خودمختياريءَ جھڙي اھم ۽ مک مسئلي جي فيصلي
کانسواءِ ڇڏي ڏيڻ، ھڪ سنگين غلطي ھئي. اوڀر
پاڪستان ۾ اجازت ڏني وئي، تھ چونڊون ان اڻ نبيريل
مسئلي تي وڙھيون وڃن. ماڻھن جي بنيادي جذبن کي
ڇيڙڻ لاءِ، ايترو گھڻو وقت ڏيڻ بھ ايڏي ئي وڏي
غلطي ھئي. الھندي حصي ۾ ھڪ ترقي پسند پارٽي چونڊن
۾ نمايان ڪاميابي ماڻي. جيڪڏھن ائين نھ ٿئي ھا، تھ
پاڪستان اڄ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ھجي ھا. اوڀر پاڪستان ۾،
بھرحال ترقي پسند قوتن کي انتھائي ناڪاميءَ جو
منھن ڏسڻو پيو. باقي ٻيون پارٽيون تھ اوڀر پاڪستان
۾ لڙھي ويون، ۽ اھڙي ڪابھ شيءِ نھ رھي، جيڪا عوامي
ليگ کي قابو ۾ رکي سگھي.
سڀ کان وڌيڪ ڌيان جوڳي سچائي اھا آھي، تھ قانوني
ڍانچي ۾ صوبائي خودمختياريءَ متعلق جيڪو فقرو ڏنل
آھي، اھو مارچ
1971ع
کان وٺي، جڏھن اھو لاڳو ڪيو ويو، ويندي
6
مارچ
1971ع
تائين، ڇھن نڪتن کي چئلينج لاءِ واپرايو ئي نھ
ويو. قانوني ڍانچي واري آرڊر ۾ چيو ويو ھو، تھ
صوبن کي وڌ ۾ وڌ خودمختياري مليل ھوندي، پر ”وفاقي
حڪومت وٽ پڻ قانون ٺاھڻ، انتظاميا ۽ ماليات متعلق
ايترا اختيار ھوندا، جن ذريعي اھا پنھنجون اندروني
۽ ٻاھريون جوابداريون پوريون ڪري، آزاديءَ جو
بچاءُ ڪري ۽ ملڪي سرحدن جي سلامتي برقرار رکي
سگھي.“ ڇھھ نڪتا ان فقري جي بنھھ ابتڙ ھئا، پر
ھڪومت ڇھن نڪتن متعلق ڪابھ چِٽائي نھ ڪئي. جڏھن تھ
ان پروگرام کي پاڙ ھڻڻ جي اجازت ڏني وئي. اوڀر
پاڪستان ۾ ان جي گورنر کلي عام ڇھن نڪتن جي
مشھوريءَ جي وڪالت ڪئي. قانوني ڍانچي لاڳو ٿيڻ کان
پوءِ ھڪ ورھيھ تائين، جڏھن صدر
6
مارچ تي قوم نالي خطاب نشر
ڪندي خاطري ڏياري، تھ قانوني ڍانچو ھڪ اھڙي آئين
جي ضمانت ھوندو، جنھن ۾ پاڪستان جي سلامتيءَ خلاف
ڪابھ ڳالھھ نھ ھوندي، ان سلسلي ۾ ڪجھھ بھ نھ ڪيو
ويو. اھا خاطري اصل ۾ ڇھن نڪتن متعلق ھئي- پر ان
وقت تائين سچ پچ تھ گھڻي دير ٿي چڪي ھئي.
حڪومت ۽
اڪثريتي جماعتون
حڪومت عوامي ليگ ۽ ان جي ڇھھ نڪاتي پروگرام کي
ايترو ڇوٽ ڇڏڻ جي اجازت نيٺ ڏني ڇو؟ ان لاءِ
ڪيترائي سبب آھن، پر سڀ کان مک سبب، کاٻي ڌر سان
ساڙ ۽ ڌڪار ھو.ا ختياريءَ وارن شيخ مجيب الرحمان
طرفان صوبائي ڪمانڊ ھيٺ ملٽري جھڙو ھڪ فورس جوڙڻ
تي تھ ڪنھن بھ ناخوشگواري جو اظھار نھ ڪيو، ڇوتھ
اھو فورس کاٻي ڌر کي ڪچلڻ لاءِ گھربل ھو، پر ان جي
ابتڙ، پيپلز پارٽي جڏھن الھندي حصي ۾ ساڳئي قسم جو
فورس جوڙڻ گھريو، تڏھن حڪومت انتھائي حساسيت جو
اظھار ڪيو. مجيب الرحمان ٻٽاڪ ھنئي ھئي، تھ ھو
اوڀر پاڪستان مان کابي ڌر کي ختم ڪري ڇڏيندو. ھيءَ
خاطري انھن لاءِ ھئي، جييڪي حالتون جيئن جو تيئن
برقرار رکڻ جا حامي ھئا. وڏن واپارين ۽ ڪاموراشاھي
۾ انھن جي ايجنٽن، حڪومت کي انھيءَ تي آمادھ ڪيو،
تھ عوامي ليگ کي شڪ جو فائدو ڏيڻ گھورجي. مرڪزي
حڪومت جا وزير پيپلز پارٽيءَ کان چِڙندا ۽ ساڙ
ڪندا ھئا، ۽ مجيب الرحمان کي انھن مان ڪيترن جي
پٺڀرائي ھئي. اھي وزير رڳو اوڀر پاڪستان مان کنيل
نھ ھئا، پر الھندي پاڪستان مان پڻ. الھندي پاڪستان
جو ھڪ وزير محترم محمود ھارون وڏي فخر سان عوامي
ليگ جي اڳواڻن سان پنھنجي آڳاٽن لاڳاپن جو ذڪر
ڪندو ھو. ھن جي وڏي ڀاءُ محترم يوسف ھارون، جنھن
جا پرڏيھي ملڪن سان لاڳاپا ۽ ماضي داغدار ھو، جنھن
لاءِ مجيب الرحمان انشوئرنس ايجنٽ طور ڪم ڪندو ھو،
دعويٰ ڪئي تھ ھن حڪومت ۽ عوامي ليگ وچ ۾ ايلچيپڻي
جو ڪم ڪيو ھو، ۽ ھن عوامي ليگ جي ڪافي مالي مدد پڻ
ڪئي ھئي. عوامي ليگي اڳواڻن کي الھندي ملڪن جي
طاقتن جي بھ پٺڀرائي ھئي، ۽ ان سچائيءَ کان حڪومت
کي پڻ چڱيءَ ڄاڻ ھئي.
اوڀر پاڪستان ۾ ترقي پسند طاقتن جي خاتمي لاءِ
ڪيترا طاقتور اثر، سمورو وقت عوامي ليگ جي پٺڀرائي
۾ ڪم پئي ڪيو. اھو ئي سبب آھي، جو عوامي ليگ، ھڪ
علحدگي پسند پارٽي، باعزت بنجي وئي. اھو ئي سبب
آھي، جو شيخ مجيب الرحمان طاقت جو سرچشمو بنجي
ويو، نھ تھ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي اھڙي
بيمثال ڪاميابيءَ جو ڪوبھ امڪان نھ ھو. چونڊن کان
رڳو ڪجھھ مھينا اڳ جي رپورٽ ھئي، تھ عوامي ليگ پاڻ
جڏھن ھڪ پولنگ تي آزمائشي چونڊون ڪرايون، تڏھن ان
ڏٺو تھ سمورن ووٽرن ۾ سندن پارٽيءَ جو تعداد
چاليھھ سيڪڙي کان وڌيڪ نھ ھو. انھيءَ انڪشاف کان
پوءِ عوامي ليگ اولھھ پاڪستان لاءِ ڌڪار ۽ گارگند
جي مھم گھڻو تيز ڪئي. ھن موتمار زھر کي روڪڻ لاءِ
ڪا ھڪ آڱر بھ نھ کنئي وئي. عوامي ليگ جا ورڪر ۽
غنڊا پوري آزاديءَ سان ووٽرن وٽ وڃي کين دٻائيندا
رھيا ۽ صوبائي انتطاميا کين ڪجھھ بھ نھ چوندي ھئي.
اھو سمورو عرصو اوڀر پاڪستان جي ملٽري گورنر جون
ھمدرديون مجيب الرحمان سان شامل رھيون، ۽ اھڙي
ماحول ۾، چونڊن کان پوءِ بھ عوامي ليگ جون
سرگرميون جاري رھيون.
اھو تضاد بھ ڏسجي، تھ محمود ھارون ۽ جنرل شير علي٤
جھڙن مرڪزي حڪومت جي وزيرن چونڊ مھم وارو سڄو سال،
ان کان اڳ ۽ پوءِ پڻ، پيپلز پارٽيءَ خلاف کلي عام
ڪم ڪيو. جڏھن سانگھڙ ۾، مون تي ۽ منھنجي پارٽيءَ
جي دوستن تي ڏينھن ڏٺي جو ھڪ مڇريل ۽ جنوني گروھھ
قاتلاڻو حملو ڪيو، تڏھن ڪجھھ ڏوھارين خلاف معمولي
۽ نالي ماتر قدم کڻي، ان واقعي تي پردي وجھڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي. جيل ۾ بھ اسان جي ئي ڪيترن پارٽي
ورڪرن کي وڌو ويو. حقيقت ۾، انھيءَ سبب ئي اسان جي
پارٽيءَ جا ڪيترا اميدوار چونڊن تان ھٿ کڻي ويا.
قومي اسيمبليءَ جا ٻھ اميدوار جيل ۾ ھوندي بھ
ڪامياب ٿيا. چونڊن کان رڳو ھڪ يا ٻھ ڏينھن اڳ
پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن جا پولنگ ايجنٽ گرفتار
ڪيا ويا. لاڙڪاڻي ۾ منھنجي گھرواري تڪ ۾، چونڊن
کان ٻھ ڏينھن اڳ غنڊن کي ڇوٽ ڏني وئي، تھ اھي
ووٽرن کي ڊيڄاري منجھن ڀو ڦھلائين.
الھندي پاڪستان ۾ پيپلز پارٽي، جنھن لاءِ حڪومت جو
اندازو ھو، تھ اھا ويھھ سيٽون بھ نھ کڻي سگھندي،
88
سيٽون کڻي ڪامياب ٿي. اھو
پنھنجي طور ھڪ انقلاب ھو. پيپلز پارٽي اھڙين طاقتن
کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ماڻي، جيڪي ناقابل شڪست
سمجھيون وينديون ھيون. ھن سمورن رجت پسند عنصرن ۽
مفادپرستن جي گڏيل طاقت کي شڪست ڏني. جيڪڏھن ڪا
غيرجانبدار انتظاميا ھجي ھا، تھ پيپلز پارٽي قومي
اسيمبليءَ جون ھڪ سؤ کان گھٽ سيٽون نھ کڻي ھا، ۽
ايئن ٿي نٿي سگھيو، تھ عوامي ليگ ان کان وڌيڪ سيٽن
تي سوڀاري ٿئي ھا.
چونڊن جي نتيجي طور حڪومت، الھندي حصي ۾ حقيقي
سياسي طاقت سان جائز رويو واپرائڻ جي گھرج سمجھيو.
پيپلز پارٽي قومي مسئلو سلجھائڻ جي ڳولا لاءِ،
ڪنھن ھٻڪ بنا حڪومت سان سھڪار ڪيو. چونڊن کانپوءِ
ڪراچيءَ ۾ صدر يحييٰ خان سان پھرين ملاقات ۾ مون
کيس ٻڌايو ھو، تھ جيستائين منھنجو ناتو آھي، آئون
ان رويي تي ڳالھائڻ نٿو چاھيان، جيڪو چونڊ مھم
واري سڄي سال کان اڳ ۽ پوءِ انتظاميا طرفان پيپلز
پارٽيءَ سان رکيو ويو. منھنجي لاءِ ماضيءَ جي ڪا
سچائي نھ آھي، منھنجي آڏو رڳو قومي مفاد آھي ۽
انھيءَ جذبي سان آئون ايندڙ صورتحال کي ڏسندس.
انھيءَ جذبي پٽاندر پيپلز پارٽي عوامي ليگ سان
سھڪار ڪرڻ پئي گھريو، پر عوامي ليگ جي اڳواڻن جا
ارادا قومي مفاد وٽان نھ ھئا، جنھنڪري ڪوبھ بامقصد
سھڪار ملي نھ سگھيو.
اقتدار جي منتقليءَ جي سلسلي ۾، ٻنھي حصن جي
اڪثريتي جماعتن جو ڪنھن گڏيل ٺاھ تي پھچڻ ضروري
ھو، پر حقيقت ۾ ھٿياربند فوجون، جن وٽ اقتدار جون
واڳون ھيون، ۽ جن کي اقتدار منتقل ڪرڻو ھو، سي پڻ
واسطيدار ڌر ھيون. گڏوگڏ قانوني ڍانچي واري
حڪمنامي سبب صدر پڻ ھن سلسلي ۾ ھڪ ڌر بڻجي چڪو ھو.
ھٿياربند فوجن جي سرواڻ طور صدر يحييٰ خان سياسي
ڳالھھ ٻولھھ ۾ اھم ڪردار نڀايو. ھن
3
نومبر
1970ع
تي چونڊن کان اڳ ۽ پوءِ جنوري ۽ مارچ ۾ شيخ مجيب
الرحمان سان ڊگھيون ڳالھيون ڪيون.
18
جنوريءَ تي، لاڙڪاڻي جي ھوائي
اڏي تي صدر صحافين کي ٻڌايو ھو، تھ ھو بھ ھن زنجير
جي ڪڙي آھي. بلڪ صدر يحييٰ خان تھ ھڪ ڪڙيءَ کان بھ
وڌيڪ ڪردار نڀائڻ لاءِ تيار ھو. ھن عوامي ليگ سان
ڪنھن سمجھوتي لاءِ اھو سڀ ڪجھھ ڪيو، جيڪو سندس
اختيار ۾ ھو. ايستائين جو ھن مجيب الرحمان کي
”پاڪستان جو ايندڙ وزيراعظم“ بھ ڪوٺيو ھو. ھو ڪنھن
بھ سمجھوتي لاءِ کاھيءَ جي ڪناري تائين وڃڻ لاءِ
بھ تيار ھو.
شيخ مجيب الرحمان
انھيءَ سڀڪجھھ ھوندي، شيخ مجيب الرحمان ناڪام
رھيو. ھو جنھن صورت ۾ اقتدار جي چانئٺ تي پھچي چڪو
ھو، پوءِ بھ ھو ڇو ڪامياب نھ ٿي سگھيو؟ پھرئين
ڏاڪي ۾ ھو بيشڪ پاڪستان جو وزيراعطم بنجي سگھيو
ٿي، ۽ پوءِ پنھنجي پارليامينٽري اڪثريت سان، شھري
انتظاميا ۽ ھٿياربند فوجن تي ضابطو آڻي، علحدگي
پسند سياستدانن ۽ الھندي پاڪستان جي موقعي پرستن
جي سھڪار ۽ گڙنگ واپارين جي پٺڀرائيءَ سان ھو
پنھنجي پوزيشن ٺاھي، ٻئي ڏاڪي ۾ پنھنجو بنگلاديش
وارو مقصد ماڻي سگھي ھا. پر شيخ مجيب الرحمان
پنھنجو وجھھ وڃائي ويٺو. اھو وجھھ سندس ھٿ ۾ ھو،
پر ھو اھو پنھنجي ھٿان وڃائي ويٺو. تباھي ھن جو
مقدر بڻي. ملڪ کي رتوڇاڻ ۾ ڌڪيو ويو. ھن جي ماڻھن،
اسان جي ماڻھن جون مصيبتون، ھن جي وعدي جي ابتڙ،
ختم تھ نھ ٿيون، پر ويتر وڌي ويون. جيڪڏھن اھا
بنھھ چريائپ نھ ھئي، تھ بھ ان ڪو تھ سبب ھوندو؟
پھرين مارچ کان اڳ يعني صدر طرفان قومي اسيمبلي
ملتوي ڪرڻ کان اڳ، شيخ مجيب الرحمان جي حڪمت عملي
اھا ھئي، تھ آئيني علحدگي ٻن ڏاڪن ۾ ماڻي وڃي.
پوءِ جيڪڏھن ناممڪن نھ، تھ بھ ھٿياربند فوجن لاءِ
اھو ڏاڍو ڏکيو ٿئي ھا، تھ پاڪستان جي ھڪ قانوني
طور اقتدار ۾ آيل وزيراعظم کي غدار جو لقب ڏيئي
سگھن. ساڳيءَ طرح صدر يحييٰ خان لاءِ بھ اھو ڏاڍو
ڏکيو ٿئي ھا، تھ ڇھھ نڪاتي آئين کي، ھڪ ڀيرو قومي
اسيمبليءَ ۾ بحال ٿيڻ کان پوءِ، رد ڪري ڇڏي. شيخ
مجيب الرحمان اِھا رٿ رٿي ھئي، تھ پھرئين ڏاڪي ۾
ھو پاڪستان جو وزيراعظم بڻجي ۽ بعد ۾ پنھنجو
اقتدار ڄمائڻ کان پوءِ، ٻئي ڏاڪي ۾ ھن جو ارادو
پنھنجو آخري مقصد ماڻڻ ھو. ھن اھڙو ماحول جوڙڻ
چاھيو ٿي، جنھن ۾ ھو آئيني ۽ قانوني ذريعن سان،
پاڪستان جي ٻنھي حصن کي سولائيءَ سان الڳ الڳ ڪري
سگھي. پھرين مارچ کانپوءِ اھا رٿابندي بلڪل بدلائي
وئي. جنھن وقت اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو،
مجيب الرحمان کي الڪو ٿيو، تھ ھن جو رازو پڌرو ٿي
چڪو آھي، تنھنڪري ھن مرڪزي حڪومت سان بغاوت جو
فيصلو ڪيو.
جيڪڏھن شيخ مجيب الرحمان قومي اسيمبليءَ جي اجلاس
کان اڳ سرچاءُ لاءِ ڳالھائي ھا، تھ ھو پنھنجا
مطالبا گھڻي حد تائين ماڻي سگھي ھا. پر اھو ڪافي
نھ ھو. ھن گھريو ٿي تھ ھن جا سمورا مطالبا لکيت
موجب قبول ڪيا وڃن، تھ جيئن کيس پنھنجو ٻئي ڏاڪي
وارو مقصد ملي سگھي. ھن کي ڊپ ھو، تھ جيڪڏھن ڇھھ
نڪتا مڪمل مڃڻ کان ڪابھ ڳالھھ گھٽ ٿي، ۽ ان سان
لاڳو ٻيا مطالبا بھ نھ مڃيا ويا، تھ پوءِ پاڪستان
جي وزيراعظم ھوندي بھ، کيس قانوني طور علحدگي ماڻڻ
۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي؛ تنھنڪري ھن قومي اسيمبليءَ
جي اجلاس کان اڳ ڪنھن بھ ٺاھ کان بلڪل انڪار ڪيو.
شيخ مجيب الرحمان اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ بھ
پنھنجن مطالبن مان گھڻا منظور ڪرائي سگھي ھا، پر
پوءِ ھن قومي اسيمبليءَ ذريعي انھن مطالبن جي
پوراءُ واريءَ تجويز بھ ٿڏي ڇڏي. اھا تجويز ھن
انڪري ٿڏي، جو حالتن کيس وقت کان اڳ پنھنجن اصلي ۽
اندروني ارادا پڌرا ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ ھن سڌو
سنئون علحدگيءَ جو مطالبو ڪيو. صورتحال
پارليامينٽري ڏاڪي کان گھڻو مٿي چڙھي چڪي ھئي. اھو
ضروري ٿي پيو ھو، تھ اوڀر پاڪستان جي اقتدار تي
زوري قبضو ڪجي ۽ قومي اسيمبليءَ کي وساري ڇڏجي.
پڇاڙيءَ ۾ شيخ مجيب الرحمان
کي ڪھڙيءَ ڳالھھ غلط اندازو لڳرايو، اھا شايد
ايندڙ ڪافي عرصي تائين ڳڄھارت رھندي. شايد ھن ۾
گھرج کان وڌيڪ خوداعتمادي اسري چڪي ھئي ۽ ھو پاڻ
جھلي نھ سگھيو. ڪجھھ ماڻھن جو ويچار آھي، تھ مٿس
انتھاپسندن جي دٻاءَ ھئڻ سبب ايئن ٿيو. انھيءَ جي
جواب ڳولڻ لاءِ ھن جي ڪردار ۽ شخصيت جو ڌيان سان
اڀياس ڪرڻو پوندو. ھن جي خواھشن ۽ تعصبن جو تفصيلي
جائزو وٺڻ سميت سندس پس منظر، گھريلو زندگيءَ توڙي
عادتن ۽ لاڙن کي بھ جاچڻو پوندو. ھن جي طبيعت،
تعليم جو تجزيي سميت ھڪ سياسي اڳواڻ طور ھن جي
صلاھيتن، حڪمت عملي ۽ طريقيڪار کي پوري ڌيان سان
پرکڻ جي گھرج آھي. ھيءُ ھڪ الجھيل شخص آھي، جنھن
جو اڀياس پڻ اھڙو ئي الجھيل ھوندو.
شيخ مجيب الرحمان متاثر ڪندڙ شخصيت آھي ۽ ھو
سولائيءَ سان متاثر ڪري سگھي ٿو. ھو جيتوڻيڪ
بنيادي طور نھ مفڪر آھي، ۽ نھ ئي مؤجد، جو ڪا نئين
ريت ڳولي لھي، پر سجاڳ ذھن ۽ حاضر دماغ ھئڻ سبب
ڪابھ ڳالھھ سولائيءَ سان جھٽي وٺندو ھو. ھن ڪيترا
جرئت ڀريا ابتدائي قدم کنيا. شاگرد اڳواڻ طور، شيخ
مجيب الرحمان پاڪستان جي ھلچل سان جڙيل رھيو. ھندو
حاڪميت ۽ ڦرلٽ جي خاتمي لاءِ، مسلمانن جي شروع ڪيل
جدوجھد کان ھو خاص طور متاثر ھو. ويھن ورھين کان
پوءِ ھن بنگلاديش کي پنھنجو مقصد بنائي ورتو. ھن
ڀيري ھن اھو ڦرلٽ ختم ڪرڻ ٿي چاھيو، جنھن کي ھن
”پنجابي ڦرلٽ“ ٿي ڪوٺيو. ھن پھرين برطانوي غلاميءَ
کان آزادي ماڻڻ ٿي گھري، پر ھاڻي وري ھن ان
غلاميءَ مان آزادي ماڻڻ ٿي چاھي، جنھن کي ھن
”الھندي پاڪستان جو ڳٽ“ ٿي سمجھيو، ڇوتھ ھو ھڪ
ڀيرو پاڪستان جي ھلچل سان ڳنڍيل رھيو ھو، تنھنڪري
اھو ڀانئڻ ضروري نھ ھو، تھ ھو سدائين پاڪستاني
نظريي جو پابند رھندو. تاريخ اھڙن ماڻھن جي مثالن
سان ڀرپور آھي، تھ پھرين منجھانئن ھڪ نظريي لاءِ
ڪم ڪيو ۽ پوءِ ان سان غداري ڪئي ھجي.
پاڪستان جي اوائلي ورھين ۾، شيخ مجيب الرحمان عام
نؤجوان ھو ۽ کيس مک اڳواڻن ۾ نٿي ليکيو ويو. ھن
پناھگيرن جي آبادڪاري ۽ اھڙن ٻين ڪمن سان
واسطيدار، مسلم ليگي ورڪر ھو.
1948ع
۾ ٻوليءَ واري ڇڪتاڻ دؤران ھن گھڻو ڪم ڪيو ۽
بنگالي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ ۾ ھن اھم ڪردار
نڀايو. قائداعظم جڏھن ڍاڪا جي ڪرزن ھال ۾ قومي
ٻوليءَ جي مسئلي تي ڳالھايو، تڏھن ھن اتي ڪيل
مظاھرن ۾ حصو ورتو. انھيءَ احتجاجي ھلچل ھلائڻ سبب
کيس گرفتار ڪيو ويو. پاڪستان ٺاھڻ جي پھرئين سال
۾، شيخ مجيب الرحمان جي اھا پھرين پابندي ۽
گرفتاري ھئي.
1949ع
۾ شيخ مجيب الرحمان اڀرندڙ سياستدان طور مسلم ليگ
ڇڏي، نئين جوڙيل ’عوامي مسلم ليگ‘ ۾ شامل ٿيو ۽ ان
جي تنظيم ۾ حصو ورتو، جيڪو عوامي ليگ جو پھريون
نالو ھو. ھيءَ پارٽي حسين شھيد سھروردي، ڪلڪتي مان
اچي پاڪستان ۾ رھڻ کان ڪجھھ مھينا پوءِ،
1949ع
۾ ٺاھي ھئي. پارٽي ٽن مک گروھن تي ٻڌل ھئي: پھريون
۽ مک گروھھ، ٻنھي حصن جي انھن سياستدانن جو ھو،
جنھن جا مسلم ليگي حڪومت سان اختلاف ھئا. ٻيو گروھ
مولانا ڀاشانيءَ جي اڳواڻيءَ ھيٺ سماجوادن جو ھو،
جنھن کي اوڀر پاڪستان ۾ اپرٽيءَ جو صدر بنايو ويو
ھو ۽ ٽئين گروھھ ۾ اھي مسلم شاگرد ھئا، جن ٻوليءَ
واري اختلاف ۾ ڀرپور بھرو ورتو ھو ۽ کين ھندن جي
پٺڀرائي مليل ھئي. جيتوڻيڪ
1950ع
۾ اوڀر پاڪستان جي شاگرد اڳواڻن جيڪو ھڪ وڏو قومي
ڪنوينشن ڪوٺايو ھو، تنھن ۾ پاڪستان جي آئيني نظام
بابت ڪي اھڙا بھ مطالبا ڪيا ويا ھئا، جيڪي ڪيترا
ورھيھ پوءِ ڏنل ڇھن نڪتن سان ٺھڪجندڙ ھئا. جيتوڻيڪ
ڊسمبر
1952ع
۾، لاھور واري ڪنوينشن ۾ عوامي ليگ جيڪو منشور
بھال ڪيو، تنھن ۾ ڪنھن بھ قسم جي علائقائي سوچ نھ
ھئي. انھيءَ منشور جا ٽي مک آئيني نڪتا اھي ھئا،
تھ رياست جي اڳواڻ جي چونڊ سڌي ووٽ ذريعي ٿئي،
بنيادي حق بحال ڪيا وڃن ۽ عدليھ کي آزاد رھڻ ڏنو
وڃي.
عوامي ليگ ۽ ڪرشڪ سرامڪ پارٽي
1954ع
۾ وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ جي مقابلي لاءِ اوڀر
پاڪستان ۾ متحده محاذ ٺاھيو. فرنٽ ايڪيھھ نڪاتي
پروگرام گھڻ رخو پروگرام ھو، جنھن ۾ علائقائي
خودمختياري وارو مطالبو بھ شامل ھو. شيخ مجيب
الرحمان
نھايت سرگرميءَ سان محاذ ۾ ڪم ڪيو. متحده محاذ
اوڀر پاڪستان جي چونڊن ۾ نھايت نمايان ڪاميابي
ماڻي، پر ان ڪاميابيءَ گھڻو جٽاءُ نھ ڪيو. بھرحال،
ان جي نتيجي طور مجيب الرحمان ٻارھن ٻين عوامي
ليگي اڳواڻن سان گڏ، سھرورديءَ جي اڳوانيءَ ۾ ٻيءَ
قانون ٺاھيندڙ اسيمبليءَ تي چونڊيو آيو. ھو مخالف
ڌر جو سرگرم رڪن ۽ پرجوش مقرر ھو. ھن جي تڏھوڪي
تاريخ جي ڌيان سان اڀياس مان پتو پوي ٿو، تھ ھو
ڪنھن وھم ۾ ڦاسجندو پئي ويو. ھو بنگال جي حاڪميت
جي حق ۾ سختيءَ سان ڳالھائيندو ھو، ۽ ھن جي عوام
جي ڦرلٽ جو ذڪر نھايت تيز لھجي ۾ ڪندو ھو. الھندي
پاڪستان ۽ خاص طور پنجاب لاءِ نفرت ھن جي دل ۾ پاڙ
ھڻندي ٿي وئي.
عوامي ليگ
1956ع
وارو آئين ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪيو ۽ سيپٽمبر
1956ع
۾، اوڀر پاڪستان ۾ وڏي وزير عطاءُ الرحمان ۽ مرڪز
۾ وزيراعظم سھرورديءَ جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي ليگ جون
حڪومتون جڙيون. مجيب الرحمان صوبائي حڪومت ۾ صنعت
۽ واپار جو وزير بڻيو. بعد ۾ سھروردي ھن کي وزارت
مان ڪڍي ڇڏيو، جنھن جو مک سبب ھن جي وڏي وزير سان
ٿيل جھڙپ ھئي.
انھيءَ عرصي ۾ پارٽيءَ ۾ ٻھ نمايان تبديليون آيون.
پارٽيءَ جي اوڀر پاڪستان واري ڪائونسل جي چرچ تي
پارٽيءَ جي نالي مان لفظ ’مسلم‘ ڪڍي، ڊسمبر
1955ع
۾ ان کي ”عوامي ليگ“ بڻايو ويو. تنھنڪري پارٽيءَ
جي ھندن ۾ مقبوليت، جيڪا اوڀر پاڪستان ۾ اڳي ئي
ڪافي ھئي، ويتر وڌي وئي. ان جي نتيجي طور الھندي
پاڪستان جا ڪيترا اھم ميمبر پارٽيءَ کان الڳ ٿي
ويا.
1957ع
۾ مولانا ڀاشاني ۽ ان جي کاٻي ڌر وارن پوئلڳن ھن
پارٽيءَ کان الڳ ٿي، نيشنل عوامي پارٽي جوڙي. انھن
ٻن گروھن جي ڌار ٿيڻ بعد، بنگالي قوميت وارو عنصر،
جنھن جي اڳواڻي نوجوان نسل پئي ڪئي، ۽ جن کي ھندن
جي پٺڀرائي ھئي، مضبوط ٿي ويو. نوجوان نسل کي ھندن
جي ڦرلٽ جو تجربو نھ ھو. ورھاڱي کان اڳ جيتوڻيڪ
بنگال ئي ننڍي کنڊ ۾ ڦرلٽ جو بدترين نموني ۾ نشانو
بنيل ھو، پر ھنن رڳو الھندي پاڪستان کي ڦرلٽ ڪندڙ
سمجھيو. ھن گروھ ۽ ان جي ھامين اڳتي ھلي، مجيب
الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ علحدگي پسندن جو ھڪ ٺوس
گروھ جوڙيو.
1958ع
۾ ايوب خان مارشل لا لڳايو، ۽
1962ع
تائين ڪنھن بھ سياسي سرگرميءَ جي اجازت نھ ڏني.
مارشل لا کان ھڪدم پوءِ، شيخ مجيب الرحمان
کي گرفتار ڪري، ڪجھھ ورھين لاءِ جيل ۾ واڙيو ويو.
ايئن ٿو ڀانئجي، تھ ھن جي رويي ۾ فيصلائي تبديلي
ان عرصي ۾ آئي. جڏھن کيس آزاد ڪيو ويو، تھ ھو
معاملن کان نھايت مايوس ٿي چڪو ھو. ايندڙ ٽن ورھين
۾ ھو سياست ۾ گھڙڻ لاءِ سوچيندو ويچاريندو، پنھنجي
لاءِ ڪنھن وڏي موقعي جي اوسيئڙي ۾ رھيو.
1963ع
۾ شيخ مجيب الرحمان
جي سياسي اھميت گھڻي گھٽ ھئي. سچائي اھا آھي، تھ
تفضل حسين، جيڪو ماڻڪ ميان جي نالي سان مشھور ھو،
پنھنجي روزاني اخبار ’اتفاق‘ سبب کانئس وڌيڪ اثر
وارو سمجھيو ويندو ھو. ماڻڪ ميان، جيڪو سھرورديءَ
کان پوءِ مجيب الرحمان جو ڀروسي وارو صلاحڪار
بنيو، شايد اوڀر پاڪستان جو اڪيلو سياستدان ھو،
جيڪو ايوب خان جي حڪومت لاءِ صحيح معنيٰ ۾
پريشانيءَ جو سبب بڻيو. صوبائي انتظاميا شيخ مجيب
الرحمان
جي سرگرمين سبب خاص طور پريشان ڏسڻ ۾ نھ پئي آئي-
ڪيترن ماڻھن جي ويچار موجب ھو کپيل وکر يا مھرو
ھو، جيڪو يوسف ھارون جي انشوئرنس ايجنٽ طور اجايو
رلندو ٿي رھيو.
مون شيخ مجيب الرحمان
سان
1963ع
۾، سندس قيد مان ڇٽڻ کان پوءِ ڍاڪا ۾ ملاقات ڪئي،
ان کان اڳ
1955ع
۾ آئون ساڻس ھڪ ڀيرو محترم سھرورديءَ جي ڪراچيءَ
واري رھائشگاھھ تي مختصر ملي چڪو ھوس. مون کيس
شاھباغ ھوٽل جي لابيءَ ۾ ڏٺو ۽ گڏجي چاءِ پيئڻ لا٣
چيم. اسان سياست تي سنجيدگيءَ سان ڪابھ ڪچھري نھ
ڪئي، جو ھو چئي چڪو ھو تھ ھو سياست کان الڳ ٿي چڪو
آھي. ھن ذاڪر حسين جي ساڻس دشمنيءَ تي بھ ڳالھايو.
ھن جي ويچار موجب ذاڪر حسين، جيڪو تنھن وقت اوڀر
پاڪستان جو گورنر ھو، صدر ايوب خان کي چرچ ڏيئي،
کيس گرفتار ڪرايو ھو. مون مجيب الرحمان کي چيو، تھ
آئون اھو سوچي بھ نٿو سگھان، تھ سندس جھڙو اھم
ماڻھو سياست ڇڏي سگھي ٿو. ان تي ھن ھڪ ڪؤڙي مرڪ
سان وراڻيو، تھ صدر ايوب جي جيلن منجھانئس سموري
گرمي ڪڍي ڇڏي آھي. ھن جيتوڻيڪ اھو مڃيو پئي، تھ ھو
سياست ڇڏي چڪو آھي، پر سندس ڳالھين مان پڌرو ھو،
تھ جيڪو بھ ٿئي پيو، تنھن ۾ ھو گھرو چاھھ پئي
ورتو. پر لڳو ائين ٿي، تھ ھو اڪيلائيءَ جو شڪار
آھي ۽ مارشل لا جي سياسي سڃ ۾ بتال ٿي چڪو آھي.
1964ع
جي پڇاڙيءَ ڌاري، مجيب الرحمان اوڀر پاڪستان جي
انھن سياستدانن مان ھڪ ھو، جيڪي مس فاطما جناح جا
حامي ھئا. فاطما جناح طرفان کيس ڪابھ اھميت نھ ڏني
وئي، بلڪ ڪجھھ موقعن تي تھ سندس غيرجوابدار بيان
ڏيڻ سبب ھن کلي عام کيس ڇنڊ پٽي ھئي. اوڀر پاڪستان
جي ٻين سياستدانن سان گڏجي، ھن ان مھم ۾ حصو ورتو،
پر انھن سڀني جون گڏيل ڪوششون بھ فاطما جناح کي
اوڀر پاڪستان مان ووٽرن جي اڪثريت نھ ڏياري
سگھيون. اھو صحيح آھي تھ اِھا چونڊ بنيادي جمھوريت
جي ميمبرن ذريعي وڙھي وئي ھئي، پر ڊسمبر
1970ع
۾، چونڊ حدبندين جي ڪيترن چور- کڏن ھوندي بھ شيخ
مجيب الرحمان
چونڊون کٽي وڃي ھا.
1965ع
واري جنگ دؤران، اوڀر پاڪستان جي گورنر منعم خان،
جنگي مقصدن ۾ سھڪار لاءِ، اوڀر پاڪستان جي اڳواڻن
جي ھڪڙي گڏجاڻي ڪوٺائي. جنگ کان پوءِ صدر ايوب خان
ڏانھن موڪليل پنھنجي رپورٽ ۾ منعم خان ڄاڻايو ھو،
تھ ان گڏجاڻيءَ ۾ مجيب الرحمان، منعم خان کي مشورو
ڏنو ھو، تھ ھو پنھنجي آزاد بنگال جي صدر بنجڻ جو
اعلان ڪري، الھندي پاڪستان کان الڳ ٿي وڃي. اھا
ڳالھھ اتي ئي رھجي وئي.
جنوري
1966ع
۾ جڏھن ايوب خان تاشقند معاھدي تي صحيح ڪئي، تڏھن
مجيب الرحمان کي وڏو موقعو مليو.
1963ع
۾، محترم سھرورديءَ جي لاڏاڻي سبب، جيڪو پارٽيءَ ۾
قومي معيار جو اڪيلو اڳواڻ ھو، ھن جي راھھ مان وڏي
رڪاوٽ ھٽي چڪي ھئي. فيبروري
1966ع
۾ شيخ مجيب الرحمان
پاڻ کي ڇھھ نڪاتي فارمولا ذريعي سياست جي پھرين
صف ۾ پھچائي ڇڏيو. ھو اوڀر پاڪستان جي اسٽيج تي
تيستائين قابض رھيو، جيستائين جون
1966ع
۾ کيس گرفتار نھ ڪيو ويو. ھن جي گرفتاريءَ کان اڳ،
جون مھيني جي شروعاتي ڏينھن ۾ ڍاڪا ۽ نارائڻ گنج ۾
جھيڙا ٿيا ھئا ۽ ڪي ماڻھو بھ مئا ھئا، پر تنھن
ھوندي بھ ھن جي گرفتاريءَ سبب ڪا خاص ھلچل شروع نھ
ٿي.
1967ع
جي پڇاڙيءَ ڌاري، اڃا ھو جيل ۾ ئي ھو تھ ھون کي
اگرتلا سازش ڪيس کي منھن ڏيڻو پيو. مجيب الرحمان
پنھنجي مقصد جي پٺڀرائيءَ ۾ ڪنھن بھ اڀ ڏاريندڙ
ھلچل ھلڻ کانسواءِ جيل جو باندي ئي رھيو. فيبروري
1969ع
۾ کيس جيل مان ڇڏيو ويو، پر ان لاءِ ھن پاڻ يا
سندس پارٽيءَ ڪابھ ھلچل نھ ھلائي ھئي، بلڪ ھو ان
ھلچل سبب ڇٽو، جيڪا مون سيپٽمبر
1968ع
۾ الھندي پاڪستان ۾ ايوب خان خلاف ھلائي ھئي.
1966ع
۾ جڏھن شيخ مجيب الرحمان
پنھنجا ڇھھ نڪتا سامھون آندا، تڏھن مون صدر ايوب
خان کي مشورو ڏنو ھو، تھ سياست جي گھرج آھي، تھ
ساڻس ڳالھايو وڃي. مون اھو ڏٺو پئي، تھ ان رٿا ۾
جھنگ کي باھھ لڳائڻ جھڙا جزا موجود آھن. بنگالين
جو بھرحال صحيح مؤقف ھو ۽ سندن شڪايتون بُنياد
توڙي سبب کان وانجھيل ۽ اجايون نھ ھيون، انھيءَ
مؤقف لاءِ نيٺ کين ھڪ اڳواڻ پئي مليو. انھيءَ جي
گھڻي گھرج ھئي، تھ سندن شڪايتون ھڪدم سلجھايون
وڃن. مون کي الڪو ھو، تھ ڇھھ نڪاتي نعري ۾ اپيل
آھي، متان اھو ھلچل ۾ ۽ ھلچل ڪنھن وڏي برفاني ڇِپ
۾ نھ بدلجي وڃي. سچ پچ تھ صورتحال اھڙي ئي ھئي.
جنھن وقت ڇھھ نڪتا پھرين ڏنا ويا، مجيب الرحامن
ائين چوندو ۽ مڃيندو رھيو، تھ انھيءَ پروگرام تي
سرچاءُ ٿي سگھي ٿو. ڪجھھ موقعن تي ھن چيو ھو، تھ
ڇھھ نڪتا ڪو ’انجيل‘ نھ آھن. ان وقت انھن ۾ پرڏيھي
امداد جو ڪو ذڪر نھ ھو، جيڪا اسرندڙ ملڪن لاءِ
گھڻو اھم ٿئي ٿي. ۽ نھ ائين چيو ويو ھو، تھ اھا نج
صوبن جي اختيار ۾ رھندي. مال جي صوبن وچ ۾ چرپر تي
ڪا بندش نھ ھئي، ٻنھي ملڪي حصن ۾ اندروني ۽
ٻاھرئين قرضن جي ورڇ نھ ھئي، ۽ نھ ئي ڪا اھري
ڳالھھ ھئي، تھ صوبن کان ھيترو يا ھيترو سيڪڙو ٽئڪس
جو حصو ورتو ويندو.
جيڪڏھن ايوب خان ان وقت منھنجي مشوري تي ڌيان ڏئي
ھا، تھ ڪنھن نھ ڪنھن معقول ٺاھ تي پھچي، ان ڪيس جي
معقول بنيادي گھرجن کي مڃي سگھجي ھا. جيڪڏھن ايوب
خان
1966ع
۾ ايئن ڪري ھا، جيئن ھن
1969ع
۾ گول ميز ڪانفرنس وقت ڪرڻ پئي گھريو، تھ پاڪستان
جا مسئلا ھن ڪڙيءَ تي نھ پھچن ھا. بدقسمتيءَ سان
ايوب خان، سندس ئي وڻ مطابق، زبان جي ھٿيار کان ڪم
وٺڻ بجاءِ، ھٿيار جي زبان کان ڪم وٺڻ پسند ڪيو. ھن
شيخ مجيب الرحمان
کي وٺي کڻي گرفتار ڪيو. پوءِ جيڪو اگرتلا سازش
ڪيس شروع ٿيو، تھ اھو بھ انتھائي اڍنگائيءَ سان
ھلايو ويو ۽ ان جو ردعمل اھڙو ڌماڪيدار ٿيو، جنھن
جا نتيجا اسان اڄ ڏينھن تائين پيا ڀوڳيون. ھن ڪيس
مان رڳو شيخ مجيب الرحمان
کي ئي فائدو پھتو.
ايوب خان جا ’خوشامدي‘ ڀلي ائين پيا سمجھن، تھ
ھاڻوڪن واقعن سبب سندس حيثيت چِٽي ٿي وڃي ٿي. پر
جون
1966ع
کان فيبروري
1969ع
تائين مجيب الرحمان کي گرفتار ڪرڻ جو اھو مطلب
ھرگز نٿو نڪري، تھ اوڀر پاڪستان جي معاملن کي صحيح
نموني ۾ منھن ڏنو پئي ويو. ظاھري طور خاموش سطح جي
تھھ ھيٺان، ٺھڪندڙ بيچيني وڌندي پئي ويئي. ديڳ تھ
ٽھڪي پئي، رڳو مٿانئس ڍڪ ڍڪيل ھو. ايوب خان رڳو
گھوٽالي کي ٽاريندو رھيو، جو ھاڻوڪي حڪومت جي غلط
اندازن سبب مچي مچي،
1970ع
۾ نيٺ اچي ڦاٿو.
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ شيخ مجيب الرحمان
ڪيترا اٻھرا بيان ڏنا ۽ ڪجھھ غلطيون بھ ڪيون.
الھندي پاڪستان جا مفاد پرست ھن جي چؤڌاري اچي
مڙيا ۽ ڪنھن وقت تھ ائين ٿي ڀانئيو، تھ ايوب خان
جي صدارت ۾ شايد ھي پاڪستان جو وزيراعظم ٿي ويندو.
يوسف ھارون، جنھن کي الھندي پاڪستان جو گورنر
بنائڻ لاءِ آمريڪا مان درآمد ڪيو ويو ھو، تنھن
اھڙي قسم جي انتظامجي حرفت ھلائي ھئي. ھڪ نمعقول
سرڪاري ڪارندي پڻ اھڙي قسم جي سياسي ٺاھ ٺاھڻ لاءِ
ڀرپور ڪردار نڀايو ھو. ان سرچاءُ مطابق
1962ع
واري آئين ۾ درستين جو ھڪ اھڙو سلسلو تجويز ڪيو
ويو ھو، جنھن ذريعي ان ۾ وزيراعظم جي عھدي جي
گنجائش نڪري سگھي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ طرفان
گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار سبب، مفاد پرستن
جي ان سازش شڪست کاڌي. ھلچل ھلندي رھي ۽ نيٺ ايوب
خان کي منظر تان ھٽڻو پيو.
مارچ
1969ع
۾ لڳل ٻئي مارشل لا، شيخ مجيب الرحمان
کي سخت ٻڏتر ۾ وڌو. پوءِ ترت، ھڪ فرانسيسي صحافي
ساڻس ملڻ بعد پنھنجي رپورٽ ۾ چيو ھو، تھ عوامي
ليگي اڳواڻ سخت پريشان ۽ پاڻ کي غيريقينيءَ ۾
سمجھيو پئي. کيس گرفتاريءَ جو ڊپ ھو. بھرحال، مجيب
الرحمان کي ترت پتو پئجي ويو تھ، مارشل لا
اختياريءَ وارن جو رويو ساڻس غيرھمدرديءَ وارو نھ
آھي. ھن آھستي آھستي انھن جو ويساھ ماڻي ورتو ۽
حڪومت سان بامقصد ڳالھين لاءِ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو.
ھو شروع ۾ محتاط نموني مارشل لا ريگيوليشن جو
پابند رھيو. پوءِ ھر قدم تي سندس سرگرمين جي رفتار
۽ مطالبن جي شدت وئي تِکي ٿيندي.
1969ع
جي پڇاڙيءَ ڌاري ھو سياسي طور ڪافي مورچابندي ڪري
چڪو ھو. مرڪزي وزارت جي وزيرن ۽ اوڀر پاڪستان جي
انتظاميا طرفان ھن کي چڱي ھشي ڏني پئي وئي. ھن کي
بئنڪرن ۽ وڏن واپارين طرفان وڏي پيماني تي مالي ۽
مادي مدد بھ ملڻ شروع ٿي. کيس ھٿيار ٻاھران موڪليا
ويا. ھن پنھنجي پارٽيءَ کي صحيح طريقي سان منظم
ڪرڻ شروع ڪيو. ھن اڳتي ڌوڪڻ شروع ڪيو ۽ کيس روڪڻ
وارو ڪوبھ نھ ھو. پريس ھن جي پاسي ھئي، ۽ ڇھھ
نڪاتي ھلچل ويتر وڌيڪ سگھاري ٿيندي پئي وئي. ماڻھن
جي وقار واريءَ شاھ رڳ تي ھٿ رکي، ھو بنگالي قوميت
جي نازڪ جذبن سان کيڏيو پئي. بيمثال احتجاجي ھئڻ
واري صلاحيت جو ھن پورو فائدو پئي ورتو. الھندي
پاڪستان خلاف سندس ساڙ سان ڀرپور زھريلين تقريرن ۽
واھيات نفرت پکيڙڻ کي انتظاميا طرفان اليڪشن جو
حصو سمجھي لنوايو ويو.
1969ع
جي پڇاڙيءَ تائين شيخ مجيب الرحمان ڪافي قوت سھيڙي
ورتي ھئي، جيڪا
1970ع
۾ اڇا بھ وڌي ۽ نومبر جي ڏکاري طوفان کي پنھنجي حق
۾ واپرائي، ھن ان کي انتھائي چوٽيءَ تي چاڙھيو.
ڊسمبر
1970ع
۾، چونڊن جي پڄاڻيءَ شرط جيڪو مجيب الرحمان اڀريو،
اھو
1965ع
واري ويڳاڻي ۽ ڏليل، مايوس ۽ اداس مجيب الرحمان
کان بلڪل نرالو ھو. اھا مھان سوڀ ھئي. ڇھھ نڪتا،
جن تي
1966ع
۾ گھٽ ڌيان ڏنو پئي ويو ۽ جن تي فيبروري
1969ع
تائين ڪنھن بھ سنجيدگيءَ سان سوچيو بھ نھ ھو، عوام
جي عقيدي جي حيثيت ماڻي چڪا ھئا. بنگال ۾ تبديليءَ
لاءِ حالتون پچي راس ٿي چڪيون ھيون. بنگال کي ھڪ
سورمي جي ڳولا ھئي. حالتن شيخ مجيب الرحمان کي
پنھنجي ڪردار نڀائڻ لاءِ چونڊيو. ھو غيرواجي سياسي
مظھر بنجي پيو. مجيب الرحمان، باھ ڀڙڪائيندڙ
احتجاجي تھ اڳي ئي ھو، پر گذريل ٻن حڪومتن جي
لڳاتار غلطين ۽ غلط اندازن مجيب الرحامن کي عظيم
بنگالي اڳواڻ بنائي وڌو.
ڪجھھ دانشورن جو ويچار آھي، تھ گھوٽالي جي ٻئي دؤر
۾ شيخ مجيب الرحمان انتھاپسندن جي چنبي ۾ ڦاسي چڪو
ھو. آئون ڀانئيان ٿو، تھ اھو صحيح نھ آھي. ھن کي
ايترو ئي اختيار مليل ھو، جيترو ڪنھن عوامي ھلچل
جي اڳواڻ کي ھجي ٿو. عوام تي ايڏو فيصلائتو اثر
رکندڙ شخص، ڪجھھ شاگرد اڳواڻن ۽ پوئتي رھندڙ انتھا
پسندن عوامي ليگين جو قيدي ھرگز نٿو ٿي سگھي.
پنھنجي عام رٿابنديءَ جي ھڪ حصي مطابق، شيخ مجيب
الرحمان پاڻ اھو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، تھ ھو
پاڻ تھ اعتدال پسند آھي، پر مٿس انتھاپسندن جو وڏو
دٻاءُ آھي. پر اھو رڳو ٻاھريون ڏيک ھو.
شيخ مجيب الرحمان کان ڪجھھ وڏيون غلطيون ۽ ڪجھھ
فيصلن ۾ سخت ڪوتاھيون ٿيون. ھن الھندي حصي جي
اڪثريتي پارٽيءَ کان لنوائي، شڪست کاڌل ۽ بدنام
سياستدانن سان سوديبازي جي ڪوشش ڪئي. ھن ھٿياربند
فوجن جي گھٽ طاقتور ھئڻ جو بلڪل غلط اندازو لڳايو
ھو ۽ انھن جي رخ سمجھڻ ۾ پڻ ھو غلط فھميءَ ۾ ورتل
رھيو. پنھنجي سول نافرمانيءَ واري ھلچل ھلائڻ
کانپوءِ، ھن ھٿياربند فوجن جي ماٺ جي اڀياس ۾ وڏي
غلطي ڪئي. ھو ان خوش فھميءَ ۾ ورتل رھيو، تھ ھو
مٿن پنھنجي طاقت جو ڏکو ويھاري چڪو آھي، جنھن سبب
ھاڻي فوج ڪجھھ شرطن تي جھڪڻ تي واقعي راضي ٿي چڪي
آھي. ھو اھو ويساھ ۾ آڻي چڪو ھو، تھ پنھنجي زبردست
چونڊ ڪاميابيءَ جي ڏڍ تي، ھو سياسي دٻاءُ ذريعي
پنھنجي منزل تي پھچي ويندو. پر ھو پنھنجي منزل کان
بھ گھڻو اڳتي نڪري آيو.
پڇاڙيءَ ۾ ھن جيڪو ڪردار نڀايو، تنھن لاءِ ڪنھن حد
تائين پرڏيھي دٻاءُ جو پڻ اثر ھو. ايئن ٿو ڀانئجي،
تھ ھندستاني حڪمرانن جي خواھش تي ھن فوج سان ٽڪر
کائڻ ۾ تڪڙ کان ڪم ورتو. شايد ھندستان وچ اوڀر ۾
حالتن جي تبديليءَ سبب پريشان ھو ۽ انھيءَ
پريشانيءَ وچان ھن چاھيو ٿي، تھ جيسين وڏين طاقتن
جو ڌيان وچ اوڀر ۽ ٻين عالمي معاملن ڏانھن آھي،
تيسين مجيب الرحمان سٽ ڏيئي، بنگلاديش پاڪستان کان
کسي وٺي- يا، ائين تھ نھ ھو تھ ھندستان، چين ۽
آمريڪا جي نئين نينھن تي اک ٽِيٽ پئي ڪئي؟ سبب
ڪھڙو بھ ھجي، بھرحال سياسي ڳالھين جي پڇاڙڪي دؤر ۾
ھن خطرناڪ حد تائين غلط انداز لڳايا.
مون شيخ مجيب الرحمان کي جنوري
1971ع
۾ پنھنجي ڍاڪا واري دؤري مھل، اسان جي ملاقاتن
دؤران، چڱيءَ صلاح سان ڄاتو ۽ سڃاتو. مون ھن کي
نھايت ٻاجھارو ۽ نھٺو ڏٺو. ھن کي جن مسئلن تي
چڱيءَ صلاح سان مھارت ھئي، تن تي ھن زورائتي ۽
متاثر ڪندڙ نموني ۾ ڳالھايو ٿي، پر جن مسئلن تي
ڳالھائڻ لاءِ ھن جي پوري تياري ٿيل نھ ھوندي ھئي،
انھن تي دليل بازيءَ کان لنوائي ويندو ھو. دنيا جي
معاملن متعلق ھن جي ڄاڻ مٿاڇري ھئي، ۽ ڪجھھ ڳالھين
کان ڪنارو ڪري ويندو ھو. منھنجو اندازو غلط ٿي
سگھي ٿو، پر مونکي مجيب الرحمان خلاف ڪوبھ ذاتي
ساڙ نھ آھي. جڏھن ھو جيل ۾ ھو، تڏھن مون ڪيترا
ڀيرا سندس ڪٽنب وٽ وڃي، انھن سان ملاقات ڪئي ھئي ۽
اگرتلا سازش ڪيس دؤران مون ڪورٽ ۾ وڃي ساڻس ملاقات
بھ ڪئي ھئي.
1966ع
۾ جڏھن آئون پرڏيھي وزير ھوس، گرفتاريءَ کان اڳ
ساڻس مليس ۽ کيس چتاءُ ڏنم، تھ ھو ڪي بھ اٻھرا قدم
نھ کڻي. ان وقت مون ساڻس ڇھن نڪتن تي سياسي بحث
ڪرڻ گھريو، تھ جيئن ملڪ کي گھوٽالي بچائڻ لاءِ
ڪنھن سرچاءُ تي پھچون. ائون پھريون پاڪستاني
سياستدان ھوس، جنھن الھندي حصي جي عوام کي چتاءُ
ڏنو ھو، تھ جيڪڏھن مناسب وقت تي ڇھن نڪتن تي بحث
ڪري، سندن حل نھ ڳوليو ويو، تھ شايد ڇھھ نڪتا،
پاڪستان جي ڳچيءَ ۾ جنڊ جو پڙ بڻجي پون. پوءِ بھ
مون کي اھا ئي آس ھئي، ۽ منھنجي دعا ھئي تھ مجيب
الرحمان ڇھن نڪتن تي سرچاءُ ڪري، ھڪ متحده پاڪستان
جو وزيراعظم بنجي. پر قدرت جو فيصلو ٻيءَ طرح سان
ٿيو.
شيخ مجيب الرحمان سان منھنجا اختلاف اقتدار لاءِ
جدوجھد جي سلسلي ۾ نھ ھئا. تاريخ جي شاگرد طور،
آئون سدائين بنگال کي پاڪستان ۾ سندس مناسب مقام
ڏيڻ جي گھرج کي مڃيندو رھيو آھيان، ۽ اسيمبليءَ ۾
c جي اڪثريت ھئڻ سبب، قدرتي طور ائين ئي سمجھيو
ويو، تھ ھو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيندو. عام چونڊن
کان ھڪدم پوءِ سندس مھان سوڀ تي مون کيس مبارڪ ڏني
ھئي ۽ ان کان ھڪدم پوءِ مون ڪوٽڙي، سنڌ ۾ ڪيل ھڪ
تقرير ۾، جمھوريت جي دشمن شخصن کي چتاءُ ڏنو ھو،
تھ انھن کي اسان ٻنھي وچ ۾ اختلاف اڀارڻ کان پري
رھڻ گھرجي. منھنجي ڪجھھ مخالفن بدنيتيءَ سان
انھيءَ قسم جي ڳالھھ ڪئي ھئي، تھ جيئن تھ مجيب
الرحمان جي واضح اڪثريت سبب آئون واحد پاڪستان جو
وزيراعظم نٿي ٿي سگھيس، تنھنڪري مون الھندي
پاڪستان جو وزيراعظم بنجڻ جي رٿا جوڙي پئي.
پاڪستان جي عوام کي چڱيءَ ريت ڄاڻ آھي، تھ پاڪستان
جي سلامتيءَ لاءِ مون ڪھڙي اورچائيءَ سان جاکوڙ
پئي ڪئي آھي. عام چونڊن کان پوءِ جڏھن ھڪ پرڏيھي
صحافي مونکي انھيءَ قسم جو مشورو ڏنو، تڏھن ان
بابت ھن منھنجو ردعمل انھن لفظن ۾ ريڪارڊ ڪيو تھ،
”منھنجي انھيءَ مشوري تي محترم ڀٽو ھڪدم ڇِرڪي پيو
۽ ھن چيو تھ منھنجو پاڪستان جي نظريي تي اھڙو پختو
يقين آھي، جو منھنجي ذھن ۾ ڪڏھن بھ ان قسم جو ڪو
خيال ئي نھ آيو آھي.“
[1]
12
ڊسمبر جي ’دي ٽائيمس‘ ۾ ڇپيل، ان جي
نمائندي پيٽرل ھيزل ھرٽس طرفان
11
ڊسمبر
1970ع
تي لاڙڪاڻي مان موڪليل رپورٽ.
|