سيڪشن؛  دينيات

ڪتاب: شانِ رسول

باب: --

صفحو : 9

 اَلحَمدُاللهِ

ڀلي آيو سَڄڻ الحمدالله

پِرين جو ٿيو پَسڻ الحمدالله

ڪئي موليٰ اسان تي مهرباني

مليو ماکي مکڻ الحمدالله

خوشين ۾ پيو کلي سنسار سارو

ويو رُڪجي رُئڻ الحمدالله

سڄي دنيا جي گهر گهر جو آ روشن

ٿيو ايوان اڱڻ الحمدالله

مڪو ٿيو محترم، ٿيو آ انهيءَ ۾

عجيبن جو اچڻ الحمدالله

حبيبن جي هٿان ڪعبي جي اندر

بُتن جو ٿيو ڀَڄڻ الحمدالله

وڃي ماري ٿو جنّت کي مزي ۾

مديني جو ڏسڻ الحمدالله

اسان جي ڀاڳ جي آهي نشاني

محمّد جو ملڻ الحمدالله

محمّد جي ملڻ جي ڳالهه نڪري

ته پو گهرجي پڙهڻ الحمدالله

مدينو ”شاد“ کي ڏيکار موليٰ

گهٽين ۾ ٿئي گُهمڻ الحمدالله

 

 بسم الله 

ڀلي آيو محمّد مصطفيٰ بسم الله

پڙهو صلوات سيّد جي مٿان صد بار بِسم الله

زمين کان عرش تي پهتيون، نبي جي نور جون لاٽون

انڌارا ويا هليا، چوڌار ٿيو چمڪار بِسمِ الله

هڻن هر هر ملائڪ پيا مبارڪباد جا نعرا

وڌا، حورن حليمان کي هٿن سان هار بِسمِ الله

چون پيا انبيا گڏجي ته عبدالله جي گهر ۾

ڀلي آيو اسان جو پيشوا پڳدار جي گهر ۾

برن ۾ ٿيون بهاريون ۽ سڪر ساڻيهه ۾ آيا

کلي خوشبو هلي هرجاءِ تي هٻڪار بِسمِ الله

وئي هر مونجهه مايوسي مٺي مرسل جي آمد سان

خوشين ۾ ٿيو کلي کيرو، سڄو سنسار بِسمِ الله

ڏڪڻ ڦرڪڻ لڳا بت ۽ ڀڳي بر منهن ڪري بدعت

اچي ويو دين ۽ حق جو علمبردار بِسمِ الله

رکيو رب تاج لولاڪي، سچي سردار جي سر تي

دو عالم جو ويو ٿي مالڪ و مختار بِسمِ الله

مليو رهبر، سخي سرور، اڙين آڌر، ولهين واهر

ضعيفن جو به ضامن ۽ يتيمن يار بِسمِ الله

ولادت مصطفيٰ جي تر ڪري ٿو ”شاد“ شڪرانا

ملي ويو گل حسن گوپانگ کي غمخوارِ بِسمِ الله

 

ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

محمّد جو سَڏائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

نبي سان نِينهن لائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

اَٿِي قرآن جو تفسير حضرت جي حديثن ۾

هنئين سان جي هنڊائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

محمّد مصطفيٰ جون مهربانيون بي شمار آهن

ڳُڻن کي روز ڳائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

نبي جي راهه رستي کان نه پٺتي پير ڪر پنهنجا

وِکون اڳتي وڌائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

شهنشاهي ڪندين ڪاڏي، محمّد جي غلامن ۾

اگر نالو لکائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

ڏنا آهن نبي نورالهديٰ هيرا هدايت جا

پلئه پنهنجي ۾ پائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

ڇڏي ٻيا نينهن ۽ ناتا نبي سان تون رکي ناتو

اهو ناتو نڀائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

محمّد مصطفيٰ نسخا نصيحت جا ڏسيا آهن

انهن کي آزمائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

عداوت ۾ سچو سرور سٺو ٿو صلح کي سمجهي

خَلل کيٽا کُٽائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

سچي سردار جي ساراهه ثنا جون، ”شاد“ شعرن ۾

پيو ٻوليون ٻُڌائيندين ته ٻيڙا پار ٿي ويندءِ

 

هليو آءُ

دربارَ محمّد ۾ ادا ڀاءُ هليو آءُ

ڪر دل ۾ ڪوئي خوف نه ڊپ ڊاءُ هليو آءُ

سڀ وهم ۽ ويچار اڃا ڇو نه ٿو وارين

دل ڇو ٿو هڻين ڪر نه ڪو سوداءُ هليو آءُ

آئين نه اڃا توسان رُٺل آهي مقدّر

قسمت ۽ قضا سان ڪر پرچاءُ هليو آءُ

ٻڌ غور سان، قرآن سان ملن ٿيون جي حديثون

سردار جي صحبت جو وٺڻ ساءُ هليو آءُ

ايندين جي محمّد ڏي ڏکيو ڏينهن نه ڏسندين

ڪوسو نه زماني ۾ لڳئي واءُ هليو آءُ

رک ايڏي محمّد سان محبّت، جو انهيءَ تان

قربان ڪرڻ واسطي پيءَ ماءُ هليو آءُ

جاٿي به پيمبر جي هلي پيار جو پرچار

ڪن تنهن جي پوي پيار جو پڙلاءُ هليو آءُ

دشمن سان نه ڪر دشمني، ٻڌ حڪم نبيءَ جو

دشمن سان ڪيون دوست جو برتاءُ هليو آءُ

لهه ڳولي دوا لاءِ دواخانو نبيءَ جو

رهندءِ نه طبيعت ۾ تپش تاءُ هليو آءُ

سرور جو ثناگر آ، ثنا آهه ڪندو ”شاد“

جِتِ ڀي ٻُڌين گوپانگ جو غوغاءُ هليو آءُ

 

بيان ڪٿي

نبي جو شان ڪري ٿو سگهان بيان ڪٿي

زبان منهنجي ڪٿي ۽ نبي جو شان ڪٿي

زبان مشڪِ ختن سان، مَليان مَليان، مهٽيان

ته ڀي ادب جو ڪندس پاس، امتحان ڪٿي

هو ڪائنات جو سردار، مان غلام ادنيٰ

زمين آهي ڪٿي، آهه آسمان ڪٿي

ملي حياتي اگر مون کي تا بروز قيام

ته ڀي ثنائي نبي جو، ڪندس ندان ڪٿي

نبي ٿئي ها نه رهبر ته پوءِ امت جو

رسي ها منزلِ مقصد تي ڪاروان ڪٿي

ڪندو مديني جي خوشبو سان همسري يارو

چمن يا باغ يا گلشن يا گلستان ڪٿي

نبي ٿو فرش تان دعوت ۾ عرش تي پهچي

ڪٿان گهرائي ٿو مهمان کي ميزبان ڪٿي

جهڪايان سر کي نبي جو وڃي چمان چائنٺ

ٻيو سجهي ٿو جهڪڻ لئي نه آستان ڪٿي

ڍڪائي ويس ته ڇورا ڇنان به ڪن عيدان

نظر نه آيو محمّد جان مهربان ڪٿي

وڏو آ آسرو احمد ۾ گل حسن گوپانگ

ڇڏيندو حشر ۾ امت جو پاسبان ڪٿي

 

روشني پهتي

محمّد مصطفيٰ پهتو، جهان ۾ روشني پهتي

نِدورن غم پِرايو خوشنصيبن کي خوشي پهتي

خزان جو خاتمو ٿي ويو، مٺي مرسل جي آمد سان

بهار آيو دو عالم جي چمن ۾ تازگي پهتي

خدا جو هو تصور ڪونه، انسانن جي ذهنن ۾

خدا آڏو جهڪيا انسان خدا جي بندگي پهتي

ڪندا ها ڏاڍُ، ڏاڍا پر، ڏري پيا ڏيل ڏاڍن جا

وڃي ملڪِ عدم ۾ بيڪسن جي بيڪسي پهتي

نبي نورالهديٰ تي، مصطفيٰ منهندار مرسل تي

اسان ڪلمو پڙهيو ايمان کي آ پختگي پهتي

مقّدر ٿي ويا روشن، ڀليرا ڀاڳ ٿا ڀانيون

اسان جي قسمتن کي آ بلندي برتري پهتي

ڏسي اخلاق احمد جو، مخالف ميڻ بڻجي ويا

عداوت جنگ جهيڙي ۾ فضائي دوستي پهتي

ڪيو انسانيت کان محسنِ انسانيت واقف

سراپا مرده جسمن ۾ نئين ڪا زندگي پهتي

شڪي ٿيو شرڪ ڏاڍو ۽ ڪِري بر منهن ڀڳي بِدعت

جڏهن قرآن پهتو ۽ نبي جي پيروي پهتي

اسان تي ”شاد“ هي الله جو ٿورو نه ٿورو آ

محمّد رهنما ٿيو رهنما جي رهبري پهتي

 

محمّد جي ڪري

روشني آئي ستارن ۾ محمّد جي ڪري

نور ٿو ڏسجي نظارن ۾ محمّد جي ڪري

ڪفر ۽ الحاد جي ساڙي خزان سنسار پئي

وڻي مبّدل ٿي بهارن ۾ محمّد جي ڪري

حسن وارن کي ڏسي هرڪو ٿئي حيران ٿو

حسن آيو حسن وارن ۾ محمّد جي ڪري

جي وجهون ٿا واسطا رب کي رسول الله جا

ٿيون لڳن ڪشتيون ڪنارن ۾ محمّد جي ڪري

دَرسَ دنيا کي ويا، مهرو محبّت جا ملي

قرب آيو قربدارن ۾ محمّد جي ڪري

دين جا دشمن ڪٽا ڪافر به مؤمن ٿي ويا

دين آيو ديندارن ۾ محمّد جي ڪري

مرڪندي مردن ڏنا سر دين تي، پهتي اها

جانثاري جانثارن ۾ محمّد جي ڪري

ڪوبه بدلائي سگهيو ناهي نظامِ ڪائنات

چنڊ اڌو اڌ ٿيو اشارن ۾ محمّد جي ڪري

ڪونه اسان جون صورتون بدليون، اِها آئي ڪمي

آ خدا جي اختيارن ۾ محمّد جي ڪري

”شاد“ جاڳي پيا شفاعت جا اُميدون آسرا

بيڪسن ۽ بي سهارن ۾ محمّد جي ڪري

 

رسول جي

هردم هجي زبان تي، مدحت رسول جي

مؤمن اهو آ جنهن کي محبّت رسول جي

هت ڀي اهو، هتي به اهو آهه سرفراز

جنهن جي مٿان رهي ٿي عنايت رسول جي

عشقِ رسول ناهه ته عشقِ خدا فضول

الله سان ملائي ٿي الفت رسول جي

نيڪي بدي جي فرق کي ظاهر ڪيو رسول

جڳ کي هئي تمام ضرورت رسول جي

مهمان مصطفيٰ ته ٿيو ميزبان خدا

عرشِ عُليٰ تي آهه ٿي دعوت رسول جي

ڪريو عمل نبي جي اصولِ حيات تي

انسانيت جو درس آ سيرت رسول جي

حڪمِ خدا نبي ۾ نه آهي ڪو امتياز

راههِ نجات آهي اطاعت رسول جي

لٻ ٿو لڳائي زهر جو زائل ٿئي اثر

حيرت ۾ ٿي وجهي ڇڏي، حڪمت رسول جي

آڱر جي ٿو اشاري سان شقّ القمر ٿئي

هر شيءِ مٿان رهي ٿي حڪومت رسول جي

محشر جي امتحان جو خوف و خطر نه آ

ٿيندي اسان تي ”شاد“ شفاعت رسول جي

 

الفت رسول الله جي

جيڪو دل ۾ ٿو رکي الفت رسول الله جي

ٿي رهي ان جي مٿان شفقت رسول الله جي

آهي ٿي اعليٰ اُتم عزّت رسول الله جي

ڪئي خدا قرآن ۾ مدحت رسول الله جي

لٻ لڳائي نانگ کاڌي کي، ڇُٽي آزار کان

ٿي وجهي حيرت ۾ هي حڪمت رسول الله جي

پُٽَ ڪُهِي قربان ڪيئي، جانب اهي جيئرا ڪيا

هئي جڏهن جابر جهلي، دعوت رسول الله جي

تون صلواتون ٿو پڙهين، تنهنجون صلواتون ٿو ٻڌي

ڪين گهٽ سمجهڻ کپي طاقت رسول الله جي

ٿيو نبّين ۾ نبي آ رحمتُ الِلعالمين

ٿي جهانن تي وسي رحمت رسول الله جي

وڻ به حڪمن سان هليا، پٿر به وئي ڪلما پڙهيا

ڏس ذرا کولي اکيون عظمت رسول الله جي

ڀاڳ ها تن جا ڀلا قربان مان تن تان ٿيان

جيڪي خادم ٿيا ڪيئون خدمت رسول الله جي

ڪافرن ڀي آ سڏيو سردار کي صادق امين

ٿا صداقت ۾ ڏسو سبقت رسول الله جي

گل حسن گوپانگ کي هردم اندر ۾ آس آ

شل مديني ۾ ڏسان تربت رسول الله جي

 

ٺيڪ ناهي

در نه ڇڏ پنهنجي نرمل نبي جو ٻئي جي در وڃڻ ٺيڪ ناهي

جنهن جي در تي ملائڪ جهڪن ٿا ان کان ڀيرو ڀڃڻ ٺيڪ ناهي

 

ڏٺو سرور جو هو ڪنهن نه سايو ڳالهه اهڙي کي ڇو ٿا لڪايو

نور چئه نور چئه مصطفيٰ کي پاڻ جهڙو چوڻ ٺيڪ ناهي

 

جام ڪوثر پياري ڇڏيندو پارِ پُل تان اُڪاري ڇڏيندو

جيڪو وارث وسيلو ولهين جو سو وِساري ويهڻ ٺيڪ ناهي

 

راهه رستا ٻيا ڀي ڏسيندءِ اهي محشر ۾ ڪم ڪونه ڏيندءِ

راهه رستي نبي جي تي هل تون واٽ ٻي ڪا وٺڻ ٺيڪ ناهي

 

”شاد“ پيو صبح کان شام تائين ڪر تون سيّد جي سارهه سدائين

شاعري ۾ ثنا ڪر نبي جي شعر ٻيو ڪو لکڻ ٺيڪ ناهي

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org