ايوب خان جي اسپيشل ٽرين پوري مغربي پاڪستان جو
دورو ڪيو. اُن وقت قدرت الله شهابُ، ايوب خان جو
سيڪريٽري هو. شهاب ڪشميري هو ۽ ڪهاڻين جي هڪ ڪتاب
جو مصنف هو، جو مون پڙهيو هو. جڏهن ٽرين سکر پهتي،
تڏهن مُنهنجي گهر ڊپٽي ڪمشنر، سکر، ڪوئي آفيسر
موڪليو، جنهن اچي چيو ته صاحب جي سيڪريٽري جنرل
مون کي ريلوي اسٽيشن تي گهرايو آهي. مان پيغام
ٻُڌي حيران ٿي ويس ۽ سوچيم ته شايد هي ڀُليو آهي.
بهرصورت، مان هن سان گڏجي ريلوي اسٽيشن تي ويس.
شهاب پلئٽ فارم تي بيٺو
هو ۽ ڊپٽي ڪمشنر سان ڳالهائي رهيو هو. اُتي منهنجو ڪراچيءَ جي
ڏينهن جو دوست جميل الدين عالي به بيٺو هو. پوءِ
خبر پئي ته اُهو ايوب خان جو ڪراچيءَ ۾ او. ايس.
ڊي آهي. هو مون سان ڀاڪر پائي مليو، شهاب سان
تعارف ڪرائيندي چيائين ته ”سنڌ جي وڏي ۾ وڏي
سنڌي شاعر سان ملو. هو اُردوءَ جو به ڏاڍو چڱو
شاعر آهي ۽ مون ٻُڌو آهي ته هو شاهه جي پوري رسالي
جو اُردوءَ ۾منظوم ترجمو ڪري چُڪو آهي.“ شهاب جي
اِن ڳالهه ۾ بيحد دلچسپي هئي ته هو ڏسي ته سنڌ ۾
ڪنهن شاعر کي اُردو زبان تي ڪيتري گرفت آهي. هُن
ڊپٽي ڪمشنر کان سختيءَ سان پڇيو ته ”هن کي ڇو نه
گهرايو ويو، جڏهن مون اوهان کي لکيو هو ته سنڌيءَ
جا سڀ اهم شاعر گهرايا وڃن؟“ ڊپٽي ڪمشنر جواب ڏنو
ته ”هن جو نالو سي. آءِ. ڊيءَ جي لسٽ تي هو.“ ان
تي شهاب هن کان پڇيو ته ”اها لسٽ انگريزن جي دؤر
واري آهي يا هاڻي ٺاهي وئي آهي؟“ ڊپٽي ڪمشنر جواب
ڏنو ته ”سر، انگريزن جي دؤر واري آهي.“ ان تي شهاب
کيس ڇڙٻ ڏني ته ”پوءِ هي سامراج دشمن ۽ محبِ وطن
(Anti-Imperialist and Patriotic) چئبو.“ پوءِ هن عاليءَ کي چيو ته ”فرسٽ ڪلاس ويٽنگ روم
۾ نشست رکو. مان شيخ اياز جو اُردو ڪلام ٻڌڻ
چاهيان ٿو.“ ائين مون هن کي ڪجهه شاهه، سچل ۽
ساميءَ جا اُردو ۾ منظوم ترجما ٻُڌايا ته حيران ٿي
ويو ۽ چيائين ته”مون کي خواب خيال ۾ به نه هو ته
سنڌ جي صوبي ۾ ڪوئي به سنڌي شاعر ائين اُردو ۾
خوبصورت شاعري ڪري سگهندو آهي.“ پوءَ ٽرين سيٽي
هنئي ته سڀ مون سان هٿ ملائي، ”خدا حافظ“ چئي،
ٽرين تي هليا ويا. قدرت الله هاڻي گُذاري ويو آهي
۽ وفات کان اڳ هن پنهنجي سوانحِ حيات ”شهاب نامو“
لکي، جا مون پڙهي آهي. عالي هن وقت پاڪستان ۾
سينيٽر آهي. سينيٽ ۾ کنيو ويو، اُن کان پوءِ هن
منهنجي جنم ڏينهن تي ريلوي انسٽيٽيوٽ ۾ پرزائيڊ
ڪيو، جو مسٽر يعقوب خان زرداريءَ ملهارايو هو ۽
پوءِ عالي پنهنجي گهرواريءَ سان منهنجي گهر آيو.
هنن جي وڃڻ کان پوءِ زرينا ٻُڌايو ته ”عاليءَ جي
گهرواريءَ کيس خوش مزاجيءَ طور چيو هو ته ”سٺن
شاعرن جي ڪڍ ته خوبصورت عورتون ديوانيون هونديون
آهن!“ ۽ اُن تي زرينا ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي هئي! سکر
ريلوي اسٽيشن تي شهاب ۽ عاليءَ سان ان سال ملاقات
کان پوءِ آل پاڪستان رائيٽرس گلڊ ٺاهڻ لاءِ
ڪراچيءَ ۾ ڪنوينشن گهرائي
وئي هئي. مون کي دعوت نامون هو پر مان وڃي نه
سگهيو هوس. ريڊيو تي آيو ته ڪنوينشن ۾ رائيٽرس
گلڊُ ٺاهيو ويو، جنهن جي مرڪزي ڪميٽيءَ تي ٻنهي
صوبن مان ميمبر چونڊيا ويا. ٻئي ڏينهن ريڊيو تي
مرڪزي ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا نالا آيا، جن ۾ آءٌ به
شامل هوس. مان ڀانيان ٿو ته منهنجو نالو عاليءَ
پاڻ يا شهاب جي چوڻ تي ڏنو. مون کي ٽن سالن لاءِ
هيڪر ۽ ٻيهر ساڳئي عرصي لاءِ گلڊ جي مرڪزي
ڪاميٽيءَ تي چونڊيو ويو هو.
رائيٽرس گلڊ منهنجي ڪلام جو پهريون سنڌي مجموعو ”ڀونر ڀري آڪاس“ ڇپايو ۽ اُن تي
انعام
ڏنو. پاڪستان بيوروڪريسي، ائين گلڊ جي انعام يافته
ڪتاب تي ڪفر، الحاد ۽ فحاشيءَ جا الزام هڻي بندش
نه وجهي ها، جي منهنجي خلاف حيدرآباد ۾ ڪي بااثر
شخصيتون سازش نه ڪن ها. پر اُها پوءِ جي ڳالهه
آهي. اُن کان پوءِ ڪافي اڳي، مون سکر مان پنهنجي
اُردو ڪلام جو مجموعو ”بوئي گل نالھءِ دل“ ڇپايو،
جنهن تي آفاق صديقيءَ جو پيش لفظ هو. دير سان خبر
پئي ته اُهو پنو پاڪستان سرڪار جو هو، جو اسان
پوسٽ ذريعي حيدرآباد مان گهرايو هو ۽ اُن جي هر
صفحي تي ”گورنمينٽ آف پاڪستان“ نشان طور امپرنٽ
ٿيل هو ۽ اُن ڪري ئي اسان ان ڪتاب جون ڪجهه ڪاپيون
دوستن ۾ ورهايون ۽ ٻيون مارڪيٽ ۾ آنديون پوءِ اُن
ڪتاب جو گهڻو حصو منهنجي ڪتاب ”نيل کنڻهه نيم کي
پتي“ ۾ ڇپيو، جو حوريءَنورانيءَ ڇپيو هو. حوريءَ
مون کان پڇيو هو ته ”ان ڪتاب جو نالو ته ڏاڍو
پيارو آهي پر اُهو ڇا جي علامت آهي.“ مون هن کي
جواب ۾ چيو هو ته ”نيل کنڻهه ”شِو“ کي چوندا آهن ۽
هڪ پکيءَ کي به چوندا آهن. شِو کي نانگ ڳچيءَ ۾
ويڙهيل هوندا آهن ۽ نيرو رنگ وِهه جي علامت آهي.
نم جا پتا ڪَوڙا ٿيندا آهن ۽ ماحول جي تلخيءَ جي
علامت آهن. نالي جو مطلب آهي ته ماحول جي تلخيءَ
شاعر جي آواز ۾ وِههُ ڀري ڇڏيو آهي.“ حوريءَ دير
ئي نه ڪئي ۽ ٻن مهينن ۾ مڪتبه دانيال پاران ڪتاب
ڇپائي ڇڏيائين، جو اُردوءَ ۾ ڪافي مقبول ٿيو آهي.
سکر ۾ مون کي سنڌي ادبي سرڪل جو 1953ع کان 1955ع
تائين صدر چونڊيو ويو هو. پر ادبي سرڪل ۾ مون کان
۽ شيخ راز کان سواءِ ٻيا سڀ اُردوءَ جا اديب هئا.
مان پهريون ڀيرو رائيٽرس گلڊ جي مرڪزي مجلس عامله
جو رڪن هوس ۽ پوءِ سال 1961ع ۾ رائيٽرس گلڊ سب
ريجن سکر جو صدر به هوس. ايستائين منهنجا سنڌيءَ ۾
فقط ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا هئا. سفيد وحشي (افسانن جو
مجموعو) پنهل کان پوءِ (خط) ۽
ڀونر ڀري آڪاس،
منهنجي اُردو ڪلام جي مجموعي ”کفِ گلفروش“ کي
ترتيب ڏني وئي هئي. اُهو سکر مان ڪراچيءَ اچڻ وقت
شايد سکر ۾ رهجي ويو. اُن مان نوٽ بُڪن ۾ لکيل
ڪجهه غزل موجود آهن. مون ”بوئي گل نالھ دل“ ۾ جي
پوربيءَ ۾ گيت لکيا اُهي ڏسي اُردو اديب وائڙا ٿي
ويا، ڇو ته اُنهن کي به پوربيءَ تي ايترو عبور
ڪونه هو.
رائيٽرس گلڊ جي ڊاڪا سيشن ۾ مان ٻه ڀيرا ويو هوس ۽
اُن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“
۾ ڪري چُڪو آهيان. اُتي چاٽگام تي مان ڪنهن مندر ۾
لڪشمي پوڄا تي ويو هوم. دراصل
مون
غلطيءَ ۾ اُن کي سرسوتي پوڄا سمجهيو هو. بنگال جي
رنگارنگ تهذيب، راڳ، مفلوڪ الحاليءَ مون کي ايترو
اُتساهيو، جو موٽي اچي اهو ڪتاب ”ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙي“ لکيم. ان ڪتاب کي غور سان پڙهبو ته نظر
ايندو ته مون کي اُن ئي وقت رَهو پيو هو ته
پاڪستان جو هيءُ حصو الڳ ٿي ويندو. ”ڀونر ڀري
آڪاس“ جي اشاعت کان پوءِ مون ڏانهن سنڌي شاعري
موٽي آئي. اُن کان پوءِ مان رشيد ڀٽيءَ سان گڏجي
ڀارت ويس ۽ ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ ڇپيل ڪيترائي شعر
حافظي مان اُتي پڙهيا هئم، جنهن جو ذڪر مان اڳيئي
ڪري چڪو آهيان. 1963ع ۾ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙيءَ“
جي اشاعت کان پوءِ مون ڏي سنڌي نثر موٽي آيو.
اُنهن ٻنهي ڪتابن تي به سنڌ جي حڪومت طرفان بندش
وڌي وئي. پوءِ 1964ع ۾ منهنجي ٽئين ڪتاب ”ڪُلهي
پاتم ڪينرو“ تي بندش وڌي وئي. اُنهيءَ وقت تائين
منهنجا اردو اديبن سان خوشگوار تعلقات رهيا.
آگسٽ 1965ع جي شروعات ۾ دنيا تي اها
حقيقت ظاهر ٿي ته ڪشمير ۾ حالتون برصغير جي امن
لاءِ سازگار نه هيون. آزاد ڪشمير ۾ ڪارگل واريءَ
ايراضيءَ ۾ ڀارت جي غير معمولي چُرپُر ٿي رهي هئي.
اُها ايراضي ڀارت کي لداخ سان ملائي رهي هئي.
اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل ٻنهي ملڪن کي گذارش
ڪئي ته سرحد تي ڪاروائي بند
(Cease-fire)
ڪئي وڃي. پر ان گذارش تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو.
آگسٽ تي معلوم ٿيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ انقلابي
ڪائونسل جو بنياد رکيو ويو هو ۽ ٻئي ڏينهن تي مخفي
ريڊيون تان ”صدائي
ڪشمير ريڊيو“ جو اعلان ڪيو ويو. ڪجهه ڏينهن ۾
ڪشمير ۾ فساد ٿيا. آگسٽ جي وچ ڌاري هُل هنگامو وڌي
ويو ۽ ڀارت سرڪار اهو مڃيو ته ڀارت جي فوج ۽ پوليس
جا 153 ماڻهو ماريا ويا هئا ۽ ڪجهه عام شهري به
ماريا ويا هئا. ٻه ڏينهن پوءِ معلوم ٿيو ته آزاد
ڪشمير جا محب وطن، پاڪستاني فوج جي مدد سان اکنور
۽ چمن تائين وڃي پهتا هئا. ٻنهي ڌرين ڄاتو ته ڀارت
مجبور ٿي پنجاب جي سرحد ڏانهن وڌندو. 6 سيپٽمبر تي
ايوب خان ريڊيو تي چيو ”ڀارت جي فوج لاهور ڏانهن
وڌي رهي آهي.“ هربرٽ فيلڊمئن پنهنجي ڪتاب
(“From Crisis to Crisis, Pakistan 1962-69”)
۾ لکيو آهي:
“As in all armed conflicts, the casuality was
truth. On both sides, propaganda, accusations
and counter accusations,rose swiftly in pitch
and exaggeration.”
(هر هٿياربند لڙائيءَ وانگر سارو نزلو ”سچ“ تي
ڪريو. ٻنهي ڌرين ۾ پروپئگنڊا، الزام تراشي ۽ جوابي
الزام تراشي ڪئي وئي،جا ڪافي اوٿڪَ ۽ وڌاءُ واري
هئي.)
لال بهادر شاستريءَ لوڪ سڀا ۾ لاهور جي فتح جو
اعلان ڪيو. ائين آهي ته ڀارتي فوجي واگهه سيڪٽر
تائين پهتا هئا پر پاڪستان جي نواجوان فوجين سِرن
جون قربانيون ڏئي اُتي ڀارتي ٽئنڪ اُڏائي
ڇڏيا. ٻيو ڪوڙ آل انڊيا ريڊيو ڳالهايو ته ”پاڪستان
جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو ڀارت جو شهري
آهي.“ مان ڪراچيءَ ۾ هوس جڏهن سراج ٻڌايو ته جنگ
اچي رهي آهي ۽ ڀارتي هوائي جهاز لاهور مٿان اُڏامن
ٿا ۽ شايد ڪجهه بم به ڪيرايا اٿائون. مٿي ذڪر ڪيل
ڪتاب ۾ آهي ته ڀارت جي دعويٰ هئي ته سنڌ ۾ هو ڏيڍ
سو ميل هٿ ڪري سگهيا هئا، غالباََ
هنن رڻ ڪڇ کان ڇاڇري تائين دعويٰ ٿي ڪئي. مان سراج
سان ڳالهه ٻولهه کان ٻه ڏينهن پوءِ سکر موٽي ويس،
ته سازش
ڪري مون کي ٽي مهينا نظربند رکيائون، جنهن جو ذڪر
مون اڳين ڪتابن ۾ ڪيو آهي. جيل ۾ نظربنديءَ مون کي
سخت جان بڻائي ڇڏيو ۽ اُتي مون پنهنجو مشهور غزل
لکيو هو:
بي موت مئا تو لاءِ ڪُٺا انسان هزارين مان نه رڳو،
هن دنيا ۾ اي ديس هئا نادان هزارين مان نه رڳو.
جنگ ڪل سترنهن ڏينهن هلي، پر مون کي ٽي مهينا
نظربند رکيائون. ان کان ڪجهه وقت اڳي، مون ٿر
جو سفر ڪيو هو ۽ پنهنجا ٽي مجموعا ”جل جل مشعل جل“
”هي گيت اُڃايل مورن جا“ ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“
لکيا هئا، جي سنڌ ۾ حميد سنڌيءَ جي ماهوار ”روح
رهاڻ“ ۽ هند ۾ اُتم جي ”نئي دنيا“ ۾ شايع ٿيا هئا.
اُنهن مان ڪيئي نظم مون ”سنڌي شام“ جي گڏجاڻين ۾
پڙهيا هئا، جي سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙيا هئا. ان وچ
۾ سنڌ ۾ منهنجو نانءُ سنڌي عوام تائين پهچي چُڪو
هو. آفاق صديقيءَ ٻڌايو ته ميرپورخاص ۾، جتي هو
پڙهائيندو هو، هڪ جوڙي وڏي پُٽ جو نانءُ بدلايو هو
۽ هن جو نانءُ اياز سينئر رکيو ۽ ننڍي پٽ جو نانءُ
اياز جونيئر رکيو. منهنجي شعر جي ايتريءَ شهرت جي
اِساسي بنياد کي محمد ابراهيم جويي جي منهنجن
شاعريءَ جي ڪتابن تي مهاڳن ۽ رشيد ڀٽيءَ جي منهنجي
ڪتاب ”خط، انٽرويو ۽ تقريرون“ جي مهاڳ مان سمجهي
سگهجي ٿو. مون تي ۽ منهنجي دِفاع ۾ رسول بخش پليجي
۽ يار محمد پنهور به سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا. اسلام جا
بي وقوف حامي اهو نه پئي سمجهي سگهيا ته هو هڪ
سرّيت پسند
(Mystical)
شاعر کي قوم پرستيءَ جي شدت پسنديءَ ڏانهن ڌڪي رهيا
هئا! سارو ماضي هاڻي خوابِ پريشان وانگر ٿو لڳي.
منهنجي پاڙي ۾ مهاجر کير وارا کين پنهنجي دڪانن تي
ويهاري مفت ۾ ڪڙهيل کير پياريندا هئا،
۽ پان وارا کين پان ۾ تماڪو اڳي کان به وڌيڪ ملائي
سندن متيون مُنجهائي ڇڏيندا هئا. اسان جي پاڙي ۾
هڪ منهنجو ۽ هڪ منهنجي دوست ستار خان مغل جو گهر
هو ۽ اسين هزارن مهاجرن جي وچ ۾ اڪيلا رهندا
هئاسين. اُنهن مان ڪي ته مسڪين هئا ۽ ڪي شرير، جي
اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ ٽنڊ تي ٽوپي رکندا هئا
۽ سنڌ جو نالو ئي کين نه آئڙندو هو ۽ هو سنڌ کي
”واديء مهران“ سڏيندا هئا. منهنجي طبيعت کي کٽو ۽
کهرو ۽ ڪلام کي ڪَڙالو بنائڻ ۾ هِنن جو هٿ هو.
پوءِ جون 1966ع ۾ پهرين سنڌ ثقافتي ڪانفرنس ٺٽي ۾،
ٻي داد شهيد، ٻڍاپور ۾ ۽ ٽين ڪانفرنس ميرپور بٺوري
۾ ٿي. اُنهن ٽنهي ڪانفرنسن ۾ افتتاحي خطبو جي.
ايم. سيد پڙهيو. ٽينءَ ڪانفرنس ۾ مشاعري جو
افتتاحي خطبو مون پڙهيو، جو ضميمو ڪري هِن ڪتاب
سان شامل ڪيو ويو آهي. چوٿين ڪانفرنس ڀٽ شاهه ۽
پنجين ڪانفرنس ڊٺُڙو ۾ ٿي، جن ۾ به فقط جي. ايم.
سيد افتتاحي خطبو پڙهيو. ڇهين ثقافتي ڪانفرنس سن ۾
ٿي، جنهن ۾ افتتاحي خطبو جي. ايم. سيد پڙهيو ۽
مشاعري جو صدارتي خطبو مون پڙهيو، جو به ضميمو ڪري
هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ون يونٽ خلاف زياده
تر تحريڪ اديبن هلائي. فرانڪو خلاف اديبن جي
انٽرنئشنل برگيڊ وانگر هِتي تحريڪ ۾ جيئي سنڌ
تحريڪ، ڪميونسٽ ۽ انارڪسٽ به شامل هئا. اُن ۾ ڪي
سرڪاري ايجنٽ هئا، جن جو اسان کي دير سان پتو پيو.
سال 1968ع ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جي استعفا ۽
منهنجي گرفتاريءَ کان پوءِ ساهيوال جي ترم جو سارو
احوال مان ”ساهيوال جي ڊائريءَ“ ۾ لکي چُڪو آهيان.
رهائيءَ کان پوءِ ڪڏهن ۽ ڪيئن ڀٽي مون کي سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ڪري کنيو ۽ مون کان
شاعري کسي وتي. مون اُن دور ۾ فقط ”لڙيو سج لڪن ۾“
شاعريءَ جو ڪتاب تخليق ڪيو، البت مون مطالعو ۽
مشاهدو ڪافي ڪيو ۽ ڪافي سيرَ سفرَ ڪيم. اِن جو
احوال مان پوءِ لکندس. جنرل ضياءَ الحق مون کي
پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر يا هاءِ ڪورٽ جي
جج ٿيڻ لاءِ آڇ ڪئي، پر ڪنهن ريت منهنجي جان ڇٽي
وئي. مان وائيس چانسلريءَ جو 1980ع ۾ ٽرم پورو ڪيو
۽ سکر ۾ وري وڪالت شروع ڪئي، ايتري ۾ سکر ۾ هاءِ
ڪورٽ پنهنجي بينچ قائم ڪئي.
سنڌ جي چيف جسٽس ۽ ڪراچيءَ ۾ منهنجي پارٽنر،
عبدالحي قريشي سکر ۾ مون کي چيو ته هُن کي سنڌ جي
گورنر مون لاءِ پيغام ڏنو آهي ته ”جنرل ضياءَ الحق
کيس چيو ته جي اياز کي اسلام آباد جي آب هوا نه ٿي
وڻي، ته هن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ تي جج ڪري کنيو وڃي.“
منهنجو بهرحال جواب هو ته ”مان هاڻي ڪيئي ڪيس
کنيا آهن ۽ هن پيشي سان مطمئن هئس.“
مون وڪالت ۾ انساني فطرت جي مطالعي ۽ مشاهدي جي
جتي وچ ۾ ڳالهه ڇڏي هئي، اُتان شروع ٿو ڪيان.
ڪيترا نه ڏوهي، ڏِنگا، کوٽا ۽ ٽيڙها مليا مون کي
وڪالت واري عرصي ۾! هڪ ڀيري مان روهڙي سب جج جي
ڪورٽ مان پٿر جي ڏاڪڻ تان هيٺ لٿس ته منهنجو اصيل،
جو ذات جو جاگيراڻي هو، مون سان گڏجي مون کي ڪار ۾
ڇڏڻ آيو. مان جڏهن ڪار ۾ويٺس ته بي پرواهيءَ سان
ڪار جو دروازو بند ڪندي، هن جي آڱر ڪپجي وئي ۽ رت
ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو. مان وِسو ٿي ويس، پر
جاگيراڻيءَ ٽهڪ ڏنو ”تون ڇو ٿو وِسو ٿين، هيءَ
ڳالهه عين موقعي تي ٿي آهي. مان ٿاڻي تي فرياد
لکايان ته فريادي مون سان گڏ ڏاڪڻ مان لٿو ته ور
مان چاقو ڪڍي مون کي پئي هنيائين. مون هن کي هٿ
سان جهليو ته منهنجي آڱر ڪپجي پَئي. شڪار واهه جو
ڦاٿو آهي.“ انسان فطرت ۾ ڪهڙو نه حيرت انگيز حيوان
پوشيده آهي!
ڳالهه جو تسلسل سنڌ مسلم هاسٽل ۾ موٽائي ٿو وٺي
وڃان. هاسٽل جي سامهون ديوار کان ٻاهر رستي جي ٻئي
پاسي جنهن جي سائي ۾ ڪيئي ڪوڙهي عورتون ويٺيون
هونديون هيون. اُنهن جا چپن ۽ آڱرين جا ڪجهه حصا
ڪوڙهه کائي ڇڏيا هئا. اُهي تَري وڌائي بيک مڱنديون
هيون. ديوار جي پٺ تان هڪ وسيع خالي پلاٽ هو. هڪ
ڀيري سانوڻ جو مينهن شرڙاٽ ڪري وسي رهيو هو، اُڀ ۾
کنوڻ کجڪا ٿي ڪيا ۽ ٻه مُنهينءَ وانگر وٽَ کائي
رهي هئي. مان ورانڊي ۾ بيٺو هوس. مينهوڳيءَ جي
موسم ۾، ورساري جي ويلَ ڪيڏو نه وڻندي آهي! اوچتو
مون ڏاڪڻ تان بوٽ جي ٽَپ ٽَپ جو آواز ٻڌو. منهنجو
روم ميٽ
(Room mate)
هڪ وهرُيل وهڙي وانگر آيو ۽ تڪڙو تڪڙو باٿ روم جو
دروازو بند ڪري، ٻن بالٽين مان پاڻي ڪڍي، صابڻ سان
پاڻُ ڌوتائين. باٿ روم مان پاڻيءَ جي ڇاٽار جو
آواز اچي رهيو هو. ٽوال سان انگ اُگهندي، هو ٻاهر
نڪتو ته هو وهاٽيلُ ٿي لڳو. هن پنهنجي ٽمندڙ شلوار
قميص ڪمري مان ڇڪي ٻاهر ورانڊي ۾ رسيءَ تي وڌي ۽
پوءِ هٿ کڻي چيائين، ”منهنجي توبه! ياخدا! مان
وَري ائين نه ڪندس. هن ڀيري پنهنجي مهر ڪجانءِ!“
مون حيران ٿي هن کان پڇيو ته ”يار ڇا ماجرا آهي؟“
هن جواب ڏنو، ”ڳالهه ئي نه پُڇ! رات ٿي چُڪي هئي،
مان سائيڪل تي سوار هوس ۽ ڀوت مُنهنجن ڪُلهن تي
سوار هو. مون رستي تي هڪ هندو بکارڻ ڏٺي، جا وڏي
آواز سان بکيا گهري رهي هئي. مون سائيڪل روڪي هن
کان پڇيو ته ”هلندينءَ ڏهه رپيا ڏيندو سانءِ!“
”ڇي، ڇي، ڇي“ هن وراڻيو، ”مون تيرٿ ڪيا آهن ۽ گنگا
اشنان ڪري شُڀ
آئي آهيان. ڀڄي وڃ نه ته رڙيون ڪنديسان؟“ مون هيڏي
هوڏي ڏسي فريئر روڊ تي ٻيو بکيا لاءِ واڪو ٻڌو،
چوڌاري ڪوئي نه هو. مون سائيڪل روڪي بکارڻ کي
ٻانهن ۾ هٿ وڌو. هن جهٽڪو ڏئي، هٿ ڇڏائي، مون کي
ماءُ ڀيڻ تي گاريون ڏنيون. منهنجن ڪُلهن تي ڀوت
وڃي آسمان سان لڳو هو. اوچتو پريان صدا آئي، مان
اوڏانهن ويس ۽ سائيڪل روڪي بکارڻ کي چيم ”هلبو؟“
هن کي هٿ ۾ خالي ٿالهي هُئي، جا منهنجي مٿي ڏانهن
اُڇلايائين پر مان تِر تان بچي ويس. لاچار مان
هاسٽل ڏانهن موٽي آيس ته رستي تي ٻه ڪوڙهيون
بکارڻيون ڏٺيم اُهي مان اڳي ڏينهن جو به ڏٺيون
هُيون. مون هڪ کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو ته ”آءُ!“
هوءَ منهنجي پُٺيان لم لم
ڪندي، ڪافي دور ميدان تائين آئي، مون هن کي پٽ تي
ليٽائي پنهنجو مُنهن ڪارو ڪيو.“ مون ڇرڪي پڇيس ته
”ڇا، هوءَ ڪوڙهي هئي؟“ جواب ڏنائين، ”رات جي اونده
۾ مون هُن کي پورو نه ڏٺو، پر ڏينهن جو اُتي مون
ٻه ڪوڙهيون بکارڻيون ڏٺيون هيون.“ مون صبح جو
پنهنجا
ٽپڙ ويڙهيا. مون کي ڀَؤ ٿيو ته جي اها بکارڻ ڪوڙهي
هئي ته مون کي به ڪوڙهه ٿي پوندو! مون پنهنجو گلاس
به نه کنيو. ”ڇا“ معلوم، هُن اُن ۾ رات جو پاڻي
پيتو هجي!“ باک جو مان پنهنجي دوست وٽ روپ ولاس
هاسٽل ۾ پهتس ۽ ٽپڙ اُتي رکيم ۽ هن کي چيم ته ”مون
کي هاسٽل ۾ اَئڊميشن وٺي ڏي!“ مون هندي ٻوليءَ جو
”تامشِي“ لفظ ٻُڌو هو ۽ سوچيم ته ”تامشِي پِراڻي
پنهنجي تِرپتيءَ لاءِ ڪيڏا نه جوکم ٿو کڻي!“
وڪالت سان منهنجي ادبي زندگي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي
هلندي هئي. ان سان گڏ سنڌ جي شهر
شهر
جو سفر به هلندو هو. هڪ ڀيري فيض احمد فيض سکر
آيو. ساڳيو ڊيل ڊول، قد ڪاٺ جو پورو پنو، گهٽ
ڳالهائو، سارو وقت سگريٽ وات ۾. اُنهن ڏينهن ۾
سجاد ظهير هندستان هليو ويو هو. حسن ناصر مري چُڪو
هو. هو ۽ مان برنس گارڊن ۾ ٽهلي رهيا هئاسين. رات
جو سکر ميونسپالٽيءَ جي. سي. ايس پي ائڊمنسٽريٽر
مقصود احمد حميديءَ وٽ ماني هئي. لاهور جو غزل گو
شاعر ناصر ڪاظمي به هن وٽ لٿل هو. فيض ڳالهيون
ڪندي چيو ته ”پارٽي ليڊر شپ نه رهي آهي. مان
چاهيان ٿو ته پارٽيءَ جي از سر نو تنظيم ڪيون.“
مون هن کي صاف چيو ته ”تون ۽ مان نه رڳو پارٽيءَ
کي تنظيم ۾ آڻڻ جا اهل نه آهيون، پر ڪنهن پارٽيءَ
۾ شامل ئي نه رهي سگهنداسين.“ مون هن کي ٻڌايو ته
مون هڪ ڪتاب ”رومانوي جلاوطن“
(ROMANTIC EXILES) ۾ پڙهيو آهي ته جرمنيءَ جي هڪ شاعر (نالو ياد نه ٿو اچي) فرانس
۾ پناهه ورتي ۽ اُتي جرمنيءَ ۾انقلاب لاءِ نوجوان
شاعر، ادب، دانشور ڪٺا ڪيائين، اُنهن لاءِ پُراڻي
طرز جون بندوقون حاصل ڪيائين ۽ سڀني گڏجي جرمنيءَ
تي ڪاهيو. فرانس ۽ جرمنيءَ جي سرحد لڳ هنن کي شڪست
فاش ملي ۽ هنن جون وايون بتال ٿي ويون. نه وري تون
۽ مان اُهو جبر ۽ زبان بندي برداشت ڪري سگهنداسين،
جا پارٽيءَ ۾ شموليت جو نتيجو آهي. افسوس آهي ته
تو جهڙو عظيم شاعر،
اختلافِ راءِ وارو ادب
(Dissident Literature)
نه ٿو پڙهي، تو ته ”نقش فرياديءَ“ ۾ لکيو آهي:
بُول که لب آزاد هين تيري
جسم وزبان کي موت سي پهلي
جو کچهه بهي کهنا هي کهه لي
بول که لب آزاد هين تيري
”مون اهو وروڌي ادب پڙهيو آهي ۽ منهنجو رايو آهي
ته يو. ايس. ايس. آر کان وڌيڪ
آزادي
پاڪستان ۾ آهي، جيتوڻيڪ هتي به بيورو ڪريسيءَ جو
بَگو مُنهن آهي. جي ڪائي اُميد آهي ته عدليه ۾
آهي.“
فيض رنج سان جواب ڏنو، ”اياز! ٻي ڪا راهه نجات ته
آهي به ڪانه. تون بورجوا ادب کان متاثر
ٿيو آهين.“
مون کيس چيو ته ”هڪ ڪميونسٽ پنهنجي پارٽيءَ لاءِ
تن، من، ڌن جي قرباني ڏيندو آهي، پنهنجي خاندان کي
نظرانداز ڪندو آهي ۽ قيد جا ڪشالا ڪاٽيندو آهي.
جنهن وقت هو پارٽي ڇڏيندو آهي، تنهن وقت هو هڪ
ڪتاب ۾ ضرور لکندو آهي ته هن پارٽي ڇو ڇڏي. تون جو
پارٽيءَ سان وڌيڪ هٿ چُراند ڪندين ته توکي
ماياڪووسڪيءَ وانگر خودڪشي ڪرڻي پوندي.“ فيض کي
انهيءَ جواب جي مون مان توقع نه هئي، پر هن تحمل
سان چيو، ”تنهنجي جيئي سنڌ تحريڪ سان مسئلو حل نه
ٿو ٿئي. مسئلو ته پورو برصغير جي پورهيتن جو آهي،
لينن چيو آهي ته:
“Nationalism is an infantile disorder.”
(قوم پرستي ٻاراڻو خلل آهي.) قوم پرستي توکي فاشزم
ڏانهن نيندي.“ فيض ساري عمر ڪميونزم جو همسفر هو،
هن کان وڌيڪ ته قراة العين کي دور رس نگاه هئي، جا
هن جي ڪتاب ”آخرِ شب کي همسفر“ مان ظاهر آهي.
دراصل روسي هر ڪنهن همسفر اديب کي کارائي پيئاري،
انعام اڪرام ڏئي، خوش رکندا هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ
۾ جڏهن روس جو پاڪستان ۾ سفير ڪامريڊ والڪوف ايندو
هو ته ڪار مان لهڻ سان مون کي اک ڀڃي اشارو ڪندو
هو ته هن جا ڪار جي ڊگيءَ ۾ واڊڪا جا ڪريٽ موجود
هئا. منهنجي اشاري تي مُنهنجو پي. اي ڪريٽ ڪڍائي
رکندو هو. هونءَ ته ايراني ڪائونسل جنرل مون کي
تحفا ڏيندو هو، پر هو منهنجو دوست هوندو هو ۽ مون
۾ ڪوئي مطلب نه هوس. فيض به واڊڪا جي جام ۾
لُڊميلا جو عڪس ڏسندو هو ۽ هن جون لينن گراڊ کان
آلما اَٽا تائين راتيون هڪ خوابِ گريزان وانگر
ڪٽجي وينديون هيون. |