سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: غازي صلاح الدين

باب-1

صفحو :9

هنن اڃا پاڻ ۾ اهي ڳالهيون ويٺي ڪيون ته رچرڊ اچي نڪتو. هن جي شاندار شڪل ۽ شاهاڻي هلت هنن ۾ پاڻمرادو سندس لاءِ عزت پيدا ڪئي. هن مڙس جي ڏَيا ۽ حشمت مٿن اهڙو اثر ڪيو، جو سڀ پاڻمرادو اٿي بيٺا. فرانس جي بادشاهه کي هيڏو عَڪس هو ۽ آسٽريا جي ڊيوڪ کي رچرڊ ۾ هيڏيون باهيون هيون، پر هينئر اهي به هڪواريءَ با ادب اٿي بيٺا. سڀني گڏجي بلند آواز چيو: شهنشاهه کي اسان جي تون سلامت رک خداوندا ! رچرڊ جي هيتري مرحبا ٿي ته هو ٽڙڻ لڳو. هو مڙس مانَ جو بکيو هو. هينئر سڀني مانُ رکيس ته پاڻ به سڀني کي ججهي عزت آبرو ڏيئي. کانئن خوش خير و عافيت پڇڻ لڳو. اول گهڻي سرهائي ظاهر ڪيائين، جو مس مس هيڏي جهاڳ لنگهي، ڀائرن جي سٿ ۾ ويهڻ جهڙو ٿيو هو. هن پوءِ تقرير ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ته سڀ ٺهي ٺُڪي ويٺا، ۽ اهڙي ماٺ ٿي وئي، جو سئي پٽ تي ڪِري ته ان جو کڙڪو به ٻڌڻ ۾ اچي. رچرڊ پوءِ پنهنجي تقرير شروع ڪري چين: اڄ اسان جو وڏو ڏينهن آهي. اهڙي سڳوري ڏينهن تي واجب آهي ته هر ڪو چت مان چائت ڪڍي، ڀائرن سان ڀاءُ ٿي ويهي. هن جهاد ۾ پاڻ موکڻ جي حتي المقدور ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اوهين صاحب هن سڳوري ڪارج جا ابا آهيو، ۽ رچرڊ اوهان جو سپاهي آهي. ڌڻيءَ رچرڊ جو سڀاءُ ننڍپڻ کان اهڙو ڪيو آهي، جو هو وقتي کهرو خستولي پئي ٿو، پوءِ ڪي جو ڪي چئي ويهي ٿو، پر اوهين صاحب انهيءَ خسيس ڳالهه جي خيال وچان پنهنجو ديني فرض وساري نه ڇڏجو. مذهب جي راهه ۾ مجاهدي ڪرڻ ڪري ٻنهي جهانن ۾ جس ٿئي ٿو، تنهنڪري ويهن ئي نَنهن جو زور لائي اهو جس کٽبو! جيڪڏهين پنهنجي ڪنهن قول يا فعل سان رچرڊ ڪنهن کي رنجايو آهي ته هو سچيءَ دل سان هن ڀريءَ سڀا ۾ معافي مڱڻ لاءِ تيار آهي. اسان جا فرانس وارا شريف ڀاءُ جيڪڏهن رچرڊ جي اهڙي بدبختي ٿي هجي، جو اوهان جهڙي لائق ڀاءُ کي ڪنهن ڳالهه ڪري رنجايو هجيس ته مهرباني ڪري هينئر کُلي چئو؟ فلپ: (اٿي بيهي) انگلنڊ جي بادشاهه فرانس جي حاڪم جو اهڙو ڪو ڏوهه ڪيو ئي ڪونهي، جنهن لاءِ معافي مڱڻ جو ضرور ٿئيس. اسان کي هن جهاد جي اوني وچان ٻيون سڀ ڳالهيون ڪن پٺيان ڪري ڇڏڻيون آهن. ائين چئي، رچرڊ کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي ڀائرن وانگر گڏيو. رچرڊ: (ليوپولڊ کي) آسٽريا جي ڊيوڪ کي اڻپڇو انگلنڊ تي ڪاوڙ هوندي! هڪ ڪري هن پاڻ انگلنڊ جي بادشاهه کي دل ۾ ڪرڻ لاءِ وڏوئي سبب ڏنو آهي. پر هن وقت هڪٻئي کي اهي ڏکيا ڏوراپا ڏيئي، کير ۾ موري نه وجهبي. چوڻي آهي ”گذريءَ کي ياد نه ڪجي جا گذري سا چوکي.“ ڀائرن جي وچ ۾ ساز سلوڪ چڱو آهي. هينئر اسان کي کير کنڊ ٿي، ديني ڪم جي سرانجامي لاءِ ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهڻ گهرجي. آسٽريا جي ليوپولڊ وٽ جيڪڏهن انگلنڊ جو جهنڊو هجي ته ڪڍي ظاهر ڪري ته پوءِ، رچرڊ جيڪا آسٽريا جي جهنڊي جي بي حرمتي ڪئي آهي، تنهن لاءِ سچيءَ دل سان معافي وٺندو. قصي ٺاهڻ لاءِ سولي واٽ اها آهي. الفت ۾ سڀڪي آهي، ڪلفت مان ڪي وٽڻو ڪينهي.

رچرڊ جي انهن لفظن تي ليو پولڊ گهڻو پوسريو. پيٽ ۾ پئي ٽهڪا وريس، پر وات مان ڪجهه چوڻ واجب نه ڄاڻي، سونڊ پائي اکيون ڪري هيٺ ڪيائين. اتي جيروشلم جو وڏو پادري اٿي کڙو ٿيو.

پادري: چور وٺبو آهي سڳ سان. آسٽريا جي ڊيوڪ قسم کڻي چيو آهي ته انگلنڊ جي جهنڊي جي سندس ملائڪن کي به سڌ ڪانهي. وڏي ڳالهه ته اهڙيءَ هٿ ڇوُهيءَ مان هن کي هٿ ڇا ايندو؟

رچرڊ: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ اها اسان جي اُرهه زوراوري چئبي. جو پنهنجي حاڪم ڀاءُ کي چور ڪري ورتو اٿئون! اسين پنهنجي اهڙيءَ هلت لاءِ معافي طلب آهيون. ”هار ماني، جهڳڙا ٽوٽا.“

ائين چئي، هن پنهنجو هٿ ڊگهو ڪيو، پر ليو پولڊ ساڙن وچان هٿ هٿ ۾ نه ڏنس. اتي رچرڊ چيو: هيءُ ڇا! اسان جو مطلب هو ته پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي وڃون، پر هيءَ هٿ هٿ ۾ ڏيڻ کان عار پيو ڪري. انهيءَ ۾ جيتوڻيڪ اسين پنهنجي بيعزتي ٿا سمجهون، پر هڪ ڪري اسين انهيءَ بيعزتي جا لائق آهيون. اسان رت ٽهڪندي سندس مانُ ڪو نه رکيو هو ته پاڻ به هينئر اهي خار اسان مان ڪڍيا اٿس. هاڻ چئبو ته هڪٻئي کان وير وٺي پاڻ ۾ پاڙو جهاڙو ٿياسين. اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾.

رچرڊ پوءِ مانسٽيريٽ جي مارڪئس، ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر ۽ ٻين شهزادن ڏي منهن ڪري چيو: جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي به اسان ڪنهن به طرح رنجايو هجي، ته هينئر اسين اوهان کان معافي مڱڻ لاءِ تيار آهيون.

مارڪئس: اسان کي نڪو ساڙ وير، نڪا ٻيائي آهي، باقي انگلنڊ جي بادشاهه جي جيڪڏهن اها مراد هجي ته هن ديني لڙائيءَ ۾ رڳو سندس نالو نڪري، ته اها سندس نيت پاڻ ڄاڻي.

گرئنڊ ماسٽر: ڪنهن کي گل ڇني منهن ۾ نه ڏبو آهي. پر للي ڇپي ڪرڻ به واجب ڪينهي. اڄ جڏهن انگلنڊ جي بادشاهه مون کي ڳالهائڻ جو وجهه ڏنو آهي. تڏهن مون کي جيڪي چوڻو آهي، سو ظاهر ظهور چئي ٿو ڏيان. انگلنڊ جي شريف ۽ جرات ڀري بادشاهه جو قدر سڃاڻي، اسان پنهنجي خوشيءَ هن کي پنهنجو سرڪردو ڪيو. هاڻ پاڻ کي جو سمجهي ٿو ته کيس پنهنجن ڀائرن تي هر طرح فوقيت ۽ فضيلت آهي، سا ڳالهه گهڻن جي رنجيدگيءَ جو باعث آهي، ٻيا شهزادا جيتوڻيڪ هن وقت ڪڇن نٿا، ته به دل ۾ سڀڪنهن کي پيو سجهندو هوندو ته آءٌ ڪو خلاف ڪو نه ٿو چوان. سندس منهن مان ئي اها ڳالهه پاڻمرادو پڌري آهي. پوءِ وات سان چئي ڇو وڃائين. مون هڪڙي ڄڻي پاڻ کي ڏٺو ڪيو، اهوئي بس آهي.

ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر اهو ساڙ ڪڍيو ته سڀ اهڙيءَ طرح ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا، جو ڄڻ چيائون ٿي ته چڱو سوُئو چُڀايائينس.رچرڊ کي باهه وٺي وئي، پر اتي ئي پنهنجي ڪاوڙ روڪيائين. هن کيڏاريءَ سمجهو ته گرئنڊ جو مطلب ئي اهو آهي ته اهڙي ڪا چوچڙي ڏيانس جو جوش ۾ ڀرجي، ڪا گُٿي ڳالهه ڪري ته پوءِ سڀ اُڀري وٺونس. ۽ يورپ ۾ ٻين عيساين اڳيان به چوڻ جهڙا ٿيون ته رچرڊ جي سورن کان اسان کي لاچار سلطان سان صلح ڪرڻو پيو. اهي ڳالهيون ڳڻي، هو پنهنجي غصي تي غالب پيو. آخر ٿڌي سيني سان چيائين: اسين قبول ٿا ڪريون ته بعضي وقت جي تنگيءَ سبب اسان ڪن ڳالهين ۾ توهان ڀائرن سان صلاح مشورت ڪرڻ ڌاران ڪو قدم کنيو هوندو، يا وقتي اسان پنهنجي ذاتي سڀاءَ موجب توهان جي ڪا ڳالهه هيٺ ڪري، پنهنجي ڳالهه مٿي ڪئي هوندي، پر اهي اهڙيون ڳالهيون نه آهن، جن تان اسان جا ڀائر ايترو دل ۾ ڪن، جو پنهنجو ديني فرض وساري ويهن. گهڻين هٿين ڇپر کڄيو پئي. اوهان ڀائرن جي مدد سان ئي اسان کي سوڀ کٽڻ جو آسرو آهي. توهين مهرباني ڪري هي ڳالهيون به خيال ۾ رکو ته جنگ جي ميدان ۾ اسين پهرين صف ۾ مهندارن وانگر ٿِي ٿي بيٺاسين ته منزلگاهه تي موٽڻ مهل اوهان سڀني جي پٺيان بورائن وانگر ٿِي ٿي آياسين. ڪنهن لڙائيءَ ۾ سوڀ کٽندي، اسان کي ڪجهه مال هٿ ٿي آيو ته اهو رڳو توهان پاڻ ۾ ورهائي ٿي کنيو. اسان ڪڏهن اوهان کان حصو ڪو نه ٿي گهريو، جو اسان سمجهيو ٿي ته کٽيل هنڌن تي  اسان پنهنجو جهنڊو کوڙيو ته اهو ئي انعام اسان لاءِ بس هو، جيڪي هنڌ دشمن کان ڇڏائي پنهنجي قبضي ڪيا اٿئون تن تي جتوڻيڪ پنهنجو نالو ڌريو اٿئون ته به اهي اوهان جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿئون. وقتي اوهان جي لشڪرن تي اسان برابر پنهنجو حڪم ٿي هلايو، پر هن ڪري اسان هنن کي پنهنجو لشڪر ڪري ٿي سمجهيو. اسان کي دل ۾ دغا ئي ڪا نه هئي، تنهنڪري جتي اوهين پنهنجي لشڪر جي دوا  سُتيءَ ۽ خوراڪ پوشاڪ جو پورو بندوبست نٿي ڪري سگهيا، اتي اسان پنهنجي ڳنڍيان ڏوڪڙ خرچي، سندين پر گهرو پئي ڪئي. اهڙيون ڳالهيون اسين پنهنجي زبان تي به جيڪر ڪين آڻيون، جو اسان جو مطلب ئي نه هو ته وات سان چئي وڃايون. پر اڄ جڏهن اسان کي ڏکيا-ڏوراپا مليا آهن، تڏهن ايترو چوڻ حق ٿا سمجهون ته اسان جي اوڻاين ڏي نظر نه ڪريو، پر پنهنجو ديني فرض اد ڪري، پنهنجو ناماچار وڌايو. جيڪڏهن اسان جي مهنداريءَ مان اوهين بيزار آهيو ته پاڻ مان جيڪو به سرڪردو چونڊڻو هُجيوَ سو ڀلي چونڊيو، ۽ رچرڊ گهڻي خوشيءَ سان ان جي مهنداريءَ هيٺ اوهان ڀائرن سان ڀاءُ ٿي بيهندو. جيڪڏهن اوهان جي دل جنگ کان ماڳهين کٽي ٿي هجي، ۽ سچ پچ پويان پير ڪرڻا اٿوَ ته به ڀلائي ڪري ڏهه-پندرهن هزار ماڻهو ڇڏي وڃجو. توهان جي پرپٺ رچرڊ جيڪڏهن سوڀارو ٿيو ته اها سوڀ فقط سندس نه، پر اوهان ڀائرن جي به ليکبي. وڙهڻ لاءِ اوهان جا سپاهي هوندا ته اوهان جو به نالو نڪرندو.

رچرڊ بادشاهه جنهن فصاحت ۽ بلاغت سان هيءُ ننڍڙي تقرير ڪئي، تنهن سڀني تي جادوءَ جهڙو اثر ڪيو. جيڪي شهزادا صلح جون واٽون نهاري رهيا هئا، سي هينئر صلح توڙي ساڙ وير جون ڳالهيون پيرن هيٺان ڪري، دشمن سان جنگ جوٽڻ لاءِ ڪمر ڪشڻ لڳا. ڪيترن وڌي واڪي پڪاريو: جيروشلم بچايو، جيروشلم! جنگ، جنگ! اهو ئي ڌڻيءَ جو حڪم! اهوئي سچي سائينءَ جو فرمان! شهزادن جا اهي بلند نعرا پرانهن پٽن ۾ پڙاڏو ڪرڻ لڳا. جيڪي سپاهي پهري تي بيٺل هئا، تن ۾ انهن لفظن نئون جوش جاڳايو. اهي پنهنجن حاڪمن کان به وڌيڪ زور سان ساڳيا آواز ڪرڻ لڳا. هاڻ هر ڪنهن کي جنگ جي وائي وات ۾ هئي. سڀني شهزادن پوءِ يڪمشت ٿي اهو ٺهراءُ ڪيو ته جنگ جدل بند رکڻ لاءِ جيڪو عرصو ٻنهي ڌرين جي صلاح سان مقرر ٿيل آهي، اهو گذري ته وري جنگ شروع ڪبي. انهي ٺهراءُ بعد مجلس برخاست ٿي، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي ماڳ وڃي سکي ٿيو.

ٽيمپلرن جو گرئنڊ ماسٽر ۽ مانسٽيريٽ جو مارڪئس پشيمان ٿي ويا، رچرڊ بادشاهه سان سڀ شهزادا پرتا ۽ ڀائرن وانگر ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي، جنگ جي ميدان ۾ لڙڻ جو قول ڪيائون ته هنن ٻنهي جا چپ به ڪارا ٿي ويا. چي، ڪتو به کاڌوسين ڪُک به ڪين ڀري! مارڪئس چيو: مون کي ته اهوئي عجب آهي ته رچرڊ جي جهنڊي جي هيڏي بيحرمتي ٿي، ته به غم کائي ويو! گرئنڊ ماسٽر چيس: ڀلئون ڀل پيئي آهي. تون پاڻ کي گهڻوئي سياڻو ٿو سمجهين، پر رچرڊ تنهنجو استاد آهي. هن حريف سمجهو ته جي پنهنجيءَ تي ٿي بيهندس ته گهر  ۾ ڦيٽاڙو پوندو، ۽ پوءِ سلطان سان صلح ڪرڻ جو ٺڪر مون تي ڀڄندو، شهزادن جا ٽپڙ به مون کي اڳيئي ساريا پيا هئا. مون کي پڪ هئي ته رچرڊ، جي سندن پٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندو، ۽ ساڻن مٺو چٺو ڳالهائيندو ته هو سندس ٻانهن ٻڌا ٻانهائي بيهندا. هاڻ ڏسجانءِ ته ساڳيو اهو رچرڊ ڪَڻِ ڪڍي، پوءِ بُهه کي ڏيندو باهه. جنگ ۾ لشڪر ٻين جو مارائيندو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ جيروشلم جو بادشاهه پاڻ ٿيندو. ههڙي مطلبيءَ کي آءٌ جيڪر هڪ پل به جيئرو رهڻ ڪين ڏيان. اهو ملعون مئو ڀلو آهي. هاڻ هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ ٿو، سا دل ۾ رکج. مون وٽ جيڪي دشمن جي طرف جا راڄنيتي قيدي آهن، تن ۾ هڪڙو بندرو ترڪ آهي. هو اهڙو حريف آهي، جو جيڪڏهن ڇيڙيانس ته رچرڊ جو مڙهه به ڪين لڀي، هاڻ رک ڌڻيءَ تي! حال ڀلي ته وڏي واڳ هجيس، پوءِ پاڻيهي هن سان ليکو لاهبو. هو ٻيئي پوءِ رچرڊ جي برخلاف ڪو منصوبو سٽڻ لڳا.

 

باب يارهون

 

ايڊٿ جي همت

رچرڊ پنهنجي ڀائرن کي پرچائي، ۽ هنن کي جنگ لاءِ تيار ڪري، پوءِ پنهنجي راڻيءَ کي سرچائڻ ويو. اول راڻيءَ جي هڪ سهيليءَ کي سڏائي. ان کان جهنڊي گم ٿيڻ ۽ ايڊٿ جي سر ڪينيٿ سان بيگاهه وقت ملاقات ڪرڻ بابت پڇا ڪيائين. انهيءَ سهيليءَ سربستي ڳالهه ٻڌايس ته چرچو ڪري ڄامڙن هٿان سر ڪينيٿ کي نياپو موڪليو ويو هو، پر اهڙي پاڻ به لڏي پاتي ڪا نه هئائين ته هيئن کل مان ڍِل ٿي پوندي. اتي بادشاهه سمجهي ويو ته ايڊٿ بي قصور آهي، ۽ هن کي پرچائڻ به ضرور آهي.

راڻيءَ کي جنهن مهل خبر پيئي ته بادشاهه اچي ٿو، تنهن مهل هوءَ اُچا سٺا ويس وڳا ڪري ٺهي ويٺي. بادشاهه سندس تنبوءَ ۾ آيو ته هيءَ مُنهن مُنهن تي چاڙهي ويٺي. بادشاهه جو اول مطلب هو ته راڻيءَ کي ڇنڊ ڪڍان، جو ههڙو بيهودو چرچو ڪيو هئائين، جنهن مان هي گل نڪتا هئا. پر هيءَ جا اڳيئي بئنو چاڙهي ويٺي هئي، تنهن کي ڇنڊ ڪڍڻ واجب نه سمجهي، هن جي پاڻ دل وٺڻ لڳو. راڻيءَ پوءِ اٽلو کيس عتاب ڏنا، ۽ ميڪ ميڪ ڪندي چيائين: توهان منهنجو مانُ ڪو نه رکيو. مون گوڏن ڀر ويهي، توهان کي هن سڪاٽ سردار پاران پلئو پاتو ته توهان مون کي نرادر ڪري موٽائي ڪڍيو. بادشاهه جيئن تيئين پرچائي چيس: تون دل وڏي ڪر سر ڪينيٿ صحيح سلامت آهي. اسان هن کي حڪيم جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

اتي راڻي هيڪاري اچي مٽي. چي، مون هن لاءِ جهولي جهلي ته توهان مون کي هڪالي ڪڍيو، ۽ مسلمان حڪيم جو مون کان وڌيڪ ننگ پيو؟ بادشاهه چيس: هن اسان کي مئو جياريو، سو هن جو ٿورو اسان کان وسرڻ جو نه آهي. تون پاڻ جيڪر حڪيم صاحب جو ججهو قدر ڪرين، جو اسان کي اهڙو ته نوبنو ڪيو اٿس، جو اڄ اسين تو تائين چُري آيا آهيون. اتي راڻيءَ مِيڪڻ بند ڪري چيو: توهين انهيءَ حڪيم کي مون وٽ وٺي اچو ها ته پوءِ اوهين جيڪر اکين سان ڏسو ها ته انگلنڊ جي راڻي هن جو ڪيترو قدر ٿي ڪري. اوهان جنهن ڏينهن مٿي تي پاڻي وڌو، تنهن ڏينهن مون لاءِ ڄڻ ته سونو سج اڀريو. انگلنڊ جو بادشاهه، ڏِسين جو ڏيئو، چوڏس جو چنڊ، هن کان سواءِ منهنجو جيئڻ ڪهڙو؟

سگهوئي بادشاهه ۽ راڻي پاڻ ۾ اڳي کان به وڌيڪ راس پاس ٿي ويا، ۽ ڏوهه پيو ڄامڙي تي. بادشاهه چيو: اهو نڀاڳو جي هن کي برغلائي وٺي نه اچي ها ته هيتري خرابي ٿئي ئي ڪين ها. ڄامڙي کي پوءِ سندس ڄامڙيءَ زال سوڌو ڏيس-وٽو ڏيئي، سلطان صلاح الدين ڏي تحفي طور ڏياري موڪليائين.

پنهنجي رُٺل راڻيءَ کي سرچائي، بادشاهه پوءِ ايڊٿ کي پرچائڻ ويو. هوءَ ڪاري پوشاڪ پهري وار ڇوڙي، اهڙيءَ طرح منهن کي هٿ ڏيو ويٺي هئي، جو ڄڻ ته ماتم ۾ هئي. بادشاهه اندر آيو ته ايڊٿ ادب وچان پنهنجي جاءِ تان اُٿي کڙي ٿي. بادشاهه ويهڻ لاءِ چيس ته هوءَ ويٺي، پر وات مان ڀڻڪو به ڪو نه ڪڍيائين. هيءَ جا هيئن چپن کي چنو لائي ويٺي ته بادشاهه وڌي ويجهو ٿيس، ۽ پٺي ٺپري چيائينس: پياري ايڊٿ ڇو، اسان تي ڪا ڪاوڙ آهي ڪيئن؟ اسان برابر تو کي وڍيل اکر ڳالهايا هئا، جو اسان کي اهو گمان هو ته تو اسان جو نقش ٻوڙيو آهي. هينئر جڏهن  اسان کي يقين ٿيو آهي ته تون بي قصور آهين، تڏهين اسان گهڻو پڇتايو آهي. هاڻ ڀيڻ، تون اسان کي معافي ڪين ڏيندينءَ؟

ايڊٿ: رچرڊ کي ڪير معاف نه ڪندو؟ رچرڊ منهنجو ڀاءُ ٿئي.

بادشاهه: ڀيڻ، هاڻ گذري سا گذري، پر هيءُ ڇا، اڃا اداس پيئي ڏسجين! ڌڻي شل سڀ سک ڪري! باقي ويس وڳو توڙي مُنهن جو ڊُول اهڙو   ڪري ويٺي آهين، جو ڄڻ ته ڪنهن جو عذر واريو اٿيئي؟

ايڊٿ: هائو، اسان جي ڪل جي آبرو چلي رهي آهي، تنهن جي ماتمداري ڪئي اٿم.

بادشاهه: (منهن ۾ گهُنڊ وجهي) هي ڇا چيئهُ؟ اسان جي ڪل جي آبروءَ جو عذر! ائين چوڻ تي تنهنجو وات وريو؟ ڀيڻ، اسين قبول ٿا ڪريون ته اسان اُٻهرائي ڪري ٻه اکر چيا، پر تنهنجي ٻي ڪا خطا ڪا نه ڪئي اٿئون. جيڪڏهن اسان جي هٿان ڪا پيئي هجي ته بلاشڪ چئو؟

ايڊٿ: اسان جي خاندان جي بادشاهن تي لازم آهي ته ڏوهه لاءِ، سيکت ڏين يا معافي ڏين. پر هيئن سورمن کي گولو غلام ڪري، پنهنجي مخالف ڌر وارن جي حوالي ڪرڻ سندن شان وٽان بلڪل نه آهي. جيڪڏهن سر ڪينيٿ کي قتل ڪرايو ها ته اهو جيتوڻيڪ نسورو انڌير ٿئي ها، ته به ائين چوڻ ۾ اچي ها ته اوهان انصاف جي ڪارروائي ڪندي، اُٻهرائيءَ وچان اهڙو حڪم ڏنو . پر هيئن جو هن کي اگهاڙين پيرين ڪڍي، دشمن وٽ غلاميءَ جي زنجير ۾ ٻڌايو اٿوَ، تنهن جهڙو قهر نه اڳي اسان جي ڪٽنب مان ڪنهن ڪيو، نڪو ڪو ڪندو.

بادشاهه: ٺهيو، سمجهيوسين. جنهن سان رڳو اکين جي پريت هوندي آهي، سو جي اکين کان پاسي ٿيندو آهي، ته ائين پيو ڀائنبو آهي ته هو جهڙو دنيا ۾ آهي تهڙو ڪونهي. جيڪڏهن تو سان اهو ليکو نه ٿيو آهي، ۽ تون يقين سمجهين ٿي ته هن کي نيڪالي ڏيڻ بدران قتل ڪرائڻ وڌيڪ هو، ته هينئر به ويل ويئي ڪانهي. هينئر ٿورا ماڻهو موڪلي گهرائي وٺونس، ۽ پوءِ تون مٿس ڪا اهڙي تهمت رک جو اُمالڪ قتل ڪرائي ڇڏيونس! بس، ائين ته ڪل جو شان رهجي ايندو؟

ايڊٿ: هاڻ گهڻا چرچا ڪيوَ. انهن چرچن ڪرڻ بدران هيءَ ڳالهه ڳڻيو ته سڳوري صليب خاطر جيڪي سائُو پنهنجو سر فدا ڪرڻ آيا آهن، تن مان اوهان هڪ سچو سورمو ڪڍي ڇڏيو آهي. اوهان وانگر جيڪي شڪي هوندا، سي وقتي اهو ئي انومان ڪڍندا ته توهان جو، ههڙو سرويچ پنهنجي لشڪر مان تڙي، دشمن جي حوالي ڪيو، سو رڳو هن ڪري ته متان پهلوانيءَ ۾ اوهان کان وڌيڪ نالو ڪڍي، اوهان جو نانءُ ناموس لَٽي ڇڏي!

بادشاهه: اسين-اسين، اسين ڪڏهن عمر ۾ ناموس لاءِ حاسد نه ٿياسين. هو جيڪڏهن پهلوانيءَ ۾ اسان سان ڪلهي هڻڻ جي ڪوشش ڪري ته اسين جيڪر پنهنجو شاهاڻو شان ڇڏي به هن سان ميدان ۾ سامهون ٿي بيهون، ۽ انهيءَ دم هٿن جي صفائي ڏيکاريونس. هروڀرو اسان تي اهڙو الزام نه رک. تون بيخيالو ٿي ڳالهائين، پر تو کي گهڻو ڏوهه نه ڏبو. تنهنجو پيارو تنهنجي اکين کان پاسي ٿيو آهي، ته توکي ڪل ئي ڪا نه ٿي پوي ته تون چَوين ڇا ٿي.

ايڊٿ: منهنجو پيارو؟ پر ڀلي ائين چئو. جنهن منهنجي پيار هٿ ڪرڻ لاءِ هيتريون سختيون برسر ڪيون، سو سچ منهنجو پيارو آهي.[1] آءٌ جيتوڻيڪ شاهي خاندان مان آهيان، ته به هن جي هيڏي قربانيءَ جي لائق ڪين هيس. توهين پنهنجي دل ۾ الائجي ڇا سمجهندا هوندئو، پر آءٌ اوهان کي يقين سان ٿي چوان ته مون رڳو هن کي همٿايو پئي ته ڀلي ته سچو سورمو ٿي سامائجي. آءٌ هن لاءِ هڪ جوت هيس ۽ وريامن واريءَ واٽ ۾، هن جي دل وٺڻ ۽ رهبري پئي ڪيم. هيستائين نڪي مون ئي پنهنجو مانُ مرتبو وساريو، نڪي هن ئي ڪڏهن ڪا بيهودي حجت هلائي، باقي مون نياڻيءَ تي جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ٺڪر رکندا ته.....

بادشاهه: پياري ڀيڻ، تون پنهنجي ڀاءُ تي ايڏو الزام نه رک. اسان تو تي ڪو به ٺڪر ڪو نه رکيو آهي. اسان ائين چيو ئي ڪو نه ته تو پنهنجو مانُ مرتبو وساري، ڪو بيهودو ڪم ڪيو آهي. هو برابر جنگي جوڌو آهي، ۽ ملڪ جي رسم پٽاندر جيڪڏهن تو پاريءَ شهزاديءَ هن جو قدر ڪيو ته ان ۾ ڪو عيب ڪونهي. پر اسان ڏٺو آهي ته اهڙين حالتن ۾ پهريائين ماٺيڻي محبت ۽ پري کان عزت هوندي آهي، پر پوءِ وجهه ملڻ تي گستاخي ۽ حجت هلندي آهي. پر تون پاڻ کي سڀني کان وڌيڪ سياڻو پئي سمجهين، پوءِ تو سان ڳالهائي ڪير.

ايڊٿ: توهين هڏ-رت ٿي، مون کي ڪا چڱي صلاح ڏيندا ته آءٌ اها اکين سان مڃينديس، باقي ٽِڪو ڪين سهنديس.

بادشاهه: بادشاهه صلاح نه ڏيندا آهن، پر حڪم ڏيندا آهن.

-ايڊٿ: (بيپرواهيءَ سان) ائين ته سلطان صلاح الدين پارا به پيا حڪم جاري ڪن، هتي حڪم جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟

بادشاهه: ڇوڪري، تون هي چوين ڇا ٿي؟ هن سڪاٽ جو حق مانُ سڃاڻي ٿي، ۽ سلطان صلاح الدين جهڙي لائق انسان لاءِ ڪا به عزت نٿي ڏيکارين! اسان جي نظر ۾ سلطان جو درجو وڌيڪ آهي. سڪاٽلنڊ جو وليم اهڙو ڪوڙو، جو اسان کي لشڪر موڪلڻ جو دلاسو ڏيئي، پوءِ ڪنڌ کي وهاڻو ڏيئي ويهي رهيو! سلطان صلاح الدين جيڪر ڪڏهن به دلاسو ڏيئي ته پوءِ ڦري ڪين وڃي. اهي سڪاٽلنڊ جا ماڻهو وقت جا ويري آهن. اهڙن ۾ سڱ ڏيڻ بدران سلطان جهڙي سچار سان سڱ ڳنڍجي ته اهو وڌيڪ آهي.

ايڊٿ: هر گز نه! جيڪڏهن انگلنڊ جو بادشاهه وڃي مسلماني مذهب اختيار ڪري، ته به ايڊٿ پنهنجو ڌرم ڪين ٻوڙيندي. پر مون کي ٻڌايو ته اوهين انگلنڊ مان ڪَهي، هتي مسلمانن سان لڙڻ آيا آهيو، يا هنن کي سڱ ڏيڻ لاءِ آيا آهيو؟ افسوس! اڳوڻي پهلواني اوهان وٽان شايد پَر ڪري اُڏامي ويئي آهي. ڪروسيڊر ٿي اوهين ههڙا گيدي ڪيئن ٿيا آهيو؟

بادشاهه: (پنهنجو شان رکي) نه ڀيڻ، رچرڊ جي پهلواني رچرڊ ساڻ آهي. اهو نُڪتو تنهنجي آزمائش لاءِ هو، تون جيئن چوين ٿي، تيئين ئي ٿيندو. جنهن جنگ لاءِ سمنڊ جهاڳي آيا آهيون، سا اوس جوٽبي. بادشاهه پوءِ هن سان مٺو چٺو ڳالهائي، پنهنجي تنبوءَ ڏي موٽي ويو.

باب ٻارهون

 

آئي بلا ٽري

سر ڪينيٿ کي رچرڊ جي ڇانوڻيءَ مان نيڪاليءَ ملئي چوٿون ڏينهن ٿيو هو، انهي چوٿين ڏينهن، سانجهيءَ جي مهل، بادشاهه پنهنجي تنبوءَ جي اڳيان هوا کائڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويٺو هو، هينئر هن پاڻ کنيو هو، تنهن ڪري ههڙي کليل هوا هن لاءِ پاڻ فائديمند هئي. ان وقت وٽس ڪا پهر ڪانه هئي. سندس مقرب سرٽامس ڊيوا لشڪر جي ڀرتي ۽ سامان سڙي جي بندوبست ڪرڻ لاءِ عسقلان ڏي ويو هو، ٻين سپاهين ۽ خدمتگارن لڙائي لاءِ تياري پئي ڪئي، جو ٻئي ڏينهن ترڪن سان لڙڻو هو: ڪن تراريون پئي مليون، ڪن ڍالون پئي صاف ڪيون ۽ ڪن بڻڇيون، ڀالا ۽ تير پئي تيار ڪيا. هٿيارن جو کڙڪو ٻڌي ۽ چلڪي واريءَ تلوار جو جهلڪو ڏسي، بادشاهه جي دل بهار بهار ٿيڻ لڳي ۽ دل ۾ سوڀ کٽڻ جا سوڻ ڳنڍڻ لڳو.

سج لاڙائو ٿيو ته چوبدار اچي خبر ڪئي ته ڪو قاصد سلطان صلاح الدين وٽان رقعو رسائڻ آيو آهي. بادشاهه حڪم ڏنس ته تعظيم سان وٺي اچينس. بادشاهه ڀانيو ته ڪو امير ٿو اچي، پر پوءِ ڏٺائين ته هڪ حبشي آهي. اهو قاصد، بدن جو ٺاهوڪو ۽ نهايت قداور مڙس هو. شڪل جيتوڻيڪ حبشين جهڙي هيس ته به روَش چڱي هيس، حبشين وانگر نڪي ناسون ڦاٽل هيس، نڪي ماڪوڙن جهڙا وار هئس، تنهن ڪري ذات جو حبشي ڀانيوئي ڪين ٿي، مٿي تي اڇي کير جهڙي دستار، بت تي چيتي جي کل جو لُنڊين ٻانهن سان ڪُڙتو، پيرن ۾ چاکڙيون ۽ ڳچيءَ ۾ چاندي جي زيبدار دري هيس، ٽنگون ۽ ٻانهون اگهاڙيون هيس، ۽ اهي به سندس منهن جي رنگ سان ملي ٿي آيون. ڪمر وٽان هڪ سنئين خنجر پئي لٽڪيس، جنهن جي کپ مٿان نانگ جي کل چڙهيل هئي. ساڄي هٿ ۾ هڪ تکيءَ نوڪ سان نيزو هوس ۽ ڏائي هٿ ۾ ڪلابات جو مضبوط ڏور هوس، جنهن سان هڪ نهايت ٺاهوڪو ۽ شاندار شڪاري ڪتو ٻڌل هو. قاصد اچڻ سان بادشاهه جي اڳيان سجدو ڪيو ۽ پوءِ هڪ گوڏو جهڪائي نهايت ادب سان هڪ ريشمي رومال بادشاهه کي ڏنائين، جنهن جي اندر ڪيمخواب ۾ خط ويڙهيل هو، خط جو مضمون هن طرح هو:

اوهان جي موڪليل پوئين پيغام مان ائين معلوم ٿيو ته اوهين صحبت جي ناتي ڳنڍڻ بدران، جنگ جوٽڻ لاءِ تيار آهيو. ڌڻي سڳوري جي برڪت سان اسين جنگ جي ميدان ۾ دوبدو ٿي اوهان کي ثابت ڪري ڏيکارينداسين ته اوهان ڪوتاهه نظريءَ کان اهڙو قدم کنيو هو. اسان جي اٿاهه فوج اوهان جي لشڪر جا جيڪي حال ڪندي، سي اوهين اکين سان ڏسندئو ۽ پوءِ ساڳيو پڇائيندئو ته ناحق اوهان جنگ جو قصد ڪيو هو پر اهي ڳالهيون ٿيون پوءِ جون، حال جنهن صورت ۾ اوهان اسان کي ٻين سوغاتن سان گڏ ٻه ڄامڙا تحفي طور موڪليا آهن، تنهن صورت ۾ اسين انهي اڻلڀ تحفي جي عيوض اوهان ڏي هڪ ڄڻي غلام سوکڙي ڪري موڪليون ٿا. نالو ضحاڪ اٿس. هن جي ڪاري شڪل ڏسي هن کي نڪمو نه سمجهجو جهڙي طرح ڪنهن ميوي جي کل ٻاهران بدزيبي ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر اندر ڳر اڪسي هوندي اٿس. تهڙي طرح هن کي به سمجهجو. سندس بدني طاقت ۽ دماغي قوت جي جيتري تعريف ڪبي، تيتري ٿوري ٿيندي. جنگ جي مهل هي اوهان جو چڱو مددگار ٿيندو ۽ مشڪل مسئلن حل ڪرڻ ۾ اوهان جو صلاحڪار، سندس عاج جهڙن اڇن ڏندن جي وچ ۾، سندس زبان کي خاوند خاموشي ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري ڪڇڻ پڇڻ کان لاچار آهي، باقي ٻيءَ هر طرح سان هيءُ جوان لائق انسان آهي. اسان کي اميد آهي ته هو اوهان جي پوري طرح خدمت ڪري پاڻ موکيندو، هن جي هرطرح سان پارت هجيوَ.

بادشاهه هيءُ خط پڙهي پوءِ هن حبشي غلام ڏي چتائي نهارڻ لڳو. هن جي بدن جو سهڻو گهاٽ ۽ هن جا مضبوط ڏورا ۽ عمدي روش ڏسي، پڇيائينس: تون پاڻ مسلمان آهين؟ حبشيءَ ڪنڌ سان ناڪار ڪئي ۽ پنهنجي پيشانيءَ وٽ هڪ آڱر اُڀي جهلي ان جي مٿان ٻي آڱر اهڙي ريت سنئين ڪري جهليائين، جو ٻنهي آڱرين گڏجڻ ڪري صليب جهڙي  شڪل ڏسڻ ۾ آئي. اتي بادشاهه چيو: اسان به سمجهو هو ته تون عيسائي آهين. هنن بي قياس مسلمانن شايد تنهنجي ڄڀ ڪپي آهي؟، حبشيءَ ڪنڌ سان ناڪار ڪئي ۽ پنهنجي هڪ آڱر اهڙيءَ طرح مٿي کنيائين، جو ڄڻ ته ائين ٿي چيائين ته ڌڻي مون کي گونگو پيدا ڪيو آهي. بادشاهه پوءِ پڇيس: هٿيار صفا ڪرڻ ايندا اٿيئي؟. حبشيءَ ڪنڌ سان ها ڪئي. بادشاهه هن کي اهو ڪم سونپيو. حبشي امالڪ زرهه، ڍال ۽ ٻيا جنگي هٿيار اهڙي طرح صفا ڪرڻ لڳو جو ڄڻ ته اڳيئي ان ڪم ۾ ماهر هو. هن جو تحسين جوڳو ڪم ڏسي، بادشاهه چيس: تون اڳتي اسان جي اردليءَ ۾ رهه ته مر سلطان سمجهي ته اسان تنهنجو قدر پوريءَ طرح سڃاتو آهي.

منهن اونداهي ٿي ته انگلينڊ مان ڪن قاصدن ٽپال آندي. بادشاهه ٽپال پڙهڻ کي لڳي ويو ته سندس خدمتگار البيلا ٿي ڦرڻ لڳا. ڪن پهڻن سان پئي راند ڪئي ته ڪي ٽنگون ٽيڙي پيا هئا ۽ ڪن ايندڙ لڙائيءَ بابت پاڻ ۾ سُس پُس پئي ڪئي. هن وجهه وٺي، هڪ بندرو ترڪ، بادشاهه جي ويجهو وڃڻ لڳو. پريان هڪ پهريدار هڪل ڪيس ته هن پنهنجو لباتو لاٿو، هن جو سڄو بت ٻهرو پين ٻين وانگر قسمين قسمين رنگن سان رڱيل ڏسڻ ۾ آيو. سپاهين ڀانيو ته هيءُ ڪو مسخرو آهي، سي امالڪ ويڙهي ويس. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي. ڪرستان سپاهي اڪثر واندڪائيءَ جي وقت ۾ ترڪ راڳيندڙ، بازيگر ۽ مسخرا گهرائي، پاڻ وندرائيندا هئا. هن وقت جو ڏٺائون ته هڪ مسخرو پاڻيهي پيهي آيو آهي. سو خوب ناچ ڪرايائونس. هي بندرو ترڪ مسخرن وانگر جهمريون پائيندو ، کڳيون هڻندو، ڄاڻي واڻي بادشاهه کي ويجهو ٿيندو ويو ۽ پوءِ گيگ ملائي پٽ تي پئجي رهيو. هڪڙي سپاهي ڀانيو ته ڦيريون پائيندي مٿو ڦري ويو اٿس، سو پاڻي آڻي پياريائينس. ٻئي چيو: دارونءَ جو پَٽ پياريوس ته بود ۾ اچي. هن کي دارونءَ جو ڍڪ ڏنائون ته اهو هڪڙيءَ ڳيت سان پورو ڪيائين. سپاهين ۾ اچي ٽهڪڙو پيو، سندين ٽهه ٽهه ٻڌي، بادشاهه پريائين هڪل ڪئي. سڀ سپاهي امالڪ ٽڙي پکڙي ويا ۽ هي بندرو ترڪ اتيئي پٽ ۾ پيو هو.

ڀاءُ ڪلاڪ کن سانت لڳي پئي هئي. بادشاهه پنهنجي ٽپال وري وري پئي پڙهي. ٽپال ۾ ڪو سٺو سماچار ڪو نه هو، سندس پرپٺ سندس 2 ڀائر پاڻ ۾ وڙهي ڌار ٿيا هئا، ڪي امير پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿي پيا هئا ۽ ڪن شرطي جاگيردارن پنهنجن ڪڙمين سان اهڙا ويل وهايا هئا، جو اهي پوءِ مٿن مٽجي آيا هئا ۽ خونريزي جو گهڻو خطرو هو. انگلينڊ مان هي بدخبرون آيون، تن بادشاهه کي منجهائي ڇڏيو. هيءُ پنهنجن ئي ٽٻين ۾ هو، تنهن ڪري ٻيءَ ڪنهن ڳالهه جو سماءُ ڪونه ٿي پيس. سندس پٺيان ضحاڪ حبشي ڍال صفا ڪرڻ ۾ مشغول هو. ڍال ملي ملي آرسيءَ جهڙي اوجل ڪئي هئائين. جيڪو بندرو ترڪ پٽ تي پيو هو، تنهن جو پاڇو ڍال ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيس. ڍال ۾ هن جي شڪل جاچيندي ڏٺائين ته اهو بندرو رکي رکي ڪنڌ پيو مٿي کڻي ۽ ڄڻ بادشاهه جي نزديڪ وڃڻ جا وجهه پيو ڳولي. حبشيءَ اک ۾ رکيس. هو بندرو پوءِ رمز سان رڙهندو، رڙهندو، بادشاهه ڏانهن وڌڻ لڳو. ضحاڪ سمجهي رهيو هو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي. سگهوئي اهو بندرو شيطان نانگ وانگر سِرندو، بادشاهه جي نزديڪ ويو ۽ ٻانهن جي آستين سمان خنجر ڪڍي، اڃا هنيائينس ٿي ته ضحاڪ حبشيءَ مڙسي ڪري ٻانهن کان سوگهو جهليس. بادشاهه ته بچي ويو پر خوني اچي ضحاڪ تي پيو. هن پهلوان پاڻ بچائي ورتو پر خنجر جو ٿورو گهڪو ٻانهن تي اچي ويس. بادشاهه تي جو هي اوچتو حملو ٿيو، سو اڇانگ ماري اٿيو، هڪ صندلي هٿ اچي ويس. سا ڀر ڪري، هن بندري شيطان کي اهڙي مغز ڌاري هنيائين، جو مغز ڦيهي وڌائينس. هن پوءِ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڇڏيو. پوءِ ته بادشاهه اچي پنهنجن خدمتگارن تي مٽيو. چي، حيف آهي اوهان جي حال تي! دشمن اسان جي جان وٺڻ لاءِ بنهه اسان تائين اچي پهتو آهي ته اوهان کي ڪو پتو نه پيو آهي! پر ٺهيو، اسان جي خير سان رهجي آئي ۽ دشمن پنهنجو ڪيتو لوڙيو، هاڻ هن جي سسي هڪدم ڌڙ کان ڌار ڪري، نيزي ۾ ٽنگي، کڙي ڪريو ته مر هرڪو ملعون عبرت وٺي.

بادشاهه پوءِ ضحاڪ ڏي وڌي. هن جي گهڻي شڪرگذاري ڪئي ۽ چيائينس: جتي اسان جو سڄو لشڪر اسان کي ڪم ڪين آيو، اتي تون اڪيلي سر اسان کي ڪم آيو آهين. تنهن ڪري تنهنجي جيتري به مهرباني مڃجي اوتري ٿوري. اتيئي سندس ٻانهن تي زخم ڏسي، رڙ ڪري چيائين: هي ڇا! هي زخم اڻپڇو زهري خنجر سان ٿيو آهي. يڪدم خدمتگارن ڏي منهن ڪري چيائين: اوهان مان ڪو به هن جي زخم مان زهر چوسي ڪڍي، نه ته هي نمڪ حلال ناحق مري ويندو.

زهر جو نالو ٻڌي، سڀ سپاهي هٽي ويا. بادشاهه چين: چپن سان چوسڻ ڪري ڪو به نقصان نه ٿيندو. نقصان جو ڊپ تڏهن آهي، جڏهن زهر پيٽ ۾ وڃي رت سان ملي. ڪنهن به سپاهيءَ جي مرضي نه ٿئي ته هن حبشي غلام لاءِ پنهنجو جيءُ جوکي ۾ وجهجي. تنهن ڪري سڀيئي ٻوٿ ٻڌي بيهي رهيا. سپاهين جا هي حال ڏسي، بادشاهه کي هيڪاري ارمان ٿيو. پوءِ نڪا ڪيائين هم نڪا تم، امالڪ هن غلام جو زخم پنهنجو سڳورن چپن سان چوسڻ لڳو. خدمتگارن منع ڪيس، ضحاڪ به اشارن ۾ گهڻو ليلايس ته اهڙو جوکي جهڙو ڪم نه ڪريو. پر بادشاهه ٻڌو اڻٻڌو ڪري هن سان پاڻ ڀلائڻ لڳو.

بادشاهه کي مارائڻ جو منصوبو ٽيمپلرن جي گرئنڊ ماسٽر سٽيو هو. هي بندرو ترڪ انهي جي ميچ تي آيو هو پر مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي. ضحاڪ جا هٿ هن کي رسڻا هئا، سي رسيا-بادشاهه تان آئي بلا ٽري ۽ دشمن جو سائو منهن ٿيو، ٻاهر ڏاڍا هُل پئجي ويا. سو ڪيترا عملدار ڊوڙندا شاهاڻي تنبوءَ ۾ آيا. سر هينري سهڪندو سهڪندو، اندر آيو. بادشاهه کي هن حبشيءَ جي زخم جو زهر پنهنجن چپن سان چوسيندو ڏسي، رڙ ڪري چيائين: قبلا، هي ڪم ڪهڙو ٿا ڪريو؟ بادشاهه چيس: هن ڪانئر خدمتگارن کي ڏيکارڻو اٿئون ته ساهه تي ايترو آهو نه رکجي. مشڪلات جي وقت مڙس ٿي بيهڻ گهرجي.

بادشاهه پوءِ هن جو سمورو زهر پنهنجن چپن سان چوسي ڪڍيو، پر هڪ ڳالهه هن کي حيرت ۾ وڌو. حبشيءَ جو جيڪو ڀاڱو چوسيائين، تنهن تان ڪارنهن صفا لهي وئي!، هي وائڙو ٿي، منهن ۾ نهارڻ لڳس. رچرڊ سياڻو هو، تنهن سڄي ڳالهه سمجهي ورتي، پر اوڏيءَ مهل ڪجهه به ڪڇڻ واجب نه سمجهي، ضحاڪ حبشيءَ ڏي منهن ڪري چيائين: اسان جا خيرخواهه دوست، سلطان صلاح الدين پنهنجي تحرير ۾ ڄاڻايو آهي ته مشڪل مسئلن حل ڪرڻ ۾ تون اسان کي گهڻي مدد ڏيئي سگهندين، جيڪڏهن پاڻ کي موکڻو اٿيئي ته اسان کي اهو چور لهي ڏي، جنهن انگلنڊ جو جهنڊو چورائي اسان جو ڪنڌ هيٺ ڪيو آهي. اهو ڪم جي تو ڪيو ته تنهنجي تورَ جيترو سون توکي انعام ڏبو. ڪيئن، اهڙي مڙسي ڪندين؟ ضحاڪ پهرين ڳالهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، پوءِ اتيئي ٻانهون ٻڌي، گهڻي ادب سان ڪنڌ سان آنهه ڪيائين. بادشاهه چيس: تون جيڪو اشارو ڪرين ٿو، تنهن مان سمجهجي ٿو ته تون اهڙي مڙسي ڪندين، پر تنهنجي گونگن واري ٻولي اسين پوريءَ طرح ڪيئن سمجهون؟، لکڻ پڙهڻ ايندو اٿيئي؟ گونگي ڪنڌ سان آنهه ڪئي. بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي لکپڙهه جي آنهه ڪئي. بادشاهه حڪم ڏنو ته هن کي لکپڙهه جي سامگري ڏيو. جهٽ مس قلم ۽ پنو گونگي کي ڏنائون. هو لکپڙهه ۾ ڀڙ هو ۽ نهايت خوشخط هو. هيستائين بادشاهه هن سان انهي ٻوليءَ ۾ پئي ڳالهايو، جا ڪرستان ۽ ترڪ عام طرح ڳالهائيندا هئا. هينئر هن گونگي فرينچ ٻوليءَ ۾ هي اکر لکيا.

قبله عالم، غيب جي خبر خاوند کي، پر خاوند پنهنجي فضل سان انسان کي عقل عطا ڪيو آهي. عقل جي وسيلي انسان غيب جا دروازا کولي سگهي ٿو. جيڪڏهن عيسائي لشڪر جا سڀ سرڪردا هن ناچيز بندي اڳيان قطار ڪري لنگهندا، ته چور کي ستن پردن اڳيان به سڃاڻي سگهندو.

هي مضمون پڙهي بادشاهه ٽڙڻ لڳو، خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپيو. سر هينريءَ کي چيائين: هيءَ ڳالهه ڏاڍي پوري وقت تي ڪئي اٿس. سڀني شهزادن قول ڪيو آهي ته انگلنڊ جي جهنڊي جي جيڪا بيعزتي ٿي آهي، تنهن جو بدلو اسان کي ڏيندا. سڀاڻي اسان جي نئين کتل بانئٽي اڳيان، پنهنجي اقبال ۽ عهدي پٽاندڙ درجي وار لنگهندا ۽ ان کي جوڳي عزت ڏيندا. هن حبشيءَ کي به اوڏي مهل اتي بيهارينداسين، ڏسون ته ڪهڙي حڪمت هلائي، چور کي ڳولي ڪڍي ٿو؟

هينري: قبلا، انهي ڳالهه تان لهي وڃو. مس مس شهزادن کي سرچايو اٿوَ، هينئر جڏهن سڀ سائينجن سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن، تڏهن هيئن ککر ۾ کڙو هڻي ونجوڳ نه وڌايو، جنهن سڳوري ڪم لاءِ هيڏا ڪشالا ڪري آيا آهيون، تنهن جي پوري ڪرڻ جو اول خيال ڌاريو.

بادشاهه: تون هيءَ چوين ڇا ٿو؟ اسان ساڻن اها ٻول ٻولي هئي ڇا، ته جهنڊي جي چور ڳولي لهڻ لاءِ ڪو به اپاءُ ڪتب ڪو نه آڻينداسين؟ پنهنجي بادشاهيءَ، بلڪ پنهنجي جان کان به اسان کي پنهنجي آبرو وڌيڪ پياري آهي. ڀريءَ سڀا ۾ جيئن اسان جهنڊي جي ڳالهه ڪڍي هئي، تيئن جي آسٽريا جو ڊيوڪ يا ڪو ٻيو پنهنجو ڏوهه باسي ها ته اسين گهڻي خوشي سان هن کي معافي ڏيون ها. هاڻ جڏهن اڳلو ڪانئرن وانگر ڳجهڙو ٿي رهڻ پسند ٿو ڪري، تڏهن هن کي پڌري ڪرڻ لاءِ اسين جيڪي رستا واجب سمجهنداسين سي بيشڪ اختيار ڪنداسين.

هينري: قبلا، هن حبشي غلام جيڪڏهن ڪا حرفت سٽي هجي ته پوءِ؟

بادشاهه: (حشمت سان) صبر! تون وچ ۾ ٻوڪ نه پَٽ، تون پاڻ کي سياڻو ٿي سمجهين، پر سچ پچ ته عقل جو ڪوتاهه آهين. تون ماٺڙي ڪري وڃي اسان جي حڪم جي تعميل ڪر. تون هن جي ڪاري چمڙي ڏسي هن جو قدر انهيءَ آهر ٿو ڪرين، پر حقيقتون هيءَ هڪ وڏي وٿ آهي. اسين سڃاڻونس ٿا ته ڪير آهي پر اها ڳالهه هن وقت ظاهر نه ڪبي.

انهي وچ ۾ ضحاڪ حبشيءَ وري هڪ ٻيو پرزو لکي بادشاه کي ڏنو، انهي ۾ هي لفظ لکيل هئا: سلطان صلاح الدين وٽان هن غلام کي شهزادي ايڊٿ لاءِ ڪو نياپو مليو آهي. هي غلام جيڪر پنهنجي اڳوڻي سلطان جو حڪم پرچشم ڪري، سڌو ئي سڌو وڃي نياپو پهچائي ها پر جڏهن هيءَ بندو نئين خاوند کي سپرد ٿيل آهي، تڏهن پنهنجي نئين خاوند کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪري ته کيس پيغام پهچائڻ جي اجازت ملي. جيڪڏهن ٻيءَ طرح اها موڪل ملي نه سگهي ته جيڪا خسيس خذمت هن وقت ڪئي اٿس، تنهن جي عيوض ۾ اها اجازت ملي.

بادشاهه: (دل ۾) سلطان صلاح الدين اسان جي ايڊٿ ڏي نياپو موڪلي، ۽ اسين نياپي پهچائڻ جي اجازت ڏيون! پر ڇا، جنهن اسان جي جان بچائي سو هڪ عرض ڪري ۽ اسين اهو نه اگهايون!. هاڻ ڇا ڪجي اڄڪلهه اسان لاءِ سموئي اهڙو اچي بڻيو آهي، جو اسان سان ڪو ٿوري ڀلائي ڪري ٿو ته جهٽ ان جو عرض ڇڪي ٿو. ڪنهن جي قتل ٿيڻ جو حڪم ڏيون ٿا ته هو اسان جي راضپي هٿ ڪرڻ لاءِ اسان سان هڪ نه ٻي اهڙي ڀلائي ڪري ٿو، جو لاچار اسان کي ان جي جان بخشڻي پوي ٿي. اهو جي حال آهي ته اسين حڪومت جو چرخو ڪيئن هلائي سگهنداسين!، ڏوهيءَ کي جيڪڏهن سيکت نٿي ڏجي، ته ڪم نٿو ٺهي ۽ جي سندس مهربانيءَ جو عوض نٿو ڏجي ته اها ڳالهه به اسان جي منهن تي نٿي پوي. چنڊکڻ ته چنڊڳئورو، پُڙ کڻ ته پڙ ڳئورو. پر ٺهيو، اسان جي جان بچائي اٿس ۽ جهنڊي جي چور ڳولي لهڻ جو دلاسو ڏنو اٿس، تنهن ڪري هن وقت غم کائڻ گهرجي. هيڏي جرات ساري، نياپي پهچائڻ لاءِ پڌري پٽ درخواست ڪئي اٿس، تنهن ڪري سمجهجي ٿو ته اهو نياپو ڪو نالائقيءَ جو نه هوندو. اهڙو آٿت دل کي ڏيئي، حبشيءَ کي چيائين: چڱو، تنهنجو عرض ڪنهن مهل اگهائبو. حال سرهينريءَ سان گڏجي وڃي سکي ٿيءَ. بادشاهه پوءِ سر هينريءَ کي هن جي گهڻي پارت ڪئي ۽ حڪم ڏنائينس ته بنان دير اينگاڊي واري سنياسي کي گهرائي، اسان ڏي روانو ڪر. سرهينري ۽ ضحاڪ حبشيءَ پوءِ ادب سان بادشاهه اڳيان ڪنڌ نوڙائي هليا ويا.


[1] تن ڏينهن ۾ يورپ ۾ دستور هوندو هو ته جيڪڏهن ڪو جوڌو، ڪو پهلوانيءَ جو ڪم ڪندو هو ته عام زالون، بلڪ شهزاديون هن جي قدر شناسي ڪرڻ، ۽ هن کي وڌيڪ همٿائڻ لاءِ هن ڏي هار يا گل اڇلينديون هيون. بعضي ناز ڀريا نيڻ کڻي هن ڏي مرڪي نهارينديون هيون، ته اڳلو سمجهندو هو ته منهنجو قدر ٿيو ۽ مون کي انعام  ملي چڪو. اهو ئي سبب هو جو اينگاڊيءَ جي مڙهيءَ ۾ سر ڪينيٿ ڏانهن ايڊٿ گل اڇلايا هئا. هتي به هن جي قدر شناسي ظاهر ڪرڻ لاءِ هن کي پنهنجو ”پيارو“ سڏيو اٿس. البته سر ڪينيٿ ساڻس پرڻجڻ لاءِ خواهشمند هو، پر پاڻ شاهي خاندان جي هئي ۽ هن کي  گهٽ درجي وارو ٿي سمجهيائين، تنهنڪري ساڻس پرڻجڻ جو کيس خيال ڪو نه هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org