هلاڪ ٿي ويندو. لهذا برسات جي موسم ۾ رڻ جي مسافري نهايت خطرناڪ ۽ تڪليف واري آهي. فقط ڪن جزوي هنڌن تي ڪو وارياسو زمين ٽڪر هوندو آهي، جتي چند  خس و خاشاڪ ٻوٽن  بغير ٻيو ڪي به ڪين اڀرندو آهي. ويچارا رڻ جا مسافر اهڙن هنڌن تي ترسي ڪجهه ساهي پٽيندا آهن ۽ اُٺن کي چارو وغيره ڏيندا آهن. ساري رڻ ۽ ٿر جي ڀٽن جي سرحد تي لئنڊ ڪسٽمس جا ٿاڻا آهن جتي  سرڪاري عملدار رهن ٿا، ان لاءِ چوري نه ٿئي. تقسيم هند کان اڳي چاندي، ريشمي ڪپڙي، بوسڪي ۽ کنڊ وغيره جي گهڻي چوري ٿيندي هئي، ۽  اهو سامان ڪڇ کان اٺن رستي گهرائيندا هئا. تقسيم هند بعد وري ملڪي غدارن ڪيترو اناج پاڪستان مان ڪڇ انڊيا ڏانهن موڪلي پنهنجي  ملڪ سان ظلم ڪيو آهي. مگر سرڪار هينئر اهڙيءَ بدديانتيءَ کي روڪڻ لاءِ تمام ڪافي اپاءَ ورتا آهن.

 

هاڪڙو ندي

 

آرين جي اچڻ کان پيشتر ڪڇ جو رڻ ۽ راجپوتانا جو ڪجهه حصو سمنڊ  هيٺ هو ، ۽ ڪڇ جو رڻ کنڀات جي نار سان ڳنڍيل هو. مهاڀارت جي زماني بعد عربي سمنڊ آهستي آهستي گهٽبو ويو ۽ سنڌو نديءَ جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي اتر ۾ پنج ند وٽان نڪري بهاولپور، اڀرندي سنڌ يعني عمرڪوٽ ۽ ٿر وٽان لنگهي ننگر پارڪر وٽ ڪوريءَ جي نار(ڪڇ جي رڻ) ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ابوالفضل آئين اڪبريءَ ۾ ۽ ٽاڊ صاحب  ٽاڊ راجستان ۾ هاڪڙو نديءَ بابت اشارا ڏنا آهن.

رياست بهاولپور، جيسلمير ۽  ٿر ۾ سندس ڦٽل نشان اڃا ظاهر آهن. ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته سنڌونديءَ جي شاخ جي هاڪڙو نالي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي جنهن ۾ دنگيون ۽ جهاز هلندا هئا ۽ ويرواهه جي پاري ننگر وٽ جو مشهور بندر هو، اتي اچي بيهندا هئا. ويراواهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي جنهن جو نالو ڏوتڙ آهي، ڏو معنيٰ ٻه ۽ تڙ معنيٰ درياءَ جو ڪنارو جتي دنگيون ۽ جهاز اچي بيهن. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ ٽڪريءَ وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ  تڙ هو، تنهن ڪري ئي کيس اهو نالو ڏنو ويو. درياءُ جي پيٽ کي ”سنگها“ سڏين ٿا، جنهن ۾ هاڻي ڪڻڪ ۽ ٻي ربيع جي سموري پوک ٿئي ٿي. ان وقت ٿر ۾ شايد  ڀٽون ڪو نه هيون ۽ زمين بلڪل ساريکي ۽ هموار هئي ڪجهه زماني جي گذرڻ بعد سمجهجي ٿو ته ڌرتيءَ جي زلزلي سبب، زمين هيٺ مٿي ٿي ويئي ۽ هاڪڙو ندي بند ٿي ويئي. ليڪن هاڪڙو ڪڏهن بند ٿي ان بابت يقيني طور چئي نٿو سگهجي. ڪئپٽن ريڪس لکي ٿو ته عيسوي پهرينءَ صدي ۾ پاري ننگر وڏو بندرگاهه هو، جنهن مان انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته هاڪڙو به شايد عيسوي پهرين صديءَ بعد بند ٿيل آهي.

 

مهراڻ ندي

 

قديم زمانن کان وٺي سنڌونديءَ کان ڪيتريون ئي شاخون پئي نڪتيون ۽ بند ٿيون آهن. خود سنڌو ندي به وقت بوقت وهڪرا پئي ڦيرائي. مسٽر آر- جي بئنرجي  بهاولپور رياست کان وٺي(جتان هاڪڙو نديءَ جو وهڪرو معلوم ٿئي ٿو) کيرٿر جبلن جي قطار تائين جملي 18 جاين تي سنڌو نديءَ جي جهوني وهڪري جا رخ معلوم ڪيا آهن. اڄ تائين ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ رحمڪي  بازار جي ويجهو پراڻ آهي. جنهن ڪري چوڻ ۾  اچي ٿو ته سنڌونديءَ اڳي اتان وهندي هئي.

                سنسڪرت زبان ۾  سنڌو لفظ جي معنيَ آهي سمنڊ، ان جو ڌاتو يا بنياد معنيٰ آهي ”سيند“ معنيٰ وهڻ. جنهن ڪري سنڌو نديءَ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جا سدائين پيئي وهي.“ هن کي اڳي مهراڻ ڪري سڏيندا هئا. اهو وري سٿين يا تاتارين جو نالو ڏنل آهي. سنسڪرت ۾ ”مهارڻو“ لفظ برابر آهي. مها معنيٰ وڏو. ارڻو معنيٰ جل يا سمنڊ يعني وڏو سمنڊ. سمنڊ جو پاڻي کارو ٿيندو آهي، پر هن نديءَ جو پاڻي مٺو هو. جنهن ڪري کيس مهراڻ چوندا هئا ۽  ڪڇ جي رڻ مان ٻيڙيون ۽ جهاز هلندا هئا، سي رحمڪي بازار ۽ ٻلهياري تعلقي ڏيپلي وٽ اچي پڳهه هڻندا هئا، جنهن ڪري اهي چڱا خاصا بندر هئا. اهڙيءَ طرح نديءَ جو پاڻي رڻ مان وهي، لکپت تائين پهچندو هو ۽ لکپت جي ساريال پوک جو مدار ئي انهيءَ پاڻيءَ تي هو.

سومرن کي جڏهن سوڍن 1226ع ۾ عمرڪوٽ مان هڪالي ڪڍيو، تڏهن هو ڏکڻ ٿر ۽ لاڙ ڏانهن لڏي ويا جتي انهن جي حڪومت هئي. پر آهستي آهستي سوڍن اهو پاسو وڃي قبضي هيٺ آندو ۽ سومرن کي ڪڇي جي رڻ ڏانهن تڙي ڪڍيائون، تنهن ڪري انهن اتي وڃي پنهنجو نئون راڄ ٺاهيو. سومرو ۽ ويڳو ٻه ڀائر هئا، جي ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي پراڻ طرف رهندا هئا.، جن سندن حڪومت جو بنياد وڌو. ان وقت ڪڇ جي راجا جو جوڙايل ڪوٽ رحمڪي بازار جي ڀرسان ڪڇ  جي رڻ ۾ هوندو هو، سو ويڳي وڃي هٿ ڪيو ۽ اهو سندس نالي پٺيان ”وڳهه ڪوٽ“ سڏجڻ لڳو. اهو پراڻي ڍوري کان صرف 5  ميلن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ اڃا تائين ڊٺل ڪوٽ جا کنڊر ظاهر بيٺا آهن. سومرن جو تيرهون حاڪم چنيسر هو. جنهن سن 1282ع کان 1300ع تائين 18 ورهيه اتي حڪومت ڪئي. هن وقت اتي زمين بلڪل کاري لوڻ جهڙي آهي ۽ ڪو به انسان اتي مٺي پاڻيءَ نه هئڻ سبب رهي نه سگهندو. اڳئين سمي جوا تي عاليشان ڪوٽ ۽ سومرن جو تخت گاهه هو سو سواءِ مٺي پاڻي ۽ زندگي جي ٻين ضروريات جي اتي قائم ٿي  نه سگهيو هوندو.

چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهراڻ وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان وهندو هو، ۽ اڄ تائين وڳهه ڪوٽ جي ويجهو زمين کي کوٽيو ويندو آهي ته پاڻي جون سڙيل ڪاٺيون اڪثر مٺي درياءَ جي وهڪري ۾ لڙهي اينديون آهن، اهي ۽ ٻيا اهڙا نشان ملندا آهن، جنهن ما ن يقين ڪري  سگهجي ٿو ته مهراڻ ندي ضرور ڪنهن زماني ۾ اتان وهندي هئي.

ٽين  ڳالهه عقل ۾ نه ٿي اچي، تاهم ان لاءِ ڏٺي ويئي آهي، جو ڪن ماڻهن کان اها روايت پڻ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي والله اعلم بالصواب. هنن ڳالهين تي ان کان وڌيڪ دلائل ڏيڻ ۽ راءِ قائم ڪرڻ اسان جي خيال ۾ فضول ٿيندو. لهذا اهو پڙهندڙن جي غور ۽ فڪر تي ڇڏجي ٿو ته هر هڪ اهل علم پنهنجي سر ويچار فرمائي. البت مناسب آهي ته هنن حقيقتن بابت جن به صاحبن هن کان اڳ تحقيق، ۽ تدقيق ڪئي آهي ۽ هن باري ۾ قلم فرمائي ڪئي آهي، انهن جا مختصر حوالا درج ڪيا وڃن. سنڌ گزيٽيئر جلد 1 صفحي 5 ۾ ڄاڻايل آهي ته ايامن کان وٺي  ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ڪيئن تبديليون ٿينديون رهيون آهن. ٿر ۾ واريءَ جي ڀٽن جو مثال به ائين سمجهڻ گهرجي، جهڙيءَ طرح سمنڊ ۾ لهرن ۽ ڇولين وقت سمنڊ جو مٿاڇرو هيٺ مٿي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اهي ڀٽون ڪو هوا لڳڻ سان ٺهي نه سگهيون هونديون. چوڻ ۾ اچي  ٿو ته اتي اڳي سمنڊ هو. جگراتي زبان ۾ لکيل ڪڇي جي اتهاس صفحي 1 تي  ڄاڻايل آهي ته نه صرف ٿر ۽ رڻ جو ٽڪرو مگر سارو ڪڇ سمنڊ جي تري ۾ هو. راجپوتانا اتهاس هندي صفحي 6 تي ٻڌايو ويو آهي ته رامائڻ واري زماني ۾  راجپوتانا جا ڪيترا ڀاڱا به سمنڊ هيٺ هئا ۽ سمنڊ جي ڇولين سبب قدرتي واريءَ جا دڙا ٺهي پيا  هئا. جي سمنڊ جي سڪي وڃڻ  بعد ظاهر ٿي بيٺا آهن.

جن دوستن سنڌ جون ڀٽون ڏٺيون هونديون، اهي شايد هن مغالطي ۾ هجن ته، ٿر جون ڀٽون به اهڙيون ئي سفيد واريءَ جون ٺهيل هونديون، جهڙيون اسان جي ملڪ  آهن، مگر هتي ته حالتون ئي دگرگون آهن. مٿي چئي آيا آهيون ته ٿر جي ڀٽن جي واري سفيد نه آهي، مگر ڳاڙهي ريتي جهڙي آهي. اڪثر ٿر  جي ڳوٺن ۾ جتي مال جي اچ وڃ سبب ۽ ويهڪ ڪري گاٺوڙ ٿي ويندي آهي يا ڪي هوا جي ڦيري سبب ريت جا دڙا پيا اڇائيندا آهن، اتي ڏسڻ ۾ ايندو ته سنهان سونهري موتين جهڙا پٿرن جا ذرات پيل هوندا آهن، جي سج جي روشنائي جي زير اثر ڏاڍو چلڪندا آهن. الهندي ۾ مهراڻ وٽ يا رڻ جي ڪنڌيءَ وٽ ، ڏکڻ ۾ جتي ڀٽون اچي رفتي رفتي ختم ٿين ٿيون. اتي اهي ذرات گهڻي انداز ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

ڪيترن هنڌن  وري ڪڪري پڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي، خصوصاً مٺي  شهر ۽ ان جي گرد و نواح ۾، اهڙي ڪڪري جام هوندي آهي. اها ڪڪري يا  ته واريءَ جا ذرات پاڻ ۾ ملي برسات جي اثر هيٺ سيمينٽ وانگر پڪا ٿي ڳوڙهين ڳوڙهين جي صورت ۾ اختيار ڪئي آهي، يا ته وري ٿر جي زمين ۾ جيڪو  عام طرح اڇو ميرانجهڙو پٿر آهي، ان جا ننڍا ننڍا ٽڪر آهن، جي ايامن کان وٺي ڀرندا ڀرندا ڪڪري جي منزل کي اچي پهتا آهن.

پڙهندڙن کي هتي وري هيءُ عجب لڳندو ته واريءُ ۾ پٿر ڪيئن پيدا ٿيو؟ ان لاءِ معلوم هئڻ گهرجي  ته ٿر جي سموري زمين  قدرت الاهي سان، مٿي واري ۽ هيٺ  پٿر ئي پٿر آهي. ٿر جا جيڪي به تڙ(کوهه) آهن سي ان ڳالهه جو ڪافي ثبوت آهن. ڏسڻ ۾ ايندو ته فقط 6 کان 5 پرهه واري کوٽڻ بعد هيٺ سراسر پٿر نظر ايندو ۽ اهو پٿر 20 يا 25 پرهن تائين بصد مشڪلات ٽاڪڻ بعد پوءِ وري واريءِ ۽ مٽي جو تهه ايندو، جتان الله تعاليَ جي قدرت سان تڙ ملندو ۽ موسلا ڌار کاري ٻاڙي پاڻيءَ جا نار وهي نڪرندا.

هر هڪ تڙ جي مٿان پڳ وٽ ڏسڻ ۾ ايندو ته اهي کوهه مان نڪتل پٿر رکيل هوندا نه فقط اهي تڙ انهيءَ  حقيقت جو دليل آهن پر ڪيترن ئي  ڳوٺن وٽ مثلاً گڊڙي وٽ ظاهر ظهور پٿرن واري زمين آهي، جنهن  مان اڇي ڪَچي پٿر جا وڏا وڏا بلاڪ کوٽي جاين  جي ڪم آڻي سگهجن ٿا. ڇوڙ نئين وٽ جيڪا  وڏي ترائي آهي ان جو ترو ۽ ڪنارو سمورو سفيد پٿر آهي، ايتري  قدر جو ترائيءَ جو پاڻي خود ڪجهه وقت بعد سفيديءَ  ڏي مائل ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ  جو ان  ۾ پٿر جو چن گڏجي ويندو آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ گوڙيءَ جي ڏيرن واري مندر ۾ جيڪو به پٿر آهي، سواءِ سنگ مرمر جي جزوي پٿرن جي، اهو سمورو پٿر  ٿر  جو پٿر آهي، جنهن تي چن ۽ چيروليءَ جو پلئسٽر ڏيئي سنگ  جراح سان مالش ڪري بعينه سنگ مرمر جهڙو بنايو ويو آهي. ڀالوا ڳوٺ ۾ جنهن کي اڳوڻو مارئيءَ وارو ملير چئجي ٿو، اتي جيڪا پٿر جي ڪونڊي پيل آهي جنهن ۾ چيو وڃي ٿو ته مارئي پنهنجي ڇيلڙن کي پاڻي پياريندي هئي اهو پٿر  جي زمين جو آهي.

ازانسواءِ انهيءَ پٿر جون ٿر جون زمين ۾ ڪيتريون کاڻيون آهن، جتي اهو پٿر بيشمار سالن گذرڻ  سبب سڙي اڇو  چن ٿي ويو آهي. ٻهراڙين ۾ جيڪي اهڙيون کاڻيون آهن انهن کي ڇڏي خود مٺي شهر جو مثال  وٺبو ته مٺي هاءِ اسڪول ۽ سرڪاري بنگلي جي وچ واري ميدان ۾ ڪيترائي ٿر جي پٿر جا دڙا دڙا نظر ايندا.

ٿر ضلعي جي جاگرافيءَ  ۾  ٻارن کي اڪثر پڙهايو ويندو آهي، ته مٺيءَ ۾ اڇي مٽيءَ جون کاڻيون آهن جا مٽي ٿر جا ماڻهو کڻي گهرن جي ڀتين کي راڳي ۽  پوچي ڏين جي ڪم آڻيندا آهن. اها اڇي مٽي انهن سڙيل سفيد پٿرن جي   نعمت ۽ انعام آهي.

                ٿر جي ڀٽن تي جدا جدا سببن ڪري نالا رکيل آهن جي هر گز دلچسپيءَ کان خالي نه آهن. هتي صرف ڪن  مکيه ڀٽن جا نالا ڏنا وڃن ٿا. تفصيل ۽ سببن کي نظر انداز ڪجي ٿو.

1-             لوڻڪي ڀٽ 2- ويسروڙي ڀٽ 3 ڪاري ڀٽ 4-  ڌنوڙي ڀٽ 5-  ڍوڪاڻي ڀٽ 6- جهرڪلي ڀٽ 7- چانگي جو ٽونڪ 8- ٻانهياري ڀٽ 9- ڪرڪر ڀٽ 10- سونياه ڀٽ 11- هاڏياري ڀٽ 12-ڪسل ڪوٽ ڀٽ، جتان ٻالهياري ڀٽ 36 ميلن جي مفاصلي تان ڏسڻ ۾ ايندي آهي.  13- ساڃي ڀٽ 14- سائنڏني جي ڀٽ جنهن جي اتائين 163 فوٽ آهي جتان چوهٽڻ جو جبل 60 ميلن جي مفاصلي تي  ڏسي سگهجي ٿو. 15_ ڪيل ڀٽ، مٺيءَ جي اتر اوڀر طرف جتان ڍوري ناري واري هوائي جهازن جي لائيٽ 74 ميلن جي مفاصلي تان چٽيءَ طرح نظر اچي ٿي. جهرڪلي ڀٽ، سال 1851ع ۾  ڌرتيءَ جي زلزلي سبب ٻه اڌ ٿي پيئي هئي وغيره.

 

ٿر جا وڻ ۽ ٻوٽا

 

اهو سمورو احوال ٿيو ٿر جي ڀٽن جي بيهڪ، واريءَ جي قسم، ڪڪري ۽ پٿر بابت مگر هن منزل تي اهو ٻڌائن ضروري آهي ته ٿر جي واريءَ ۾ ڪهڙو ڪهڙو اوڀڙ ٿئي ٿو. مبادا پڙهندڙ ائين سمجهن ته  ٿر جي واري به اسان جي سنڌ جي واريءَ وانگر اهڙي ئي بيڪار آهي، جنهن ۾ چند فضول ٻوٽن کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪمائتو اوڀڙ اڀري نه سگهندو هوندو. هن  باري ۾ اسرار الاهيءَ جو هڪ وڏو خزانو جو هن واريءَ کي بخش ڪيل آهي، ان جو ذڪر ڪجي ٿو. هيءَ ٿر جي ڳاڙهي واري، اسان جي سفيد واريءَ جي مقابلي ۾ بلڪل زرخيز آهي. هن واريءَ ۾ الله تعاليَ اها طاقت پيدا ڪئي آهي جنهن کي ڏسي عقل حيران ۽ دنگ رهجيو وڃي. هونءَ ته سڄي زمين ۽ ڀٽون وڻن ۽ ٻوٽن سان ڇانيون پيون آهن، ايتريءَ حد تائين جو سارو ملڪ هڪ گهاٽو جهنگ لڳو پيو آهي. واٽن کان سواءِ جي ڪڏهن اوجهڙ ڏيئي هلبو ته اُٺ جي جهول ۽ سوار جا ڪپڙا  لٽا ڦاٽي پوڻ جو امڪان آهي. مگر وسڪاري واري زماني ۾ جيڪي انيڪ گاهه اڀرن ٿا تن جو شمار ڪرڻ ئي ناممڪن آهي. عام طرح ٿر جا وڏا درخت چار آهن، ڪنڊو، ڪنڀٽ، ونگو ۽ ڄار، ٿر واري ڀاڱي ۾ جيڏانهن ڪر نگاهه تيڏانهن سڄڻ سامهون اک کڻبي ته يا ڪو ڪنڊو سامهون هوندو يا ڪنڀٽ يا ونگو ڄار، انگريزي پهاڪي موجب اهي اسان جا  Never Failing Friends آهن، يعني اهي اسان اهڙا احباب آهن، جي اسان جي هرگز رفاقت ڪين ڇڏيندا. ڪنڊي جو وڻ جنهن کي هتي سنڌ ۾ ڪا به اهميت ڪانه آهي ۽ ان جو وجود لائق آباد زمين واسطي نحس سمجهيو ويندو آهي، ان کي ٿر جي ماڻهن لاءِ رحمت سمجهجي ته بجا آهي. ڪنڊي جا وڻ ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا ڪنڊر ٻيا لسا، لسن ڪنڊن کي اڪثر ٿر ۾ ميويدار وڻن جو فخر حاصل آهي. انهن  ڪنڊن ۾ جي سڱريون ٿين ٿيون سي جانور توڙي انسان وڏي شوق سان کائين ٿا. ڪچيون سڱريون ٻڪرين ۽ اٺن لاءِ بهترين کاڌو آهي.

ٿر ماڻهو ڪچين سڱرين جي ڀاڄي رڌي، وڏي شوق سان کائيندا  آهن. ڪنڊن ۾ جڏهن گل نڪرندا آهن جي پيلي رنگ جا توتن جي شڪل جهڙا هوندا آهن، تڏهن انهن کي مڃر چئبو آهي. اهو مڃر  اٺن لاءِ معجون ياقوتي آهي. شاهه صاحب عليہ الرحمة فرمايو آهي ته ”موڙي مڃر ٽاريون چانگا ٿا چرو.“ معلوم هجڻ گهرجي ته ٿر ۾ جيڪي به ٻوٽا آهن، جن جو ذڪر هن کان پوءِ آهستي آهستي ايندو رهندو، تن ۾ اُٺ جي قوت لاءِ بلڪل ڪي جزوي ٻوٽا آهن. درختن ۾ فقط هڪڙو ڪنڊو ئي آهي جو اُٺ لاءِ مکيه گذران جو ذريعو آهي. لهذا لسن ڪنڊن  کي اڪثر رک ڪئي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته انهن ڪنڊن جا پن بلڪل ڪمائتا آهن. لسا ڪندا اڪثر ٻنين جي وچ ۾ ٿيندا آهن ۽ ٻنين جا مالڪ پنهنجي اٺن جي قوت لاءِ انهن ڪنڊن جي چوڌاري  ڍنگهر ڏياري ڇڏيندا آهن؛ جنهن جو مطلب اهو هوندو آهي ته انهن ڪنڊن جي پنن روڙڻ تي بندش آهي. ان ۾ پڻ ٻٻر جي پلڙن وانگر ڦريون ٿين  ٿيون. اهي سريهل جي ڦرين وانگر آهن. مگر سريهل جون ڦريون وڏيون ٿين ٿيون ۽ هي تمام ننڍيون آهن. انهن ڦرين ۾ چيچڪا به ٿين ٿا، جي جڏهن ڪچا هوندا آهن. تڏهن ٿري ماڻهو انهن جي ڀاڄي رڌي کائيندا آهن، جا انهن واسطي بلڪل سوادي پڻ هوندي آهي. ڪنڀٽ جا پن پڻ اُٺ  کائيندا آهن. مگر ڪنڀٽ تي پن بلڪل  ٿورا هوندا آهن. اهو وڻ ڪنڊي جيڏو درخت  نٿو ٿئي ۽ سندس ٿڙ خواه ڏار بلڪل ڏنگا ڦڏا ٿيندا آهن. جيتوڻيڪ ڪاٺي تمام مضبوط آهي مگر سڌي نه هئڻ سبب عمارتن لاءِ  ڪارآمد نه آهي، تاهم ٿرين ويچارن لاءِ اها ئي هڪ ڪاٺي آهي جا چو نئرن، پکن ۽  لانڍين لاءِ ڪمائتي اٿن. ڪنڀٽ جو ڪاٺ اڇي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ اهو وڻ هيمشه ڀٽن جي سلاميءَ يا چوٽيءَ تي ڌوپ ڇٽين وانگر بيٺل نظر ايندو آهي. هيٺ ماٿرين يا ڏهرن ۾ ڪنڊا ۽ مٿي ڀٽن تي ڪنڀٽ  عجيب رونق لڳائي بيهندا آهن. مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي ۾ ڪنڀٽ ايترو گهڻو نٿو ٿئي جيترو  ڇاڇري تعلقي جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ يا ننگرپارڪر تعلقي جي اتر ۽ اوڀر ۾ ٿئي ٿو. مٺي ۽ ڏيپلو تعلقا، جي ٿر جي اولهه ۾ آهن. تن کان ٿر جي اوڀر ۾ ونسپتي (وڻراه) هونءَ به زياده آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ گوندي ڳوٺ جي لڳ ڀڳ ڪنڀٽ ايترو ته گهاٽا نظر ايندا آهن جو ائين ڀانئبو ته جيڪڏهن هڪ وڻ تي چڙهي پوءِ وڻ جي مٿان پنڌ ڪندو هلندو وڃجي؛ ته هوند ڪوهن جا ڪوهه  طي ڪري وڃجن. ڪنڀٽ مان اعليٰ درجي جو کؤئر ملندو آهي. جنهن مان ٿر جا  ويشنو ماڻهو عجيب و غريب مٺايون ٺاهيندا آهن.

ونگو جنهن کي ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن ۾ ڪانڪهه چوندا آهن. سو قد ۾ ننڍو وڻ آهي ۽ بلڪل بيڪار وڻ آهي. سندس پن چهچ ساوا ۽ گهاٽا ٿيندا آهن ۽ مينڌيءَ جي پنن وانگر شڪل اٿن مگر مينديءَ جي پنن کان وڏيرا ٿين ٿا. هن وڻ ۾ هڪ قسم جو ڦل پڻ ٿئي ٿو جو پيرونءَ جيڏو  ٿئي ٿو. مگر پيرون چلڪڻا ۽ رس سان ڀريل ٿيندا آهن ۽ هي چلڪڻا نه هوندا آهن. هي ڦل جا داڻا ڳاڙهي رنگ جا ٿين ٿا ۽ بلڪل گهاٽا  ڇڳا هوندا آهن. بعضي ڪي پکي انهن کي کائين ٿا نه ته جانورن مان سواءِ ٻڪريءَ جي ٻيو ڪو به جانور هن وڻ ۾  وات ڪو نه وجهي.

ڄار اسان جي سنڌ جو وڻ آهي. انهن ۾ ڪي ننڍيون ته ڪي وڏن درختن جيڏيون هونديون آهن. ڄار کي  ٿر ۾ ڄارڪو ورلي چوندا آهن. ان جي عيوض کيس مٺو کٻڙ چوندا آهن. اسين سنڌ ۾ جنهن کي کٻڙ  چوندا آهيون. ان کي  ٿر ۾ کارو  کٻڙ سڏين. اهو کارو کٻڙ ٿر ۾ تمام ٿورو آهي نه ته جيڪر اٺن ويچارن جو قوت جام ٿي پوي. کارو کٻڙ ڪلر جي پيدائش آهي ۽ ٿر جي زمين مٺي وارياسي آهي، جنهن ڪري  کٻڙ اتي ڪو نه اُڀري.  کٻڙ صرف سنن جي ويجهو جتي کاري ڪلراٺي زمين هوندي آهي اتي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڄار جو وڻ تحقيق ٿر جي ماڻهن لاءِ هڪ بهترين ميويدار وڻ آهي، جنهن ۾ پيرون جام ٿين ٿا. پيرن جي موسم ۾ ڄاريون خوب پيرن سان ڀرجي وڃن ٿيون ۽ ننڍو وڏو ٿري ماڻهو عام جام پيرن مان خوب کائي ڍوءَ ڪري ٿو. پيرون مٺا ۽  کائڻ لائق فقط  ڄار جا ٿيندا آهن. کٻڙ جا پيرون کارا هوندا آهن، جي ماڻهو نه کائيندا آهن. مٺن پيرن سان ٿر جي باشندن جو جيڪو چاهه هوندو آهي، سو مسڪين مارئيءَ جي زبان مان ٻڌايو ويو آهي ته:

”ڀري پيرن سنديون پاٽيون، ويڙهيچن ۾ ورهائينديس.“

انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا درخت  آهن جي ٿر واري ڀاڱي ۾ اهڙو عام نه آهن. مثلاً هڪ درخت ”روهيڙو“ نالي آهي. اهو درخت نهايت شاندار ۽ سهڻو ٿئي ٿو. ٿر جي صحرا لاءِ اهو وڻ هڪ هڪ باغ بهار آهي. بهار جي موسم ۾ ان وڻ ۾ قدرت  الاهيءَ سان  ڳاڙها، سونهري ۽ پيلا گُل  پيدا ٿيندا آهن. جنهن ڪري آهستي آهستي روهيڙن  جا سڄا وڻ، ڪي ڳاڙهن ڪي پيلن ڪي سونهري گُلن سان ڇانئجي ويندا آهن ۽ صحرا ۾ اهو نظارو هوندو آهي جو گويا ائين پيو ڀانئبو آهي ته ڪنهن ڪشمير جي چمن ۾ سير پيو ڪجي. مٺي ۽ ڏيپلي تعلقي ۾ روهيڙو بمقابلتاً ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڇاڇري ۽ ننگرپارڪر تعلقن جي ڪن ڀاڱن ۾ ته ڏهرن جا ڏهر ڀريا پيا  هوندا آهن. سچ پچ باغ جو نظارو به اتي هوندو آهي. هيءُ وڻ تمام مضبوط ۽ سندس ڪاٺ عمارتن جي ڪم اچي سگهي ٿو، مگر اهڙن وڻن  جي ٿورائيءَ سبب انهن کي وڍڻ جي سرڪاري طرح بندش پيل آهي. ڪو به شخص روهيڙي جو وڻ وڍي نٿو سگهي، جهڙيءَ طرح مٿي ذڪر ڪيل ٻيا وڻ عام طور وڍي سگهجن ٿا.

ان کان سواءِ هڪ سرنگهوءَ جو  وڻ پڻ ٿئي ٿو. هن وڻ جو مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن ۾ نالو نشان به ڪونه آهي. ڇاڇري تعلقي ۾ به فقط ڇاڇري شهر ۾ سرڪاري بنگلي جي اڳيان چند وڻ ڏسڻ ۾ ايندا. هيءُ  وڻ بلڪل اُڀو ۽ اتاهون ٿئي ٿو. هن جا پن گهڻو ڪري سونئانجهڙي جي وڻ جي پنن جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سندس ڪاٺ بلڪل ڪچو ٽاڪئون آهي، جهڙيءَ طرح پپر جي ڪاٺي  ٿئي ٿي، بلڪ ان کان به ڪَچو ٿئي ٿو. هن جي ڪاٺي سواءِ  ٻارڻ جي ٻئي ڪنهن به ڪم ۾ ڪانه اچي. نه  وري سندس پن ڪنهن ڪم جا آهن. منجهس ڪوبه ڦل ڪونه ٿئي جو ڪار آمد ٿئي. سرنگهوءَ جو وڻ پارڪر واري اُپٻيٽ ۾ تمام گهڻي انداز ۾ ٿئي ٿو. هن وڻ جي اهڙي  خاصيت آهي جو هن جي ڪاٺيءَ جو ڪو به ٽڪر چاهي اهو هڪ ڏار يا ٽار هجي، جيڪڏهن سرنگهوءَ مان ڀڃي زمين کي فوٽ کن کوٽي اڀو هڻي ڇڏبو ته بنان ڪنهن تڪليف جي ٿوري ئي وقت ۾ ڦٽي  پوندو ۽ پن ڪري وڻ ٿي ويندو. ان ڪري پارڪر ۾ عام  طرح گهرن کي ڍنگهرن جا لوڙها ڏيڻ بدران، ماڻهو گهرن کي چوڌاري قطارن ۾ سرنگهوءَ جون ڪاٺيون کوڙي ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن اهي وڻن جي صورت اختيار ڪندا آهن تڏهن هڪڙي عاليشان سرنگهوءَ جي وڻن  جي ڀت ٺهي پوندي آهي. پريان ائين پيو سمجهبو آهي ته ڪي مانجهاندڙي جا وڻ قطارن ۾ پوکيل آهن، جهڙيءَ طرح ميرپورخاص جا وڻ قطارن ۾ پوکيل آهن، جهڙي طرح ميرپورخاص گورنمينٽ فروٽ فارم يا ٻين سرڪاري بنگلن ۽ باغن وٽ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

 ٻٻر  جو وڻ  جو سنڌ ۾ مکيه وڻ آهي، اهو ٿر ۾ اصل ڪونه ٿئي. ڏيپلي تعلقي ۾ سواءِ سجائي ڏهر جي باقي ڪٿي به ان جي بوءِ  ڪانهي. پر مٺي تعلقي ۾ به سواءِ هڪ  ڳوٺ جنهن کي رندن وارو رائلو سڏبو آهي جو مٺيءَ  کان 8 ميل مفاصلي تي آهي، ٻيو ڪٿي به ٻٻر ڏسڻ ۾ نه ايندو. جنهن کي ڏسي هڪ سنڌي مسافر جي دل گد گد پيئي ٿيندي. ٻٻر جي وڻ کي جو سنڌ ۾  بلڪل نظر  انداز ڪري ڇڏيو آهي سو هتي سروُ ۽ شمشاد  وانگر پيو دل  کي سيبائيندو آهي ۽  ٿر جا ماڻهو اڪثر ٻٻر جا پن، پلڙا، ڇوڏا، گل، لاک ۽ کؤنر مختلف قسمن جي دوائن ۾ ڪم آڻيندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻٻر ٿر ۾ وڏي عزت وارو درخت آهي. جيئن ته اسان مٿي چئي آيا آهيو ته پارڪر وارو ڀاڱو سخت ٽاڪرو زمين جو آهي، تنهنڪري ٻٻر جو وڻ جنهن کي سخت زمين گهرجي ۽ نه وارياسي نرم زمين، سو هتي عام جام آهي. جتي ننگرپارڪر کان ڏونگري ڳوٺ ڏي ويندي رستي تي هڪساري ٻٻرن جي هُڙي ڏسڻ ۾ ايندي، جيئن سنڌ ۾ اڪثر نظر اينديون آهن. مونڌري ۽ آڌيگام جي وچ ۾ پڻ جام ٻٻر نظر ايندا. سنڌي سيلانيءَ جي اکين کي اها ٻٻرن جي هڙي به انهيءَ پٽ ۾ هڪ چمن وانگر نظر ايندي  آهي.

نم جو وڻ ٿر جي سڀ ڪنهن ڀاڱي ۾ پيدا ٿي سگهي ٿو مگر اهو وڻ اتي جهنگلي وڻ نه آهي. هن جو ٻج ٿر ۾ تمام ٿورو آهي. ٿر جي وارياسي زمين ۾ ايترو ريج ئي ڪونه آهي. جو عام طرح جهنگلن ۾ به هي وڻ پيدا ٿي سگهي، تنهن ڪري نم جو وڻ صرف ٿر جي وڏن وڏن ڳوٺن يا شهرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. جتي ماڻهو ڳوٺ ۾ سونهن ۽ ڇانو جي لاءِ وڏين ڪوششن  ۽ ڪشالن سان پوکيندا آهن. ٿر ۾ پاڻيءَ جو مسئلو سخت مشڪل آهي، ان هوندي به  هن وڻ جي ڏاڍي شوق سان آبياري ڪئي ويندي آهي. نم کي وڌندو ڏسي ڳوٺ جو ننڍو وڏو بلڪل نهال  پيو ٿيندو آهي. نم جو ڏندڻ  ملڻ ٿر ۾ بلڪل غنيمت آهي. اڪثر  سنڌ جا ڪامورا جي ٿر ۾ ملازمت  سانگي ويندا آهن، اهي ويچارا نم جي ڏندڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. سنڌ ڏي ايندڙ ويندڙ کي سوال پيا ڪندا آهن ته جڏهن موٽي اچو ته ڏندڻ ضرور پاڻ سان آڻجو. انهن سڪايلن کي جيڪڏهن حلوي جو سير موڪلج ته اهڙو جيڪر خوش نه ٿين، جهڙو نم جي تازن ڏندڻن جي ڊزن ملڻ تي خوش ٿين. ننگرپارڪر ۾ زمين جي  نرالي هئڻ سبب نم جا وڻ به عام جام آهن، جتي نم جي نمورين کي پيڙي انهن جو تيل ڪڍيو ويندو آهي، جو اڪثر ڪري سڀ ڪو سنڌي  مسافر سوغات طور هڪ  ٻه شيشو خريد ڪري کڻي ويندو آهي. نم جو تيل ڪيترن دوائن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ڪيترن مرضن جو علاج آهي. ڪَن جي سور لاءِ ته حڪمت آهي. ان جا چند ڦڙا نيم گرم ڪري ڪَنَ ۾ وجهڻ سان ڪَنَ جي سور کي يقينا آرام بخشين ٿا.

انهن وڻن کانسواءِ ٿر ملڪ ۾ ٻيو ڪو به اُتاهون وڻ ڪو نه آهي جنهن جو ذڪر ضروري هجي. صرف ايترو لکڻ واجب آهي ته ننگرپارڪر شهر جي ويجهو ڪاسبي جي ڳوٺ ۾ هڪ هندو سيٺ گهڻي زماني کان هڪ باغ رکايو هو، جنهن کي کوهه جو پاڻي ڏيئي آباد ڪيو هئائين. اهو باغ جيتوڻيڪ اها شروعاتي رونق ڇڏي ويو آهي ۽ ڪيترا ميويدار وڻ هاڻي سڙي يا ڪپجي ويا آهن، تاهم باغ موجود آهي، جنهن ۾ انبن، ليمن، ڏاڙهون ۽ زيتونن جا وڻ اڃا به موجود آهن ۽ اتي ڀاڄيون بصر وغيره به هر موسم ۾ پوکيو وڃي ٿو ٻيو خير ئي خير.

ٿر جي ننڍن ڳوٺن وارن پرائمري اسڪولن جي ٻارن کي ته اها به خبر نه آهي ته ميوا ڇا ٿيندا آهن يا گلاب ۽ موتي جا گل ڪهڙي بلا جو نالو آهي. هنن غريبن لاءِ پپون، چڀڙ، جهنگلي هنداڻا ۽ ريڀڙيون خداتعاليَ جي  جملي نعمتن جو نچوڙ آهي، جي هنن اکين سان ڏٺا ۽ واپرايا آهن.

ليار جو وڻ جنهن لاءِ اڪثر سنڌي شاعرن مارئيءَ جي بيان  ۾ اشارو ڪيو آهي اهو وڻ ٿر ۾ بلڪل ورلي ٿئي، باقي ننگرپارڪر شهر ۽ ان جي آسپاس جام ٿيندو آهي. ان وڻ جو هر هڪ سنڌي باشندو چڱيءَ طرح واقف آهي، لهذا ڪنهن به تفصيل ڏيڻ جي  ضرورت نٿي محسوس ڪجي. سندس مزيدار لعابي ۽ لڳلڳدار سونهري ڦل بلڪل سوادي ۽ وڻندڙ آهي.

اهي ٿيا ٿر جا درخت. ضروري آهي ته ناظرينن کي ٿر جي ٻوٽن سان به آشنا ڪيو وڃي. ٿر جا ٻوٽا! سبحان الله! بيان ڪرڻ کان اڳ فقط انهن جو تصور ئي دل ۾ هڪ عجيب  ڪيفيت پيدا ڪري ٿو ڇڏي. اڪ، ٿوهر، ڦوڳ، موراڙيون، ٻائريون، جهلون، کَپُون، ٻُوهه، ٻيريون، سڻون، لاڻيون، ڪرڙ، هيرڻ، گگلڻ، ڳانيليون، ارڻيون، ڀَٽِ ڪنواريون وغيره وغيره اهي آهن ٿر بر جا  ٻوٽا، جن سان ٿر جي وارياسي زمين ڇانئي پيئي آهي. هر هڪ ٻوٽي جو مختصر بيان هن ڪتاب ۾ جنهن جو مقصد ئي آهي ريگستان جو مڪمل سير، موجوده هئڻ نهايت ضروري آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org