5-6- شيخ معروف ۽ شيخ عثمان:
هي ٻئي ڀائر مسيح القلوب جي والده صاحبه جا چاچا ۽
شيخ طاهر يوسف جا سوٽ هئا. انهن جو وطن پاٽ هو. پر
هو بکر ۽ ملتان جي سرحد سيتپور ۾ وڃي رهڻ لڳا.
افسوس جو ”تحفة الڪرام“ هنن صاحبن جو ذڪر خير
سيتپور جي بزرگن ۾ نه ڏنو آهي. مگر ”گلزار ابرار“
جي مصنف مولاناغوثيءَ آندو آهي. شيخ طاهرمحدث رحه
تي انهن صاحبن جو گهرو اثر رهيو. طاهر صاحب
فرمائيندو هو ته ”سنڌ ۾انهن بزرگن وحدت الوجود جو
چرچو هلايو.“ هي بزرگ قاضي قاضن سنڌيءَ جا مصاحب
هئا.
7- مولانا يونس لاکو:
هن بزرگ جو ذڪر خير فقط مولانا غوثيءَ جي مشهور
تذڪري ”گلزار ابرار“ ۾ ملي ٿو. هن جي تعليم ۽
بصيرت ۾ حضرت غوث گوالياريءَ جي مشهور خليفي شيخ
وجيه الدين علوي ۽ قاضي عيسيٰ احمد آبادي جو هٿ
هو. قاضي عبدالغني، سيد ابراهيم بکري، شيخ نظام
الدين ابن ڪبير، ملا طيب سنڌي ۽ قاضي اسحاق آسيري
سندس مشهور شاگرد هئا. مصرع-
”بـــادا انــيــــــس جانش شوق خداشناسي“
8- ميان وجيو سنڌي:
هن صاحب جو احوال ”برهانپور ڪي سنڌي اولياء“ ۾ آيل
نه آهي، ۽ نڪو ڪنهن ٻئي تذڪري ۾ آيل آهي. فقط
”گلزار ابرار“ ۾ آيل آهي. هي صاحب ٺٽي جي نزديڪ هڪ
ڳوٺ ۾ ڄائو. عبدارحيم خانخانان کان مسيح زمان (شيخ
عيسيٰ جندالله) روايت آندي آهي ته خانخانان چيوته
شيخ وجيو سنڌيءَ جي ڳوٺ جي نزديڪ جڏهن هو صاحب ويو
ته کيس بي وقت ننڊ اچي ويئي،. لشڪر شيخ جي ڳوٺ کي
لٽيو، اهو ڏک اڃا مون کان ڪونه ويو آهي،ان ڪري مان
هت برهانپور ۾ جڏهين آيو آهيان (1007هه/1598ع)
تڏهن اوهان جي مسجد وٽ هليو آيو آهيان.“ ان جي
بيان مطابق ”شيخ وجيو“ هڪ اهو شخص هو، جنهن جي دل
هميشه درد ۽ طلب کان مالا مال هئي. سندس اکيون
پشيمانيءَ جي ڳوڙهن سان ڀريل هيون، ۽ زبان ياد حق
سان لبالب هئي.“
مصرع – چشم، و زبان و دلش باد پر از معرفت
9- شيخ طيب:
پاڻ حافظ، عالم، قاري، بي تڪلف، شڪسته دل ۽ نمناڪ
چشم هو. چون ٿا ته مخدوم هارون جي فرزندن مان هو.
ظاهري علم ۾ سندس استاد ملا يونس مفتي سنڌي آهي.
ايلچپور برار جي طرف کيس تقدير کڻي آئي. هن جي
زماني ۾ شيخ طاهر محدث زنده هو. انهن بزرگن جي
درميان ايتري محبت وڌي، جو شهر جا ماڻهو کين
”ڀاءُ“ ڪري سمجهندا هئا. ”رساله غوثيه“ تي شرح ۽
مشڪواة تي حاشيه لکيائين. مسيح القلوب (شيخ عيسيٰ)
اصول فقه ۽ ڪلام ۾ سندس شاگرد هو. برهانپور ۾ آيو.
۽ ڏهين صدي هجريءَ جي ڏهين حصي ۾ 991هه/1583ع ۾
لاڏاڻو ڪيائين. خوابگاهه شيخ ابراهيم عمر سنڌيءَ
جي خطيره ۾ آهي. ”باد طيب“ همچو نامش خاڪ او.“
10- شيخ ابراهيم ڪلهوڙو:
سنڌ جي جن بزرگن هجرت ڪئي، انهن مان هي صاحب پيش
پيش آهي. خبرنه آهي ته ڪڏهن هن صاحب وطن ڇڏيو، مگر
ڏهين صدي هجريءَ آعاز ۾ برهانپور ۾ موجود هو. سندس
استادن يا مرشدن جي به خبر نٿي پوي. مگر علم و فضل
جي زيور سان آراسته هو. دنيا وارن کان بيزار ۽ دست
غيب کان امداد ملندي هيس. پاڻ شاهه منصور مجذوب
فاروقيءَ برهانپوري جو معاصر هو. سندس خانقاهه شهر
کان ٻاهر هئي، ليڪن بزرگن جي ملاقات لاءِ
برهانپور ايندو هو. پاڻ سن 956هه/1549ع ۾ فوت
ٿيو، جڏهين سندس عمر 95 سال هئي. هن حساب سان پاڻ
مخدوم نوح رحه جو متقدم هو. شيخ وهيون سندس مريدن
مان هو. همايون بادشاه به سندس معتقد هو.
11- شيخ وهيون سنڌي:
شيخ ابراهيم ڪلهوڙي جو مريد هو، ۽ وحدت حقيقيءَ ۾
فنا هو ۽ توحيد وجوديءَ جو قائل هو. جيڪو به خيال
ڪندو هو يا چوندوهو، ائين ٿي پوندو هو،. هڪ دفعي
نامحرم عورت تي اوچتونظر پيس. قلب روشن ملامت
ڪيس، نظر ختم، پوءِ سوز و ساز ۽ محبت جي عالم ۾
ڳائيندو ڦرندو رهندو هو. سندس انتقال برهانپور ۾
ٿيو ۽ اتي مدفون آهي.
12- قاضي عبدالسلام سنڌي:
هن صاحب جو ذڪر مخدوم عباس هنڱورجائيءَ جي ضمن ۾
اچي ويو آهي. سنڌ ۾ مخدوم مزڪور جي فيض نظر کان
ايترو مالا مال ٿيو، جو جڏهين برهانپور آيو،
تڏهن عادل شاهه فاروقيءَ کيس ”قاضي القضاة“ جي
مسند تي ويهاريو. ايتري فضل و ڪمال هوندي به حڪيم
عثمان بوبڪائيءَ جو شاگرد بنيو،. پنهنجن استادن جو
تمام گهڻو احترام ڪندو هو. مخدوم عباس جي لاءِ
چوندو هو ته ”دين، ديانت، دانش ۽ بينش، طبيعت ۾
نرمي ۽ اختلاط ۾ گرمي،. هي اوصاف يقينا مخدوم صاحب
جي سرشت ۾د اخل هئا.“
13-حضرت شيخ ابراهيم بن عمر سنڌي:
پاڻ 974هه/1566ع کان اڳ مبارڪ شاه فاروقيءَجي عهد
۾ برهانپور آيو.سندس حالات غوثي صاحب کان سواءِ
ٻئي ڪنهن به تذڪري ۾ آيل ڪين آهن. حضرت شيخ
ابراهيم لوڪ جي لياڪن کان بيزاري ۽ دنيا جي
علائقن کان ڪناره ڪش هو. سندس وفات جو سال جو پورو
پرو نه آهي، پرمبارڪ شاه فاروقيءَ جي عهد
974هه/1566ع ڌاري وصال ڪري چڪو هو.
14- حضرت مولانا شيخ مبارڪ سنڌي:
پاڻ شيخ طاهر محدث جو هموطن ۽ مخلص دوست هو. جيئن
شيخ طاهر جي وڏن پاٽ ضلعي دادو ءَ جو قصبو آباد
ڪيو، تيئن شيخ مبارڪ جي وڏن جو به هن ڳوٺ جي
آباديءَ ۾ اتحاد عمل هو. سندس ولادت پاٽ ۾ ٿي.
پرورش ۽ درس و تدريس به، اُتي حضرت مخدوم عباس بن
شيخ جلال سنڌي جو شاگرد رهيو. ان بعد برهانپور
آيو. بادشاه کيس چوپڙي جي ڳوٺ ۾ قاضي مقرر ڪيو،
مگر شيخ طاهرجون صحبتون ۽ شيخ لاد جيو سنڌيءَ جي
دلنوازن نغمن کان محروم رهيو،ان ڪري استعيفيٰ ڏيئي
واپس برهانپور آيو ۽ آزاد منش ٿي رهيو. مسيح
الاولياء به کانئس ڪتابن جو درس وٺندو هو. حضرت
شيخ لشڪر محمد عارف کان بيعت ڪري، شرح منيريءَ جو
مقدمه پڙهيائين. سن 988هه/1540ع ۾ فوت ٿيو. مگر
گلزار ابرار ۾ 988هه/1570ع لکيل آهي، سو درست نه
آهي.
15- حضرت مولانا شيخ موسيٰ بوبڪائي:
پاڻ حڪيم عثمان جو هموطن ۽ همدرس هو. قاضي محمود
مورپي جي درس ۾ حڪيم عثمان ۽ پاڻ علم نحو جا ڪتاب
گڏجي پڙهيا. برهانپوري اتر ۾ متصل اتاولي ندي
عادلپور ۾ مدرس هو. افسوس جو شيخ صاحب جي تاريخ
وفات ۽ مزار جي متعلق ڪابه صراحت نه آهي.
16- حضرت شيخ ابراهيم قاري شطاري سنڌي:
سندس آبائي وطن سنڌ هو. شيخ لشڪر محمد عارف باالله
جو برگزيده خليفو هو. صاحب ڪيفيت ۽ ظاهري ۽ باطني
فضل و ڪمال سان سينگاريل هو. چند قسمن جي استادانه
خط لکڻ ۾ زبردست ماهر هو. فن تجويد تي حيرت انگيز
عبور حاصل هوندو هوس. دلگذار آواز سان قرت پڙهي،
ٻڌندڙن کي مسحور ڪري ڇڏيندو هو. حضرت مسيح
الاولياء ۽ سندن پير شيخ لشڪر علم قرآت ۾ سندن
شاگرد هئا. جڏهين حضرت غوث گوالياري احمد آباد آيو
۽ حضرت شيخ لشڪر سندس بيعت ڪئي،
تڏهن هي بزرگ اتي نماز پڙهائيندو هو.
۽ هن کي غوث الاولياء ”مُرغ لاهوتي“ جو خطاب ڏنو
هو. رياضت ۽ استغنا ۾ مشهور هو. هن جي مريدن مان
خليفو شيخ عبدالرحيم ڪپرونجي مشهور آهي. پاڻ
991هه/1883ع ۾ وفات ڪيائين. ماده تاريخ ”صاحب
فيض“ 991هه آهي. سندس مزار پرانوار آهي.
17- حضرت سيد ابراهيم بکري رحه:
سدن تولد جي جاءِ بکر ملڪ سنڌ ۾ آهي. ڪتابي علم
جا اعليَ مدارج ان زماني جي جيد عالم ۽ بافيض
مدرس مولانا يونس لاکي جي خدمت ۾ طئي ڪيائين.
مولانا يونس جي ٻين شاگردن ۾ شيخ نظام الدين ابن
ڪبير، ملا شيخ طيب سنڌي، شيخ اسحاق آسيري مشهور
آهن. سيد ابراهيم مختلف شهرن مان ٿيندو برهانپور
پهتو، ۽ حضرت شيخ جلال متو ره جو مريد ٿيو. هيءُ
صاب حضرت شيخ شرف الدين شهباز رحه جو ممتاز خليفو
هو؛ ۽ صاحب پير صاحب جي والهانه عقيدت جي ڪري سندس
خدمت ۾ مقيم ٿيو، ۽ رب تعاليٰ کيس ايتري فضيلت عطا
فرمائي، جو ان وقت ٻيا ڪيئي بزرگ سندس درگاهه ۾
ايندا هئا. خصوصا، مسيح الاولياء سندس ٽن پٽن
هوندي به شيخ نظام سندس جانشين بنيو.ا زان سواءِ
شاهه امان الله اماني برهانپوري ۽ مولانا
عبدالرزاق بانسوي سندس خليفا هئا. سيد صاحب جو
وصال 998هه/1590ع ۾ ٿيو،. پنهنجي خانقاه ۾ دفن ڪيو
ويو. ماده تاريخ ”ذوالڪرام“ 998هه آهي. مبارڪ شاه
جي ٻئي فرزند، ميران جي علي خان عادل شاهه
فاروقيءَ مزار تي عاليشان گنبذ ٺهرايو، جو اتاولي
نديءَجي لڳ دولت ميدان جي رستي ۾ زيارتگاهه آهي.
18- حضرت شيخ لاد جيو سنڌي:
پاڻ عين جوانيءَ جي عالم ۾ سنڌ کان هجرت ڪري
برهانپور پهتو. کيس حسين صورت ۽ حسين سيرت سان گڏ،
مٺو سر به عنايت ٿيو هو، نغمه سنجي سندس فطري جوهر
هو. سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪمال مهارت حاصل هيس، خصوصا
سنڌي ڪافي ايتري درد و سوز سان ڳائيندو هو، جو
ٻڌندڙ مست و مگن ٿي ويندا هئا. سندس ڪافين جي اثر
انگيزيءَ جوهي عالم هو جو مولانا شيخ مبارڪ سنڌي
ايلچپور جي مسند قضا کي ڇڏي، شيخ لاد جيو سنڌي جي
نغمه پردازيءَ جي ڪشش ڪري برهانپور هليو آيو.
تقريبا 70 سالن جي عمر ۾ 1007هه/1598ع ۾ وفات
ڪيائون ۽ حضرت شيخ ابراهيم بن عمر سنڌيءَ جي مقبري
۾ دفن ٿيا.
19- حڪيم عثمان بوبڪائي:
پاڻ شيخ عيسيٰ بن شيخ ابراهيم صديقيءَ سنڌي جا
فرزند هئا. سندن ولادت سيوستان جي مضافات بوبڪ جي
ڳوٺ ۾ ٿي. حصول علم ۽ خدا طلبيءَ جي شوق کيس احمد
آباد پهچايو. تصوف جا درس مولانا وجيه الدين
علويءَ احمد آباديءَ کان حاصل ڪيائين. تفسير ۽
حديث جا سبق قاضي محمود مورپي کان مليس ۽ منطق و
معاني، حضرت شيخ حسين بغداديءَ کان عطا ٿيس. ان
کان علاوه کيس حضرت مخدوم نوح رحه سرور کان نظر
فيض به حاصل ٿي صاحب ”گلزار ابرار“ لکي ٿو ته حڪيم
عثمان بوبڪائي کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن مان
مخدوم صاحب جي خدمت ۾ويس ۽ چاهيم ته علمي ڪمالات
جي حصول لاءِ دعا گهران. اڃا اها ڳالهه ضمير تائين
محدود هئي ته پاڻ فرمايائون ته ”واتقو الله
يعلمڪم“ ان وقت کان منهنجي پرهيزگاري ۽ علم روز
افزون آهي.“ 983هه/1575ع ۾ برهانپور آيو ۽ بادشاهه
وقت محمد شاهه بن مبارڪ شاه فاروقي کيس اعليٰ منصب
تي مامور ڪيو. پاڻ 27 سال درس، فتوي نويسي، تصنيف
و تاليف ڪيائون.سندن نامور شاگردن مان مسيح
الاولياء قاضي عبدالسلام سنڌي – قاضي برهانپور،
شيخ صالح سنڌي، قاضي نصيرالدين بن سراج محمد
بنبائي ۽ شيخ سکجي بنگالي هئا. سن 1008هه/1599ع ۾
اڪبرجي ڪاهه وقت پاڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجن سترهن
رفيقن سان شهيد ٿيا.
20- حضرت شيخ اسحاق قلندر سنڌي:
سندس وطن مسيح الاولياء وارو ساڳيو وطن پاٽ شريف
هو. آزاد منش هو ڏهن سالن جي سياحت بعد سن
958هه/1551ع ۾ برابر ۾ پهچي شيخ طاهر محدث جي
دوستي اختيار ڪيائين. ۽ ڪڏهن هن حياتيءَخواه هُن
حياتيءَ ۾ ان کان ڌار نه ٿيو. سندس رحلت سن
1010هه/1601ع ۾ ٿي ۽ حضرت محدث صاحب جي مزار جي
قريب مدفون ٿيو.
21- مولانا شيخ صالح سنڌي:
پاڻ شيخ عثمان بوبڪائي جو شاگرد رشيد۽ ناٺي هو.
علم و فضل ۽ تقويٰ ۽ عمل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو.
استاد جي شهادت (يعني 1008هه/1599ع) بعد پاڻ مسيح
اولاولياء جي مجلس ۾ شريڪ ٿيندو هو. شعبان جي
مهيني 1013هه/1604ع ۾ پاڻ مسيح الاولياء جي هڪ وڏي
مجلس ۾ شريڪ هو، جنهن جو خاص رڪن عبدالرحيم
خانخانان هو.سندس وڌيڪ احوال نٿو ملي.
22- حضرت شيخ بابو سنڌي:
پاڻ حضرت شيخ لشڪر محمد عارف جو مريد ۽ مسيح
الاولياء جو مرشد ڀائي هو. محلي سنڌي پوريءَ ۾
حضرت مسيح الاولياء جي خانقاهه جي اتر – اولهه طرف
ڪچين ۽ ننڍين ديوارين جي حجري ۾ رهندو هو. هي حجرو
سندس لاءِ سڀڪجهه هو. اجڙيو ته به ڪونه سڌاريائين.
هي آهي دنيا جي شين کان بي تعلقيءَ جو ڪمال. پاڻ
سن 1015هه/1606ع ۾ وفات ڪيائون. علامه غوثي مناسب
حال، شعر تي سندس ذڪر خير ختم ڪيو آهي:
در اين خانه بي لوح است غوثي از خر نببود،
پــئـــــي پــــــاس متاعش رخنئه ديواربستن.
23- تاج العاشقين شيخ محمد ابن شيخ عبدالله سنڌي:
سندن ولادت ۽ پرورش برهانپور ۾ ٿي. مسيح الاولياء
جو شاگرد، مريد ۽ خليفو هو. ملا غوثي کيس غلطيءَ
وچان حضرت شيخ محمد عارف خليفو ڄاڻايو آهي. جڏهين
مسيح الاولياء حڪيم محمد عثمان بوبڪائيءَ وٽ پڙهيو
هو تڏهن هي شيخ صاحب به اتي پنهجي پير سان گڏ
همدرس هو. مسيح الاولياء هن کي بندر ڊاڀيل متصل
سورت ڏانهن خلق خدا جي رهنمائيءَ لاءِ
موڪليو.پنهنجي پيرن سان والهانه محبت رکندو هو. ان
ڪري کيس تاج العاشقين جو خطاب مليو. گجرات کان
واپسيءَ بعد مسيح الاولياء جي خدمت ۾رهيو. اڪبر جي
خانديش تي لشڪرڪشيءَ جي عالم ۾ هي درويش به نظربند
ٿي آگري پهتو. جتي غوث الاولياء جي سفارش سان آزاد
ٿيو، پر قليچ خان جي نگرانيءَ ۾ موڪليو ويو. جڏهين
قليچ خان لاهور جي مهم تي ويو، تڏهن ان کي به ساڻ
وٺي ويو. هي سن 1005هه/1596ع کان 1011/1602ع جا
واقعا آهن. پاڻ پهرين جمادي الاول 1013هه/1604ع
پنجاب ۾ راجپوتن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو.
مخدوم نوح رحه جا معتقد ۽ مريد
مخدوم صاحب جن جي معتقدن ۽ مريدن جو ڪاٿو ئي ڪونه
هو. مگر جيڪي به ملڪوتي موتي مون کي قرطاسي قلزم
۾ غوطه زني ڪندي مليا آهن، اهي قارئين ڪرام جي
خدمت ۾ عرض رکان ٿو.
مخدوم نوح جن باشرع بزرگ هئا ۽ سنت نبويءَ
جا باقاعده تابع. کين رسول اڪرم صلي الله عليه
وسلم جن جي چئن يارن وانگر ”چار اصحاب“ هئا.انهن
مان پهريون سيد ابوبڪر شاهه لڪياري سادات جو فرد
فريد هو، جو سيوهڻ لڳ آراضيءَ ڳوٺ ۾ رهندو هو.
مخدوم صاحب جن کي اهڙو مرغوب هو، جو پاڻ کيس وفات
وقت به هيٺين اکرن ۾ سارايائون:
”ابــوبڪر آءُ سامين سفر سنباهيو،
متان ٿي پئان، سارين سنياسن کي“.
مڪاشفي ذريعي شاه صاحب کي نياپو پهچي ويو ۽ ائين
تنواريندو اچي حاضر ٿيو.
”اچـــــان ٿو اچـــــان، ڪجو ڪا جٽا،
متان ٿي پئان، ساريان سنياسين کي“
2- ٻئي يار جو نالودرويش
عمر بودلو
چيو ويو آهي، جنهن جو احوال تحفة الڪرام ۾ اگهم
ڪوٽ جي بزرگن جي ضمن ۾ آيل آهي. هي صاحب مجذوب
مطلق ۽ خدا سان واصل هو. خانه بدوش هو. پوين
ڏينهن ۾ اچي اگهم ۾ رهيو. پنهجي يا پنهنجي سامان
جي خبر کان بيخبر هو. ڪوبه ماڻهو کانئس بي مراد نه
موٽيو. درويش ونهين چانيهي جو صحبتي هو، پر درگاهه
جي مجاورن مطابق سندن تربت درگاه واري مقام ۾ آهي.
3- ٽئي يار جو نالو
حضرت عثمان چاڪي
هو، هي به ڪرامات ۽ خوارقات جو صاحب هو، سندس مرقد
درگاهه مخدوم نوح رحه جي ڏاکڻي واري پهرين
چوڪنڊيءَ ۾ آهي. تحفة الاولياء جي مصنف جي لکيت
موجب، هن کي فقير رشيدالدين به ڪري سڏيند اهئا.
”نو لک مريدن! يعني نو لکي گودڙي واري روايت هن
فقير کان ٿيل آهي، جڏهين مخدوم صاحب جن ٺٽي ويا
هئا ۽ اڻکٽ مريدن جي ميڙن مخدوم صاحب جي هٿ تي اچي
بيعت ڪئي هئي.
4- چوٿين يار بابت درگاه جي مجاورن کان معلوم ٿيو
ته
سيد علي ثاني ٺٽوي
آهي. مگر اها ڳالهه محقق نظر نٿي اچي، دليل
الذاڪرين، انيس الفقرا ۽ ٻين ڪتابن موجب سندن
چوٿون يار سيد عبدالله شاه ولد يعقوب شاه متعلوي
هو، جنهن کي پنهنجي دختر نيڪ اختر عقد ۾ ڏيئي رسول
اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي متابعت ڪيائون.
حضرت نوح سرور جا معتقد
سندن معتقدن جي لڙهه مان هيٺيان مڻيا نام ڪٺيا ۽
نشانبر وڌيڪ آهن: شاهه خيرالدين بغدادي ثم سکري:
شاه خيرالله عرف شاه خيرالدين سيد احمد بغداديءَ
جو فرزند ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني جي پنجين
پيڙهيءَ مان هو. بغداد ۾ انهيءَ ساڳيءَ سال ڄائو،
جنهن سال ۾ مخدوم نوح رحه هت سنڌ ۾ تولد ٿيو.
يعني 911هه/1505ع. اوائلي عمر ۾ بغداد مان مڪي
شريف آيو ۽ برابر چوڏهن ورهيه حرمين شريفين ۾
تحصيل علم ڪندو رهيو. لب تاريخ جي صاحب لکيو آهي
ته هو صاحب جڏهن چاليهه سالن جو ٿيو تڏهين مڪي
شريف ۾ آيو. ان بعد کيس سنڌ جي سرسبز سرزمين ڇڪيو
۽ اچي مخدوم نوح رحه جي صحبت ۾ هالين رهيو. هتان
گهڻو ئي فيض حاصل ڪري سکر طرف راهي ٿي، هڪ ٽڪريءَ
تي اچي عبادت الاهيءَ ۾ مشغول رهيو. انيس الفقراء
۾ آهي ته مخدوم نوحه رحه جي مريد درويش زڪريا اگهم
ڪوٽ واري سان شاه صاب ڏاڍيون محققانه صحبتون ڪيون.
شاه خيرالدين جي خليفن مان مير معصوم جو پوٽو مير
محمد زڪريا، سيد نصيرالدين متعلوي، فقير سڌو ۽
فقير جمال الدين جا خاص نالا قابل ذڪر آهن. سيد
نصيرالدين شاه صاحب جي وفات بعد مخدوم نوح رحه جي
خليفي درويش يحييٰ رائنٽيه جي صحبت ۾ رهي گهڻو فيض
حاصل ڪيو. مخدوم نوح رحه جو هڪ مريد درويش حسيني
هڪ دفعي ذڪر ڪيو ته شاه خيرالدين وجد جي حالت ۾
اچي چيو ته :”مخدوم نوح جا سنگتي قيامت جي ڏينهن
حضرت خاتون جنت جي فرزندن حضرت حسنين جا پاڙيسري
ٿي رهندا.“
آخر عمر ۾ ٽڪري ڇڏي شاه صاحب پراڻي سکر
شهر ۾ انهي هنڌ اچي رهيو، جتي سندس مقبرو آهي اتي
ترخان خاندان جي مغلن جا گهر هئا، جي هنن شاهه
صاحب کي نذراني طور ڏيئي ڇڏيا. شاه صاحب 27 رمضان
1027هه بمطابق 17 سيپٽمبر 1618ع تي لاولده هن فاني
جهان مان لاڏاڻو ڪيو. سندس وفات جي تاريخ، هيٺين
قطعي جي پوئين مصرع مان ملي ٿي:
شــــاهه خيرالدين مه برج شرف
مـــقبل درگـــاه ايــزد ســــــــروري
سـال تاريخ و صالش عقل گفت
”مــــرشد ڪامل طريق احمدي“
1027هه
فقير جمال الدين جي اولاد مان سندن مجاور ٿيندا
آيا. ميان غلام محمد اڳوڻي ننڍي روضي کي ڊهرائي،
موجوده روضو تيار ڪرايو. جنهن جي تاريخ
1174هه/1760ع هئي.هر رمضان شريف جي 27 تاريخ تي
مريدن معتقدن جو اجتماع ٿيندو آهي.
2- سيدعبدالڪريم بلڙيءَ وارو:
هي سيد صاحب سيد للو جو نور نظر متعلوي (مٽياري)
ساداتن جو هڪ مڻيا وارو ۽ مڻيادار جوتي جواهر هو.
سندس ولادت سن 944هه/1537ع ۾ ٿي. سندس عبادت رياضت
۽ صبر ضرب المثال آهن. ”دست به ڪارو دل به يار“
وارو مصداق هن صاحب تي سهڻو ٺهڪي آيو ٿي. تحفة
الڪرام وارو صاحب لکي ٿو ته ”قصه مختصر سندن
ڪرامتون ۽ بلند مقامات حد ۽ حساب کان ٻاهر آهن.
ڪتاب ”بيانا لعارفين“ و ”تنبيه الغافلين“ انهن مان
ڪن ٿورين سان ڀريل آهن. سيد محمد يوسف رضوي بکري،
مخدوم نوح مخدوم آدم سميجو، ۽ ٻين وڏن وڏن مشائخن
سان صحبتون ڪري فيض پرايو هئائين. حضرت مخدوم نوح
رحه وٽان ڏاڍو فائدو حاصل ڪري، سندس اشاري موجب
اچي بلڙي وسايائين. پوءِ مخدوم صاحب جي حاضريءَ
لاءِ بلڙي مان ڪهي هالين ايندو هو. سندس مفلوظات ۾
آيل آهي ته هڪ ڏينهن فرمايائون ته ”اسان جي دل ۾
آيو ته مست اگهاڙا ٿي گذاريون ۽ هيءَ ڦڪائي جي
گودڙي لڱن تان ڇڏيون؛ پر جڏهين زماني جو عارف
مخدوم نوح رحه ڏٺوسون تڏهن اهو خيال لاهي
ڇڏيوسون.“ پوءِ هيٺيون بيت فرمايائون:
.
ڏسو آخر ۾ ضميمو ٽيون – مولانا محمد هاشم
سومري رحه سان ملاقات؛ غ.م. گرامي
|