44_
شاعري جي ابتدا، ڊسمبر 19333ع ڌاري قبله والد صاحب
مرشدنا جن مون کي پهريون دفعو ٿرپارڪر طرف مريدن ۾
دعوتن تي موڪليو، اتي بوڇڻاهه نالي ڳوٺ ۾ منٺار
فقير راڄڙ آيو، حاضريءَ تي ۽ باقي سڄو سفر گڏ
رهيو. روزانو هڪڙو ڏهر ٺاهيندو هو، جيڪو صحب فقير
چانيهو پنهنجي سريلي آواز ۾ ڏيندو (ڳائيندو) هو.
اهي ڏهر ٻڌي دل ۾ شوق پيدا ٿيو ته شاعري ڇاهي ۽
روز منٺار فقير ڏهر ڪيئن ٿو ٺاهي! سفر ختم ٿيڻ بعد
ڳوٺ آياسون. هڪ ڏينهن هالا جي اتر طرف شڪار تي وڃڻ
ٿيو اتي ئي مندرجه ذيل شعر في البديهه جهونگاريندي
زبان تي آيو جيڪو منهنجي شاعريءَ جي ابتدا پڻ آهي.
يا الاهي يار مون ايندو ڪڏهن،
درد دل جو دور هي ٿيندو ڪڏهن.
آئون جڏهن ٻئي سال دعوتن تي ويس ته منٺار
فقير جو انتقال ٿي چڪو هو، ان مان حساب لڳي ٿو ته
مون جنوري يا فيبروري 1934ع ۾ شاعري شروع ڪئي
هوندي. (منهنجو نڍپڻ ص:29).
45_
پير حاجي شاهنواز ولد سيد ڏنل شاهه جيلاني 20_
آڪٽوبر 1922ع ۾ تولد ٿيو. پاڻ سنڌ جي مشهور بزرگ ۽
شاعر سيد حسن بخش شاهه جو پوٽو هئو، سندس ڳوٺ پير
سبحان علي شاهه، تعلقي شهدادپور ضعلي سانگهڙ ۾
آهي. سندس شمار سنڌ جي سُٺن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. پهرين
عاجز تخلص هئس ۽ پوءِ فقير کٽياڻ عارف تخلق ڏنس.
ان بعد مون (طالب الموليٰ) کيس عارف الموليٰ تخلص
ڏنو. شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي اٿس،
سندس انتقال 31_ مئي 1978ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ ٿيو.
(ياد رفتگان، ص_292/293).
46_
محمد صديق ولد گلاب خان قنبراڻي، 1_ اپريل 1879ع ۾
ٽنڊي باگي شهر ۾ تولد ٿيو. قرآن شريف جي تعليم
مقامي مدرسي مان حاصل ڪيائين. ابتدائي تعليم مقامي
پرائمري اسڪول مان وٺي پنهنجي خداداد قابليت جي
بناءَ تي سال ۾ ٻَه ٻهَ درجا پاس ڪندي 1896ع ۾
ورنيڪيولر امتحان پاس ڪري پرائمري استاد ٿيو.
ملازمت دوران آخوند عبدالرحيم حيدرآبادي کان
فارسيءَ جي تعليم ورتائين. 1899ع ڌاري ٽريننگ
ڪاليج ۾ تربيت حاصل ڪرڻ دوران سيد محمد فاضل شاهه
مرحوم وٽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. انگريزي
زبان جو به ڄاڻو هئو ۽ انگريزي ادب جا ڪيترا مضمون
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اٿس. 1921ع ۾ ملازمت تان موڪل
وٺي اچي مرحوم مير غلام محمد جو ٻانهن ٻيلي ٿي
ٽنڊي باگي ۾ انگريزيءَ جو ننڍڙو اسڪول قائم
ڪرايائين، جيڪو هن وقت هاءِ اسڪول جي صورت ۾ موجود
آهي. مسافر انهيءَ مدرسي ۾ بنا معاوضي جي درس و
تدريس ڏيندو هئو. پاڻ تقريباً 200 ڪتابن جو مصنف
هئو. سندس سموري زندگي درس و تدريس ۾ گذري. 24_
سيپٽمبر 1961ع تي رحلت ڪيائين. (يادِ رفتگان،
ص:208/209).
47_
قاضي عبدالحي ولد حاجي سليم الدين ابڙو 12_ نومبر
1918ع ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم هالا ۾ حاصل ڪري
مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪوٽڙي مان پاس ڪيائين ۽
پوسٽ ٽيليگراف کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو، بعد ۾
انسپيڪٽر آف پوٽ آفيسز ٿيو. ڪراچي مان بي_ اي،
ايل_ ايل- بي پاس ڪيائين. بعد ۾ اطلاعات کاتي ۾
انفرمينشن آفسير ٿيو. ڪجهه وقت لاءِ ”ڳوٺ سڌار“
کاتي ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. جتان انڊيانا يونيورسٽيءَ
۾ سمعي ۽ بصري تعليم ۾ ايم_ ايس_ سي ڪيائين.
پاڪستان واپس اچي سنڌيءَ ۾ ايم_ اي فرسٽ ڪلاس
سيڪنڊ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. ڪجهه وقت بي_ ايڊ
ڪاليج سکر جو پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع کان 1965ع
تائين منهنجي (طالب الموليٰ) جي خواهش تي ”سروري
اسلاميه ڪاليج“ هالا جو پرنسپال ٿي رهيو. اتان
واپس انفارميشن کاتي ۾ ويو، جتان 1_ مئي 1977ع تي
رٽائرڊ ٿيو ۽ هالا ۾ سليم هوميوپيٿڪ دواخانو
کوليائين. سليم صاحب سٺو شاعر، اديب، نثرنويس ۽
صحافي هو. هن منهنجو (مخدوم طالب الموليٰ) جو
پهريون ڪتاب ”بهارِطالب“ به ترتيب ڏنو. ان کان
سواءِ ”تذڪره شعراءِ هالا“، ”شڪوه سنڌ“ ۽
انعاميافته ڪتاب ”گل بانو“ لکيائين. عمر جا پويان
15 سال ديني خدمت لاءِ وقت ڪري ڇڏيائين. پنهنجي
حياتيءَ ۾ پنهنجو ڪلام ضايع ڪري ڇڏيائين. سليم
صاحب 23_ آگسٽ 1992ع تي وفات ڪئي. (يادِ رفتگان،
ص: 422/423).
48_
خليفو محمد عمر ولد خليفو الحاج حافظ عبدالرحمان
ميمڻ 27_ ڊسمبر 1917ع ۾ تولد ٿيو. سندس پهريون
تخلص ”مجرم“ هو. جيڪو 1940ع کان بدلائي ”اختر
هالائي“ اختيار ڪيائين. پاڻ خٿابن ۾ پڙهيو. اردو،
فارسي ۽ عربي پنهنجي وڏي ڀاءُ مولوي مير محمد
مادُح وٽ پڙهڻ لکڻ سکيو. سڀ کان پهريائين گُربيون
۽ سوسيون اڻندو ۽ اڻائيندو هو. بعد ۾ خانداني پيشو
يوناني حڪمت اختيار ڪيائين. هوميوپيٿڪ ۾ به عبور
حاصل ڪيائين. سندس شاعريءَ جو استاد سندس مامو
محمد يعقوب ”همان“ هو. اختر هالائي نهايت پخته
ڪلام شاعر هو. سندس ڪلام ”فردوس“، ”نئين زندگي ۽
سماهي ”مهراڻ“ ۾ اڪثر شايع ٿيندو هو. 1951ع ۾
هفتيوار ”تعمير“ اخبار ڪڍيائين. ان تي بندش پوڻ
بعد 1953ع ۾ هفتيوار ”ڪوثر“ جاري ڪيائين. ڪوثر جي
مناسبت سان پنهنجي حڪمت خاني جو نالو ”چشمئه ڪوثر“
رکيائين. پاڻ جيتوڻيڪ ڪيترائي اصلاحي، اخلاقي ۽
سياسي نظم به لکيائين. پر بنيادي طور غزل گو شاعر
هو. سنڌ جي متعدد ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين.
اختر هالائي 27_ آڪٽوبر 1959ع تي وصال ڪيو.
(ياد
رفتگان، ص: 019/191).
49_
آخوند حاجي عبدالرحمان ”انجم“ هالائي 15_ آگسٽ
1902ع ۾ هالا جي ميمڻ خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس
والد علي محمد ميمڻ کيس پراڻي دستور موجب قرآن
شريف جي تعليم ڏياري. مرحوم حاجي سليم الدين ابڙو
وٽ ملامڪتب ۾ سنڌي ۽ فارسي پڙهيو. سال 1919ع ۾ ملا
ٽريننگ ڪاليج شهدادپور ۾ ٽريننگ ورتائين ۽ بعد ۾
حاجي سليم الدين جي مڪتب ۾ معلم ٿيو ۽ سندس وفات
بعد ان ئي مڪتب جو هيڊ معلوم به ٿيو. اڳي هلي
مرحوم مولوي مخدوم غلام حيدر صديقي قريشي صاحب جن
جي مدد سان حڪومت وٽان پلاٽ حاصل ڪري عمارت
ٺهرايائين، جيڪا اڄ ”مسلم انجم پرائمري اسڪول“ جي
نالي سان موجود آهي. سندس شاعريءَ ۾ استاد حافظ
محمد هالائي هو. انجم صاحب جو پهريون تخلص احقر
هئو، پر پوءِ 1950ع ۾ ڦيرائي ”انجم“ رکيائين. پاڻ
ڪيترا سال ميونسپالٽي هالا جو ميمبر ۽ 1953ع کان
1955ع تائين وائيس پريزيڊنٽ ٿي رهيو. 1951ع ۾
فردوس رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو ۽ نوابشاهه ۾ رهائش
دوران رهنما رسالي جو به ايڊيٽر ٿي رهيو، هفتيوار
معلم اخبار به ڪڍيائين. جنهن جو ايڊيٽر به پاڻ
هئو. هالا ۾ شعر و شاعريءَ جو محفلن کي انجم صاحب
گهڻو زور وٺرايو، سندس زندگيءَ جو پويان سال دين
اسلام جي ترويج ۽ تبليغ ۾ گذريا. پاڻ 1_ نومبر
1975ع تي انتقال ڪيائين. (يادِ رفتگان، ص:
271/272).
50_
انور هالائي صاحب جي ٻانگ جو نالو محمد شفيع هئو.
سندس ولادت 15_ ڊسمبر 1925ع ۾ ٿي. پاڻ احمد خان
ابڙو ”شيدا“ بن عبدالرؤف ابڙي جو فرزند هئو. انجم
هالائي ۽ اختر هالائي شاعري ۾ استاد هئس. انور
صاحب زندگي جو وڏو حصو سيڪريٽري جنرل بزم طالب
الموليٰ سنڌ جي حيثيت ۾ خدمات انجام ڏنيون. سندس
انتقال 12_ جنوري 1994ع ۾ حرڪت قلب بند ٿي وڃڻ سبب
ٿيو.
51_
سيد حيدر شاهه اجناڻيءَ جي ولادت 15_ ڊسمبر 1917ع
۾ ٿي سندس والد بزرگوار سيد مٺن شاهه نهايت نيڪ
عابد ۽ باشرع بزرگ هئا ۽ پنهنجي حلقه احباب ۾ امين
مشهور هئا. سندس شفقت پدري مان گهڻو ڪجهه
پرايائين. سندس شجره نسب حضرت امام موسيٰ ڪاظم کان
ٿيندو امام الاوليا حضرت علي عليه السلام سان ملي
ٿو. علم و ادب سان چاهه کيس خانداني ورثي ۾ مليو
هئو. پاڻ 15 سالن جي عمر ۾ ”رشيده“ جي عنوان سان
افسانو لکيائين، هڪ ڪتاب ”زميندار“ به لکيائين ۽
”عظيم ترين افڪار“ نالي ڪتاب ترتيب به ڏنائين. سب
جج جي حيثيت سان نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين ۽ سيشن
جج جي حيثيت سان رٽائر ٿيو، نهايت خوش طبع، خوش
اخلاق ۽ شيرين گفتار شخص ۽ سٺو شاعر به هو. سندس
وفات حسرت آيات 8_ مارچ 1986ع ۾ ٿي. شاعريءَ ۾ اول
”ناعم“ ۽ پوءِ آخر تائين ”حيدر“ بطور تلخص
آندائين.
(يادِ رفتگان، ص:536/537).
52_
آغا عبدالنبي ولد آغا گل حسن خان، شڪارپور جو پٺاڻ
هو. سندس ولادت 16_ مارچ 1903ع ۾ ٿي، پاڻ سٺو شاعر
هو. تخلص ”عليگ“ ڪندو هو. سندس ابتدائي تعليم،
گمبٽ (خيرپور) ۾ ٿي. ان کان پوءِ خيرپور ميرس ۾
انگريزي تعليم وٺي 1919ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون.
اعليٰ تعليم لاءِ، علي ڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ٿيا،
جتان 1924ع ۾ بي_ اي (آنرس) ڪري، پنهنجي وطن
شڪارپور آيا. ”آغا“ عبدالنبي کي ننڍي هوندي کان
شاعري جو شوق هو. سندس وڏي ڀاءُ آغا صوفي جي صحبت
سندس کي وڌيڪ اجاگر ڪري ڇڏيو هو. پهرين سنڌي فلم
”ايڪتا“ جا پاڪستان کان اڳ ٺهي هئي، تنهن جا
ڊائلاگ ”آغا“ عبدالنبي لکيا هئا. سندس شايع ٿيل
ڪتابن ۾ ”افڪار عليگ“ (نظم) ۽ حريص پتلو عرف وفا
جي ديوي (ڊراما) مشهور آهن. سندس ڪليات (قلمي)
سندس پوين وٽ محفوظ آهي. آغا عبدالنبي جو انتقال
ڪافي وڏي عمر ۾ سن 1977ع ۾ ٿيو. سندس شايع ٿيل
ڪتابن جي فهرست مندرجه ذيل آهي. 1- افڪار عليگ 2_
سسئي پنهون 3_ حريص پتلو 4. افسانا ۽ مقالا وغيره.
(يادِ رفتگان، ص: 988/989).
53_
حاجي محمود ولد محمد بچل تنيو، ڳوٺ بٺي تعلقي ميرو
خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 4_ جنوري 1895ع ۾ تولد ٿيو.
”سندس والد کي شوق هو ته پنهنجي فرزند کي تعليم
ڏياري، کيس بٺي جي مدرسي ۾ قرآن پاڪ ۽ ٻي تعليم
حاصل ڪرڻ لاءِ وهاريائين، جتي قرآن شريف ۽ پارسي
جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ سنڌي اسڪول مان تعليم
حاصل ڪري انگريزي پڙهڻ لاءِ مدرسه هاءِ اسڪول
لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيو، جتي ميان غلام سرور فقير سنڌي
اسڪول جو هيڊماستر هو. 1911ع ۾ نواب حاجي امير علي
لاهوري ۾ ميان علي محمد قادري جي رفاقت ۾ حج جي
سعادت حاصل ڪيائين. حج تان واپس ورڻ بعد انگريزي
پڙهڻ ڇڏي ڏيائين. ان جو سبب پنهنجي ”سر گذشته
خادم“ ۾ هن ريت تحرير ڪيو اٿس. ”مدرسي ۾ پڙهندي
سڀني اچي ورتو ته حاجي سڳرو ٿي آيو آهين، اهڙو
ڀلارو ٿي وري انگريزي دوزخي ٻولي ٿو پڙهين. متاثر
ٿي مون انگريزي ٻولي ڇڏي ڏني.“ حاجي محمود خادم
سڄي عمر علم و ادب ۽ شاعريءَ جي خدمت ڪئي، جمعيت
الشعراء سنڌ طرفان کيس مخدوم الشعراء جو لقب مليو.
سندس انتقال 9_ جنوري 1960ع تي ٿيو.
(يادِ رفتگان، ص: 196/197).
54_
ڊاڪٽر محمد ابراهيم ”خليل“ ولد محمد يوسف شيخ ويٺل
حيدرآباد 24_ ڊسمبر 1900 ۾ ڄائو. ”سنڌي جو ڪهنه
مشق ۽ قادرالڪلام شاعر هو. ابتدائي تعليم، ”سنڌ
مدرسته السلام“ ڪراچي ۾، قرآن شريف مولوي محمد
عثمان نورنگزاده وٽ پڙهيو. ”نولراءِ هيرانند
اڪيڊمي“ ۾ پڙهڻ کانپوءِ ”نارائڻ جڳ ناٿ هاءِ
اسڪول“ ڪراچي مان 1917ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. ”ڊي
جي سنڌ ڪاليج“ ڪراچي ۾ به متعلم رهيو. سائنس ۽
ڊاڪٽري، 1925ع ۾ بمبئي ۾ پڙهيو. فارسي تعليم مولوي
ميان جي عبدالحق وٽ ورتائين. ويانا (آسٽريليا)
رانجي ۽ بهار مان دماغي مرضن جو اڀياس ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب انهيءَ فن ۾ ماهر هو. حيدرآباد ميڊيڪل
اسڪول، ”ڊوميڊيڪل ڪاليج“ ڪراچي ۽ ”لياقت ميڊيڪل
ڪاليج“ حيدرآباد ۾ پروفيسر ٿي رهيو. سرسي جي مينٽل
هاسپيٽل گدو (حيدرآباد) ۾ چوڏهن سال سپرنٽينڊنٽ ٿي
رهيا، ۽ 1955ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هيلٿ ٿي رٽائر
ڪيائين. شاعري 1913ع کان شروع ڪيائين، پهرين
”غافل“ پوءِ ”خليل“ تخلص اختيار ڪيائين. اهڙي طرح
”بزم خليل“ ۽ ”انجمن ترقي اردو“ ڊاڪٽر صاحب جي
خدمتن جا تاريخي شاهد آهن. سندس انتقال 19_ نومبر
1982ع تي ٿيو.
(يادِ رفتگان، ص:330/331).
55_
مولانا غلام محمد گرامي 30_ ڊسمبر 1920ع ۾ ڄائو،
سندس والد جاڙو خان بلوچ هو. ”گرامي صاحب حيدرآباد
۾ 1943ع ۾ جامعه عربيه تحريڪ ۾ آيو ۽ ان کان پوءِ
هميشه لاءِ حيدرآباد ۾ رهيو. 1951ع کان 1954ع
تائين ٽريننگ ڪاليج ۾ فارسيءَ جو استاد رهيو.
1943ع ۾ قلمي زندگي ۾ صحافي زندگي جو آغاز ”هلال
پاڪستان“ جي افتتاح سان ڪيائين ۽ عبرت جي ٻئي دور
۾ ڪالم نويس رهيو. ان سلسلي ۾ رساله آفتاب ڪراچي،
عرفان لطيف حيدرآباد، پاسبان هالا، الزمان هالا ۽
ترجمان ميرپور خاص جو ايڊيٽر رهيو. 1955ع ۾ سنڌي
ادبي بورڊ ۾ آيو ۽ رسالي مهراڻ جو مئنيجنگ ايڊيٽر
ٿيو. 57_1956ع ۾ ”شاعر“ حيدرآباد جو ايڊيٽر ٿيو.
سندس تعلقات جو سلسلو وسيع رهيو، جناب مخدوم محمد
زمان صاحب طالب الموليٰ صاحب سان محبت ۽ عقيدت
وارو تعلق هئس. گرامي جو انتقال 15_ سيپٽمبر 1986ع
تي ٿيو.“
(يادِ رفتگان، ص:274/275).
56_
جمع خان ”غريب“ ولد ستارڏنو پيرزادو 15_ جنوري
1885ع تي ڳوٺ مريد لاکير ضلعي دادو ۾ تولد ٿيو.
سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري ماستر ٿيو. قاضي
عبدالوهاب شڪارپوري کان طب جي سند به حاصل ڪيائين.
1940ع ۾ پينشن تي اچڻ کان پوءِ حڪمت ڪندو رهيو.
کيس شاعري جو شوق ”بلبل“ جي صحبت ۾ ٿيو. جڏهن
”ٽريننگ ڪاليج“ حيدرآباد ۾ ويو ته اتي محمد صديق
”مسافر“ ۽ ”مخلص“ کان به شعر ۾ اصلاح ورتائين،
حاجي محمد ”خادم“ لاڙڪاڻي واري کي به پنهنجو استاد
تسليم ڪندو هو. 1915ع ۾ ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي جي
آغاز ٿيو ۽ پاڻ به ان ۾ شامل ٿي. انجمن آفتاب ادب
دادو جي بانين مان هو. ”بزم طالب الموليٰ“ جي
بنياد وجهڻ ۾ به سندن تجويزون شامل هيون. ”جمعيت
الشعراء سنڌ“ جي سرگرم ڪارڪنن مان هو. پاڻ اپريل
1941ع کان مئي 1945ع تائين ”اديب سنڌ“ لاڙڪاڻي جو
ايڊيٽر ٿي رهيو. آگسٽ 1952ع کان سيتا روڊ مان
”طالب الموليٰ“ نالي رسالو ڪڍيائين. مارچ 1953ع ۾
بيمار ٿيو ۽ 7، آگسٽ 1953ع ۾ وفات ڪيائين. پنهنجي
وفات جو تاريخي مادو نوٽ بوڪ ۾ لکيو هئائين.
”بابقا جانِ غريب“ 1373 هجري.
(يادِ رفتگان، ص: 174/175).
57_
حافظ محمد ”احسن“ ولد جمع خان چنا، 12_ اپريل
1900ع ۾ تولد ٿيو ۽ 19_ جون 1976ع ۾ انتقال
ڪيائين. سندس نالو ”محمد“ ۽ لقب ”حافظ“ هئو. پنجن
ورهين جي عمر ۾ علامه وقت مولانا غلام محمد صاحب
ملڪاڻي واري بزرگ جي نظرِ ڪيميا اثر کان مستفيض
ٿيو. جنهن وٽ علم ظاهري ۽ باطني حاصل ڪيائين.
عربي، پارسي تعليم سان گڏ، قرآن ڪريم جي حفظ کان
شرف ياب ٿيو. ڪتابن جو وسيع مطالعي کان منجهس
تصنيف و تاليف، شعر گوئي ۽ مقاله نگاري جو ذوق
پيدا ٿيو. 1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني مدرسو
کولي تعليم جي خدمت جو آغاز ڪيائين. اهو مدرسو ۽
تعليمي شغل 1951ع تائين قائم رهيو. کيس شعر و
شاعري جو پاڪيزه ذوق حضرت ملڪاڻي رحه جي صحبت ۾
پيدا ٿي هو، پر باقاعده موزون شاعريءَ جو آغاز
1921ع ۾ شمس العلماءَ مرحوم مرزا قليچ بيگ ۽ حڪيم
جمع خان ”غريب“ جي اصلاح ۽ تربيت سان ٿيو.
(يادِ رفتگان، ص: 358/359).
60_
حاجي الله بخش سرشار عقيلي ولد حافظ حاجي محمد
صديق عقيلي،21_ جنوري 1907ع ۾ ٺٽي شهر ۾ تولد ٿيو.
سرشار عقيلي هڪ باتميز، بااخلاق ۽ تهذيب يافته شخص
هئو. اديب به هئو ۽ شاعر به پر شاعر به سُٺو شاعر
هئو. ڪجهه نثر نويس به هئو. 1954ع ۾ کيس اداره روح
ادب جو جنرل سيڪريٽري ۽ 1955ع ۽ بزمِ طالب الموليٰ
سنڌ جو سيڪريٽري جنرل مقرر ٿيو. 1957ع ڌاري ملازمت
تان رٽائر ٿيو. 15_ جنوري 1972ع تي وفات ڪيائين ۽
ٺٽي ۾ مدفون ٿيو. مون سان (طالب الموليٰ) تعلق ۾
اچڻ وقت ۽ ڪجهه زمانو پوءِ به نهايت عمدي حالات ۾
هئو.
(يادِ رفتگان، ص: 245/246).
61_
امير بخش قريشي ولد امام بخش ڳوٺ شڪارپور ۾ 1906ع
ڌاري ڄائو. شاعري جو آغاز 1930ع کان ڪيائين.
شاعريءَ ۾ سندس استاد سرشار عقيلي هو. پاڻ ”محفل
احباب“ جو صدر، ”جمعيت الشعراء“ سنڌ جو جنرل
سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن جو سر گرم ڪارڪنن
ٿي رهيو سندس تصنيفات ۾ ”جهنگل“ (ناول) ”انور“
(ناول) ”بياض امير“ ۽ ”شڪوه جواب شڪوه“ جو ترجمو
قابلِ ذڪر آهن. پر اُهي ڪتاب اڃا اشاعت هيٺ اچي نه
سگهيا آهن. پاڻ فوڊ ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اعليٰ عهدي تان
رٽائر ڪري ڪجهه وقت شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو، بعد
۾ ڪراچيءَ ۾ منتقل ٿيو. پاڻ نهايت ئي نيڪ ۽ مهمان
نواز طبعيت جو مالڪ هو. 1978ع ڌاري وفات ڪيائين.
(يادِ رفتگان، ص: 296/297).
62_
محمد خان ولد قاضي محمد دائود 18_ مارچ 1903ع ۾
ڳوٺ ”ٽِکڙ“ تعلقو ٽنڊو محمد خان ضلع حيدرآباد ۾
تولد ٿيو. سندس خاندان علمي ادبي دنيا ۾ نمايان ۽
بلند مقام جو حاصل آهي پاڻ حافظ حامد ٽکڙائي جو
پوٽو ۽ محمد هاشم ”مخلص“ جو ڀائٽيو هئو. قرآن شريف
۽ پارسي جي تعليم عبدالله ”بسمل“ کان ورتائين ۽
اهو ئي شاعريءَ ۾ سندس استاد به هو. ننڍي عمر ۾
شعر چوڻ لڳو ۽ آخر تائين سنڌي ٻولي ۽ ادب جي بي
لوث خدمت ڪيائين ۽ خود به نمايان مقام تي پهتو.
1931ع کان ”مسلمان“ اخبار جو ايڊيٽر به ٿي رهيو
غني صاحب جو انتقال 1_ مارچ 1979ع تي ٿيو.
(يادِ رفتگان، ص: 298/299).
63_علي
محمد لاشاري ”خالدي“ ولد نهال خان لاشاري 10_جون
1925ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ٺٽي ۾ حاصل
ڪيائين ۽ مئٽرڪ جو امتحان سنڌ مدرسه ڪراچي مان پاس
ڪيائين. بي_ اي 1949ع ۾ ۽ ايل_ ايل_ بي 1951ع پاس
ڪيائين. 1952ع ۾ پهرين ٺٽي ۽ پوءِ حيدرآباد ۾
وڪالت شروع ڪيائين. انهيءَ دوران علمي شوق سبب
1964ع ۾ ايم_ اي سنڌي ۾ ڪيائين. وفات کان اڳ کيس
سنڌ جو اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو ويو هو.
شاعريءَ جو آغاز 1942ع کان ڪيائين کيس ڪراچيءَ ۾
مرحوم غلام احمد نظامي شاعر جي استادي حاصل ٿي.
خالدي بنيادي طرح نظم جو شاعر هو. سندس تصنيفات ۾
نسيم سحر (شاعري) مڪليءَ جا پر اسرار داستان ۽
خاموش گواهه نهايت دلچسپ آهن. ”ڪليات خالدي“ قلمي
صورت ۾ موجود آهي. خالدي صاحب ”جمعيت الشعراء سنڌ“
جو سر گرم ڪارڪن هئو. 30_ آگسٽ 1972ع ۾ انتقال
ٿيس. (يادِ رفتگان، ص: 254/255).
65_
سنڌ جو هي عظيم استاد منظور علي خان ولد استاد
جمال خان 1930ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. استاد سينڌي خان
کان علم وموسيقي حاصل ڪيائين. 1960ع ۾ حضرت مخدوم
محمد زمان طالب الموليٰ کيس بهار موسيقي جو لقب
ڏنو استاد منظور علي خان جو انتقال 9 سيپٽمبر
1980ع ۾ ٿيو.
|