(ب) پنهنجن ٻين بيتن ۾ شاعر نم جنگي خان ۽ سندس
ساٿين کي هن طرح ڳايو آهي:
1- جس کي جنگي خان، جنهن قطر گهٽايو ڪينڪي
هوڏانهن نؤ سؤ آيا، نم چوي، جنگ مٿي سي جوان
هيڏانهن چؤرنگ چئن ڄڻن سان، پنجون پاڻ بيهي ٿيو
پان[1]
جهاجها جهڳمڳ جهورڪي اچيندي اخوان
سَٽ ڪُٽ سَرواهين جِي همـﮧ ٿيا حيران
دولهه ساڻ ڌيان، تو ملهايو ميرخان کي.
2- ڏنگو پٽ ڏيوڙي جو آيو گهڻي اُڪير
مانجهي پنهنجي مٽ کي تو چرچنگ وجهي چير
[2]
’سومار‘ کي سيفين جو هو سؤنچو منجهه سرير
تت تراريون ’تُورپئي‘ واه وهايون وير
’ڏڻني‘ دست ڪمائيا، جهوريا جوان جنجير
ٻه ڀيرا ٻيلي ٿيو، ڪي ڪوتـﮧ ڪانه ’ڪَريڙ‘
هو بوتا ساڻ بهير، ويٺا لکي گهيڙي لڪ تي.
3- ڏيوڙاڻي ڏک سينهن (جيئن) احدي سين اڳواڻ[3]
وڙهيو ويريين سين، تي ڪيائين شڪيلي سين شان[4]
پر ويلان وهي نه وير، تنهنجون سوڀون هٿ سبحان
مروڙيوءِ مزار جيئن، وڙهيئين انهيءَ باب بيان
تو تي دهرا ڏنا دان، راهه وِراهي رتُڪ جي
[5]
(ج) شاعر صدقي به جنگي خان جي سورهيائين کي ساراهيو آهي ته:
1- جهڙي جنگي خان ڪي، تهڙي ٻيا ڪين ڪرن
اڳي ڏاڏس ڏٖيوَڙٖي تي ڏر وڌا ڏيـــــٖـهن
[6]
ڀاري بيگ براهم جو هو ڌاڪو منجهه دِسين
نر نوتاڻي سڱريي تي ڏَسايو ڏوکين
[7]
پيروز پِڙَ کي اڳرا هميشـﮧ هڻن
[8]
ڪلين ڪؤنر ملهائيو پنهنجو پوشيدن
[9]
هو آڳ ٻرندي آئيو تنهن گَڊٖي گل ٻَجهن
[10]
ٻڌئين سهرا، صدقي چئي، مٿان مهاين
پانواڻو پنجن، ڪيو سوين کي سامهون.
2- پر اُتي ونڪين وَنڪين وه جي رڌِي ديڳ ڌڱن
جي آڳ اوڏا ئي نه ڦريا، سي چانئر تان نه چکن
هن پانواڻو پنجن، ڪيو سوين کي سامهون.
جنگي خان جي وير وٺڻ خاطر حملا
جنگي خان ڏيوڙاڻي جي مارجڻ کان پوءِ سهراب نالي ٻُرو ڀنڀڻ پوٽو سندس وير وٺڻ
لاءِ سنڀريو ۽ چار ساٿي پاڻ سان کنيائين: ٻه ٻُرا
واهندو ۽ ڀريائو، هڪڙو حماتي مريد نالي ۽ آلانو
بڪڪ پاڻ سان ڪري سنڌ جي پاسي جوهي شهر ڏانهن ويو ۽
رات جي وقت جمالين تي حملو ڪري دادو نالي شخص کي
قتل ڪيائين. سندس هڪ همراهه ڀريائون به ان موقعي
تي سخت زخمي ٿيو جنهن کي اهي باقي چار سنگتي شاه
بلاول جي لڪ رستي کڻي آيا. پر وندر ۾ ڀريائو فوت
ٿيو. لس طرفان پوءِ وري ٻيو حملو لوهيء تي ٿيو جو
نَـــوَ نفر جمالي ماري ٽيهه ڳئون هڻي آيا. اهي
خون جنگي خان جو عوضو ڪيائون.
1- وڌي وَهُندو هليو غازي گهرين پار
ڪِري ڪاتي ڪؤنر ڪنان پئي پٽ ڪنار
جهڙپ هڻي جذبي مان کنئي خبردار
اُنهن منجهان هيڪڙو ٿي آيو منجهه الگار
سرهي تنهن کي سهراب هنيو مُٽڪو مَل مزار
نِنداڻي جي مَٽ جي سهراب تو ئي سار
مانجهي حَماتي حرص مان نه ڏي ويريءَ وار
احدي الله- نو آئيو بِڪَڪ ڳوري بار.
2- واهه محراب واهه، واهه توئي جي راند کي
ڪامل ڪچهرين ۾ اونچي منهن سين آء
هئين دانـﮧ دل درياء، تڏ کٽيوءِ ننگ نم چوي.
3- کٽيوءَ ننگ نم چوي وير چڱيءَ وينجهار
ديسان ديس چٺيون چليون ساڻس ٻاجهه ستار[11]
پس پتنگ جا پار، جيئن آيو سهراب سوڀ سين.
7- نورالدين خان جي شهادت
(4) ڄام مير خان ثاني (1830-1888ع) جي وقت ۾ قلات ۽ ٻيلي جي حڪومتن جي وچ ۾
اڻبڻت ٿي پيئي. ان وقت قلات جو حاڪم خان خداداخان
(1857-1893ع) هو جنهن پنهنجي نااهل صلاحڪارن ۽
سردارن سان پائي کنئي. ڄام ميرخان سڱ ۾ خدادادخان
جو سالو هو مگر ان سان به رس ڪونه رهايائين. سنه
1857ع ۾ سڀ سردار، ڄام ميرخان جي سرڪردگي هيٺ،
قلات ۾ خان وٽ پنهنجي اهنجن دور ڪرائڻ لاءِ ڄڻ وفد
وٺي آيا. مگر خان وٽ سندس ٻه صلاحڪار داروغه گل
محمد خان ۽ گنگا رام هر معاملي تي قابض هئا. تاريخ
17—سيپٽمبر 1857ع تي داروغي گل محمد خان فوج هٿان
سردارن جي ڪئمپ تي حملو ڪرايو جنهن ۾ سردار پنهنجي
بچاءُ ۾ مقابلو ڪري سر بچائي سلامتي سان واپس آيا.
ڄام ميرخان جي هن سرڪردگي، خان جي لاغرضائي ۽
بالاخر مقابلي جي مذڪور کي ئي شايد شاعر نم پنهنجي
هيٺين بيتن ۾ بيان ڪيو آهي ته:
ساراهجي سچو ڌڻي، صاحب سٻاجهو رب ستار
ميرخان جو مان ٿيو، راضي ٿيو رزاق جبار
خورده سال وبخت زاده نيڪ نيت نامدار
شملو ٻڌي تڏ شينهن چڙهيو وير ورنـﮧ وه مزار
هاٿي هلي حملي اتي بيحد کڻي جئن بار بار
راڄن اميرن جو آجهو، سر يڪ بهادر، يڪ قرار
سو هلي ويو خان وٽ هي نام خدل (ڪذا) جئن نبار؛
ڏمرجي ڏاڍو ٿي چيائين: ٿي سنجهي تون شهسوار
گهنڊي رکي گهٽ ۾ ڏنو، تڏ جود جنگي ايءُ جواب:
”نَئه نِشي در ملڪ- من، شب روز رؤ راهِ شتاب“
تڏ خان ٻيلي خان پنهنجا ڀائر بحري باز ڪيا
سي سُوچاڻا سينهن سڀئي، سڀ سڙي ات ساز ٿيا
ڪَرنـﮧ ڪ شرنـﮧ ڪوڪ ڪئي، اُت نار ناريُن جا ڇڙيا
گزرن غبارن گوڙ ڪي، اُت ٽاه ٽوفنگ ٿي ٽڙيا- الخ[12]
بهرحال هنن نااهل صلاحڪارن جي سازشن کان سواءِ انگريزن جي سياست جو به قلات
۾ دخل ٿيڻ لڳو. سنه 1859ع ۾ انگريزن خان کي پنجاهه
هزار رپيا ڏنا ته سنڌ جي سرحد تي مرين جو زور ڀڃي.
ان وقت کان ڄام ڄام مير خان ۽ خاران جي والي آزاد
خان گڏجي خان جي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو.
سنه 1862ع ۾ خان، جهالاوان جي سردار تاج محمد ظهري
جي بيعزتي ڪئي ۽ خداداد خان کي قلات مان ڀڄائي
ڪڍيو جنهن اچي سنڌ ۾ انگريزن وٽ پناهه ورتي ۽ سندس
سؤٽ شيردل خان کي تخت تي ويهاريائون. مگر هڪ سال
بعد شيردل خان رٿيل سازش ذريعي قتل ٿي ويو ۽ ملا
محمد رئيساڻي خلاف به سازشون سٽيون جنهنڪري ملامحد
۽ جهالاوان جي سردار تاج محمد گڏجي بغاوت ڪئي: مگر
ملامحمد ڀڄي ويو ۽ تاج محمد قيد ٿي پيو.
لس ٻيلي جي پاسي کان ڄام ميرخان ۽ سردار نورالدين، جو بروهين جي مئنگل قبيلي
جو سردار ۽ وڍَ جو والي هو، ته گڏجي ٻه – ٽي دفعا
جولاءِ 1865ع، 1868ع ۽ وري آڪٽوبر 1869ع ۾ خان جي
خلاف جنگيون جوٽيون مگر ناڪامياب ٿيا. پوئين لڙائي
بعد نورالدين قنڌار ڏانهن وڃي پناهه ورتي ۽ ڄام
ميرخان اچي ڪراچي ۾ انگريزن جي تسلط هيٺ سوگهو
ٿيو، مگر سندس پٽ ڄام عالي خان همت ڪري ٻيلي تي
پنهنجو اثر قائم رکيو. سنه 1871ع ۾ نورالدين قنڌار
کان موٽي آيو ۽ مئگلن جو لشڪر ساڻ ڪري اچي ڄام
عالي خان سان مليو. هنن گڏجي خان جي سپہ سالار شاه
غاصي غلام جان کي ٻيلي مان هڪالي ڪڍيو. 1872ع ۾
نورالدين خان ٻيلي مان توبون ۽ لشڪر ساڻ ڪري اچي
خزدار جي قلعي تي حملو ڪيو ۽ ان بعد هو پهنجي
رياست وَڍ ڏانهن موٽيو.ان بعد شاه غاصي ولي محمد
خزدار ۾ آيو ۽ اچي نورالدين خان سان صلح ڪيائين
جنهن موجب نورالدين آڻ مڃي انهيءَ شرط تي کيس امن
ملندو ۽ لٽيل مال ملڪيت موٽائي ڏيندو. هن صلح جو
اهو نتيجو نڪري ها جو ٻئي پارٽيون يعني قلات ۽ لس
ٻيلي جا سردار هڪ ٿي وڃن ها. هو انگريزن جي سياست
جي برخلاف هو ڇوته هنن جي طاقت جو مدار هنن سردارن
جي پاڻ ۾ دائمي لڙائي تي هو.
1867ع کان وٺي انگريزن ڄام مير خان کي ڪراچي ۾ سوگهو ڪري ويهاريو هو، انهيءَ
لاءِ ته ڄام ميرخان ۽ نورالدين جي گڏيل طاقت منتشر
رهي. هاڻي هي سنه 1857ع هو. نورالدين ۽ خان قلات
جو صلح ٿي چڪو هو. انگريزن جي چال هئي ته خان
خداداد خان ۽ نورالدين جي وچ ۾ جيئن نفاق جي باهه
ڀڙڪندي رهي؛ انهيءَ حرڪت ڪري پنهنجي طرفان خان
خداداد خان کي ڀڙڪائيندا رهيا. ان وقت مينگل قوم
جي ڪن ماڻهن، حب ندي واري راڄ رستي تي هڪ قافلو
ڦريو جنهن تي خان خداداد خان، داروغي عطامحمد کي
آڪٽوبر 1875ع ۾ فوج سان خزدار تي چاڙهي موڪليو خاص
طرح انهيءَ لاءِ ته وڃي نورالدين کي سزا ڏئي. هي
وجهه ڏسي پنهنجي سياسي چال کي ڪامياب بنائڻ لاءِ
جارج سئنڊيمن خود تاريخ 31 ڊسمبر 1875ع تي اچي
قلات ۾ پهتو. سئنڊيمن انهيءَ وقت جي پنهنجي ارادن
کي پنهنجي هڪ سرڪاري ڪتاب
(Blue book)
۾ ظاهر ڪندي لکيو آهي ته: خداداد خان خواه
نورالدين مارجي ٻنهي حالتن ۾ منهنجو فائدو آهي.
انهيءَ خيال کان پنهنجي منشي غلام محمد هٿان
نورالدين ڏانهن هڪ خط لکيائين ته: جيئن خداداد خان
تنهنجي هٿان بچي نه نڪري؛ مگر قاصد کي سمجهايائين
ته اهو خط قلات ۾ وڃي، خان سان پنهنجي وفاداري جي
اظهار جي بهاني سان سندس هٿ ۾ ڏئي. هي خط پڙهي
خان، نورالدين کي مارائڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ داروغي
عطامحمد کي ويساهي، سندس معرفت صلح جو ڌوڪو ڏيئي
نورالدين کي قلات ۾ گهرايو جتي نورالدين سئنڊيمن
جي اچڻ کان ڪي ڏينهن اڳ پهتو.
ڄام مير خان جي درٻاري شاعر تقي شاه ’تائب‘ پنهنجي ڪتاب ”گلستان شهادت“ ۾
ذڪر ڪيو آهي ته نورالدين کي، خان قرآن شريف وچ ۾
رکي ويساهي گهرايو. جڏهن نورالدين قلات پهتو ۽
مُلا محمد چيس ته توکي خان مارائيندو تڏهن جواب
ڏنائين ته: ”مُرا بس مصحف – کردگار“.[13]
سئنڊيمن خداداد خان کي مشورو ڏيندو رهيو ۽ 5 جنوري
1876ع تي ساڻس آخري ملاقات ڪري مشورو ڏيئي، ڪوئيٽا
واپس وريو. ٻئي ڏينهن خان، داروغي عطامحمد کي ۽
نورالدين خان کي پنهنجي درٻار ۾ گهرايو؛ ملاقات
بعد جيئن ئي هو واپس ويا ته خان پنهنجي چار سؤ فوج
کي حڪم ڏنو ته فورًا داروغي عطامحمد جي گهر تي،
جتي نورالدين رهيل هو، حملو ڪن ۽ ٻنهي کي ختم ڪن.
انهيءَ حڪم لاءِ اهو بهانو ڄاڻايو ويو ته ملاقات
وقت عطامحمد ۽ نورالدين ٻئي سندس حياتي وٺڻ لاءِ
آيا هئا. هن حملي ۾ نورالدين خان، سندس صلاحڪار ۽
ساٿي محدخان مئنگل، داروغي عطا محمد جو ڀاءُ ۽ ٻيا
به ڪيترائي سندن رفيق مارجي ويا ۽ داروغو عطا محمد
پاڻ ڦٽجي پيو. اهو واقعو 9- ذوالحج 1292هه ۾ ٿيو.
نورالدين جي شهادت بعد، سنه 1877ع جي مارچ- اپريل ڌاري انگريزن ڄام مير خان
تي ڪي شرط مڙهي کيس ڪراچي مان لس ٻيلي واپس وڃڻ
لاءِ ڇڏيو. ڄام مير خان کي پنهنجي حامي ۽ ساٿي
سردار نورالدين جي مارجڻ تي وڏو صدمو پهتو، ڇوته
سندس ڏڍ، زور بلڪ سڄي ٻانهن هو. هن حادثي متعلق
ڄام صاحبن جي درٻاري شاعر منگتي نم، سردار
نورالدين جي شهادت تي هيٺيان بيت جوڙيا جن ۾ سردار
نورالدين جي سمجهه، همت ۽ بهادري جو ذڪر ڪيو اٿس.
مگر خود نم جي قول موجب نورالدين: ”اڃا ڪي افضل-
هو چوڻ کان چؤڻون گهڻو.“ شاعر نم جي هنن بيتن ۾ ڪي
گفتا ڄڻ موتين مثل آهن ۽ جاويد شاعريءَ جا بهترين
مثال آهن. هيٺيون سٽون ته پنهنجي فصاحت ۽ بلاغت
سبب پهاڪن طور پيش ڪرڻ جهڙيون آهن ته:
ــــــ جڳ ۾ سئو جيئن، هو جنگ ۾ ان جنباه سين
ــــــ نه هڻي نور دين، ڌرتي ڌاڃ ئي نه ڪري
ـــــــ اڃا ڪي افضل، هو چوڻ کان چؤڻو گهڻو
شاعرنم، قلات جي خان کي ڪاڻيارو ڪندي، بيت شروع ڪري ٿو ته:
(1)
کؤنسي خان خلل، سنباهيو سردار سان
[14]
تنهن آڻائي اُمراء کي، واري وڌو ول
هي ڀي قابل جهلڻو ڪين هو، ڄڻ آيس ايء اجل
[15]
تنهن نوردين نروار ڪيو، تت بهادريء جو ڀَل
[16]
سو جهلئي جهلجي ڪنيڪي، عهدي شير اجهل
تنهن ڪمانيءَ جو ڪين مڃيو، اڙٻنگ ات عمل
[17]
راڻيو رويو راءِ لاءِ، ٿيون اوتن جال اکين مان جل
سو بي بها وچ ڀائرين، آهي ڪر امل
تنهنجي لوڏ ڪنجل، چيلهه چيتو، چشم چڱو چيهل[18]
اڃا ڪي افضل، هو چوَڻ کان چؤڻو گهڻو
(2)
جڳ ۾ سئو جيئن، هو جنگ ۾ ان جنباه سين
[19]
سو واسينگ وسري ڪينڪي، مونکي روح مان راتو ڏينهن
واڳ وڳيسر ويريين وڙهيو، ڪڙهو قيصر جيئن
[20]
پَون ڀيلي جيئن پٽ تان، هي تونگر آئو تيئن
[21]
تت رڻ رؤنشا ڪيا ريفلين، جئن موڪون وس مينهَن
نوردين سين، نم چوي، ٻيو جِم ڪو ساهي سينئن
[22]
ٿيو آحديين ڦڙڪو ايئن، جئن جوان گهڙيو جنگ باب ۾.
(3)
جوان گهڙيو جنگ باب ۾، لڌو ٻهڳڻ ٻنگ
گهوٽ چڙهي گهوڙي تي، ترتئون تاڻي تنگ
بيشڪ اچي باهه ۾ جيئن پوي پونَس پتنگ
نوردين نعرو ڪري ايئن اُٿيو اڙٻنگ
سَلو ساپُرسن جو دانَههُ سُونٺو دنگ
[23]
ان نر اُجاريو ننگ، پيءَ ڏاڏي جو پانهنجي.
(4)
نه هڻي نوردين، ته ڌرتي ڌاڃ ئي نه ڪري
[24]
آهي سردار صفين مهند ۾، افضل شير امين
تنهنجا عين ادگن، مک ماه جيئن هردم حسن حسين[25]
تنهنجو قدر قَرين، آهي پاڇاون ۾ پڌرو.
(5)
پاڇاوَن ۾ پڌرو آهي نوردين جو نام
ٻڌائي ٻيليين کي، ڪيائين هيُ ڪلام
تنهن غازي مٽ گهڻا ڪيا، ڀري تيڳين ساڻ تمام[26]
جنت سندو جام، آڻي حورين ڏنوس هٿ سان.
(6)
هٿان حيدرشاه جي تنهن پيتو پيالو
ان خلل جو خان! ڏين ٿا عاقل اوڀالو
نوردين جو، نم چوي، هو نشاندر نالو
ٿيو آرڻ اٽالو، فيل فوجين مهند ۾.[27]
(7)
فيل فوجين مهند ۾، هو ست- پيڙهيو سردار
راڄين سندو راءِ تي، هو اجهو ۽ اعتبار
جيڪو ڪيو قابل قول قرار، سو وڃي پانڊؤ پاڙيو
پانهنجو.
(8)
وَرَنَههُ ڌڻي ’وَڍ‘ جو، هو جهَلو جوان جبل
[28]
تنهن جا پوڄ پلاڻيا پِيئَرا، مٿن بناتون بخمل
[29]
سا سڀ ٿئي سرهي جنهن تي رڻ چڙهيو رڻمل
تنهنجو صُوبو سورهيه سچلو هو، متارو مئنگل
تنهن جي سدائين سردار سان هئي هميشـﮧ هلچل
[سو] رؤنشو پسي رڪ جو، پوءِ نه ترسيو پل
سو مرڪي محمد ماريو تنهن جي ڳاله سڀا اٿي سل
آيس جوشي جسي مان جل، تڏهن ڪيائين صدقو سر سردار
تان.
شاعر نم جا گفتا لک جا آهن؛ مٿين سٽ ”تنهن جي ڳالهه سڀا اٿي سل“ مان معلوم
ٿئي ٿو ته محمد جي مارجڻ جو بيان به شاعر ڳايو،
مگر اهو اسان تائين نه پهتو آهي. بهرحال مينگل قوم
ٻيلي جي ڄامن جي طاقت جو وڏو پايو هئي. بهادري ۾
ته مينگل پرائتا مشهور هئا. نورالدين کان اڳ به
سردار ولي محمد مينگل نهايت مٿير مرد هو جو 1839ع
۾ انگريزن جي ڪاهه وقت بهادري سان مقابلو ڪندي
شهيد ٿيو. سردار ولي محمد کي شيخ گهراڻي جي شاعر
شيخ بکر هن ريت ڳايو آهي ته:
واه واگهه ولي محمد جهانجهرا، توکي جهان جس چون
رهبر رحيم خان تو ڏنو ننگ گهاء نرن
ننهن (نوَ) وييوُنس نسنگ نڪري، تان تان هن کي ٽهڪ
اچن[30]
توءِ هڻيو هت (هٿ) مانجهي مڇ تان، ٿو ڪري بڇ
بندوقن.[31]
8- شاهوڪن ۽ ٻُرن جو مقابلو ۽ مٺي شاهوڪ جو مارجڻ
قلات جي والي خان خدادادخان جي ايامڪاري ۾ لس ٻيلي جي ڄام ميرخان کي انگريزن
پاڻ وٽ نظربند ڪري رکيو، انهيءَ ڪري لس ٻيلي ۾
اندروني وڳوڙ پيدا ٿيا. ان وقت شاهوڪن جي قوم مان
مٺو هڪ وڏي همت ۽ هلندي وارو ماڻهو هو. اٿل جي
ٻُرن مان وڏيري دَريس سان سندس دوستي هئي. ٻين
قومن جي وڏيرن ۽ سردارن سان به سندس لاڳاپو هو، جن
جي صلاح سان هو قلات ويو ۽ خان کان وڃي سونمياڻي
جي علائقي جي انتظام جي سَنَد وٺي آيو.
سونمياڻي ڄڻ ٻُرن جو تڏو هو ۽ سونمياڻي جي ڇيڙي نبيري پڻ ٻُرن جي حوالي هئي.
مٺي شاهوڪ جي ماڻهن ٻُرن سان اڳيئي ڏاڍائي ڪئي
هئي؛ وڇي شاهوڪ ٻُرن جي وڏيري درياخان جي سپر
چورائي سوگهي ڪئي. شاهوڪن پڻ ٻُرن جو مال هنيو ۽
سائينڏني نالي عيساڻي ٻُري کي ماريو. انهيءَ ڪري
جڏهن مٺو وٺي آيو ته ڪن خيرخواهن کيس صلاح ڏني ته
سونمياڻي ٻُرن جو تڏو آهي ۽ ٻيو ته ٻُرن جو توتي
سائينڏني وارو وير رهيل آهي، انهيءَ ڪري جي چڱي
ڄاڻي ته سونمياڻي نه وڃ. مٺو ڏاڍو مڙس هو ۽ ڪنهن
تي سندس اک ڪانه ٿي ٻڏي، انهيءَ ڪري اها صلاح نه
مڃيائين ۽ سنگتين ساڻ ڪري سونمياڻي تي وڃي ديرو
دمايائين.
مٺي جي مقابلي لاءِ ٻُرن وڏيرن علي خان ڄاموٽ کان مدد گهري. ڄاموٽ ۽ شاهوڪ
ٻئي ڪنراچ جون پاڙيسري قومون هيون. علي خان ڏنو ته
جي سونمياڻي مٺي کي ملي ته پوءِ ڄاموٽن جي ڪانه
هلندي. ٻيو ته ٻُرن مان به هڪڙا راڄ مٺي جو طرف
هئا ۽ ٻيا مٺي جا مخالف. ٻُرا به زوري واري قوم
هئي پر ان وقت سندن اتفاق نه هو. شاهوڪن ۽ ٻُرن
ٻنهي مان جنهن جو زور ٽُٽي ها ته ڄاموٽن کي نقصان
ڪونه ٿي پيو. ڄاموٽ علي خان انهيءَ ڪري ٻُرن کي ڏڍ
ڏنو ۽ پاڻ چڙهي آيو. سندس راءِ هئي ته مٺي سان گڏ
جيڪي ٻُرا شامل هئا تن کي به مارجي، پر ٻُرن جڏهن
اها ڳالهه نه قبولي تڏهن رڳو مٺي کي ماراڻ جو پهه
ڪيائون ۽ سونمياڻي پهچي وڃي مٺي جي اوطاق کي گهيرو
ڪيائون.
انهيءَ مقابلي ۾ بالاخر ڳاڱو بنڀڻ- پوٽو ٻُرو ۽ مِٺو هڪٻئي کي سامهون ٿيا ۽
ٻکين پئجي ويا. ان وقت گل محمد اچي پويان مٺي کي
بندوق هنئي جنهن تي مڙس مئو. ڳاڱو پوءِ گل محمد تي
ڏمريو ته تو پٺيان مڙس کي ڇو بندوق هنئي. زباني
روايت موجب مٺو شاهوڪ سونمياڻي ۾ سنبت 1927ع ۾
ماريو. شاعر نم شاهوڪن ۽ ٻُرن جي مقابلن ۾ مٺي جي
مارجڻ واري سڄي معاملي کي پنهنجي بيت ۾ ڳايو آهي
جو هيٺ ڏجي ٿو.[32]
ساراهيان سچو ڌڻي جو سڀني سندو راء
لاشريڪ لامڪان آهي هڪ الله
پاڻ وهيڻو پادشاه جيڪا ڪر سا
هڻي ڇٽ پٽن سين باري بيپرواه
قادر جي قدرت کي سمجهي ڪين سگهيا
عرش ڪرسي لوح قلم آگي اپايا
قابو ڪيو زمين جا جبل تنهن جوڙيا
سوا لک نبين جو ڪيو پاڻ ڌڻي پيدا
ٽي سؤ تيرهن اڳرا ٿيا مرسل مٿيرا
نور منجهان نروار ڪيو مولي مصطفيٰ
ڏيو ڏيهن وچ ۾ شاهن سندو شاه
چئين ڪُنڊين چراغ ڪيو شمس شعاء
چارئي يار رسول جا شعريتي سُوا
اول ابابڪر ايمان سين آندو صدق صديقا
درس اُبيٺو دين تي عمر مير اُتاء
انهان پوءِ عثمان ٿيو غازي غنياء
[33]
تنهن سِٽون سورون سرت سين ٿي
پڙهيون پرت منجها
جوڙي ٽيهه جمع ڪيا ثابت سيپارا
علي شير الله جو آهي اسدالله
جنهن ڪٽي ڪافر ڪيترا ڪوڙين ڪنبايا
ماري مسلمان ڪري تنهن امن تي آندا
پنجتن پاڪ مڃيان جي ڌڻي پاڻ ڌُئا
آئي چادر ان تي الٰهي عرش آتا
علي جي اولاد کان قطب ٿيو پيدا
سو پاڳارو پيرن جو مڃيو ملائڪن آ.
جنگيون گهڻيون جنبايون اميرن اصلا
پوءِ ٿيو پادشاهن ۾ موٽي مذڪورا
کؤنس مڙيئي کاڄ تي جان ڪيم نرت نگاه
قصو ڪريان ٿو ٻيو سو سهڻو سٻوجها
ٻيلو ٻيلي پيرين جو اڏيو سو اصلا
موسيٰ نَياڻي مهند کُٽي اچي سِرَ سهڄا
[34]
پوءِ سپڙ اُت سڪونت ڪي اول ان هنڌا
گهوڙا گهوٽيتن بخشيا کولي کنڌين تا
[35]
تنهن پاٽَ پڙهيو ڪيترا ٿي ڏَڏين ڏان ڏنا
اُت پٻي - پوٽا پڌرا رونجها راڄ هئا
تن ساڍِي-سٺ صاحبئين جِي حاجي ڪري هُگاء
سو سنگرُ سانههُ سگهه ڀريو هو چڱو رونجهو راء
ٻيا مُوساڻي تنهن ماڳ تي ڳاروڙي گونگا
ڄام دينار ڌَمَڪُون ڪريو ٿي ديرا دٻايا
تنهن هاٿي مَل هڪل سين سڀ سلامي ڪيا
پوءِ آئي پڳ پهوڙ خان تي امر ساڻ الله
تنهن کنو هڻي کٽيو ڪاوڙجي ڪستا
[36]
ڪانڀو- پوٽي ڪڙهي سلا ساڱايا
[37]
برفت ڀائر پاهنجا نهري سڀ نِگَهِيا
اچي پوءِ عزت خان جا سڀ سلامي ٿيا
سو نيڪ ننڍوئي ناميو هو وڏي گهر ويا.
انهان پوءِ اچي ڪيو عالياڻي عملا
[38]
ساڪن سي سردار ٿي ٻيلي ۾ ٻيٺا
مڙيئي موجود ٿيا قائم ڪؤريجا
صديق سِينهن سگهائيو پانڊو پَڇاڙيا
[39]
اول ڄام عالي هو پوءِ غازي غلام شاه
نر نوتاڻي ناميا اصل اهنڊ هوا
[40]
مير بِراهم موج ڪريو ٿي ڏوکي ڏکايا
تنهن ڪاڇو ڪهِرَ ڪنبايو ڪري هڪل هيبتا
[41]
نعرو نوتاڻين جو ديسين منجهه دهڪا
نوتُ، مريد، ڏيوڙو سورهه سوڀاتا
ته اهدين ’اُٿل ڪوٽ‘ ۾ ٿي حڪم هلايا
[42]
تن اجهي عالياڻين جي ٿي کڳ کڻيو کاڌا[43]
نڪين حاڪمين هيسانڪين سردارين سَهٽيا
مير خان متارو ٿيو دَرس چڱو داناء
تنهن راڄ ريجهائي پاهنجا هاٿي هٿ ڪيا
امير احدي پاهنجا سوڙهي سُڪ ڪيا
ان فهميدي فڪر سين فيري فَچايا
[44]
وانٽا وجَہَ تن کان واري سڀ وٺڻا
ڄام عالي ڄڻ چڱي سان عجب ٿيو عُلما
پڙهي تنهن پورو ڪيو ڪامل قرآنا
شرع شريعت سڀڪا ثابت ڪيائين سا
موٽي ٻيو مير خان ٿيو مور تنهين ماڳا
ڪلنگي تنهن ڪپار ۾ سونهي سهج منجها
ويٺو طالع – وند تخت تي بخت سندس بالا
تنهن ڪاپُو ڪهِرَ قلات سين پيچ پڳهه پاتا[45]
احمد زئي ان کي سڱ ڏنو سهجا
[46]
عالياڻي عقل سي ٿيو حجت ۾ همراه
[47]
تنهن ڪُڙهي سڀ قلات جا عمل عيان ڪيا
تنهن لائق آڻي لس تي ايهي اسم رکپا
[48]
اُمرا ڪڍي پاهنجا سوڙهي سَڪ جهَليا
تنهن تان راڄ رنجور ٿي روح ۾ رڪٽيا
دَريس مِٺي پاڻ ۾ رکيو يارانا[49]
گفتا ڪيائون گڏ ٿي، تن ٻيهي ٻول ٻڌا
پهي پروڙي پاڻ ۾ اها ڪري اُٿيا
مصلحت ٻِنِي هيڪڙي جيڪا ڪري الله
تن ٻيلي قلات وچ ۾ سوڌا سيل ڪيا
تن کي خان خوشي مان عزت ڏني اڳيا
بانڪي ڀائر پانهنجا سڀئي رک رکيا
پهرن پنهنجي پڊ تي خوبئون خوشحالا
ساڻيهه منجهه سکا ٿيو ڀوڻن بي فڪرا[50]
پر چڱا چڱا نه ٿيا جو پاڻ ۾ جهڙپيا
جي هجن هيڪڙي ڳالهه تي ته سرهي ٿئي سڀڪا
آيو وقت آخيري لکيو ڪتابا
محبت ويندي ماڻهن مان، پڙهيا مون پُڇيا
قبيلي مان ڪُلفتون پسو ٿيون پيدا
موٽي مَٺ – گهُرا ٿيا جي هوا اوڏا عزيزا.
دريس پاران دل ۾ ڀائرين بغض رکيا
جيڪا ڪري ڳالهڙي سمجهن ڪين صفا
مالڪ ڌاران من جي ڪنهن کي ڪل نه ڪا
اندر سندو عام کي ڪهڙو سُڌ سماء
ڏاڏي سندي عام سٿ مان گدڙ ٿيو گمراه
ٿو لڳين ٽنهي ڳالهيين ڪوڙو ڪذبا.
اول ڳالهه اُٿياري شاهوڪين سڀڪا
تن موٽي رکيو ملڪ تي چوري سندو چاه
پهريون پوڄ پٽن ۾ ڳايو چرن ڳاه
درس اچي دوسو جو وٺي مال ويا
[51]
هي به جنگي- خاناڻي جهانجهرا همت ساڻ هليا
جوانن اچي جوءِ تان پسي پير کنيا
وڃي رسيا واهرو ڳُئين جا ڳوڌا
آيا نر نڌان تي دزد وٺي داناء
تنهن کي حاڪم حڪومت سين ٿي ڏني سڀ سزا
پر پير تنهن جي پٺ ۾ ٿيو قربئون قائم شاه.
مڱيي، دُري، ٻٻر ٻيهي سمجهه رکي سڀڪا[52]
تن ملاحظي مِٺي جي پردو ڪيو پاڻا
پروڙي پوءِ وڇي کي آيو اوساڻا
[53]
سوکيڙِي دريا خان جي ويو کڻي کار منجها
تڏ سپر تان سخت ٿي هي ڪُڙها قصوريا
ٻُرين اُت ٻولائي اُتو ايئن اڳيا
[54]
’کيڙي مير مٺي جي ڏيو آڻي اسان کا
ته ڪَرَهِي ٿئي ڪانه ڪانڪو جنگ جُنباه‘
تڏهن جوان جواب ڪيو مرد مٺي مهندا
ته ڪڏهين کيڙي ڪين ڏيان ڪڍي ڪڇ منجها
ٻي ڪا ڪريو ڳالهڙي ته سڀ مڃيندس سا.
|